مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

قرآن جو گھربل معاشرو : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو اصل مقصد انساني حقن جو تحفظ ۽ انسانيت جي عزت ۽ حرمت جا اصول واضح ڪرڻ ۽ ان جو حڪم نافذ ڪرڻ آهي. هتي اسين هيٺين شين جي مختصر وضاحت ڪنداسين.
1. انسانيت جو احترام ۽ ان جي عزت
2. انساني حقن جو تحفظ
3. ڪمزورن جا حق ادا ڪرڻ جو تاڪيد
انسان جي عزت ۽ حرمت جو بيان
قرآن مجيد بار بار ٻڌائي ٿو ته انسان ”اشرف المخلوقات“ آهي. انساني پتلي ۾ رب ذوالجلال پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ زمين تي ان کي پنهنجي خلافت جو اعزاز بخشيو ۽ ملائڪن کان ان کي تعظيمي سجدو ڪرايائين ۽ ان کانسواءِ الله تبارڪ و تعاليٰ سموري مخلوق تي انساني مخلوق کي فضيلت عطا ڪئي. اهو اعزاز زمين تي موجود سمورن انسانن کي نسل در نسل حاصل آهي ۽ اهڙي طرح هر انسان بحيثيت انسان جي خلافت جو حقدار آهي. اهو ايڏو وڏو اعزاز آهي جو ملائڪن جون نظرون به ان تي لڳل هيون ۽ انهن کي اهو اعزاز ان جي ڪري نه ڏنو ويو جو اهي فطري طور تي ان جا اهل نه هئا. ان مقام جو اهل انسانن کي بڻايو ويو، علامه اقبال چواڻي:
نہ کر تقلید اے جبرئیل میرے جذب و مستی کی
تن آساں عرشیوں کو ذکر و تسبیح و طواف اولیٰ

ان کان سواءِ الله تبارڪ و تعاليٰ پوري ڪائنات کي انسان جي لاءِ مسخر بڻايو ۽ دنيا جي سمورين نعمتن تي انسان کي تصرف ۽ اختيار عطا فرمايو. زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي به خزانا آهن، اهي انسان لاءِ بڻايا ويا آهن ۽ کيس انهن شين کي مسخر بڻائڻ جي سگهه پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي تسخيري طاقت سان انهن شين تي حڪمراني ڪري ۽ پنهنجي مالڪ جو شڪرگذار ٻانهو ٿي رهي ۽ حلال رزق مان پنهنجي ۽ پنهنجي اهل جي روزي فراهم ڪري سگهي.
هن دنيا ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ مختلف صلاحيتون رکيون آهن، ڪي ڪمائڻ ۾ ڀڙ آهن ته ڪي ويچارا جڏا ۽ محتاج آهن. تنهن ڪري قرآن مجيد ان ڳالهه تي وڏو زور ڏنو آهي ته انساني مساوات قائم رکي وڃي ۽ مسڪينن ۽ محرومن کي به خدائي نعمتن ۾ شريڪ ڪيو وڃي. ڌن ۽ دولت تي قبضو ڪري خدا جي مخلوق کي ان کان محروم نه ڪيو وڃي. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن قرآن حڪيم جي اصولن تي پهرين اسلامي جماعت ۽ پهريون اسلامي معاشرو قائم ڪيو ته هڪ ڀيرو مڪي ۾ ۽ هڪ ڀيرو مديني ۾ سڀني هوند ۽ اڻهوند وارن ماڻهن جي وچ ۾ مواخات (ڀائپي) ڪرائي انهن جي مالن کي انهن جي وچ ۾ ورهايو.
قرآن مجيد انسان کي انسانيت جي توهين ڪرڻ کان روڪي ٿو، هو بندي کي پنهنجي پالڻهار سان لونءَ لڳائڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. قرآن مجيد اهو برداشت نٿو ڪري ته انسان جيڪو اشرف المخلوقات آهي، ڪنهن ٻئي جي آڏو سر جهڪائي انسانيت کان محروم ٿي وڃي، تنهن ڪري قرآن مجيد وڏي واڪي چئي ٿو:
وَمِنْ اٰيٰتِہِ الَّيْلُ وَالنَّہَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ۝۰ۭ لَا تَسْجُدُوْا لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوْا لِلہِ الَّذِيْ خَلَقَہُنَّ اِنْ كُنْتُمْ اِيَّاہُ تَعْبُدُوْنَ۝۳۷ (حٰم سجدہ ۳۷)
”۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪيو پر انهيءَ الله کي سجدو ڪريو جنهن انهن کي خلقيو، جيڪڏهن خاص سندس عبادت ڪندا آهيو.“
قرآن مجيد اهڙن پيرن، مرشدن ۽ عاملن کي پڻ نندي ٿو، جيڪي رهبانيت جو روپ ڌاري انسانيت کي پنهنجي غلامين ۾ جڪڙڻ چاهين ٿا، قرآن پاڪ اهڙي قسم جي روش کان بيزاريءَ جو اعلان ڪري ٿو.
اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ وَلَا نُشْرِكَ بِہٖ شَـيْـــًٔـا وَّلَا يَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا اَرْبَابًا مِّنْ دُوْنِ اللہِ۝۰ۭ
(آل عمران۶۴)
”الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪريو ۽ نڪي توهان مان ڪو ڪنهن کي (به) الله ڌاران پالڻهار ڪري مڃي.“
اهو نبين کي به جائز نه آهي جو هو ماڻهن کي اهڙي قسم جي تلقين ڪري جوماڻهو رب جي بندگي ڇڏي ان جي بندگي ڪن، قرآن فرمائي ٿو:
مَا كَانَ لِبَشَرٍ اَنْ يُّؤْتِيَہُ اللہُ الْكِتٰبَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّۃَ ثُمَّ يَقُوْلَ لِلنَّاسِ كُوْنُوْا عِبَادًا لِّيْ مِنْ دُوْنِ اللہِ (آل عمران ۷۹)
”ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه جڳائيندو آهي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي ۽ پوءِ اهو وري ماڻهن کي چوي ته الله تعاليٰ کانسواءِ منهنجا ٻانها ٿيو.“
انساني تاريخ ۾ اڄ کان تقريباً پندرنهن سؤسال پهريان الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ انساني حقن جو تعين فرمايو آهي، تنهن ڪري بحيثيت انسان جي مرد، عورت، ڪارو، گورو، عالم،جاهل، امير، غريب ايتري تائين جو ڪافر ۽ مسلمان سمورن ۾ انساني مساوات قائم ڪئي وئي. جڏهن ته فضيلت ۽ برتريءَ جو مدار صرف ۽ صرف تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ تي رکيو ويو آهي. باقي خدائي قانون مطابق سمورا انسان بحيثيت انسان جي برابر حيثيت رکن ٿا.
اعليٰ ۽ ادنيٰ ۾ ڪوبه فرق نه آهي، ائين ضرور آهي ته هڪ حاڪم آهي ۽ ٻيو محڪوم پر هو انسانيت جي ناتي سڀ برابر ۽ مساوي آهن. جيڪڏهن مختلف رنگ، نسل ۽ زبانون رکيون ويون آهن ته اهي به صرف سڃاڻڻ ۽ رشتيداريون قائم رکڻ لاءِ رکيون ويون آهن، قرآن فرمائي ٿو:
وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا۝۰ۭ (الحجرات ١٣)
”۽ اوهان کي قومون ۽ قبيلا ڪيوسون ته هڪٻئي کي سڃاڻو.“ (حسب، نسب يا ذات پات کي ڪابه برتري ۽ فضيلت حاصل نه آهي).
فَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ فَلَآ اَنْسَابَ بَيْنَہُمْ يَوْمَىِٕذٍ وَّلَا يَتَسَاۗءَلُوْنَ۝۱۰۱ (المؤمنون- ۱۰۱)
”پوءِ جنهن مهل صور ۾ ڦوڪبو (تنهن مهل) ان ڏينهن سندن وچ ۾ نه نسب رهندا ۽ نڪي پاڻ ۾ پڇاڳاڇا ڪندا.“
هن دنيا ۾ هر انسان کي هر قسم جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيڻ جو حق ۽ آزادي حاصل آهي، هو پنهنجي آزاديءَ سان حلال ۽ طيب شين مان کائي پيئي سگهي ٿو ۽ پنهنجي حيثيت آڌار گهر ۽ رهائش بڻائي سگهي ٿو.
قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِيْنَۃَ اللہِ الَّتِيْٓ اَخْرَجَ لِعِبَادِہٖ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِ۝۰ۭ (الاعراف ٣٢)
”(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنهن حرام ڪيون آهن؟“
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ به مسلمانن جي اڪثريت تعليم يافته هئڻ جي باوجود فڪري غلاميءَ جو شڪار آهي ۽ نام نهاد نئين تهذيب جي ٺيڪيدارن جا ڳڻ ڳائي رهي آهي ته نئين دؤر انسان کي برتر انساني حق ڏنا آهن. قرآن مجيد ٻين آزادين سان گڏ غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيندي فڪر ۽ نظر جي به آزادي ڏئي ٿو ۽ اها آزادي انسان جو بنيادي حق آهي.
قُلِ انْظُرُوْا مَاذَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ (يونس ١-١)
”چؤ ته نهاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪهڙيون (سندس قدرتون) آهن؟“
قرآن مجيد ڪنهن به قسم جي آزادي کسڻ نٿو چاهي هو ته وڏي واڪي مذهبي آزادي به عطا ڪري ٿو۔
لَآ اِكْرَاہَ فِي الدِّيْنِ۝۰ۣۙ قَدْ تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ۝۰ۚ (البقر ٢٥٦)
”دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آهي (ڇو ته) بيشڪ گمراهيءَ کان هدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آهي.“
الله تبارڪ و تعاليٰ حق کي ڪنهن تي جبري طور مسلط ڪرڻ نٿو چاهي. اهڙي طرح پاڻ ڪريم ﷺ جن کي پڻ ڪنهن کي لازمي طرح هدايت تي وٺي اچڻ جي خواهش کان روڪي ٿو.
لَسْتَ عَلَيْہِمْ بِمُصَۜيْطِرٍ۝۲۲ۙ (الغاشيه ۲٢)
”تون مٿن ڪو داروغو نه آهين.“
قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن تي رحم کائيندي نصيحت فرمائي ٿو ته اي الله جا پيغمبر تون پنهنجو پاڻ کي ان فڪر ۾ ڇو ٿو ڳارين ته اهي ايمان آڻين. توهان جو ڪم رڳو دعوت ڏيڻ آهي، هدايت ۽ توفيق الله جي ذمي آهي.
قرآن مجيد هر انسان کي پوءِ اهو مرد هجي يا عورت خاندان بڻائڻ جو حق ڏنو آهي ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته عصمت ۽ حرمت سان گڏ شاديءَ جو مقصد هڪٻئي سان ملي سڪون ۽ راحت حاصل ڪرڻ آهي.
خَلَقَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا لِّتَسْكُنُوْٓا اِلَيْہَا وَجَعَلَ بَيْنَكُمْ مَّوَدَّۃً وَّرَحْمَۃً۝۰ۭ
(الروم ٢١)
”اوهان جي جنس مان اوهان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيدا ڪيائين.“۽ فرمايائين:
وَّجَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ بَنِيْنَ وَحَفَدَۃً (النحل ٧٢)
”۽ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين.“
شاديءَ کانپوءِ ٻار پيدا ڪرڻ به ان جو حق بڻجي ٿو، ان کان پوءِ پيءُ ماءُ تي اولاد جا حق پڻ متعين ڪيا ويا آهن.
اولاد جا حق
قرآن مجيد جاهليت جي ڪڌن ريتن ۽ رسمن ۽ ظالماڻن ۽ وحشي روين کي ميٽي اولاد کي زندهه رهڻ جو حق ادا ڪيو ۽ ڪنهن به صورت ۾ والدين کي اهو حق نه ڏنو ته اهي پنهنجي اولاد کي قتل يا دفن ڪري ڇڏين. جاهليت ۾ ڇوڪرن کي رزق جي تنگيءَ جي خوف ۽ ڇوڪرين کي عار سمجهي زنده دفن ڪيو ويندو هو. اها روايت پراڻي دؤر کان هلندي پئي آئي، قرآن مجيد ۾ انتهائي حڪيمانه انداز ۾ ان کي سنگين ڏوهه قرار ڏئي منطقي دليلن سان ماڻهن کي متنبهه فرمايو:
وَلَا تَقْتُلُوْٓا اَوْلَادَكُمْ خَشْـيَۃَ اِمْلَاقٍ۝۰ۭ نَحْنُ نَرْزُقُہُمْ وَاِيَّاكُمْ۝۰ۭ (الاسراء -۳۱)
”۽ اوهين پنهنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُهو، اسين اوهان کي (به) ۽ خاص انهن کي (به) روزي ڏيندا آهيون.“
سورة تڪوير ۾ ڪنبائيندڙ انداز ۾ انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي جيڪي نياڻين جي زندگيءَ کي سخت عذابن ۾ وجهندا هئا. فرمايائين:
وَاِذَا الْمَوْءٗدَۃُ سُىِٕلَتْ۝۸۠ۙ بِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ ۝۹ۚ (التڪوير ٩-٨)
”۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته ڪهڙي ڏوهه ڪري ماري وئي.“
قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ هر انسان کي زندهه رهڻ جو حق آهي ۽ اهو ٻيو مسئلو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي بنا ڏوهه جي قتل ڪري ته باقي انسانن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ قاتل کي قصاص ۾ قتل ڪيو ويندو ته جيئن اڳتي جي لاءِ قتل و غارتگري کي ٻنجو اچي سگهي. قرآن مجيد ان بابت فرمائي ٿو
وَلَكُمْ فِي الْقِصَاصِ حَيٰوۃٌ يّٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ (البقر: ١٧٩)
”۽ اي ڌيان وارؤ اوهان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آهي.“
قرآن مجيد قطعي طور تي قتل ۽ فساد کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ ان کي ايڏو وڏو جرم قرار ڏنو آهي، جو ٻئي ڪنهن تمدن ۽ تهذيب ۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
وَلَا تَقْتُلُوا النَّفْسَ الَّتِيْ حَرَّمَ اللہُ اِلَّا بِالْحَقِّ۝۰ۭ (الاسراء -۳۳)
”۽ نڪي (اهڙي) ماڻهوءَ کي ماريو جنهن جو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو هجي.“
هڪ انسان جي قتل کي انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آهي،
اَنَّہٗ مَنْ قَتَلَ نَفْسًۢا بِغَيْرِ نَفْسٍ اَوْ فَسَادٍ فِي الْاَرْضِ فَكَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِيْعًا۝۰ۭ
(المائده ٣٢)
”جيڪو ڪنهن جان جي عيوض يا زمين ۾ فساد وجهڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪهندو تنهن ڄڻ مڙني ماڻهن کي ڪٺو.“
ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جو پيغام قرآن مجيد آهي ۽ قرآن مجيد مطابق هڪ جان جي قيمت پوري انسانيت جي برابر آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيئن دنيا ۾ قتل و غارتگري کي ٻنجو اچي سگهي ۽ انساني جان جو احترام باقي رهي سگهي، ڇو ته انسان بذات خود محترم آهي.
”آدميت احترام آدمي باخبر شو از مقام آدمي“، ايئن انسانيت نواز مذهب اسلام ۽ انساني حقن جو محافظ قرآن مجيد هر انسان کي، پوءِ اهو ڪهڙي به مذهب ۽ قوم سان تعلق رکندڙ هجي يا ڪنهن به رنگ ۽ نسل جو هجي، الله تعاليٰ جي ڪشادي زمين تي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ ۽ مشقت برداشت ڪرڻ جو آزادانه حق ڏئي ٿو.
ہُوَالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِہَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِہٖ۝۰ۭ (الملڪ ١٥)
”(الله) اهو آهي جنهن زمين کي اوهان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستي ۾ گهمو ۽ الله جي رزق مان کائو.“
جمعي جي ڏينهن جڏهن نماز کان پويان ٿورڙو وقت هوندو آهي ان وقت ۾ پڻ حلال روزيءَ جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ زمين ۾ پکڙجي وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو.
فَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوۃُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللہِ (الجمعه ١٠)
”پوءِ جڏهن نماز پوري ڪئي وڃي ته زمين تي کنڊرڙي وڃو ۽ الله جي فضل جي طلب ڪريو.“
اهڙي طرح حج جهڙي عالمگير اجتماع ۾ جيڪو سال ۾ هڪ صرف ڀيرو ٿيندو آهي ان ۾ به حلال رزق حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏنل آهي.
لَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ اَنْ تَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ۝۰ۭ (البقره- ۱٩٨)
”(حج) ۾ پنهنجي پالڻهار کان روزيءَ گهرڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه ڪونهي.“
قرآن مجيد هر انسان کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو حلال طريقي سان روزي ڪمائي ۽ خدائي احڪامات جي مطابق ان ۾ تصرف ڪري، پر ناجائز طريقي سان ڪنهن جو مال هڙپ ڪرڻ جي اسلام ڪنهن به طرح اجازت نٿو ڏئي.
قرآن مجيد زال ۽ مڙس کي ازدواجي حيثيت اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو پنهنجي گهر ۾ عزت ۽ آبرو سان زندگي گذارين. ڪنهن به ماڻهوءَ کي قطعي طور تي اها اجازت حاصل نه آهي ته هو ڪنهن جي گهر ۾ بنا اجازت جي داخل ٿي سگهي.
لَاتَدْخُلُوْا بُيُوْتًا غَيْرَ بُيُوْتِكُمْ حَتّٰى تَسْتَاْنِسُوْا وَتُسَلِّمُوْا عَلٰٓي اَہْلِہَا۝۰ۭ (النور ٢٧)
”پنهنجن گهرن کانسواءِ ٻين (ماڻهن جي) گهرن ۾ (ايسين) نه گهڙو جيسين گهر وارن کان اجازت جو اطلاع نه ڪيو.“
اسلام ڪنهن کي ڪنهن تي مذاق ڪرڻ يا ڪنهن قدرتي عيب تي ٽوڪڻ کان سختي سان منع ڪري ٿو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻئي جي سامهون شرمندو ڪرڻ يا بيعزتو ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، اهي سهڻا اخلاق مسلم معاشري جو حسن ۽ وقار آهن.
معاشري ۾ پنهنجي جان ۽ مال ۽ عزت ۽ آبرو جي تحفظ جو حق
قرآن مجيد هر انسان کي پنهنجي جان ۽ عزت ۽ آبرو جي حفاظت لاءِ دشمن جي خلاف دفاعي قدم کڻڻ جو پورو پورو حق ڏنو آهي ۽ ڪنهن به مظلوم کي پنهنجي جان ۽ مال ۽ حرمت جي تحفظ ڪرڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي. ان بابت قرآن مجيد فرمائي ٿو:
فَمَنِ اعْتَدٰى عَلَيْكُمْ فَاعْتَدُوْا عَلَيْہِ بِمِثْلِ مَا اعْتَدٰى عَلَيْكُمْ۝۰۠
وَاتَّقُوا اللہَ وَاعْلَمُوْٓا اَنَّ اللہَ مَعَ الْمُتَّقِيْنَ۝۱۹۴ (البقره- ١٩۴)
”پوءِ جيڪو اوهان تي وڌيڪ هلت ڪري تنهن سان اوتري وڌيڪ هلت ڪريو، جيتري اوهان سان وڌيڪ هلت ڪيائين ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان گڏ آهي.“
الله تبارڪ و تعاليٰ قدسي حديث ۾ پنهنجن ٻانهن کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ظلم ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ، پنهنجي خاص صفت بيان فرمائي آهي ته منهنجي رحمت منهنجي غضب تي حاوي آهي، تنهن ڪري توهان به منهنجي صفت اختيار ڪندي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ظلم نه ڪندا ڪيو. الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
يَا عِبَادِيۡ اِنِّيۡ حَرَّمۡتُ الظُّلۡمَ عَلَيَّ فَلَا تُظَالِمُوا
”اي منهنجا ٻانهؤ! مان پاڻ تي (ڪنهن سان) ظلم ڪرڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري توهان به هڪٻئي تي ظلم نه ڪندا ڪريو.“
تنهن ڪري ٻانهن کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ خدا ئي صفتون اپنائن ۽ خدا جي رحمت جيان هو سراپا رحمت بڻجي انسانن سان نرمي ۽ پيار سان پيش اچن، خاص ڪري انصاف لاءِ ويٺل ججن، قاضين، مفتين ۽ وڪيلن کي گهرجي ته هو ڪنهن جي دٻاءُ ۾ يا لالچ ۾ اچي حق جو پاسو نه ڇڏين ۽ عدل ۽ انصاف جو دامن نه ڇڏين. ارشاد آهي:
قرآن ان بابت هن ريت تاڪيد ڪري ٿو:
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلہِ شُہَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ۝۰ۡوَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا۝۰ۭ اِعْدِلُوْا۝۰ۣ ہُوَاَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى۝۰(المائده ٨)
”اي ايمان وارؤ! الله خاطر انصاف سان شاهدي ڏيڻ تي قائم رهندا اچو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني اوهان لاءِ اوهان جي بي انصافي جو سبب نه بڻجي، انصاف ڪريو اهو پرهيزگاري کي سڀ کان وڌيڪ ويجهو آهي.“
وَاِذَا حَكَمْتُمْ بَيْنَ النَّاسِ اَنْ تَحْكُمُوْا بِالْعَدْلِ۝۰ۭ (السناء -٥٨)
”۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏهن) انصاف سان حڪم ڪريو.“
هتي عدل کي احسان سان مشروط ڪيو ويو آهي. نه ته ان کانسواءِ روزمره جي زندگي عذاب بڻجي وڃي ٿي. دراصل احسان انساني اخلاق ۽ ڪردار جو جوهر آهي. شاهدي ڏيڻي هجي يا ڪنهن جهڳڙي جو فيصلو ڪرڻو هجي يا ازدواجي زندگيءَ جو ڪو مسئلو هجي ته ان جو حل تلاش ڪرڻ ۾ عدل ۽ احسان جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي.
ڪن مفسرن جو خيال آهي ته اهي آيتون هڪ يهوديءَ بابت نازل ٿيون هيون، جنهن تي مسلمانن ڪا تهمت هنئي هئي، جڏهن ته هو ان کان بري هو، اهو اسلامي عدل ۽ احسان جو اعليٰ مثال آهي.
ڪنهن به معاشري ۾ سمورن انسانن جي مالي حيثيت برابر نه هوندي آهي، تنهن ڪري مالدارن ۽ سرنديءَ وارن جي دلين ۾ زڪواة، صدقه ۽ خيرات ڏيڻ جو جذبو خير ۽ فلاح جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن مالدار ماڻهو عيش ۽ عشرت ۾ مست ٿي، عام انساني حقن کي نظر انداز نه ڪري ڇڏين. ان ۾ هي مصلحت به آهي ته جيڪڏهن انهن مسڪينن ۽ محرومن جي دلين ۾ اميرن ۽ شاهوڪارن جي خلاف حسد ۽ انتقامي جذبا ڀڙڪي اٿن ته اها طبقاتي ڇڪتاڻ انهن غريبن کي اميرن کان بعاوت تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري قرآن مجيد بار بار دولتمند ۽ خوشحال طبقي تي معاشري جي غريب ۽ مفلس فردن جو حق ادا ڪرڻ جو تاڪيدي حڪم ڏئي ٿو ۽ انهن جي ان فعل جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:
وَالَّذِيْنَ فِيْٓ اَمْوَالِہِمْ حَقٌّ مَّعْلُوْمٌ۝۲۴۠ۙ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ۝۲۵۠ۙ (المعارج ٢٤-٢٥)
”۽ اهي (به) جن جي مالن ۾ (خدا جو) حصو مقرر ٿيل آهي، سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.“
انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مؤمنن جي مال ۽ دولت ۾ سائل ۽ محروم فردن جو مقرر حق هوندو آهي، يعني جيڪي پاڻ گهرندا آهن، انهن جو حصو هوندو آهي. ان کانسواءِ محروم يعني خوددار ۽ غيرتمند فردن جو به حق هوندو آهي، جيڪي ڪنهن جي آڏو هٿ ناهن ٽنگيندا. تنهن ڪري مالدارن کي اعليٰ اخلاقي تربيت ڏيندي محسن انسانيت ﷺکي حڪم ڏنو وڃي ٿو:
خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَـۃً تُطَہِّرُھُمْ وَتُزَكِّيْہِمْ (التوبه ٣-١)
”(اي پيغمبر) انهن ماڻهن جي مال مان صدقا وٺ (ته جيئن) انهن ماڻهن کي (ظاهر ۾ به) پاڪ ڪندو رهين ۽ کين (باطن ۾) به سٺو ڪندو رهين.“
اميرن جي مال ۽ سامان مان صدقو وٺي معاشري ۾ موجود غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ معذورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي مدد فرماءِ. اهو صدقو انهن جي مال کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن جي نفس جو تزڪيو به ڪري ٿو.
محروم مان مراد اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن اوچتو آفت جا شڪار ٿيا هجن، پر پنهنجي عزت ۽ نفس خاطر ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ کان ڪيٻائين، خاص طور تي سخي واپاري يا ڪو ملازم جڏهن پنهنجي ڪاروبار ۾ ٽٽي پوي ۽ ان کي ماڻهن کان مدد وٺڻ جي ضرورت پوي ته اها ان جي خودداري ۽ عزت نفس جي آزمائش هوندي آهي. ان موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هن حڪيمانه قول تي عمل ڪرڻ گهرجي.
”ان عزت واري ۽ مالدار تي رحم ڪيو جيڪو اوچتو خوار ۽ سڃو ٿي ويو آهي“. معاشري ۾ اهڙن غيرتمند فردن کي تلاش ڪرڻو پوندو آهي، ان حڪم مان واضح ٿئي ٿو ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته سرڪاري بيت المال (جمع ڪيل مال ۽ پئسي مان) ايمانداريءَ سان انهن بي سهارا ماڻهن تي خرچ ڪري ۽ انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻائي.
حڪومت تي عوام جا حق
قرآن مجيد ۾ عام انساني حقن جو ايڏو ته قدر ۽ احترام ڪري ٿو جو جيڪڏهن وقت جو حاڪم به ڪنهن جي حق تلفي ڪري ته اهو هڪ ماڻهو ان جي خلاف به آواز بلند ڪري سگهي ٿو. قرآن مجيد ڪنهن ملڪ جي سربراهه کي به اهو حق نه ڏنو آهي ته اهو عوام جي حقن تي سوديبازي ڪري يا عوامي راءِ جي خلاف ڪو قدم کڻي. قرآن مجيد واضح طور تي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو حڪمران پنهنجي رعيت تي ظلم ۽ زيادتي ڪري ٿو ته ان رعيت کي ان وقت قرآن ۽ رسول ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي، قرآن فرمائي ٿو:
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللہَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ وَاُولِي الْاَمْرِ مِنْكُمْ۝۰ۚ فَاِنْ تَنَازَعْتُمْ فِيْ شَيْءٍ فَرُدُّوْہُ اِلَى اللہِ وَالرَّسُوْلِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللہِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ۝۰ۭ
(النساءَ ٥٩)
”اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهان مان جيڪو حاڪم هجي تنهن جي (به) پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ بابت جهڳڙو ڪريو ته پوءِ جيڪڏهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا آهيو ته ان لاءِ الله ۽ پيغمبر جي حڪم ڏانهن رجوع ڪريو.“
رعيت جو عام ماڻهو به انفرادي ۽ اجتماعي طور تي فتني ۽ شر جي خلاف اصلاحي آواز بلند ڪري سگهي ٿو ته جيئن معاشري ۾ امن امان قائم رهي ۽ اها هر هڪ ماڻهوءَ جي ذميواري آهي. جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي ماڻهو بدنظمي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا يا سرعام فحاشي ۽ منڪرات جا مرتڪب ٿين ٿا ته هر مسلمان جي مٿان لازم آهي ته هو انهن جي روڪٿام ڪري ۽ لادينيت جو مقابلو ڪري. ان سلسلي ۾ قرآن مجيد بني اسرائيل جو مثال ڏيندي فرمائي ٿو.
لُعِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي لِسَانِ دَاوٗدَ وَعِيْسَى ابْنِ مَرْيَمَ۝۰ۭ ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّكَانُوْا يَعْتَدُوْنَ۝۷۸ كَانُوْا لَا يَتَنَاہَوْنَ عَنْ مُّنْكَرٍ فَعَلُوْہُ۝۰ۭ لَبِئْسَ مَا كَانُوْا يَفْعَلُوْنَ۝۷۹ (المائده ٧٨- ٧٩)
”بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن کي دائود ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي وئي آهي، اهو هن سببان آهي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگهندا هئا، جيڪي بد ڪم ڪندا هئا تن کان هڪٻئي کي نه جهليندا هئا جيڪو ڪندا هئا سو ضرور بد آهي.“
دنيا جي هر مسلمان کي نه صرف ”اَمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَنَہِی عَنِ الْمُنْكَرِ“ جو حڪم ڏنو ويو آهي بلڪه مسلمان مرد ۽ عورت جي اها امتيازي صفت ٻڌائي وئي آهي ته مؤمن مرد ۽ عورتون پاڻ ته برائين کان رڪجن ٿا پر ٻين کي به برائين کان روڪين ٿا ۽ پاڻ به چڱائين جي لاءِ پلٽجي پون ٿا ۽ ٻين کي چڱائين ڏانهن سڏين ٿا. قرآن فرمائي ٿو:
يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ (التوبه ٧١)
”چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آهن ۽ خراب ڪمن کان جهليندا آهن.“
اسان جي خيال ۾ بي حيائي اخلاقي فساد جي پاڙ آهي، جيڪا چهري جي نورانيت ۽ شخصيت جو وقار ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو عورتن کان بيعت وٺڻ وقت خاص طور تي نيڪ ڪمن ۾ اطاعت رسول جو عهد ورتو ويو آهي.
وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ (المتحنه١٢)
”۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون.“
قرآن مجيد ۾ حضرت صالح عليه السلام جي واقعي ۾ وڏي تنبيهه سان انسانن کي روڪيو ويو آهي ته فسادين جي ڪڍ نه لڳو. قرآن فرمائي ٿو:

وَلَا تُطِيْعُوْٓا اَمْرَ الْمُسْرِفِيْنَ۝۱۵۱ۙ الَّذِيْنَ يُفْسِدُوْنَ فِي الْاَرْضِ وَلَا يُصْلِحُوْنَ۝۱۵۲
(الشعراء ١٥٢-١٥١)
”۽ انهن حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو، جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجهندا آهن ۽ سڌارو نه ڪندا آهن.“
قرآن مجيد صرف انساني حقن جو تحفظ نٿو ڪري بلڪه اهو هر ماڻهو کي پنهنجي فرض ۽ واجبن جي ادائگي جو پابند به بڻائي ٿو. ڇو ته انسان ڪڏهن پنهنجن حقن تان دستبردار ٿي سگهي ٿو پر فرضن جي ادائگي کان منهن موڙي خود غرض بڻجي حقوق العباد غصب ڪرڻ جي جسارت نٿو ڪري سگهي. مطلب ته حق وٺڻ سان گڏ حق ادا به ڪرڻا پوندا، ايئن نه ٿئي جو پنهنجا حق ته وٺي پر ٻين جا حق وساري ويهي.