مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

ايمان جو صحيح تصور ڇا آهي؟ : علامه محمد غزالي رحه

ايمان ان عام سوچ کان گھڻو اتم ۽ اعلى آهي، جيڪا عوام ۾ مشهور آهي. ايمان ڪنهن ماڻهوءَ بابت راءِ ڏيڻ، ڪنهن مسئلي بابت فتوى جاري ڪرڻ، ڪنهن فلسفي کي مڃڻ يا ڪنهن نفسياتي رنگ ۾ رڱجڻ جو نالو نه آهي، پر هي ته هڪ گنڀير تعلق جو نالو آهي جيڪو انسان کي سندس ظاهر کان وٺي دل جي اونهائين تائين خالق ڪائنات سان ڳنڍي ٿو ڇڏي. ان مالڪ سان ناتو جوڙي ٿو جنهن کيس وجود عطا ڪيو ۽ ان جي پالنا ۽ پرگھور جو به هڪ مضبوط انتظام ڪري کيس اجايو بکن ۾ مري کَپي وڃڻ کان بچائي ورتو.
جهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار سان لڳڻ کان پوءِ هڪ طرف پنهنجي وقت جو پورو پورو استعمال ڪندو آهي ۽ ٻئي طرف پنهنجي حال ۽ مستقبل کي به سنواريندو ۽ محفوظ ڪندو آهي؛ اهڙيءَ ئي طرح جڏهن انسان ايمان جي پِڙَ ۾ داخل ٿيندو آهي ته ڄڻ هو پنهنجي نئين ذميدارين ۾ داخل ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن کي ڪاميابي سان نڀائڻ جا وسيلا اختيار ڪري وٺندو آهي. قرآن مجيد چِٽيءَ طرح سمجھايو آهي ته خدائي دعوت جي سَڏَ کان پهريان ماڻهو جهڙوڪر مُردا هوندا آهن. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهن رسولن جي فرمانبرداري ڪن ٿا ۽ سندن نقشِ قدم تي هلن ٿا ته سندن دلين ۾ خدا رخي فڪر۽ نظريو جنم وٺي ٿو ۽ پوءِ هو اعلى اخلاق ۽ ڪردار جو نمونو بنجي پون ٿا ۽ هنن جي اندر هڪ اعلى زندگيءَ جو ڄڻ ته نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اسْتَجِيبُوا لِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ إِذَا دَعَاكُمْ لِمَا يُحْيِيكُمْ ﴿الأنفال: ٢٤﴾
”اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ ورنائيو جڏهن هو اوهان کي (الله تعالى جي فرمانبرداري يعني انفاق في سبيل الله يا جهاد لاءِ) سڏي انهيءَ لاءِ ته اوهان کي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي.“
زندگي رڳو ماسَ ۽ رتُ ۾ واڌاري جو نالو نه آهي ۽ نه ئي وري جسم جي عضون ۾ چرپر جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح جي زندگي ته جانور به گذارين ٿا ۽ شايد انهن خاصيتن ۾ انسانن کان به وڌيڪ سگھارا آهن. حقيقت ۾ زندگي ته انسان جي انهيءَ ڳانڍاپي جو نالو آهي جيڪو الله تعالى کي سڃاڻڻ کان پوءِ ساڻس قائم ٿئي ٿو جنهن جو ظاهري اظهار زباني اقرار آهي ۽ اندروني اظهار سندس حڪمن جي اڳيان جهڪي وڃڻ آهي. اهڙن ماڻهن جو پنهنجي مالڪ جي اڳيان اظهار هي هوندو آهي ته:
رَبَّنَا إِنَّنَا سَمِعْنَا مُنَادِيًا يُنَادِي لِلْإِيمَانِ أَنْ آمِنُوا بِرَبِّكُمْ فَآمَنَّا ﴿آل‌عمران: ١٩٣﴾
”اي اسان جا پروردگار! اسان سڏ ڪندڙ (رسول ﷺ) جو سڏ ٻڌو جو ايمان جي طرف سڏي رهيو هو. هو چئي رهيو هو ته (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو. پوءِ اسان (سندس سڏ ٻڌو ۽) ايمان آندو.“
هائو، انهيءَ قول قرارکان پوءِ مؤمن ڄڻ ته هڪ نئين دنيا ۾ گهڙي پوي ٿو جتي هو صرف پنهنجي مالڪ الله تعالى جي اڳيان گوڏا کوڙي ٿو ۽ ان جي ئي مرضي مطابق حياتيءَ جا پهر پورا ڪري ٿو. پنهنجي ڏيتي ۽ ليتي، پيار ۽ ڌِڪار، سُڪار ۽ ڏُڪار، سُک ۽ ڏُک، صلح ۽ لڙائي؛ مطلب ته هر حال ۾ هو پنهنجي پالڻهار سان ويجھڙائپ جي ڳولا ۽ ان وٽان تڙجي وڃڻ جي خوف کان هو پوري جو پورو سندس فرمانبردار رهي ٿو. اهو ايمان انسان ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. پنهنجي خالق ۽ مالڪ حقيقي جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ ان کان غافل شخص جي وچ ۾ ايترو ئي سنڌو آهي جيترو روشن ڏينهن ۽ اونداهي رات ۾! پنهنجي پالڻهار کان بي خبر انسان مادي ساز و سامان جي لحاظ کان ڀلي کڻي ڪيترو ئي سگھارو ڇونه ٿي وڃي، پر ان جي حيثيت هڪ ڍور کان وڌيڪ نه آهي. ٿي سگھي ٿو ته هو ڪن ڳالهين ۾ هوشيار به هجي پر پنهنجي مالڪ حقيقي کان بي خبري هن کي اونداهين جي اونهائين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندي جيڪا کيس ناڪام ۽ نامراد بنائي ڇڏيندي. بيشڪ اهڙو ماڻهو زندهه لاش آهي!
أَوَمَنْ كَانَ مَيْتًا فَأَحْيَيْنَاهُ وَجَعَلْنَا لَهُ نُورًا يَمْشِي بِهٖ فِي النَّاسِ كَمَنْ مَثَلُهُ فِي الظُّلُمَاتِ لَيْسَ بِخَارِجٍ مِنْهَا كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْكَافِرِينَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿الأنعام: ١٢٢﴾
”پوءِ ڇا اهو ماڻهو جو مئل هئو ۽ اسان ان کي جيئرو ڪيو، ۽ اسان هن جي لاءِ نور ٺهرايو جنهن جي روشنيءَ سان ماڻهن ۾ گھمي ڦري، سو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو ٿي سگھي ٿو ڇا جو اونداهين ۾ غلطان آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي واهه ئي ڪانهيس؟ ائين ڪافرن جي نظر ۾ اهي ڳالهيون سهڻيون ۽ چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هو ڪندا رهن ٿا.“
ايمان واري زندگيءَ ۾ ڦٽندڙ روشني ضمير جي اها روشني هوندي آهي جيڪا انسان اندر نيڪي ۽ بدي، گناهه ۽ ثواب وغيره وچ ۾ سنڌو ۽ سڃاڻپ ڪرائيندي آهي. انهيءَ ئي سبب ڪري ايمان هڪ احترام لائق شيءِ آهي.
صرف الله تعالى کان بي تعلق ماڻهو ئي دنيا جي رنگينين ۾ ڀنڀلجي وڃي ٿو ۽ موقعو ملندي ئي گناهن جي گندگي ۾ ٽپي پوي ٿو. جڏهن ته مالڪ حقيقيءَ سان ناتو نڀائيندڙ ماڻهو پنهنجي اندر عدل ۽ انصاف، طهارت ۽ پاڪيزگي کي اعلى درجي تي رسائڻ جي لاءِ هر وقت جاکوڙيندو رهندو آهي. پوري زمين تي برڪت ۽ معاشري ۾ سُک ۽ سلامتي انهيءَ ايمان جي ڇانوَ ۾ ئي اُبڙن ۽ وڌن ويجھن ٿا. نبي ڪريم ﷺ جن دلين اندر ايمان جي تاثير جي تشبيهه زمين تي پوندڙ پاڻيءَ جي اثر سان ڏني آهي:
”الله تعالى مونکي جيڪو علم ۽ هدايت ڏئي موڪليو آهي تنهن جو مثال زمين تي جھجھي مقدار ۾ پوندڙ وڏ ڦڙي مينهن وارو آهي، پوءِ جيڪا زمين ڀلي هوندي سا ئي پاڻي کي چوسي سائي ٿي پوندي.“
کري ۽ کوٽي ايمان ۾ اهوئي فرق آهي ته کرو ايمان ڄڻ ماڻهوءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ٿو ۽ هو هڪ مثالي زندگي بسر ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن ته کوٽو ايمان زندگيءَ تي ڪوبه اثر نٿو ڇڏي. کرو ايمان انسان کي پنهنجي مالڪ حقيقي جو فرمانبردار ۽ کوٽو ايمان کيس فقط پنهنجي نفس جو غلام بڻائي ڇڏي ٿو. حقيقت ته هيءَ آهي ته ايمان جي سار سنڀال سون ۽ چاندي جي ڍير کان به وڌيڪ سڦلائتي آهي.
اڄ ڪلهه انسان جي دلين ۾ شخصيت پرستي ۽ راڄ پرستي گھر ڪري وئي آهي جيڪا هڪ قسم جي رياڪاري آهي؛ جنهن جي ڪري عمل چَٽُ ۽ دل مرده ٿي وڃي ٿي. ان جو هڪڙو ئي علاج آهي ۽ اهو هي آهي ته انسان پنهنجي سڀني عملن جو مرڪز الله تعالى جي خوشنودي کي بڻائي.
حضرت جنيد بغدادي رح جو فرمان آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ حضرت آدمؑ واري ڪفايت شعاري، حضرت عيسى ؑ واري پرهيزگاري، حضرت ايوب ؑ وارو صبر، حضرت يحيى ؑ واري فرمانبرداري، حضرت ادريس ؑ وارو استقلال، حضرت ابراهيم ؑ واري محبت ۽ حضرت محمد ﷺ وارا اخلاق هجن ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن سندس دل ۾ غير الله جي لاءِ تِرَ جيتري به جڳهه آهي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي اهڙين خصلتن جي الله تعالى کي ڪابه پرواهه نه آهي.“ انهيءَ ڪري ڏيکاءَ واري هر عبادت ايمان ۽ ثواب لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. ڇو ته مينهن جو پاڻي هميشھ ڀلي زمين کي ئي فائدو ڏيندو آهي. پر جيڪڏهن اهو ئي مينهن ڪنهن پٿر تي پوندو ته فقط ان جي سختي کي ئي وائکو ڪندو.
زندگي کي سنواريندڙ ايمان جي خاص نشاني ئي اها آهي ته ان سان انسان جو پنهنجي پالڻهار سان سچائي ۽ محبت جو گهرو تعلق پيدا ٿي وڃي. ايمان انساني سوچ ۽ جذبن جو رخ موڙي ڇڏي ٿو ۽ فيصلي جي بي پناهه قوت پيدا ڪري ٿو.
توحيد اها ناهي ته اسان فقط پٿرن جي تراشيل بتن کي نه مڃيو، باقي ڌن دولت، شان شوڪت، زال، اولاد ۽ حاڪمن کي پنهنجو معبود بنائي پنهنجي جزوي يا سڀني جذبن ۽ احساسن جو رخ انهن ڏانهن موڙي ڇڏيون. ظاهري ۽ ڳجھي طرح جا سڀئي جتن انهن کي ئي راضي ڪرڻ لاءِ هجن ۽ باقي ٿورڙين ڳالهين ۾ الله جا ٿي رهون. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گمان ۾ ته الله تعالى سان وڏو گهرو تعلق رکندڙ هوندا آهن، پر سندن رهڻي ڪهڻي ۾ ان جو ڪو خاص اثر محسوس ناهي ٿيندو. ٻيڙي ڪڏهن به سڪيءَ تي ناهي ترندي! صحيح ايمان ۽ توحيد جو اثر انسان جي دل جي ڌڙڪڻ، مقصد، انتظام، رهڻي ڪهڻي ۽ معاشي ڀڄ ڊُڪ تي اهڙيءَ طرح پوڻ گھرجي جو سڀني سرگرمين جو رخ الله تعالى جي فرمانبرداري ۽ سندس راضپو ڳولڻ ڏانهن مُڙي وڃي.
غور ڪري ڏسبو ته اسلام جا سڀئي رڪن انهيءَ حقيقتن سان ئي تعلق رکن ٿا. مثال طور نماز ۽ روزو ايمان جا اهي رُڪنَ آهن، جيڪي انسان جي فقط پنهنجي ذات سان تعلق رکن ٿا؛ تنهن ڪري هر ماڻهو انهن جي ادائگي جي لاءِ فقط پنهنجي لاءِ جوابده آهي. انهن ارڪانن کي ادا ڪرڻ سان پاڪائي ۽ اخلاص ۾ واڌارو ٿئي ٿو. پر ان سان گڏ ان جو اثر معاشري تي به پوڻ گھرجي. وري ٻيو مثال وٺو؛ الله جي راهه ۾ جهاد ۽ ان جي حڪمن مطابق انصاف سان فيصلا نبيرڻ لاءِ فردن سان گڏوگڏ پورو معاشرو ذميدار آهي. ڇو ته انهن معاملن کي سڄو معاشرو ئي نبيري سگھي ٿو. اسلام جتي دل ۾ الله تعالى جي هيڪڙائيءَ ۽ سندس اڳيان پنهنجي سڀني عملن جي جوابدهي جو يقين پيدا ڪري انسان جي عمل ۽ ڪردار کي سنواري ٿو، اتي وسيلن جي باري ۾ به رهنمائي ڪري ٿو ته جيئن دولت کي معاشرو سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو ذريعو بنايو وڃي.
حافظ بيهقي حلال روزي ڪمائڻ کي به ايمان جو هڪ شعبو ٻڌائي ٿو. ڇو ته حديث ۾ اچي ٿو: ”اي ماڻهؤ! الله تعالى پاڪ آهي ۽ صرف پاڪ شيون ئي قبول ڪري ٿو.“ اهو ئي سبب آهي جو الله تعالى ايمان وارن کي به اهو ساڳيو ئي حڪم ڏئي ٿو جيڪو حڪم پنهنجي رسولن کي ڏنائين:
يَا أَيُّهَا الرُّسُلُ كُلُوا مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا إِنِّي بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ
﴿المؤمنون: ٥١﴾
”اي پيغمبرؤ! پاڪ شيون کائو ۽ چڱا عمل ڪيو، توهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي مون کان ڳجھا ناهن.“
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُلُوا مِنْ طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ ﴿البقرة: ١٧٢﴾
”اي ايمان وارؤ! سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعالى توهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن.“
حلال روزي جي اهميت جو اندازو انهيءَ ڳالهه منجھان لڳائي سگھجي ٿو جو هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺ جن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ڏيندي فرمايو جيڪو هڪ ڊگھي سفر ۾ نڪتل هجي ۽ نهايت ئي حيراني ۽ پريشاني جي حال ۾ آسمان ڏانهن هٿڙا کڻي ”يا رب، يا رب!“ پڪاريندو هجي ۽ ان جي دعا قبول نه ڪئي وڃي ڇو ته ان جو کاڌو، پيتو، ۽ لباس حرام آهي ۽ پرورش به حرام آمدني تي ٿي آهي. (حديث ۾ اچي ٿو ته الله تعالى مسافر جي دعا کي رد ناهي ڪندو. پر هتي هڪ اهڙي مسافر جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جيڪو مسافر هجڻ سان گڏوگڏ پريشان حال به آهي پر پوءِ به سندس حرام ڪمائي ۽ پرورش جي سبب دعا قبول نٿي ڪئي وڃي – مترجم)
مٿين آيتن ۽ حديثن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ سبق آهي جن ڌن ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بنائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ۽ حرام خوري جي ڪري الله تعالى جي رحمت کان محروم ٿي ويا آهن.
ايمان اسان کان انهيءَ ڳالهه جو به مطالبو ڪري ٿو ته پنهنجن اخلاقن ۽ ڪردار کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو به الڪو رکون. ڇو ته هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته: ”توهان ۾ سڀني کان ڀلو اهو آهي جنهن جا اخلاق ڀلا آهن.“

(علامه محمد غزالي رح جي ڪتاب ”اسلام ڪي باري مين 100 سوال“ تان ورتل)