دين ۽ دنيا جي ورهاست جو نظريو ۽ اسلام : مولانا سيد سليمان ندوي رحه
يهودين ۾ لاوي دين جا ڪاهِن هئا، کين دنيا جي ڪمن کان ڌار ڪيو ويو هو ۽ خانداني ورثي کان پڻ محروم هئا. ڇاڪاڻ ته اُهي دنيا جون شيون هيون ۽ باقي دنيادار ماڻهو هئا. عيسائين ان فرق ۽ ويڇي جي ديوار کي اڃا وڌيڪ اُڀو ڪري ڇڏيو هو. انهن ته خدا ۽ قيصر پنهنجا ٻه حڪمران فرض ڪري ورتا هئا ۽ چيائون ته جيڪو (مال) خدا جو آهي اُهو خدا کي ڏيو ۽ جيڪو قيصر جو آهي اهو قيصر کي ڏيو.
يهودين ۽ نصارن اُن غلط خيال پٽاندڙ هلڻ جي جئين ڪوشش ڪئي ان جي عملي شڪل ٻن متضاد طريقن سان ظاهر ٿي. يعني يهودين آخرت جو مقصد رڳو دنيا کي سمجهيو ۽ نصارن وري رڳو آخرت کي. يهودين جي حڪومت ۽ بادشاهت مال ۽ دولت ۽ وياجي ڪاروبار تي مشتمل هئي. ان جي ابتڙ نصارن دنياوي اسبابن کي مرڳو هٿ ئي نه لاٿو ۽ هر نعمت کي آسماني بادشاهت ۾ تلاش ڪندا رهيا. انهن زندگيءَ جو راهبانه طريقو ۽ زاهدانه طرز معيشت اختيار ڪري ڇڏيا.
پر جڏهن حضرت محمدﷺ جي ذريعي اسلام آيو ته اُن دين ۽ دنيا جي ورهاست واري اُن قديم غلط فهميءَ کي دور ڪيو ۽ ٻڌايو ته اُهي ٻئي شيون ٻه، نه پر هڪ آهن. دين دنيا آهي ۽ دنيا دين آهي. دين ۾ جڏهن نفساني خواهشون شامل ٿين ته دنيا ٿي پوندي آهي ۽ دنيا ۾ خدائي حڪمن جي پيروي مقصد هجي ته دين بڻجي پوندو آهي. اهڙيءَ ريت جيڪا شيءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ سنڌو ۽ فرق ٺاهي ٿي اُهو انسان جو نقطه نظر (خيال) آهي، جيڪڏهن اهو صحيح هجي ته هيءَ حد به قائم رهندي آهي ۽ ٻئي شيون هڪ ٿي پونديون آهن. اُها ئي حڪومت ۽ بادشاهت جنهن کي دنيا چيو ٿو وڃي جيڪڏهن اها خدا جي مرضيءَ لاءِ ڪئي وڃي ته دين بڻجي پوندي آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ جن ان کي عملي شڪل ۾ هن ريت اسان کي ٻڌايو جو سندن نماز، روزو، حج، زڪوات، رات جي عبادت، قرآن جي تلاوت، تبليغ، غزوات ۽ فتحون سلطنت جا ڪم ڪار مطلب ته پاڻ سڳورنﷺ جي سيرت جو هڪ هڪ واقعو دين به هيو ته دنيا به. پاڻ سڳورنﷺ کان پوءِ خليفن ۽ صحابه رضوان الله عليهم پڻ ان نڪتي کي واضح ڪيو ۽ سندن سمورن ڪارنامن جي اندر اهوئي روح نظر آيو جيڪو دين ۽ دنيا جي ميلاپ سان پيدا ٿيو هو، جيڪو قرآن پاڪ جي مرضيءَ پٽاندڙ هيو. قرآن مجيد ڪيترن ئي آيتن ۾ انساني عملن جي بدلي کي دنيا ۽ آخرت ٻنهي سان لاڳاپيل فرمايو آهي.
پر جڏهن کان اُن نقطه نظر ۾ تبديلي آئي آهي. مسلمانن جي ڪمن جو رنگ مٽجي ويو آهي ۽ منجهن اسلام بدران يهودين ۽ نصرانين جو رنگ ظاهر ٿيڻ لڳو. اڄ مسلمان قومون يا ته يهودي تخيل جو شڪار آهن يا عيسوي تخيل جو. محمدي دعوت گهڻو ڪري سندن نظرن کان اوجهل آهي. اڄ مسجد جو ممبر ۽ حڪومتي تخت ڌار ڌار آهي ۽ فوجي سپهه سالار ۽ نماز جو امام ٻه الڳ ٽولا آهن. جيتوڻيڪ اسان جو ممبر ۽ تخت هڪ هيو ۽ اسان جو سپهه سالار ئي اسان جي نماز جو امام هوندو هو اڄ مسلمان، حڪومت ۽ بادشاهت، واپار ۽ ڪمائي ۽ تعليم ۽ هنر کي دنيا جو ڪم ۽ فقط نماز روزي ۽ تسبيح ۽ وظيفي پڙهڻ کي دين جو ڪم سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ نيت صحيح هجي ته هر دنياوي جدوجهد، هر سياسي هلچل ۽ فڪر هر تعليمي عمل ۽ خدمت، هر واپاري ڪم ۽ ڪاروبار، صنعتي ترقي ۽ ايجاد ۽ دريافت سراسر دين آهي ۽ نيت صحيح نه هجي ته سڄي رات جي نماز ۽ سڄي ڏينهن جي عبادت بيڪار آهي.
مسلمان محمد رسول الله صه جي ان تعليم کي هڪ عرصي کان فراموش ڪري ڇڏيو آهي، انهن به دين ۽ دنيا جون حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن.
سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو