مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

بادشاهي نظام به شرڪ جي برابر آهي : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

الله سبحانه و تعاليٰ جي وجود کي مڃڻ ايمان آهي. ان ذات کي پنهنجن صفتن ۽ وصفن ۾ اڪيلو سمجهڻ توحيد آهي، جڏهن ته مخلوق مان ڪنهن به شيءِ جاندار يا غير جاندار، زنده يا مرده، ڪنهن کي به ڪنهن صفت ۾ شريڪ تصور ڪرڻ، ان سان ڀائيوار ڄاڻڻ شرڪ آهي. قرآن مجيد ۾ خاص طرح الله تعاليٰ لاءِ ٽن صفتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ربّ- مَلِڪ- اِلــَٰـھ – يعني رَبّ الناسِ. مَلک النّاس – اِلٰهِ النّاس.
سموري ڪائنات جو رب، پاليندڙ، سنڀاليندڙ، نپائيندڙ، ربوبيت جو نظام ٺاهيندڙ. ڪائنات جي هر شيءِ لاءِ خوراڪ ۽ ڪفالت جو انتظام ڪندڙ، وسيلا بڻائيندڙ ۽ انهن کي مهيا ڪندڙ، انهن جي سکيا ڏيندڙ، انهن سڀني ڪمن ۾ هو اڪيلو منتظم ۽ عطا ڪندڙ آهي. انهن ڪمن مان ڪنهن به شيءِ ۾ ڪنهن به مخلوق جو ذري برابر به دخل ناهي، نه وري انهن کي ڪو اختيار آهي، نه وري اهڙي حيثيت حاصل آهي. ساري مخلوق پاڻ پنهنجي ذات لاءِ به رب تعاليٰ جي مڪمل طرح محتاج آهي. ٻي مخلوق جي ذميواري ته پري جي ڳالهه آهي. مخلوق مان هرشيءِ فاني هئي. عدم جي دور ۾ هئي پوءِ رب تعاليٰ جڏهن چاهيو ته ان مان هر هڪ کي هڪ وجود مليو. مگر اهو وجود به باقي نه رهندو. وري ان تي فنا ايندي.
وَكُنۡتُمْ اَمْوَاتًا فَاَحْیَاكُمْ ۚ ثُمَّ یُمِیۡتُكُمْ ثُمَّ یُحْیِیۡكُمْ (البقره-28)
توهان فنا جي حالت ۾ هيؤ پوءِ اوهان کي زندگي ڏني وئي. پوءِ وري اوهان تي موت طاري ٿيندو. وري پوءِ قيامت جي ڏينهن زندگي ڏيئي اٿاريا ويندؤ ۽ ان ڏانهن سڀني جي موٽ ٿيندي.
ڇا فاني مخلوق مان ڪنهن جي حيثيت آهي، ڪنهن کي قدرت آهي، ڪنهن کي مجال آهي ته هو سموري مخلوق جو رَبُّ ٿي سگهي. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته ربوبيت ۾ ڪو به الله تعاليٰ سان شريڪ ناهي. چاهي اهو نبي هجي يا امام، ولي هجي يا بزرگ، فرشتو هجي يا جن يا جيڪو اوهان ذهنن ۾ ٺاهيو ۽ گهڙيو آهي، انهن مان ڪو به رب ناهي. ڪنهن کي به رب سمجهڻ يا رب وارو معاملو ڪرڻ خالص شرڪ ۽ ڪفر آهي.
ٺيڪ ان طرح ”مَلِڪ النّاس“ به الله تعاليٰ جي ذات مقدس آهي. يعني اهو ئي حاڪم، بادشاهه- حڪم ڏيندڙ ۽ حاڪميت جي مقام تي فائز آهي. ساري مخلوق عبديت جي درجي ۾ آهي. علي الاطلاق فقط الله تعاليٰ جي اطاعت لازم آهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو ته ”الا لھ الخلق والامرط“ مخلوق فقط ان جي آهي ۽ ان تي حڪم به ان جو ئي لاڳو ٿيندو. حڪم لاءِ ضروري آهي ته ان جي ملڪيت هجي. مخلوق جو مالڪ خدا آهي. ان ئي ساري مخلوق کي پيدا ڪيو آهي ۽ فقط ان کي جڳائي ٿو ته مخلوق کي پنهنجي حڪم هيٺ هلائي. انسانن لاءِ اطاعت جو نظام ٺاهڻ ۽ انهن کي طبعي ۽ فطري قانونن تي هلائڻ، پنهنجي مشيّت هيٺ ڪائنات جي چرخي کي ضابطي ۾ آڻڻ اها وصف خداوندي آهي، ان ۾ ٻي ڪنهن جو به دخل ناهي. ڪنهن کي به حق ناهي نه وري اختيار آهي ته هو ذري جيتري به مرضي هلائي سگهي. جيڪي ماڻهو اختيار ۽ اقتدار جو پاڻ کي مختار سمجهن ٿا. انسانن کي غلام بڻائي پاڻ کي بادشاهه ۽ حاڪميت جو مجاز تصور ڪن ٿا. اهي خالص شرڪ ۽ ڪفر ۾ ڦاٿل آهن. انهن حاڪميت الاهي تي ڌاڙو هنيو آهي. اهي خيانت ڪار ڏوهاري آهن.
ان طرح دنيا ۾ جيڪي ڊڪٽيٽر، آمر، فوجي جنرل، بادشاهه ۽ عوام کي غلام بڻائيندڙ حڪمران موجود آهن، انهن سڀني کي باغي، ڊاڪو ۽ خائن سمجهڻ گهرجي. انهن سڀني تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ سمجهيو ۽ عوام سان دوکيبازي ۽ فريب ڪاري ڪئي. ان ڪري هو جلد ئي دنيا ۾ به عبرت جو نشان بڻجي ويا ۽ هولناڪ انجام تي پهتا ۽ آخرت ۾ به کين اصل چهرو ڏيکاريو ويندو. جڏهن چيو ويندو ته ”اين الملوڪ، اين الجبارون؟“
دنيا ۾ بادشاهي جا نعرا هڻڻ وارا ڪٿي آهن سامهون اچن، ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪومت ڪرڻ وارا ڪٿي آهن. ماڻهن جي سامهون اچن. ان طرح قرآن مجيد ۾ الله سبحانه و تعاليٰ کي ”الھ الناس“ يعني سمورن انسانن جو معبود برحق قرار ڏنو ويو آهي. الھٰ فقط الله تعاليٰ جي ذات آهي. مخلوق مان ٻي ڪا به هستي نه الـهٰ آهي نه وري الـهٰ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ايمان آڻڻ لاءِ اهو اقرار ڪرڻ لازمي آهي ته الله تعاليٰ ئي الـهٰ آهي ٻيو ڪو به الـهٰ ڪونهي ”لاالـهٰ الاّ الله“
حمد ۽ ثنا، رڪوع ۽ سجدو، دعا ۽ سوال. عبوديت جون سموريون رسمون، انسان جو احتياج ۽ مجبوري جون سموريون صورتون فقط الله سبحانھ و تعاليٰ لاءِ مخصوص آهن. ڪنهن به نبي مرسل، ڪنهن به ولي بزرگ ۽ ڪنهن به محترم شخصيت يا مخلوق مان ڪنهن به قوت ۽ طاقت جي ظاهري حيثيت رکندڙ يا وهم گمان ۾ ايندڙ ڪنهن به شيءِ آڏو احتياج جا هٿ ڊگهيرڻ خالص شرڪ آهي.
توحيد جي مڃڻ لاءِ تمام وصفون الله تعاليٰ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. خاص طرح ربوبيت، حاڪميت ۽ الوهيت ۾ ڪنهن به طرح جو شرڪ ناقابل برداشت آهي. معاشري ۾ خدا تعاليٰ جي حاڪميت ۾ شرڪ ڪرڻ سان وڏو فساد برپا ٿئي ٿو. هر دور ۾ انسانن جو هڪ گروهه مستڪبرين جي شڪل ۾ رونما ٿئي ٿو ۽ هو خدائي اختيارات سنڀالڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. عوام کي غلامي جا طوق پارائي ٿو. انهن کي ضعيف ۽ ڪمزور بڻائي پنهنجو ٻانهون بڻائڻ تي مجبور ڪري ٿو.
توحيد آزادي جو پروانو آهي ان عقيدي سان انسان آزادي واري زندگي گذاري سگهن ٿا. جڏهن ته شرڪ ذلت ۽ غلامي جي نشاني آهي. جنهن سان شرفِ انسانيت مجروح ٿئي ٿو. انسان اسفل السافلين تائين پهچي وڃي ٿو. مشرڪ دنيا ۾ به دربدر ٺوڪرون کائيندو رهي ٿو ۽ آخرت ۾ به ان جو ڪو والي وارث نه هوندو. ڇو ته هُن دنيا ۾ خدا جي ولايت کان منهن موڙيو ۽ جن کي وارث ۽ موليٰ قرار ڏنائين ته اهي قيامت ڏينهن هن کان بيزار ٿي ويندا. مشرڪ جو انجام ”خَسر الدنيا ولآخِره – ذَالک هوُ الخُسران المبين“ هوندو آهي.