مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

قومن جي تقدير : خواجه غلام الدين سيد

جيڪڏهن اسان تاريخ جا ورق اٿلايون ته بار بار اهو تماشو نظر ايندو ته قومون اسرنديون آهن، عروج ماڻينديون آهن، تمدن جي سرمائي ۾ ڪجهه واڌارو ڪنديون آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان انهن جو زوال شروع ٿيندو آهي. ايستائين جو آخر ۾ رڳو انهن جو عبرت جوڳو افسانو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ رهجي ويندو آهي. ڇا اهو به انسان جي مرڻ، جيئڻ ۽ سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وانگر هڪ اڻٽر ۽ فطري حادثو آهي، جنهن ۾ انسان جي هٿن جي ڪاريگريءَ جو ڪو عمل دخل ڪونهي يا ان ۾ ڪنهن سماجي ۽ اخلاقي قانون جي ڪارفرمائي آهي؟ منهنجي خيال ۾ قومن جي عروج ۽ زوال کي رڳو ڪنهن ٻاهرين طاقت جي تابع قرار ڏيڻ بي سمجهيءَ جو ثبوت آهي. حقيقت هيءَ آهي ته قومون خود پنهنجي عمل سان پنهنجو حال ۽ مستقبل ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي ئي بداعمالين ڪري تباهه ٿينديون آهن. قدرت جو قانون ته انصاف تي ٻڌل آهي، اهو نه ڪنهن قوم تي ظلم ڪندو آهي ۽ نه ان جي هروڀرو ناز برداري کڻندو آهي. قرآن حڪيم جي لفظن ۾ ان حقيقت کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي: ”خدا ڪنهن قوم جي حالت تيستائين نه بدلائيندو آهي جيستائين اهي پاڻ پنهنجي اندروني صلاحيتن کي تبديل نه ڪن يا پنهنجي حالت نه بدلائين.“ (الرعد:١١)
تنهن ڪري مسئلي جي صورت اها ٿي بڻجي ته قومن لاءِ سٺي ۽ خراب عمل جا معيار ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا وسيلا ۽ سبب آهن، جيڪي سندن زندگيءَ ۾ سگهه، سونهن ۽ لقاءُ پيدا ڪن ٿا ۽ کين ڪهڙا ڪمزوري، بداخلاقي ۽ زوال ڏانهن وٺي وڃن ٿا؟ قدرت فردن ۽ قومن کي مختلف قسمن جون جسماني، دماغي ۽ اخلاقي قوتون، صلاحيتون ۽ مادي وسيلا عطا ڪيا آهن ۽ ڪاميابيءَ لاءِ هيءُ شرط رکيو آهي ته هو انهن کي ضايع نه ڪن، بلڪه هڪ قيمتي امانت سمجهي انهن مان پورو پورو فائدو وٺن. اسلام جي اصطلاح ۾ ڪنهن نعمت جي مناسب استعمال کي ”شڪر“ چوندا آهن. جيڪي قومون شڪر جو فرض ادا ڪنديون آهن ۽ پنهنجي دولت، علم ۽ قوت کي ڪفايت ۽ معقوليت سان استعمال ڪنديون آهن، انهن جون قوتون ۽ صلاحيتون فروغ ماڻينديون آهن ۽ کين دنيا ۾ ڪاميابيون حاصل ٿينديون آهن. ان جي ابتڙ جيڪي قومون انهن نعمتن جو غلط استعمال ڪنديون آهن، انهن جون قوتون هيڻيون ٿي پونديون آهن. اهو ئي مڪافات عمل يا جزا ۽ سزا جو قانون آهي.
خدائي فرمان آهي: ”جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته توهان جي نعمتن ۾ واڌارو ڪندس، پر جيڪڏهن نعمتن جو ڪفر (ناشڪري) ڪندؤ ته منهنجو عذاب به سخت آهي.“ (الابراهيم:٧) پر اهو عذاب خدا جي طرفان سڌو سنئون نازل ناهي ٿيندو، پر قدرت جي قانونن جو نتيجو هوندو آهي، جيڪي ٻرندڙ جبلن جي لاون وانگر ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهن. ايستائين جو جيڪي قومون ظاهري طور خوشحال ۽ طاقتور ڏسجن ٿيون، اوچتو خدائي قانون جي سخت پڪڙ ۾ اچي ڌوڙ ٿي وينديون آهن. ان تعزير ۽ سزا ۾ دير ٿي سگهي ٿي، پر ان کان ڇوٽڪارو ممڪن ناهي. جيئن جيئن ڪنهن قوم ۾ فڪر ۽ عمل جي جدوجهد ۽ ڪوشش ۽ طلب جي صلاحيت گهٽبي آهي، ان جي عبرتناڪ انجام جو پاڇو وڌڻ ۽ پکڙجڻ شروع ٿي ويندو آهي.
هينئر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته قوم ۾ صالح حياتيءَ ۽ جياپي جو بنياد وجهڻ لاءِ ڪهڙا شرط ضروري آهن؟ منهنجي خيال ۾ قومي ترقيءَ لاءِ سڀ کان پهريون شرط اهو آهي ته، قومي زندگيءَ جو بنياد سماجي انصاف جي اصولن تي رکيو وڃي. ان صفت کانسواءِ ٻيا سمورا ڪمال بيڪار آهن يا بيڪار ٿي ويندا آهن. جنهن سماج ۾ انصاف نه هوندو آهي اتي تلوار ۽ قلم، ادب ۽ آرٽ، دولت ۽ واپار، قوت ۽ حڪومت سڀني کي ڪا شيءِ اندر ئي اندر اڏوهيءَ وانگر کائيندي رهندي آهي. ايستائين جو هڪ ڏينهن اها سڄي عمارت پٽ اچي پوندي آهي. قديم يونانين جي تهذيب جنهن ۾ علم ۽ آرٽ جي هم آهنگيءَ هڪ خاص من موهيندڙ شان پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ قديم رومي تهذيب جيڪا پنهنجي ڪشادي مملڪت، دانائي ۽ سياسي قوت تي ناز ڪندي هئي، اهي ٻئي ڇو تباهه ٿيون؟ ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سمورن انسانن جو بحيثيت انسان جي احترام نه هيو ۽ ان ڏيک ويک ۾ وڻندڙ ٻاهرين سطح جي اندران غريبن ۽ مظلومن جون اهڙيون اونداهيون زندگيون دٻيل هيون، جيڪي تهذيب جي روشنيءَ ۽ عام انساني حقن ٻنهي کان بلڪل محروم هيون. پر مثالن لاءِ ماضيءَ ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اڄ به مغربي تهذيب جي ناڪاميءَ جو عبرت انگيز نظارو اسان جي اکين آڏو آهي. اتي هڪ پاسي سائنس، صنعت ۽ حرفت جي ترقي ۽ انساني دماغ جي تخليقيت انسان جي ڪم ڪرڻ ۽ دولت ڪمائڻ جي صلاحيت کي سؤ ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ٻئي پاسي سرمائيداري جي ظلمن سبب ڪيترائي ملڪ غربت، جهالت ۽ بيڪاريءَ ۾ گرفتار آهن. انسان وٽ اڄ اهڙا علمي ۽ مادي وسيلا موجود آهن، جن جي مدد سان هو غربت ۽ بيڪاريءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو، بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهي ٿو، ماڻهن جي رهڻ لاءِ گهر، پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب مهيا ڪري سگهي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته سماجي لاڳاپن ۾ انصاف جي ڪارفرمائي ڪونهي، تنهن ڪري سائنس جي ترقي وڏي حد تائين بيڪار بڻيل آهي ۽ خوشحالي ۽ امن امان اڻلڀ آهن. انهيءَ صنعت ۽ حرفت جي ترقي ۽ چرپر جي آساني ۽ تيزيءَ ڪري قومن ۾ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي ۽ انحصار جو هڪ نئون احساس پيدا ٿيو آهي. انهن حالتن ۾ دولت ۽ ٻين مادي وسيلن جي مناسب ورهاست نه رڳو انصاف ۽ اخلاق جي روءِ سان ضروري آهي، بلڪه عملي طور پڻ ان کان سواءِ چارو ڪونهي. پر اهو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن قوم جي فردن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو هجي. قوم جو هر فرد اجتماعي عزت ۾ پنهنجي عزت ۽ اجتماعي ذلت ۾ پنهنجي ذلت سمجهي ۽ رڳو پنهنجو فڪر ڪرڻ بدران انصاف جي اصول تي عمل ڪري. نه ته ٻي صورت ۾ خود غرضي، تعصب ۽ نفاق جو دور شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو بنا شڪ جي اجتماعي زوال جي شروعات آهي.
قومي ترقيءَ لاءِ ٻيو اهم شرط محنت، جفاڪشي ۽ حلال روزي ڪمائڻ آهي. فردن وانگر جماعتن ۽ قومن لاءِ پڻ چرپر، تحرڪ ۽ جدوجهد ضروري آهي. جڏهن ڪا قوم عمل ۽ جدوجهد واري جياپي کان لنوائيندي آهي ۽ ان جا فرد عيش عشرت يا گوشه نشينيءَ کي ترجيح ڏيندا آهن ته سندن قوتون ۽ صلاحيتون زنگجي وينديون آهن ۽ جسماني ۽ ذهني ڪاهليءَ جي منجهن عادت پئجي ويندي آهي. ماڻهو ڪم کان بيزار ٿيڻ لڳندا آهن ۽ محنت ۽ پورهيو ڪري روزي ڪمائڻ بدران پيري مريدي، درويشي، مجاوري جي ڦيڻن ڦندن ۾ پئجي ويندا آهن يا اميرن، ڀوتارن ۽ رئيسن سان گڏ رهڻ ۽ سندن خوشامد ڪري گذارڻ وارو ذليل پيشو اختيار ڪندا آهن. ان ريت ”مقدس فقيرن“ جو هڪ ٽولو پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو ڪو عملي ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ بدران مختلف بهانن سان خدا جي نالي تي ٻين جي ڪمائي ڦٻائيندو آهي. منجهن سوال ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي آهي، جيڪا خودي ۽ خودداريءَ لاءِ زهريلو اثر رکندي آهي. ان نڪمي ٽولي ۾ انهن سڀني کان سواءِ اهو ڪاٽڪو مالدار طبقو به شامل آهي جيڪو (مفت خوري ڪميشن ۽ دلاليءَ جي ڪن مخصوص ٽڪساٽن سان) بنا محنت ۽ پورهئي جي ڪمايل دولت تي عيش ڪندو آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اجتماعيت جو قرض ادا نٿو ڪري. جيئن جيئن قوم ۾ اهڙن سهل پسند ماڻهن جو ڳاڻاٽو وڌندو ويندو آهي، اوترو ئي ان جي زوال جا ڏينهن ويجها ٿيندا ويندا آهن، تنهن ڪري انصاف ۽ دانائي ٻنهي جي تقاضا آهي ته قومي زندگيءَ جي تنظيم ۽ جوڙجڪ ۾ سڀ کان پهرين جاءِ انهن خدا جي ٻانهن کي ڏني وڃي، جن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ تي اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو دارومدار آهي ۽ اهو قول رڳو محفل کي گرمائڻ لاءِ نه، پر حقيقت ۾ به سياست جو اصول هئڻ گهرجي ته: ”جنهن کيت مان پورهيت ۽ هاريءَ کي روزي ميسر نه ٿئي، ان جي هر ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙيو وڃي.“
يونان، مصر ۽ روم جون قديم تهذيبون وڏي مان شان سان اڀريون. انهن جي زوال جو هڪ سبب ته مان مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، يعني سماجي لاڳاپن ۾ انصاف جي اڻهوند، ٻيو سبب هيءُ آهي ته ڪجهه عرصو طاقت ۽ شان مان سان زندگي گذارڻ بعد اهي قومون ڪاهلي، عيش عشرت ۽ نڪمائپ ۾ پئجي وينديون آهن ۽ منجهن ڪوشش ۽ عمل جي گرميءَ بدران ميلن ۽ مزن جون محفلون مچنديون آهن. نتيجو اهو نڪتو ته قدرت جي اٽل قانون پاسو بدلايو، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي انهن جي طاقت ۽ عظمت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
مطلب ته ڪم، پورهيو ۽ عمل قومن جي زندگيءَ ۽ موت لاءِ پرک جي ڪسوٽي آهي. جيڪا قوم ڪم ڪندي اها زندهه رهندي. جيڪا قوم ڪم کان لنوائيندي ۽ ان کي هڪ بار ۽ ٻوجهه سمجهي ٻين جماعتن يا قومن تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي اها فنا ٿي ويندي ۽ اهڙي قوم جي جنازي تي گهٽ ۾ گهٽ مان ڳوڙها ڳاڙڻ لاءِ تيار نه آهيان. ڪم ته زندگيءَ جي قيمت آهي ۽ جيڪو شخص، قوم يا طبقو اها قيمت ادا نٿو ڪري ان لاءِ منهنجي دل ۾ ايتري عزت آهي جيتري هڪ چور يا ڌاڙيل جي.
جڏهن انصاف، محنت، سادگيءَ ۽ ڪفايت شعاريءَ جي بنيادن تي قومي زندگيءَ جي عمارت اڏجي پوي ته ان ۾ سگهه، سونهن، سوڀيا ۽ نظم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ لاءِ قوم جي فردن ۾ ٽن صفتن جي ضرورت آهي: جرائت، رواداري ۽ ضابطو.
جرائت زندگيءَ جي علامت آهي. ان جي بدولت قوم ۾ حوصلي ۽ ڏکيائين سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ خوف جيڪو جرائت جو ضد آهي، زندگيءَ جا پر ڪٽي ڇڏيندو آهي. ٻي صفت رواداري آهي، جنهن کانسواءِ انفراديت جي تڪميل ناممڪن آهي. جنهن کانسواءِ قومي زندگيءَ ۾ تنوع (رنگا رنگيت) جو شان پيدا نٿو ٿي سگهي. خدا جي دنيا ۾ يڪسانيت ناهي بلڪه اختلاف انساني فطرت جو جزو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ رواداريءَ جو جذبو نه هجي ته اتي اختلاف مخالفت جي شڪل اختيار ڪندا آهن ۽ هر ٽولو ٻين تي زبردستيءَ سان هڪ خاص قسم جي يڪسانيت مڙهڻ گهرندو آهي، جيڪا ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. ضابطو ۽ ڊسيپلين ان لاءِ ضروري آهي، ته ان کانسواءِ ڪو به ڪم نظم ۽ ترتيب ۽ بهتر طريقي ۽ انداز سان نٿو ٿي سگهي ۽ فردن ۽ جماعتن ۾ هروڀرو ڇڪتاڻ ٿيندي رهي ٿي. جنهن ۾ سندن قوت ضايع ٿيندي آهي. پر اصلي ڊسيپلين اهو آهي جيڪو ڪنهن ٻاهرين طاقت يا ڪو ظالم حڪمران قوم تي ٻاهران نه مڙهي، پر اهو آزاد فضا ۾ خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ مقصدن جي ايڪي ۽ اتحاد جو نتيجو هجي.
ٿي سگهي ٿو ته اوهان چئو ته، انهن سڀني صفتن جي اهميت مڃي سين، پر انهن جي تربيت ڪيئن ڪجي؟ منهنجي خيال ۾ وڏي پئماني تي قومي ۽ شخصي ڪئريڪٽر جي جوڙجڪ لاءِ ڪجهه شرطن جو پورو ڪرڻ ضروري آهي، جن مان سڀ کان پهريون شرط هيءُ آهي ته قوم جي آڏو ڪو وڏو نصب العين هجي، جنهن کي اڪثر ماڻهو خوشيءَ سان مڃن. جيڪو انهن جي تنظيم ۽ وحدت لاءِ هڪ مرڪز جو ڪم ڏئي ۽ سندن فڪر ۽ عمل تي حاوي ٿي وڃي. جڏهن به ڪنهن قوم عروج حاصل ڪيو آهي ته اهڙي ڪنهن آدرش ان لاءِ محرڪ قوت جو ڪم ڏنو آهي. مثال طور قديم زماني ۾ هندن آڏو حق جي معرفت جو نصب العين هيو، يعني ان ازلي ۽ ابدي حقيقت تائين رسائيءَ جي ڪوشش جنهن جي ڀيٽ ۾ دنياوي زندگيءَ جي حقيقت هڪ پاڇي کان وڌيڪ نٿي ڀانئجي. ٻڌ مذهب نفس جي تهذيب کي پنهنجو نظريو بڻايو هو. قديم يونانين پنهنجي زندگيءَ ۽ تهذيب ۾ خير، حق ۽ حسن جي تصورن کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رومين انساني تمدن جي سرمائي ۾ قانون، انصاف ۽ سياسي امن جي تصورن جو واڌارو ڪيو هو. اسلام پنهنجي پيروڪارن آڏو انساني وحدت، انصاف، ڀائپي ۽ مساوات جو نصب العين رکيو هو ۽ تاريخ جي ان اونداهي دور ۾ هڪ شمع روشن ڪئي، جنهن جي روشنيءَ جا ڪرڻا اڄ تائين اسان تي پون ٿا. پر انهن سمورن آدرشن جي اهميت ان ڪري آهي ته اهي ڪن خاص علمي، اخلاقي، سماجي يا جمالي قدرن سان ڀرپور آهن. نه ته رڳو دولت ۽ سياسي طاقت پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي ٻين قومن کي غلام بڻائي خدا جي ڌرتيءَ تي فتنو ۽ فساد برپا ڪرڻ عظمت جو دليل ڪونهي، بلڪه حيوانيت جو ثبوت آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته يوناني سقراط، افلاطون ۽ ارسطو کان وڌيڪ سڪندر تي فخر ڪن ها. چنگيز خان جا وحشي مغل اسان جي آڏو احترام جا حقدار هجن ها ۽ هٽلر جو بادشاهي جنون ۽ انگريزن جو عالمگير بادشاهيءَ جو قيام گوئٽي ۽ شيڪسپيئر، حافظ ۽ نيوٽن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان گهڻو وڌيڪ اهم شمار ڪيو وڃي ها.
پر رڳو هڪ نصب العين مقرر ڪرڻ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن لاءِ ڪنهن خالي تصور ۾ ڪا ڇڪ ۽ ڪشش نه هوندي آهي، پوءِ اهو طاقت ۽ شان شوڪت جو هجي يا حسن۽ جمال جو يا انصاف ۽ خدمت جو. ان تصور کي حقيقت جو ويس ڍڪائڻ لاءِ ضروري آهي ته قوم کي صحيح وقت تي ڪو اهڙو اڳواڻ ملي وڃي جنهن جي سموري زندگي ۽ عمل ان نصب العين جي تشريح هجي، ڇاڪاڻ ته هڪ سچي، پرخلوص ۽ بي لوث انسان جي ذات ۾ ئي اها ڪشش هوندي آهي، جيڪا لکين ماڻهن جي دل ۽ دماغ ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿي. سندس صحبت جي فيض مان هوريان هوريان قوم ۾ اهڙن مخلص ۽ سچن ڪارڪنن جو هڪ ٽولو پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو نيڪي ۽ سچائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي وٺندو آهي. عزت ۽ عهدي جي رشوت ۽ دولت ۽ سگهه جي لالچ سندس نيت ۾ خرابي ۽ سندس قدمن ۾ ججهڪ پيدا نه ڪري سگهندا آهن.
دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪا به سياسي ۽ سماجي يا مذهبي تحريڪ تيستائين ڪامياب نٿي آهي ۽ نه ڪنهن قوم کي عروج حاصل ٿيو آهي، جيستائين منجهس قربانيون ڏيندڙ جماعت عوام جي بي غرض خدمت لاءِ سندرو نه ٻڌو هجي. چوڻ وارا ته اهو ٿا چون ته اهڙن ئي ماڻهن جي برڪت سان ڌرتي پنهنجي محور تي قائم آهي، پر جڏهن ڪنهن قوم ۾ نيڪ ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي خدمت ڪندڙن جي جماعت باقي نه رهندي آهي ته سندن اخلاقي ۽ مادي زوال شروع ٿي ويندو آهي. پوءِ قدرت جي قانون مطابق ڪا ٻي قوم ان جي جاءِ والاريندي آهي، جنهن ۾ جدوجهد، خلق جي خدمت ۽ نعمتن جي شڪر يعني انهن جي صحيح استعمال جي بهتر صلاحيت هوندي آهي. فطرت اڪثر ڪري اهڙي قوم کي ڊگهي مهلت پڻ ڏيندي آهي پر جڏهن بداعمالين جو پيمانو ڇلڪي پوندو آهي ته عمل جي جزا سزا جو قانون اوچتو کين جهلي وٺندو آهي، ان وقت اهي غفلت ۾ ٻڏل هوندا آهن.
”قومن پنهنجي هٿن سان جيڪو ڪجهه ڪيو، ڪمايو هو، اڄ ان جي بدلي ۾ خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾ فتنو ۽ فساد برپا ٿي ويو آهي، ته جيئن ماڻهو پنهنجن عملن جو ڦل چکن. شايد کين ان مان عبرت ملي ۽ هو سنئين رستي ڏانهن اچن.“ (الروم:٤١)
ظاهر ۾ ته اڄوڪي زماني ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ طاقت جي ڪشمڪش ڏسجي پئي، يعني جن قومن وٽ وڌيڪ جنگ جو سامان ۽ دولت ۽ صنعت ۽ حرفت جا وسيلا هوندا، اهي ان مقابلي ۾ ڪامياب ٿينديون، ڄڻ ته ڪاميابيءَ جو مطلب وسيلن جي گهڻائي يا جنگ جي ڪاميابي آهي، پر اهو خيال صحيح ڪونهي. ان ۾ فاتح ۽ مفتوح ٻنهي جي هار ۽ دنيا جي تباهي آهي، ان سان کٽڻ هارائڻ جا لفظ ئي بي معنيٰ ٿيندا. پر صورتحال کي جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسجي ته خبر پوندي ته اصل مقابلو قدرن ۽ اخلاقي اصولن جو آهي، مقابلو انهيءَ ميدان ۾ آهي يا هئڻ گهرجي ته ڪهڙو نظام انسان لاءِ هڪ بهتر ۽ ڀرپور زندگي مهيا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ کين پنهنجي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملي. ان نظام جي جوڙجڪ لاءِ موجوده دور جي تقاضائن کان باخبر رهڻ ضروري آهي. دنياجون حالتون تمام تيزيءَ سان بدلجن پيون. هي دور ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏڻ بدران رٿابندي ۽ اجتماعيت جو دور آهي. تبديلي ۽ انقلاب زندگيءَ جي فطرت ۾ شامل آهن. جنهن قوم يا جماعت ۾ انقلاب کان متاثر ٿيڻ جي صلاحيت نه رهندي آهي، اها زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ مات کائي ويندي آهي.
اجتماعيت پڻ بذات خود هر مرض جي دوا ڪونهي، ان ۾ به ظلم، حق تلفي، انسان دشمني ۽ استحصال جا امڪان آهن ۽ نسلي غرور، آمريت ۽ ملوڪيت ان کي پڻ مسخ ڪري سگهي ٿي. اصل سوال هي آهي ته ڪهڙي قوم يا قومون ان نئين نصب العين جي روشنيءَ ۾ سائنس، صنعت ۽ حرفت جي حيرت انگيز طاقتن کي انسانذات جي فائدي لاءِ استعمال ڪنديون؟ وقت ئي ان جو جواب ڏيندو. پر مون کي هن ڳالهه جو يقين آهي ته قومن ۽ فردن جي زندگيءَ ۾ امن ۽ خوشي فقط تڏهن ئي راهه وٺي سگهي ٿي، جڏهن اهي اخلاق ۽ شرافت جي بنيادي اصولن کي اپنائڻ سکن، ڪا ٻي قوت، دولت يا سائنس ان جو متبادل نٿا ٿي سگهن.

سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو