دين جي تجديد جي تحريڪ ۽ شاهه ولي الله : مولانا اخلاق حسين قاسمي
اورنگزيب جي وفات (1707ع) کان پوءِ مغل سلطنت جي زوال جون نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي چڪيون هيون. جيڪي لڳ ڀڳ ڏيڍ سو سالن جي عرصي ۾ مغل حڪومت جي پڄاڻي جي صورت ۾ پنهنجي نتيجي تي پهتيون.
هي رڳو ڪنهن حڪومت جو پورو ٿيڻ نه هيو بلڪ هن سان مغل تهذيب، اسلامي روايتون ۽ شاندار مضبوط قدر پڻ فنا ٿي ويا. ڏيڍ سو سالن جو هي دور يارهن مغل شهنشاهن جي عياشيانه زندگي، سياسي اٿل پٿل اندروني سازشن، ٻاهرين حملن، معاشي بدحالي اخلاقي ڇڙواڳي ۽ تهذيبي زوال جهڙا منظر پنهنجي ڪک ۾ سانڍيو ويٺو آهي. جنهن تي هڪ مورخ هنن لفظن لکڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ”عمل ۽ ترقي جي قوت کان محروم هيءَ صدي زوال پرستي کي بطور هڪ لازمي نتيجي جي قبول ڪيون ويٺي آهي.“ پر تعجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته اهڙي سياسي ابتري جي باوجود مسلمانن جي علمي زندگيءَ تي زوال نظر نٿو اچي. عام معاشرو تقليدي، رسمي ۽ رواجي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجڻ جي باوجود هڪ خاص طبقي ۾ ذهني پختگي ۽ فڪري قوت چٽي طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان دور ۾ ٻه علمي مرڪز دهلي ۽ لکهنؤ (ولي اللّٰهي خاندان ۽ فرنگي محلي جا عالم) دين جي سڌاري ۽ سماجي اخلاقيات کي سنوارڻ جا فريضا ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان سان گڏ ٻين شهرن ڪلڪته، خيرآباد، مدراس ۽ بدايون ۾ به علم جي لاٽ ٻرندي نظر اچي پئي.
مطلب ته اجتماعي طور تي يا انفرادي طرح شهر شهر ڳوٺ ۾ تعليم، تربيت، تصنيف، تاليف، شعر ۽ ادب ۽ هدايت ۽ نيڪي جي مشغلي جا سلسلا جاري هئا. حقيقت ۾ مسلمانن جي فڪري تاريخ جي لحاظ کان ان دور کي مذهب ۽ تهذيب جي اصلاح، علمن ۾ نواڻ آڻڻ جي اعتبار سان نشاته ثانيه جو دور چئي سگهجي ٿو.
قدامت پسندي روايت پرستي ۽ تقليدي جمود جو لڳاتار عمل جنهن فڪري ڪشادگي ۽ اجتهاد جو دروازو بند ڪري ڇڏيو هو، اهو هاڻي کلي چڪو هو. اهل علم دين جي صحيح تصور کي اجاگر ڪرڻ سان علمن کي محفوظ ڪري رهيا هئا. نون خيالن ۽ فڪرن جي پيڙهه پئجي رهي هئي.
ان دور ۾ سڀني عام ۽ خاص ماڻهن اهو سمجهي ڇڏيو هو ۽ مذهبي، سماجي تمدني ۽ تعليمي ترقي سندن عملي جاکوڙ سان ئي ڳانڍاپيل آهي. اهو تصور ايندڙ فڪري انقلاب ۽ عملي جذبي لاءِ رستو هموار ڪري رهيو هو.
اورنگزيب جي وفات کان پوءِ جيڪو اخلاقي بحران ۽ سياسي بيچيني پيدا ٿي چڪي هئي. ان کي سڀ کان پهرئين شاهه صاحب جهڙي ذهين ترين انسان سمجهي ورتو. ان جي حقيقي سببن کي اجاگر ڪندي ان بحران تي قابو پائڻ لاءِ منصوبه بندي شروع ڪري ڇڏي. هن ذڪي الفهم عالي دماغ نرم دل ۽ انقلابي ذهنيت رکندڙ شخص هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏي هئي ته شهنشاهيت جي هن مطلق العنان دور جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته ان جي مقابلي ۾ گهڻ قومي ۽ سماجوادي هڪ منظم ۽ مڪمل نظام حيات پيش ڪيو وڃي. ان لاءِ شاهه صاحب هڪ پروگرام تشيڪل ڏنو اقتصادي، سياسي، مذهبي، فوجي ۽ سماجي قانون مرتب ڪيا، جن کي اختيار ڪري هڪ بهترين معاشرو قائم ڪري سگهجي پيو.
حقيقت ۾ هي هڪ ذهني ۽ فڪري انقلاب لاءِ قدم هيو. جيئن ته سيد ابوالحسن علي ندوي لکي ٿو ته: ”هن تحريڪ ۾ اصلاح سان گڏ علمي ۽ فڪري رنگ به چٽي طرح نظر اچي ٿو. هن جي دائري ۾ درس، تعليم، تصنيف، تاليف، تربيت ۽ اصلاح، معقول ۽ منقول ۾ تطبيق، مذاهب اربعه ۾ انصاف پسندي، شرعي احڪامن جي حڪمتن کي ظاهر ڪرڻ، مقاصد شريعت جي وضاحت ڪرڻ، روايت ۽ ڪوري تقليد کان پاسو ڪرڻ پنهنجي بالغ نظري ۽ عالي دماغ سان ملت اسلاميه جي تشخص ۽ تحفظ لاءِ منصوبه بندي ڪرڻ، هندستان ۾ اسلام ۽ اسلامي حڪومت جي بقا لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم هيءَ ڳالهه ته ايندڙ وقت جي عقلي تقاضائن کي سامهون رکندي انهن سڀني مسئلن ۽ فڪرن کي علما جي طبقي ۾ منتقل ڪرڻ جون عملي ڪوششون اچي وڃن ٿيون.“
توڻي جو شاهه صاحب رحه جو فڪر ۽ نظريو سندن زماني ۾ پريس جي نه هجڻ ڪري عام طور تي پکڙجي نه سگهيو، پر پاڻ جيڪي تعليم ۽ تريبت جا مرڪز (مدرسه رحيميه دهلي، تڪيه شاهه علم الله رائي بريلي) قائم ڪري ويا هئا. انهن شاهه صاحب جي نظرين کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو. شاهه صاحب جي فرزند شاهه عبدالعزيز (1746- 1824ع) سندن فڪر ۽ نظريي کي عملي طور تي نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن خاندان هن انقلابي پروگرام کي عوامي سوچ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
هن تجديد دين جي تحريڪ نظرياتي ۽ عملي اعتبار سان تاريخ تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. هن تحريڪ معروضي حالتن جي تقاضائن مطابق علما جي ٽولي ۾ علمي ۽ عملي انقلاب پيدا ڪيو. انهن ۾ اهڙو جذبو بيدار ڪيو جو اهي ملوڪيت سان ٽڪر کائڻ ۾ اٿي پيا. فوجي صورت کڻي نه به هئي پر اهي انسان خدائي خدمتڪار بڻجي ملڪ ۾ ذهني، فڪري عملي انقلاب لاءِ پيش پيش رهيا. دهلي تي هن تحريڪ جو اثر تقريبا اڌ صديءَ تائين رهيو. هن تحريڪ جي اصلاحي ۽ انقلابي درجابندي ڪئي وڃي ته ان کي پنجن محاذن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.
پهريون ذهني ۽ فڪري محاذ: علم، ادب، تهذيب ۽ ثقافت تي فڪر جي لحاظ کان ۽ تصوف ۾ شدت ۽ مذهبي تنگيءَ جي لحاظ کان جيڪي ايراني اثر ڇائنجي چڪا هئا. انهن کي ختم ڪري صحيح اخلاقي تعمير ڪرڻ هن جو اهم حصو هو.
ٻيو فوجي محاذ: جيڪو جهاد جي اصول تي قائم رهيو. يعني اهڙي مقدس جنگ جنهن ۾ انسان ڪنهن عظيم نصب العين لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. توڻي جو شاهه اسماعيل شهيد (ف 1830ع ۽ سيد احمد شهيد (ف 1830ع جي رهبري ۾ هن محاذ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو، پر پوءِ به ان جا اثر انگريزن سان نفرت ۽ جنگ جي صورت ۾ موجود رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ 1857ع جي آزاديءَ جي جدوجهد ٿي ۽ پوءِ ان جا اثر مختلف مزاحمتي تحريڪن جي صورت ۾ 1947ع تائين قائم رهيا.
ٽيون سياسي محاذ: جنهن ۾ گذريل سياسي تبديلين جو حقيقت پسنديءَ سان جائزو وٺي ايندڙ وقت لاءِ بهترين تدبيرون ڪرڻ ۽ صحيح اسلامي اصولن تي هڪ مستحڪم رياست قائم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ شامل آهي.
چوٿون اقتصادي محاذ: هي ڪڏهن عملي طور تي پنهنجي آب و تاب سان وجود ۾ نه اچي سگهيو، پر هن ۾ جيڪا اسلامي اصولن کي سامهون ڪري اقتصادي نظام جي تعمير ڪئي وئي آهي، بعد ۾ مارڪس ۽ اينجلز جي سيڪيولر نظرين ۾ ان جي جهلڪ ضرور نظر اچي ٿي.
پنجون معاشرتي محاذ: جنهن جي اشاعت شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتابن ۽ سيد احمد شهيد جي روحاني زندگي سان ٿي. هيءَ ڪڙي شاهه صاحب کان شروع ٿيندي شاهه عبدالعزيز (ف 1824ع) شاهه اسحاق (ف 1846ع) جي واسطن سان مولانا محمد قاسم نانوتوي تائين پهچي ٿي. جنهن جي علمي ۽ عملي ڪوششن جي ذريعي مسلمانن ۾ هڪ خاص فڪر ۽ نظريي جي پيڙهه پئي. جنهن جو نالو ديوبند آهي. ان طرح هاڻي تائين شاهه ولي الله دهلويءَ رحه جي تحريڪ احياء دين جو سلسلو هلندو پيو اچي. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هي دور شاهه صاحب جي فڪر جو دور آهي ان فڪر ذريعي اسلام جي نشاة ثانيه ٿي سگهي ٿي. (مترجم جو نوٽ) اقتصادي محاذ تي شاهه ولي الله جا پوئلڳ قرآن جو پيغام واضح اصولن سان انسانيت کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. ديوبند جو مرڪز ستت ئي رجائيت پسند ٽولي جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ان سان اها تحريڪ هچڪولين ۾ پئجي وئي.
اختصار: مولانا عمران الله سومرو