مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

خاتم الانبياء ﷺ جي دعوتي جدوجهد : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

زمين تي انسانن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ کين سڌي واٽ ڏيکارڻ لاءِ الله تعالى پنهنجا خاص نمائندا هن دنيا ۾ موڪلڻ شروع ڪيا، جن کي پيغمبر، رسول، نبي ۽ هادي جو نالو ڏنو ويو. حضرت آدمؑ ۽ ابليس کي حڪم مليو ته اوهان زمين ۾ آباد ٿيو ۽ هڪ مقرر وقت تائين اوهان کي اتي رهڻو آهي. سيدنا آدم عليه السلام کي نبوت سان فائز ڪري هدايت سان نوازيو ويو. مگر ابليس کي اولاد آدم لاءِ ابتلا ۽ آزمائش طور تي اختيار ڏنا ويا. اهڙي طرح گذريل هزارن سالن کان اهو دور شروع ٿيو ۽ اڃا تائين هلي رهيو آهي. هاديان برحق جو جيڪو سلسلو سيدنا آدم کان شروع ٿيو هو، ان جي پڄاڻي خاتم الانبياء والمرسلين سيدنا محمد مصطفى ﷺ جن تي ڪئي وئي. انهن سمورن پيغمبرن انسانيت کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ حق تي هلڻ لاءِ انهن جي رهنمائي ڪئي. انهن تي اها ذميواري به وڌي وئي ته هو دنيا ۾ الله تعالى جي حاڪميت قائم ڪن. هر نبي ۽ پيغمبر جو دور پنهنجن مخصوص قومي ۽ زماني حالتن مطابق گذريو. عام طرح ”لِكُلِّ قَوْمٍ ہَادٍ“ هر قوم ۾ انهيءَ قوم مان هڪ فرد جو انتخاب ڪري هدايت پهچائڻ جي ذميواري ڏني وئي. ”وَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ “هر رسول کي سندس قوم جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب يا صحيفو الاهي ڏنو ويو تان ته اها قوم پنهنجي قومي ٻولي ۾ خدا جو پيغام پڙهي، سمجھي ۽ ان تي عمل ڪري. هر پيغمبر سان عام طرح قومن جيڪو رويو اختيار ڪيو، اهو نهايت ظالمانه ۽ درد ناڪ هيو. نبين کي شديد اذيتون ڏنيون ويون. مٿن مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ ڪيترن ڀلارن کي قتل ته ڪيو ويو. ”وَيَقْتُلُوْنَ النَّـبِيّٖنَ بِغَيْرِ حَقٍّ“.
ڪيئي هزار سال اڳ عراق ۾ ستارا پرست ۽ بت پرست هڪ قوم ۾ هڪ هادي برحق موڪليو ويو. توحيد جي ان مبلغ جو نالو هيو ”سيدنا ابراهيم خليل الله ؑ“. ان عظيم شخصيت مشرڪانه ماحول ۾ توحيد جي دعوت عام ڪئي. بت پرست بادشاهه، بت فروش خاندان، ۽ بتن جي پوڄاري قوم کي دليل جي ميدان ۾ لاجواب ڪري ڇڏيو. هن مقدس انسان عراق کان مصر جي طرف هجرت ڪئي ۽ پوءِ فلسطين ۾ اچي آباد ٿيو. کيس حڪم ٿيو ته مڪة المڪرمه ۾ ڪعبت الله جي تعمير ڪري. ان کان اڳ هن پنهنجي پٽ ۽ گھرواري کي انهيءَ ”وادي غير ذي زرع“ ۾ اچي آباد ڪيو هئائين. اهي سمورا انتظام، خاتم الانبياء ﷺ جي آمد لاءِ ٿي رهيا هئا. سندس اولاد مان هڪ نسل وڌيو ۽ ويجھيو. عرب علائقي ۾ رهڻ ڪري اهو نسل عرب خاندان ۾ تبديل ٿي ويو. قريش قبيلي جي هاشمي خاندان مان هڪ پاڪباز شخصيت پيدا ٿي، جنهن تي ختم نبوت جا تاج رکيو ويو. ڪتاب مقدس عطا ڪري هدايت جي منصب تي کين فائز ڪيو ويو. دعاء ابراهيم ۽ بشارت عيسى ؑ جو ظهور دنيا جي سامهون آيو.
دنيا جي آخري پيغمبر جي بعثت جا ٻه دور هئا. پهريون دور هو قوم قريش جي هدايت ۽ انهن کي عالمي قيادت لاءِ تيار ڪرڻ. ان ۾ فرمايو ويو:
”لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَہَا “.
”بنيادي ڳوٺ ۽ ان چوڌاري واري خطي ۾ انذار“
”لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُہُمْ “
”اهڙي قوم کي خبردار ڪرڻ جن جي وڏن تائين پيغام نه پهتو هو“
”ہُوَالَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْہُمْ “
”الرَّسُوْلُ النَّبِيِّ الْاُمِّيِّ ﷺ“ کي اميين ۾ هادي ڪري موڪليو ويو.
بعثت جو ٻيو مرحلو هيو:
”وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا كَاۗفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا “
”اسان توهان کي سموري دنيا جي انسانن جي هدايت لاءِ بشير ۽ نذير ڪري موڪليو آهي.“
”وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِيْنَ “
”اسان توهان کي دنيا جي سمورين قومن ڏانهن رحمت جو پيغام ڏيئي موڪليو آهي تان ته انهن جي ڪتاب ذريعي نجات ٿئي.“
پيغمبر ؑ توحيد جي دعوت جو آغاز مڪي جي بت پرست معاشري ۾ شروع ڪيو. نبوت جو پهريون آواز ”غار حرا“ ۾ روح القدس فرشتي جي ذريعي ڪنن ۾ گونجيو. هڪ ڪتاب سندن سامهون آڻي چيو ويو ته پڙهه – پڙهه – پڙهه – پوءِ پڙهندا ويا. گھر ۾ اهڙي حالت ۾ پهتا جو مٿن هڪ خاص قسم جي ڪيفيت طاري هئي. عظيم ۽ ڏاهي عورت سيده خديجة الڪبرى ؒ کين تسلي ڏيندي چيو ته ”اوهان ته غريبن جا همدرد هوندا آهيو، مسڪينن کي کاڌو کارائيندا آهيو، اگهاڙن کي ڍڪيندا آهيو، مسافرن جي پرگھور لهندا آهيو، مظلوم جو ساٿ ڏيندڙ آهيو. اهڙي ڀلاري ۽ برگزيده شخصيت سان خدا تعالى جو ڪو سٺو رويو ئي ٿي سگھي ٿو.“ پوءِ کين ورقه بن نوفل وٽ وٺي وئي جنهن دين فطرت قبول ڪيو هو ۽ بت پرستي کان بيزار هو. هن پوڙهي شخص ڳالهه ٻڌندي ئي چيو ته غار حرا ۾ اها شخصيت جبريل امين جي هئي جيڪو پاڪ فرشتو سيدنا موسى ۽ سيدنا مسيح ؑ تي نازل ٿيندو هيو. اوهان کي نبوت تي فائز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاش مان جيئرو هجان ها ته توهان جي مدد ڪريان ها جڏهن توهان کي مڪي مان نيڪالي ڏني ويندي. پاڻ ڪريم ﷺ جن تعجب سان پڇيو ته ڇا مونکي پنهنجي شهر وارا هن شهر مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪندا.
ورقه ٻڌايو ته هي پيغام ئي اهڙو آهي جو جنهن به ان پيغام کي پهچايو آهي ان کي شديد ايذاء ڏنا ويا آهن. سيده خديجه ۽ ورقه بن نوفل نبوت جي تصديق ڪئي. پوءِ سيدنا علي جيڪو ان گھر ۾ پنهنجي سوٽ سان گڏ رهندو هو ۽ زيد بن حارثه جنهن کي پٽ بڻايو ويو هو، انهن تصديق ڪئي ۽ گھر جي دنيا کان ٻاهر جنهن آزاد شخصيت تصديق ڪئي اهو هيو ابو بڪر صديق ؐ.
غار حرا ۾ ”اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ“ کان پوءِ جيڪو پيغام آيو ان ۾ چيو ويو ”يٰٓاَيُّہَا الْمُدَّثِّرُ قُـمْ فَاَنْذِرْ وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ “ اي ڪپڙا ڍڪيندڙ! (سمهڻ جو وقت ختم ٿي ويو) هاڻي اٿ ۽ انذار ڪر ۽ رب جي تڪبير بلند ڪر. منصب نبوت تي فائز ٿيڻ کان پوءِ ٽي سال مخفي طرح تبليغ ڪئي وئي ”دار ارقم“ ۾ هڪ تبليغي ۽ تربيتي مرڪز قائم ٿيو. ان عرصي ۾ چاليهه کن موحدين جي جماعت منظم ٿي وئي.
اقام رسول الله ﷺ بمکة ثلاث سنين من اول نبوة مستخفيا فاعلن في الرابعه
پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي ۾ ٽي سال مخفي طرح توحيد جو پيغام پهچايو پوءِ چوٿين سال ظاهري اعلان ڪري پيغام کي نروار ڪيائون. چوٿين سال هي وحي الاهي نازل ٿيو:
فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَاَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِيْنَ۝۹۴
کولي کولي توحيد جو پيغام پهچايو ۽ مشرڪن کان جدا ٿي وڃو!
پاڻ ڪريم ﷺ جن صفا جي پهاڙي تي دستور مطابق چڙهي قبيلن جا نالا وٺي انذاز ڪيو. فرمايائون: يايها الناس قولوا لا الٰه الا الله تفلحوا – وتملکوا ايها العرب وتدين لکم بها العجم فاذا آمنتم کنتم ملوکا في الجنة (زاد المعاد) ”اي انسانو! الله کان سواءِ ٻين ٺاهيل معبودن جي عبادت کان بيزار ٿي وڃو ته اوهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. ان پيغام کي کڻي اٿو ته عرب جا حڪمران بڻجي ويندؤ ۽ سمورا عجمي ان نظام تي هلي پوندا. جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ته بهشت جا حقدار ٿي ويندؤ.“
ان موقعي تي ابو لهب سامهون آيو. پٿر هڻندي چوندو رهيو ته: ”تبالک يا محمد الهذا جمعتنا“ (نعوذ بالله) اي محمد تون هلاڪ ٿي وڃين ڇا تون ان ڳالهه لاءِ اسان کي هت دعوت ڏني هئي؟
دعوت عشيره جي موقعي تي به جڏهن خاندان جي ماڻهن جي دعوت ڪندي سڀني تائين پيغام پهچايو ته ابو لهب ان ۾ به رڪاوٽ وجھي ناڪام بڻايو. موسم حج ۾ مڪي کان ٻاهران آيل قافلا جڏهن منى ۾ قيام ڪندا هئا يا واپار سانگي قافلا عڪاظ، مجنه، ذي المجاز خيمن ۾ قيام ڪندا هئا ته اتي وڃي هادي برحق ﷺ جن توحيد جو پيغام پهچائيندا هئا.
و ابولهب ورائه يقول لا تطيعوه فانه صابيءٌ کذاب، فيردون على رسول الله اقبح الرد و يقولون اسرتک و عشيرتک اعلم بک حيث لم يتبعوک. (زاد المعاد)
”جٿي جٿي حضور ڪريم ﷺ جن توحيد جوپيغام ٻڌائڻ لاءِ پهچن پيا ته پٺيان ابولهب به اتي پڄي ويندو ۽ چوندو رهندو هو ته هن جي پٺيان نه لڳجو، هي بي دين ۽ ڪوڙو شخص آهي. ان تي قافلي وارا ذلت وارو رويو اختيار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي تنهن جي خاندان جا ماڻهو توکي وڌيڪ سڃاڻين ٿا جڏهن هي توکي نٿا مڃين ته پوءِ تون ڪهڙو سچو هوندين؟“
قريشي قوم جي مشرڪن جي عناد ۽ عداوت جو اهو مرحلو به سامهون آيو ته قريش جا سمورا قبيلا گڏجي هاشمي خاندان جو معاشي بائيڪاٽ ڪيائون. ڇو ته هنن ابو طالب کي آگاهه ڪيو هو ته يا ته محمد جي سرپرستي تان هٿ کڻي وڃ يا وري محمد اسان جي حوالي ڪر. ٻي صورت ۾ محمد جي سرپرستي ڪرڻ سبب سموري هاشمي خاندان کي ڏيڻ وٺڻ، ڀت برادري ختم ٿي ويندي. پوءِ ٽي سال اهڙا آيا جو حضور ڪريم ﷺ جن هاشمي خاندان سان گڏجي شعب ابي طالب ۾ محصور ٿي ويا. هاشمي خاندان مان فقط هڪ نڀاڳو شخص ابو لهب اهڙو بدبخت بڻيو جو خانداني رشتي کي به ٺڪرائي شعب ابي طالب ۾ ساٿ نه ڏنو. ٽي سال بکن ، ڏکن ۽ تڪليفن مان نيٺ وڃي پار پيا. اهڙي اذيت ناڪ ڪيفيت مان گذرڻ کان پوءِ جلد ئي اسلام تي فدا ٿيندڙ خاتون سيده ام المؤمنين خديجة الڪبرى ؒ وصال ڪري وئي ۽ پوءِ جلد ئي خواجه ابو طالب جيڪو پيغبمر اسلام جو وڏو ڀرجهلو هيو اهو به انتقال ڪري ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن کي انهن ٻن عظيم شخصيتن جي وڇوڙي هيڻو ڪري ڇڏيو. ان ڪري ان سال کي ”عام الحزن“ قرار ڏنائون يعني ڏک وارو سال. فقط پيغمبر اسلام ﷺ کي ئي تڪليفون نه ڏنيون ويون، پر سندن جان نثار ساٿين، خاص طرح اهل توحيد جي بي سهارا ۽ پرديسي غلامن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا، انهن کي تتل ٽانڊن تي ليٽايو ويو، پٿرن سان چٽيو ويو، جسمن تي ڏنڀ ڏنا ويا، ڪن کي ته قتل ڪيو ويو. انهيءَ صورتحال کي ڏسندي اهڙن بي سهارا ۽ بعض اهم شخصيتن کي اجازت ڏني وئي ته هو حبش ملڪ ڏانهن هجرت ڪري وڃن. انهن ۾ عثمان بن عفان ؐ ۽ جعفر بن ابي طالب ؐ به شامل هئا.
شعب ابو طالب جي دردناڪ حادثي کان پوءِ حضور ڪريم ﷺ جن دين اسلام جي لاءِ ڪنهن مرڪز جي تلاش ۾ طائف جو سفر اختيار ڪيو، پر اهو شهر اڃا هدايت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. حضور ڪريم ﷺ کي اهڙي اذيت واري صورت سامهون آئي جو عرش عظيم به هڪ دفعي ڏڪي ويو. سندن دعوت توحيد کي ڪنهن به سنجيدگي سان نه ٻڌو. ويتر مٿن سنگباري ڪئي وئي. رستي تي بي هوش ٿي ڪري پيا. زيد بن حارثه ؐ اڪيلو ساٿي گڏ هو. هڪ باغ ۾ پناهه حاصل ڪيائون. فرشتا پيغام کڻي پهتا ته طائف وارن کي سندن ڪئي جي ٻن جبلن جي وچ ۾ قيمون ڪري ڇڏيون. ليڪن رحمت عالم جا چپ مبارڪ هنن لفظن سان چريا ۽ مٿي نظر کڻندي فرمايائون ته: ”يا الله منهنجي قوم کي هدايت نصيب ڪر. هي مونکي نٿا سڃاڻين.“
ان طرح مڪي واپسي ٿي، طائف کان ناڪام موٽندي ويتر مشرڪين جا ظلم ۽ ايذاء وڌي ويا. قريشين کي موقعو مليو ته کين سرپرستي ڪندڙ ابو طالب به هاڻي نه رهيو آهي، ان ڪري جيڪو وڻي سو ڪري وٺون. الندوه ۾ سڀني قبيلن جي سردارن جي گڏجاڻي ٿي، ان ۾ ابليس به يمن جي هڪ سردار جي روپ ۾ شريڪ ٿيو. ان جي مشوري سان پيغمبر اسلام جي قتل جو منصوبو ان طرح ٺهيو ته سڀ گڏجي ان تي حملو ڪندا تان ته هاشمي خاندان ڪنهن کان بدلو نه وٺي سگھي. ابو جهل جي سرڪردگي ۾ حملي لاءِ پيغمبر جي گھر جي ٻاهران رات جو اچي گڏ ٿيا ته جيئن ٻاهر نڪري ته تلوارن جو وار ڪيو وڃي. اڌ رات گذرڻ کان پوءِ هادي برحق گھر کان ٻاهر نڪتا. سڀني تي اونگھه طاري ٿي چڪي هئي. پاڻ نهايت اطمينان سان انهن جي وچ مان گذرندي سڌو ابو بڪر صديق جي گھر پهتا. ان کي ساڻ ڪري منى واري رستي ڏانهن ويندي ”غار ثور“ ۾ وڃي مڪين ٿيا. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون اتي قيام ڪرڻ کان پوءِ اٺ گھرائي انهن تي سوار ٿي جده واري سامونڊي رستي تان ٿيندي مدينه طيبه ۾ منزل اندوز ٿيا.
هجرت کان پوءِ تحريڪ ٻي دور ۾ پهچي وئي. هي دور پهرين دور کان به وڌيڪ سخت دور ثابت ٿيو. بدر جي لڙائي”يوم الفرقان“ هئي. بي سهارا ماڻهو، وسيلن کان خالي ميدان ۾ آيا مگر سندن جذبن ۽ حوصلن کين فتح ڏياري. احد جي جنگ ۾ قريشي وڏي تياري سان آيا. تياري جو عملي مظاهرو به ڪري ڏيکاريائون. جماعت جو سربراهه شديد زخمي ٿي پيو ۽ لشڪر ۾ انتشار اچي ويو. مگر انصارن جي بهادري جنگ جو مثبت نتيجو سامهون آندو. سيدنا حمزه جي شهادت پيغمبر کي ڏکايل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ جنگ خندق جنهن کي جنگ احزاب ”سمورن ٽولن جي گڏيل جنگ“ چيو ويو آهي، هڪ خوفناڪ جنگ هئي، جنهن ۾ بنو قريظه جي يهودين به ميثاق مدينه جي بد عهدي ڪري قريشين جي ساٿ ڏنو. ان جنگ ۾ به مسلمان سوڀارا ٿيا. پوءِ صلح حديبيه ٿيو جنهن معاهدي تحريڪ کي عالمي تحريڪ بڻائي ڇڏيو. ان معاهدي کان پوءِ مڪي جي فتح جو دروازو کلي ويو. خيبر مان يهودين جي نيڪالي ٿي. دنيا جي سمورين عالمي قوتن کي اسلام جي دعوت پهچائڻ لاءِ خط روانا ڪيا ويا. تحريڪ طاغوتي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پاڻ کي ميدان ۾ لاٿو. 8 هجري ۾ وڏي دانائي ۽ ڏاهپ سان بنا ڪنهن ويڙه جي مڪو فتح ٿي ويو. الله جي گھر کي شرڪ کان پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو. طائف رضاڪارانه طور اسلام ۾ داخل ٿيو. بنو سعد – بنو اسلم قبيلا فتح ڪيا ويا. پهريون مرحلو تڪميل سان همڪنار ٿيو. ”ام القرى ومن حولها“ ۽ ”جزيرة العرب“ ۾ اسلام سياسي قوت سان اقتدار حاصل ڪيو. خدا جي حاڪميت قائم ٿي وئي. ڪفر، شرڪ ۽ طاغوتي نظام شڪست کائي ويو. ڏهين هجري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ موحدين جي جماعت پنهنجي محبوب رهبر ﷺ جي اڳواڻي ۾ ”حجة الوداع“ ادا ڪيو. ان موقعي تي پيغمبر اسلام ﷺ جن دنيا جي سمورن انسانن کي عالمي منشور هدايت عطا ڪيو جنهن ذريعي دنيا جي انسانن کي زندگي جا بنيادي اصول پهچايا ويا ۽ سندن دنيا جي ڪاميابي ۽ اخروي نجات لاءِ هڪ دائمي لائحه عمل ڏنو ويو. جنهن شخصيت غار حرا مان هدايت جي سفر جو آغاز تعليم جي پيغام سان ڪيو هيو، جنهن پاڪباز انسان صفا جي پهاڙي تان نهايت درد ڀريو خطبو ڏنو هو، جنهن مجاهد شخصيت شعب ابو طالب ۾ مصيبتن ۽ بکن کي برداشت ڪيو هو، جنهن رحمدل شخصيت طائف وارن کي سندن ڪريل روش هوندي به معافي جو اعلان ۽ هدايت جي دعا ڪئي هئي، جنهن رحمتِ عالم مڪي جي گھر ۾ حمله آورن کي ۽ غار ثور ۾ سندس قتل تي هڪ سو اٺن جي انعام رکندڙ سنگدل انسانن کي ”لا تثريب عليکم“ جي بشارت ڏني هئي سو اڄ حجة الوداع جي موقعي تي شرڪ ۽ بت پرستي جي تحريڪ کي پنهنجن قدمن سان مٽائي رهيو هو ۽ پنهنجي خاندان جي خون جي بدلي جي خاتمي جو اعلان ڪري رهيو هو. اڄ هو قصوى تي سوار ٿي پنهنجو ڪنڌ رب السمٰوات والارض جي حضور ۾ نوائي رهيو هو ۽ فرمائي رهيو هو ته اڄ جي ڪاميابي منهنجي ڪاميابي ناهي بلڪ رب ذي الجلال جي فضل ۽ ڪرم سان اسلام جي فتح ۽ ڪامراني جو ڏينهن آهي.
فرمايائين ته : ”نصر عبده و هزم الاحزاب وحده“ ”جنهن ذات مقدس پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) جي مدد ڪئي ۽ سمورن طاغوتي لشڪرن کي اڪيلي طور شڪست ڏني“
ان عظيم الشان جشن ”فتح اسلام“ جي موقعي تي الله تعالى امت مسلمه کي هڪ بي بها ۽ بي بدل تحفو عنايت فرمايو. اهو هي هيو ته:
اَلْيَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ
اڄ جي هن يادگار ڏينهن تي توهان جو دين، ضابطه حيات توهان لاءِ ڪامل ۽ مڪمل ڪري ڇڏيم. اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ قيامت تائين اسلام کي دين جي حيثيت سان پسند ڪري ڇڏيم.
ڪتاب الله جي حفاظت سان هميشه لاءِ دين اسلام محفوظ ٿي ويو ۽ اسلام جي احياء لاءِ هڪ خير امت جو قيام عمل ۾ اچي ويو جيڪي شهداء علي الناس جو فريضو قيامت تائين اخلاص ۽ استقامت سان ادا ڪندا رهندا. اهڙي جدوجهد ڪندڙ پاڪباز گروهه جي ملاء اعلى طرفان مدد ۽ نصرت جاري رهندي. ”اللهم صل على سيدنا محمد و على آل سيدنا محمد و بارک وسلم“