مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

قارون جو قصو ۽ مال ملڪيت بابت قرآن جو نظريو : ڊاڪٽر سيد رضوان علي ندوي

قرآن ڪريم ۾ قارون ۽ ان جي اڻ کٽ مال ملڪيت، سندس وڏائي ۽ ان جي نتيجي ۾ هن جي بربادي جو سبق آموزداستان قرآن پاڪ ۾ صرف سورة القصص ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جي پسِ منظر ۾ مال دولت بابت قرآن جو نظريو وضاحت سان سمجھايو ويو آهي.
هن قصي جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
إِنَّ قَارُونَ كَانَ مِنْ قَوْمِ مُوسَىٰ فَبَغَىٰ عَلَيْهِمْ ۖ وَآتَيْنَاهُ مِنَ الْكُنُوزِ مَا إِنَّ مَفَاتِحَهُ لَتَنُوءُ بِالْعُصْبَةِ أُولِي الْقُوَّةِ إِذْ قَالَ لَهُ قَوْمُهُ لَا تَفْرَحْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْفَرِحِينَ ﴿القصص:٧٦﴾
”قارون در حقيقت موسى جي قوم جو ماڻهو هو، مگر هو پنهنجي قوم جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو. اسان هن کي دنيائي دولت جا وڏا خزانا ڏنا هئا، ايترا جو رڳو انهن جون ڪنجيون به مضبوط ماڻهن جي هڪ ٽولي مشڪل سان کڻي سگھي ها، سندس قوم جي ماڻهن کيس چئي ڏنو ته آڪڙ نه ڪر! ڇو ته الله تعالى يقيناً آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري“.
هن آيت جي تشريح هيءَ آهي ته قارون هئو ته حضرت موسى عليه السلام جي قوم بني اسرائيل منجھان، پر هن مال دولت، شان شوڪت ۽ عهدن جي لالچ ۾ وقت جي فرعون جو ساٿ ڏنو هئو، جنهن ڪري فرعون به هن کي گھڻو نوازيو هو. سندس بي حساب دولت کيس ايترو ته سخت مزاج ۽ مطلبي بنائي ڇڏيو هو جو هو پنهنجي ئي قوم جي مٿان فرعون جي هُشي تي ظلم ڪرڻ لڳو هئو.
ڪجھه مفسرن جي خيال مطابق هن وٽ ايترو ته مال ملڪيت هو جو ان جي خزاني جون ڪنجيون به خچرن تي لڏي کنيون وينديون هيون. هتي هي به معلوم ٿئي ٿو ته اصل ۾ هن قصي کي بيان ڪرڻ جومقصد مڪي جي ڪافرن کي، جيڪي نبي اڪرم ﷺ جن کي چوندا هئا ته الله تعالى اسان کي هيترو ڌن دولت ڏنو آهي سو جيڪڏهن تون به الله تعالى کي پيارو هجين ها ته توکي به ايتري گھڻي ملڪيت ڏني وڃي ها، سمجھائڻو هو ته توهان پنهنجي مال دولت کي ڏسي آڪڙجي نه وڃو. الله تعالى جيڪو حشر قارون جو ڪيو سو توهان سان به اهڙو لقاءُ ڪري برباد ڪري سگھي ٿو. هن سڄي قصي ۾ اسلام جو مال ملڪيت بابت جيڪو نظريو آهي پڻ سمجھايو ويو آهي ته انسان الله تعالى طرفان مليل مال ملڪيت جي نشي ۾ اچي جڏهن آڪڙ ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته هن هي سڀڪجھه پنهنجي ذاتي محنت ۽ ڪوشش سان حاصل ڪيو آهي ته پوءِ اهڙي ماڻهو کان ڏنل مال کسيو وڃي ٿو. هن کان اڳتي ارشاد ٿئي ٿو:
وَابْتَغِ فِيمَا آتَاكَ اللَّهُ الدَّارَ الْآخِرَةَ ۖ ﴿القصص:٧٧﴾
”۽ الله تعالى توکي جيڪو هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان آخرت جي گھر لاءِ تلاش ڪر!“
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته مال ملڪيت ڪا خراب شيءِ نه آهي پر خراب ڳالهه هيءَ آهي ته پاڙيوارن غريبن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ محتاجن جي سهائتا لاءِ استعمال ڪري پنهنجي آخرت سنوارڻ جي بجاءِ ان کي گڏ ڪري رکيو وڃي. هن آيت ۾ اها ئي ترغيب ڏني وئي آهي ته اهڙا ڪي فلاحي ڪم ڪيا وڃن جن سان آخرت ڀلي ٿئي. اڳتي اها به سمجھاڻي ڏني وئي ته:
وَلَا تَنْسَ نَصِيبَكَ مِنَ الدُّنْيَا ۖ ﴿القصص:٧٧﴾
”۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه وِسار.“
يعني توهان پنهنجي دولت سان پنهنجي، پنهنجي اولاد ۽ مٽن مائٽن وغيره جي سڌاري، واڌاري ۽ خوشحالي لاءِ به ڀلي خرچ ڪريو. ان کانپوءِ هدايت ڪئي وئي:
وَأَحْسِنْ كَمَا أَحْسَنَ اللَّهُ إِلَيْكَ ۖ وَلَا تَبْغِ الْفَسَادَ فِي الْأَرْضِ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ ﴿القصص:٧٧﴾
”۽ جيئن الله تعالى توتي احسان ڪيو آهي تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعالى فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري“.
هاڻي ڏسو ته اسلام معاشري ۾ سڌاري جي لاءِ ڪهڙو نه ڀلو اصول پيش ڪندي سمجھائي ٿو ته جڏهن الله تعالى توهان تي مهر باني ڪري مال ملڪيت سان نوازيو آهي ته پوءِ توهان به ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪريو. پر افسوس آهي ته ڪيترائي ارب پتي مسلمان ايتري قدر ڀلائي جا ڪم نه ڪري سگھيا آهن جيتري قدر فورڊ فائونڊيشن(Ford Foundation) يا بل گيٽس ۽ روڪ فيلر فائونڊيشن(Rockefeller Foundation) وغيره وارا ڪن ٿا.
فساد عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني ”خرابي“ آهي، پوءِ اها کڻي مادي هجي يا فڪري. فساد جي مقابلي ۾ ”صلاح“ جو لفظ آهي. انهيءَ ڪري چئبو ته جيڪو ماڻهو اصلاح نٿو ڪري سو فساد ڪري رهيو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجو مال برائين کي عام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا قرآن جي نظر ۾ اهي فسادي آهن. هن کان اڳتي قارون جي بهاني بازي ۽ ان تي خدائي تنبيهه جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو:
قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ عِنْدِي ۚ أَوَلَمْ يَعْلَمْ أَنَّ اللَّهَ قَدْ أَهْلَكَ مِنْ قَبْلِهِ مِنَ الْقُرُونِ مَنْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُ قُوَّةً وَأَكْثَرُ جَمْعًا وَلَا يُسْأَلُ عَنْ ذُنُوبِهِمُ الْمُجْرِمُونَ ﴿القصص:78﴾
”(قارون جواب ۾) چيو ته مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل، هنر ۽ محنت) سان هٿ ڪئي آهي. هن کي اها به خبر نه هئي ڇا ته الله تعالى هن کان اڳي گھڻين ئي اهڙين امتن کي برباد ڪري چڪو آهي جيڪي کانئس قوت ۾ گھڻو وڌيڪ هيون ۽ مال دولت به گھڻو وڌيڪ گڏ ڪيو هئائون ۽ گنهگارن کي سندن گناهن سببان (سزا ڏيڻ وقت) پڇا ڪانه ڪبي آهي.“
اڄ جي دؤر ۾ به جيڪڏهن نظر کڻي نهاربو ته عرب ملڪن ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن مان هر هڪ وٽ سؤ سؤ قارونن جي برابر مال ملڪيت موجود آهي پر پوءِ به هو الله جي راھ ۾ مسلمانن تي آيل مصيبتن جي وقت ۾ به خرچ نٿا ڪن؛ جنهن ڪري هو هر وقت آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن جي غلامي ۾ جڪڙجي خوار خراب ٿيا آهن. انهن جو به اهڙو ئي حشر ٿي سگھي ٿو جهڙو قارون جو ٿيو هو. اڳتي بيان ٿيو:
فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِ فِي زِينَتِهِۖ ﴿القصص:٧٩﴾
”(هڪ ڏينهن) هو (قارون) وڏي دٻدٻي سان پنهنجي قوم جي (ماڻهن) سامهون آيو“.
يوم الزينه جشن جو ڏهاڙو هئو. Jewish Encyclopedia جي مطابق قارون ان ڏينهن پنج هزار سينگاريل ٻانهين ۽ ڪيترن ئي گھوڙي سوار نوڪرن چاڪرن جي جھرمٽ ۾ ٻاهر نڪتو جنهن کي ڏسي ماڻهن حسرت سان چيو ته:
قَالَ الَّذِينَ يُرِيدُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا يَا لَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَا أُوتِيَ قَارُونُ إِنَّهُ
لَذُو حَظٍّ عَظِيمٍ ﴿القصص:٧٩﴾
”جيڪي (ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ (جي عيش عشرت) جا چاهيندڙ هئا، تن چيو هاءِ هاءِ ! جيڪر اسان کي به اهڙي دولت ملي ها جهڙي قارون کي آهي (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها!) يقيناً هو وڏي ڀاڳ وارو ۽ خوش نصيب آهي“ .
هي ائين ئي هو جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ به ڪيترائي ماڻهو سرمائيدارن جا ٺٺ ٺانگر ڏسي خواهش ڪندا آهن ته جيڪر هو به اهڙا ئي امير ٿي وڃن. حالانڪه مال ملڪيت ته هڪ وڏي آزمائش آهي جنهن جي غلط استعمال سان انسان جي ٻئي جهان برباد ٿي وڃن ٿا.
وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ اللَّهِ خَيْرٌ لِمَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا وَلَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الصَّابِرُونَ ﴿القصص:٨٠﴾
”پر جيڪي ماڻهو علم وارا هئا، تن چئي ڏنو ته افسوس اوهانجي حال تي، الله تعالى وٽان جيڪي (نعمتون) انعام ۾ ملن ٿيون سي گھڻو بهتر آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان ٿا رکن ۽ صالح عمل ٿا ڪن. پر اهي نعمتون صرف اهي ماڻهو حاصل ڪن ٿا جيڪي صبر ۽ ثابت قدميءَ سان (حق جي راھ تي) قائم رهن ٿا“.
هن آيت ۾ سمجهايو ويو آهي ته الله جي نيڪ ٻانهن جو هيءُ گڻ نه آهي جو ڪنهن مغرور دولت مند جي ملڪيت کي ڏسي هرکجي ۽ موهجي وڃن، پر کين هميشه الله تي ئي ڀروسو ۽ ان وٽان ئي چڱائي جي اميد رکڻ گھرجي. اڳتي قارون جي اجائي آڪڙ جو انجام بيان ڪيو ويو:
فَخَسَفْنَا بِهِ وَبِدَارِهِ الْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُ مِنْ فِئَةٍ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُنْتَصِرِينَ ﴿القصص:٨١﴾
”سو اسان هن (قارون) کي ۽ سندس گھر کي زمين ۾ پوري ڇڏيو. پوءِ ڪا به اهڙي جماعت ڪانه هئي جا هن جي الله تعالى جي مقابلي ۾ مدد ڪري سگھي ها، نڪي هو پاڻ کي بچائي سگھيو“ .
هن قصي بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن ماڻهن کي سمجھايو ويو جيڪي قاروني سوچ رکندڙ آهن:
وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ ۖ﴿القصص:٨٢﴾
”۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه تائين سندس ظاهري شان شوڪت جا خواهشمند ٿيا هئا سي هاڻي چوڻ لڳا ته يقيناً الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ وڻيس تنهن لاءِ تنگ ڪري.“
هن آيت مان اها ڳالهه چڱي طرح معلوم ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ مال دولت جي ڪثرت آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هي ڪو الله جو پيارو آهي، پيارو ته اصل ۾ اهو آهي جيڪو سندس فرمانبردار ۽ ٻين لاءِ ڀلو آهي؛ پوءِ ڀلي ڇو نه غريب ئي هجي. سو جڏهن الله جي نيڪ ٻانهن قارون جو اهو حشر اکين سان ڏٺو ته چوڻ لڳا:
لَوْلَا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ ﴿القصص:٨٢﴾
”جيڪڏهن اسان تي الله جو احسان نه هجي ها ته اسان کي به زمين ۾ پوري ڇڏي ها. يقينا معلوم ٿو ٿئي ته ڪافر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا.“
هن کان اڳتي وارين آيتن ۾ هن سڄي قصي بيان ڪرڻ جي حڪمت به بيان ڪئي وئي آهي:
تِلْكَ الدَّارُ الْآخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِينَ لَا يُرِيدُونَ عُلُوًّا فِي الْأَرْضِ وَلَا فَسَادًا ۚ
وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ ﴿القصص:٨٣﴾
”اهو آخرت جو گھر (يعني جنت) اسان انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪري رکيو آهي جيڪي زمين تي هٺ ۽ وڏائي، ظلم ۽ فساد ۽ بگاڙو نه ٿا چاهين ۽ (ياد رکو! ته) چڱي پڇاڙي فقط انهن جي لاءِ آهي جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن“.
آخر ۾ هڪ عام اصول بيان ڪندي فرمايو ويو:
مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِنْهَا ۖ وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَى الَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿القصص:٨٤﴾
”جيڪو نيڪي سان ايندو تنهن کي ان کان بهتر انعام ملندو پر جيڪڏهن ڪو برائي سان ايندو ته پوءِ جن برائيون ڪيون هونديون تن کي فقط اوتري قدر سزا ملندي جيتري قدر هن برا عمل ڪيا هوندا“.
هيءَ به الله تعالى جي رحمت ۽ ٻاجھه جي هڪ جھلڪ آهي ته نيڪي جو بدلو ته ڏهوڻو ملي يا هڪ جاءِ تي ٻڌايو ويو ته ست سئوڻو ملي ٿو. پر ان جي برعڪس برائي جي وري فقط اوتري سزا ڏني وڃي جيتري ڪئي وڃي.
قرآن پاڪ ۾ هن قصي بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته جهڙي طرح قارون الله تعالى طرفان ڏنل بي شمار دولت ۽ مال ملڪيت کي الله جي راھ ۾ خرچ نه ڪرڻ ۽ پنهنجي اجائي هٺ ۽ آڪڙ جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويو، سندس مال ملڪيت نه ته کيس دنيا ۾ ڪم اچي سگھي ۽ نه آخرت ۾ ڪنهن ڪم ايندي؛ اهڙيءَ طرح اڄ جا ارب پتي مسلمان به جيڪڏهن پنهنجي پئسي ڏوڪڙ کي ٽجوڙين ۾ گڏ ڪندا رهيا ۽ لکين انسانن جي حاجتن ۽ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڏيک ويک ۽ شان شوڪت لاءِ خرچ ڪندا رهيا ته قارون وانگر هي به هڪ ڏينهن برباد ٿي ويندا ۽ هي مال هنن جي ڪجهه به ڪم اچي نه سگھندو. پر جيڪڏهن هو پنهنجي ان مال مان پاڙيوارن، مسڪينن، محتاجن ۽ عام انسانن جي مدد ڪندا ۽ انهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ خرچ ڪندا ته هنن مسڪينن جي دعائن جي سبب دنيا ۾ به عزت واري زندگي بسر ڪندا ۽ آخرت به سنوارجي ويندن. هتي هي به سبق ملي ٿو ته غريب کي به پنهنجي غربت تي مايوس نه ٿيڻ گھرجي پر هميشه الله تعالى وٽان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ گھرجي.

(ڊاڪٽر سيد رضوان علي ندوي جي ڪتاب ”قرآن ڪي روشني مين“ تان ورتل؛ قرآني آيتن جو ترجمو علامه علي خان ابڙو جي تفسير المنير تان ورتل)