مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

قوم بابت جديد نظريو ۽ قرآن : مولانا محمد انس راڄپر

پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد ٻه قومي نظريي کي بنايو ويو. جن ڌرين اهو ملڪ ٺاهڻ پئي گهريو، انهن پاران تصور اهو ڏنو ويو ته دنيا ۾ قومون صرف ٻه آهن: مؤمن ۽ ڪافر. برصغير جي هڪ نهايت قليل مذهبي گروهه ان تصور کي اهڙو ته اڀاريو جو لڳو پئي ته جهڙوڪ نبي صلي الله عليه وسلم جي بعثت ۽ قرآن جو نزول دنيا مان قومن ۽ قبيلن کي ختم ڪري دنيا کي ٻن قومن ۾ ورهائڻ لاءِ ٿيو.
جيڪڏهن ائين چئجي ته دنيا مان اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ نبي ﷺ جي بعثت ۽ قرآن جو نزول ٿيو ته اهو چوڻ بلڪل صحيح ٿيندو، جيتوڻيڪ قومن ۽ قبيلن ۾ باهمي مفادن جي ٽڪراءَ جي ڪري اختلاف پيدا ٿيندو رهيو آهي ته به اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو ته اسلام قومن ۽ قبيلن کي ختم ڪرڻ گھري ٿو. ڇاڪاڻ ته اختلاف جو سبب قوم ۽ قبيلو نه هوندو آهي؛ مفادن جو ٽڪراءُ اختلافن جو سبب ٿيندو آهي. مفادن جي ٽڪراء کي حل ڪرڻ لاءِ اسلام نظام عدل ڏنو آهي؛ قومن جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام اهڙو ڪوبه فارمولو نه ڏنو آهي. بلڪه قومن ۽ قبيلن ۾ ماڻهن کي ورهائڻ جي عمل جي الله پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، جيڪا ڳالهه ان جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ان ورهاست کي رد نه پر قبول ڪري ٿو. بلڪ اهو ٿو ثابت ٿئي ته اهو عمل فطري آهي. الله جو فرمان آهي: وجعلناکم شعوبا وقبائل لتعارفو ”اسان اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو آهي، ته جيئن اوهان جو پاڻ ۾ تعارف ٿي سگھي“.
بني اسرائيلن جي قبيلن ۾ تقسيم کي الله پاڻ ڏانهن منسوب ڪندي فرمايو آهي: قطعناهم اثني عشر اسباطا امما. نه صرف اهو پر ماڻهن جي مختلف ميڙن ۽ گروهن کي جيڪي علامتون قوم ۽ قبيلي جي سڃاڻ ڏينديون آهن، تن کي نه رڳو الله پيدا ڪيو آهي، پر انهن کي الله پنهنجي نشانين مان هڪ نشاني قرار ڏنو آهي. اهي نشانيون آهن رنگ ۽ زبان. جيئن فرمان آهي:
وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ ؕ (الروم:٢٢)
”الله جي نشانين مان آهي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو اختلاف“
ٻئي هنڌ الله تعالي فرمايو آهي:
وَ مِنَ النَّاسِ وَ الدَّوَآبِّ وَ الْاَنْعَامِ مُخْتَلِفٌ اَلْوَانُہٗ کَذٰلِکَ ؕ (فاطر:۲۸)
”۽ ماڻهن، جانورن ۽ چوپاين جا به ان طرح مختلف رنگ آهن“.
الله زمين جي مٿاڇري تي موسمون به مختلف رکيون آهن، نشيب ۽ فراز، هيٺاهيون ۽ مٿاهيون پيدا ڪيون آهن. ڪٿي ريتيلي زمين آهي، ته ڪٿي پٿريلي ۽ ڪٿي ميداني. پيداواري ذريعا، جيڪي انسان لاءِ رزق ۽ روزگار جو ذريعو آهن، سي مختلف جڳهن تي مختلف آهن. اهي سڀ لقاءَ آهن جيڪي الله پيدا ڪيا آهن ۽ اهي سڀ انسان جي مزاج، رنگ، رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، لباس، ڪاروبار، زبان وغيره کي جدا جدا ۽ مختلف بنائن ٿا. انهن کي نه ماڻهو پيدا ٿو ڪري سگھي نه تبديل ٿو ڪري سگھي، ان ڪري قومن جي فرق کي به انسان ختم نه ٿو ڪري سگھي. الله تعاليٰ ان ئي سبب جي ڪري قومن ۽ قبيلن کي ٺاهڻ جي نه صرف پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، پر اهي عوامل ۽ لقاءَ جيڪي ماڻهن جي رنگ، زبان ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ فرق جو سبب بنجن ٿا، انهن کي به الله پنهنجي نشانين مان ڳڻايو آهي.
تنهن جي ڪري اهو چوڻ بنهه غلط ٿيندو ته الله پنهنجي دين اسلام جي ذريعي قومن کي ختم ڪرڻ ٿو گھري. نه رڳو اهو ته دين اسلام قومن کي ختم ڪرڻ نه ٿو گھري پر دين اسلام پنهنجي مڃيندڙن جي الڳ قوم بنائڻ به نه ٿو گھري. نه ئي اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي قوم بنائڻ جي ڪا تعليم ڏني آهي.
لغوي لحاظ کان ”قوم“ جو اصل مادو ”ق. و. م“ آهي. عربيءَ ۾ اهو مادو جن مختلف صيغن ۾ استعمال ٿيو آهي، اتي ان جي معنيٰ ۾ جاءِ ۽ زمين کي وڏو دخل آهي. جيئن ان جي هڪ صورت آهي ’قام‘: بيهڻ. هن معنيٰ لاءِ ضروري آهي ته ڪا جاءِ هجي جتي بيهڻ جو عمل ٿئي. ’قيام‘: رهڻ ۽ ڪنهن هنڌ کي وطن بنائڻ جي معنيٰ ڏيندو آهي. ’المقام‘: رهڻ جي جاءِ، ’مقيم‘: رهائشي، ’القائم والقيم‘: ثابت ۽ سڌو، جنهن ۾ ٽيڙائي ڦڏائي نه هجي،’اقامته‘رهائش اختيار ڪرڻ. ’تقويم‘ مصدر آهي، چئبو آهي: ’قوم الشي‘ بمعنيٰ ’عدلھ‘ (ٺيڪ بنايائين، ان ۾ جيڪي ٽيڙايون ۽ ڦڏايون هيون، سي ڪڍي ڇڏيائين.) قوم: ماڻهن جي اهڙي جٿي کي چئبو آهي،جيڪي ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا هجن ۽ اهي هڪ ٻئي کي قوت فراهم ڪندڙ، ۽ گڏجي هڪ ٻئي کي سگھ فراهم ڪندڙ هجن. معجم الفاظ القرآن الڪريم ۾ آهي: ”ماڻهوءَ جي قوم ان جي قريبن کي چئبو آهي، جيڪي ان جا تابع، ۽ ان سان گڏ رهندڙ هجن. ’نبي جي قوم‘ ان جو ڪٽنب آهي. ۽ اهي جيڪي ساڻس وطني يا اهڙا ٻيا اجتماعي رابطا ۽ تعلق رکندڙ هجن، قرآن ۾ قوم نوح، قوم هود، قوم ابراهيم، قوم لوط، قوم موسيٰ، قوم تبع ۽ قوم صالح جي اضافت سان قوم جو ذڪر ٿيو آهي. هر جڳهه تي مراد اها آهي جيڪا مٿي ٻڌائي وئي. پوءِ نبيءَ جا اهي هم قوم مؤمن هجن يا ڪافر سندس قوم چئبا. جيئن قرآن ۾ قارون لاءِ چيو ويو آهي:
اِنَّ قَارُوۡنَ کَانَ مِنۡ قَوْمِ مُوۡسٰی فَبَغٰی عَلَیۡہِمْ ۪ (قصص: 76)
”قارون موسي عليه السلام جي قوم مان هو، پوءَ پنهنجي قوم تي ظلم ڪيائين“
نوح ؑ جي ڪافر سردارن کي الله سندس قوم سڏيو آهي، جيئن سندس فرمان آهي
فَقَالَ الْمَلَؤُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوْمِہٖ (مؤمنون:24)
”نوح جي قوم جي جن سردارن ڪفر ڪيو، انهن چيو.“
اهڙيءَ طرح نبي جي مٿان ايمان آڻيندڙ جي، مومن ۽ مسلمان هئڻ باوجود قوم اها سڏبي جنهن سان ان جو وطني تعلق آهي، جيئن قرآن جي هن آيت مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو:
فَاِنۡ کَانَ مِنۡ قَوْمٍ عَدُوٍّ لَّكُمْ وَہُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِیۡرُ رَقَبَۃٍ مُّؤْمِنَۃٍ ؕ (النساء:۹۲)
”جيڪڏهن اهو مقتول اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ مومن آهي ته مومن ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي.“
قوم جي جديد تعريف ۾ ٻي جيڪا شيءِ ڪم ايندي آهي، سا آهي زبان، ان کي الله تعالي قوم ڏانهن منسوب ڪري بيان ڪيو آهي. جيئن سندس هن فرمان ۾ نظر اچي ٿو:
وَمَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ (الابراھيم:٤)
”اسان رسول هميشه ان جي قوم جي زبان وارو موڪليندا آهيون“
بني اسرائيل هڪ قوم آهن، انهن کي الله تعالي فرعون جي غلاميءَ مان نجات ڏني ۽ انهن تي قوم جي حيثيت ۾ وڏا انعام ڪيائين ۽ انهن کي اهي احسان ياد ڏياريندي فرمايائين:
یٰبَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ اذْكُرُوۡا نِعْمَتِیَ الَّتِیۡۤ اَنْعَمْتُ عَلَیۡكُمْ وَاَنِّیۡ فَضَّلْتُكُمْ عَلَی الْعٰلَمِیۡنَ
(البقره:٤٠)
”اي بني اسرائيلو! منهنجي انهن نعمتن کي ياد ڪيو جيڪي مون اوهان تي ڪيون ۽ مون اوهان کي دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي.“
هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن قوم جي عزت، آجپو، اقتدار، سڌارو ۽ سربلندي حاصل ڪرڻ، ان قوم جو اهڙو حق آهي، جيڪو الله تعالي قومن کي عطا فرمائي ٿو ۽ اهو ان جو انعام آهي. ان ڪري قوم کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ، قوم جي عزت ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گناه ڪونهي، نيڪي آهي. اهڙي نيڪي جنهن لاءِ الله تعالي حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون عليهما السلام جي بعثت فرمائي.
ڪا قوم جيڪڏهن ڪمزور پست ۽ محڪوم بنائي وڃي ته ان کي ڪمزور حالت مان ڪڍي غلبو، اقتدار، آجپو ۽ عزت ڏيارڻ، ان کي ظلم، پستيءَ ۽ مصيبتن مان ڪڍڻ غلط نه پر الله جي ارادي ۽ مشيت جي تڪميل ڪرڻ برابر آهي. الله تعالي بني اسرائيلن جي فرعون جي غلاميءَ مان نجات لاءِ حضرت موسي عليه السلام جي بعثت جي ذڪر جي موقعي تي فرمايو آهي:
وَنُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسْتُضْعِفُوۡا فِی الْاَرْضِ وَ نَجْعَلَہُمْ اَئِمَّۃً وَّ نَجْعَلَہُمُ الْوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمْ فِی الْاَرْضِ وَ نُرِیَ فِرْعَوْنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنْہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحْذَرُوۡنَ (القصص:٥)
”اسان ارادو ڪيو آهي ته جن (بني اسرائيلن) کي زمين ۾ ڪمزور بنايو ويو آهي، تن کي امام بنايون ۽ زمين جو وارث بنايون، انهن کي زمين تي حاڪميت عطا ڪري فرعون هامان ۽ سندس لشڪر کي اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان اهي ڊڄندا هئا.“
البته پنهنجي قوم جي ظلم تي مدد ڪرڻ، ان جي ٻي قوم تي ناجائز غلبي، قبضي ۽ ظلم ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ، قوم جي استعماري ۽ سامراجي عزائم ۾ ان جي ساٿاري بنجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ان عمل کي نبي ﷺ جن عصبيت قرار ڏنو آهي. جيئن جاهليت جي زماني ۾ ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلائون ڪندا هئا ۽ هم قبيلا ماڻهو پنهنجي قبيلي جي هر حال ۾ مدد ڪندا هئا. چاهي اهو حق تي هجي چاهي ناحق تي، انجي نبي ﷺ جن مذمت فرمائي ۽ ان کي عصبيت قرار ڏيندي فرمايو: ’من مات علي العصبيت فليس منا‘( جيڪو عصبيت تي مري ويو، اهو اسان مان ناهي) ’عصبيت‘ جو مادو ’عصب‘ آهي، بدن جي پٺن ۽ نسن کي، ناناڻي ڏاڏاڻي مائٽيءَ جا ٻئي طرف جنهن پشت ۾ ملن ان کي ۽ علم ميراث ۾ ذوي الفروض کي ’عصبة‘ چئبو آهي. ان لحاظ کان ’نسلي تعلق جي بنياد تي، جائز ناجائز جو لحاظ ڪرڻ بنا، لڙائي ڪرڻ کي ’عصبيت‘ چئبو آهي.
قرآن جو نقطه نظر ته اهو آهي ته مومنن جون ٻه جماعتون جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهن ، مومن جو فرض اهو ناهي ته اهو ان لڙائيءَ جو حصو بنجي. بلڪ مومن جو فرض اهو آهي ته ٻنهي مومن جماعتن ۾ صلح ڪرائي، پر جڏهن ڏسجي ته مومنن جي ٻنهي جماعتن مان هڪ جماعت ٻيءَ تي ظلم ٿي ڪري ته ان صورت ۾ ويهي صلاتون ڪونه پڙهبيون، پر مومن جي مٿان الله جي طرفان فرض عين آهي ته ظلم ڪندڙ جماعت سان ايستائين لڙائي ڪندو رهي جيستائين ظلم جو فيصلو ٿي وڃي.قرآن ۾ الله تعالي فرمائي ٿو:
وَ اِنۡ طَآئِفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اقْتَتَلُوۡا فَاَصْلِحُوۡا بَیۡنَہُمَا ۚ فَاِنۡۢ بَغَتْ اِحْدٰىہُمَا عَلَی الْاُخْرٰی فَقَاتِلُوا الَّتِیۡ تَبْغِیۡ حَتّٰی تَفِیۡٓءَ اِلٰۤی اَمْرِ اللہِ ۚ (الحجرات:٩)
”جيڪڏنهن مومنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ لڙائي ڪن ته انهن ۾ صلح ڪيو، پر جيڪڏنهن هڪڙا ٻين تي ظلم ڪن ته انهن سان جنگ ڪيو، جيڪي ظلم ڪن ٿا، ايستائين جيستائين معاملو الله جي حوالي ٿي وڃي.“
ان ڪري مظلوم قومن جي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد عصبيت ناهي. بلڪه جيڪي قومون ظالم آهن، انهن جا استعماري ۽ قبضي گيريءَ وارا جيڪي عزائم آهن، اهي عصبيت آهن. مذهبي بارگاه منجهان يا مفتيءَ جي قلم منجهان مظلوم قومن جي جدوجهد لاءِ عصبيت جون فتوائون جاري ٿين ۽ ظالم قوم جي استعماري ۽ ظالمانه منصوبن کي ’قومي مفادن‘ جا تمغا ڏنا وڃن، ته انهن جي اهڙي ڪردار کي موسويت نه پر هامانيت چئبو. اهڙو ڪردار ادا ڪندڙ مذهبي ڀوتار قرآن ۽ اسلام جا نه فرعونيت جا نمائندا آهن.