مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

انساني تخليق جو مقصد : ڊاڪٽر الطاف جاويد

الله تعاليٰ انسانن ۽ جنن جي تخليق جو مقصد پنهنجي ”عبادت“ قرار ڏنو آهي
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنۡسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوۡنِ (الذاريات. ٥٦)
”۽ مون جنن ۽ انسانن کي هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.“
سمورن نبين ۽ رسولن عليهم السلام جي بعثت جو مقصد اها ئي دعوت هئي، ڇاڪاڻ ته الله جي عبادت ئي انسان جو حقيقي مقصد آهي.
جڏهن الله جي عبادت ئي زندگيءَ جو حقيقي مقصد آهي ته ان جي مفهوم جو صحيح تعين ۽ ان جي معنيٰ ۽ مطلب جي صحيح سمجهاڻيءَ کي پهرين ترجيح ملڻ گهرجي. هيءُ اصطلاح هڪ اهڙي نئين تعبير جي تقاضا ڪري ٿو، جيڪا جديد دور ۾ عقيدن، عبادتن، اخلاق، رياستي معاملن ۽ حڪومتي، معاشرتي، معاشي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني مسئلن ۾ الله جي ذات کي مرڪز ثابت ڪري.
ان لحاظ کان تربيتي عبادتون (نماز، روزو، حج ۽ زڪوات) هن وسيع ۽ گهڻ پهلوئي عبادت جو جز آهن. حڪم، حڪومت ۽ رياست جي سمورن مسئلن ۾ الله جي ٻڌايل ضابطن جي پابندي به الله جي عبادت آهي. معاشرت، معيشت ۽ سياست جي سمورن معاملن الله جي حڪمن جي پابندي ۽ لحاظ به الله جي عبديت جو اظهار آهي. انفرادي، اجتماعي، قومي ۽ بين الاقوامي تعلقات ۽ رابطن جي سمورن اصولن ۽ قاعدن کي توحيد جي بنياد تي بيهارڻ الله جي عبادت جا مختلف پهلو آهن.
اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّا اِیَّاہُ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ
لَا یَعْلَمُوۡنَ“ (يوسف-٤٠)
الله کان سوءِ ڪنهن جي حاڪميت ڪانهي، اُن حڪم ڏنو آهي ته ان کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. اهو ئي مضبوط رستو دين آهي. پر گهڻا ماڻهو اها حقيقت ان انداز سان نه ٿا ڄاڻن.“
پوري معاشي ۽ معاشرتي نظام کي بدلائي ان کي توحيد جي اصولن تي نئين سر قائم ڪرڻ صلوات جو عملي نتيجو آهي. ان تي شعيب ؑ کان سندس قوم تعجب وچان پڇيو هو:
قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتْرُکَ مَا یَعْبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوْ اَنۡ نَّفْعَلَ فِیۡۤ
اَمْوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ (هود:٨٧)
”انهن چيو ته شعيب! ڇا تنهنجي نماز اهو سيکاري ٿي ته جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، اسين انهن کي ڇڏي ڏيون، يا پنهنجي مال ۾ جيڪو تصرف ڪرڻ چاهيون، نه ڪريون.“
ڪائنات جي تسخير، انسانيت جا سمورا معاملا- خالق، مخلوق ۽ ڪائنات جي تعلق جا فطري اصول پروڙڻ ۽ انهن جي مطابق انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ، الله جي عبادت آهي. توحيد، عبادت ۽ نماز جي هن مفهوم ۽ معنيٰ کي عملي جامو پهرائڻ، يعني ان کي سماجي عمل ۾ بدلائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گورايه لکي ٿو ته: ”الله جي عبادت جي هن وسيع ۽ گهڻ پهلوئي تصور کي عملي جامو پهرائڻ جو فطري ۽ سائنسي ذريعو اها هدايت آهي، جيڪا قرآن ۾ محفوظ آهي“
هلندڙ دور ۾ قرآن جي دعوت جو مقصد فطري ۽ سائنسي طريقي جي دريافت ۽ ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سمورن معاملن کي ان تي بيهارڻ لاءِ عملي پروگرام ترتيب ڏيڻ آهي، جنهن جا ڪجهه اصول هي آهن:
1- جديد سائنسي، ٽيڪنيڪي، حياتياتي، نفسياتي، معاشي ۽ جمهوري نظرين ۽ تصورن جي عظمت کي مڃيندي ان جي اصولن ۽ بنيادن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڏسڻ ته اهي ڪيتري حد تائين الله جي عبادت جي قرآني تصور سان مطابقت رکن ٿا ۽ ڪيتري حد تائين ان سان ٽڪراءُ ۾ آهن.
2- فرد، خاندان، قبيلي، قوم جي تعلقات ۽ رياستي مسئلن، حڪومتي معاملن، معاشرتي لاڳاپن کي الاهيات جي عقيدن مان جاري ٿيندڙ دين جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي بيهارڻ، ته جيئن فرد ۽ معاشري جا لاڳاپا ۽ فرد، معاشري ۽ رياست جا رابطا الله جي عبادت جي عقيدي سان سلهاڙجي وڃن.
3- عقيدن، عبادتن ۽ ڪار ونهوار جي اهڙي نئين تعبير ڪرڻ جنهن ۾ اهي هڪ ٻئي جا مددگار، سهڪاري ۽ هڪٻئي سان جڙيل بڻجن ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نه هجن. حقوق الله ۽ حقوق العباد ۾ ان توازن ۽ مناسبت کي اجاگر ڪرڻ، جنهن کي قرآن ”فطرة الله“ چيو آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ (الروم. ٣٠)
”الله جي فطرت کي جنهن تي انسان کي پيدا ڪيو اٿس (اپنايو)، الله جي ٺاهيل فطرت ۾ تبديلي نٿي ٿي سگهي.“
4- گذريل دور جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام کي هوبهو موٽائڻ ۽ ان جي نشات ثانيه بدران اسلام جي فطري، ابدي، سرمدي ۽ آفاقي اصولن کي چٽي ۽ کليل انداز ۾ پيش ڪرڻ، ته جيئن انهن جي بنياد تي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام وجود ۾ آڻي سگهجي، ڇاڪاڻ ته نظام فطرت ارتقا پذير آهي.
جنهن نسبت سان فطرت ۽ معاشرت ارتقا ڪن ٿا، انهيءَ نسبت سان قرآني قدرن جي بنياد تي نئون نظام پڻ گهربل آهي.
5- قرآني تعليم کي پيش ڪرڻ وقت هن اصول کي سامهون رکڻ ته قرآني تعليم جي هڪ تعبير هر دور جي تقاضائن مطابق ممڪن آهي ۽ جن تعليمات جي تعبير ماضيءَ ۾ خارجي تقاضائن جي فقدان سببان اڃا تائين نه ٿي آهي، انهن جي پهرين تعبير کي ڀليڪار چوڻ ۽ ان جي حوصله شڪنيءَ بدران حوصله افزائي ڪرڻ دعوت الي القرآن آهي. قرآن هر زماني جي تقاضائن لاءِ هدايت رکي ٿو. هن زماني جي ماڻهن جو فرض هي آهي ته هو پنهنجي زماني جي ماڻهن لاءِ محفوظ هدايت جي تلاش ڪن. گذريل دورن جي رهنمائن پنهنجي پنهنجي دور جي تقاضائن لاءِ هدايت تلاش ڪئي هئي، هاڻوڪو دؤر يا مستقبل جون حالتون ۽ تقاضائون انهن جي آڏو نه هئا، هو انهن تي سوچڻ جو اظهار ڪيئن ڪن ها؟
قرآن جي تعليم نه بدلجندڙ آهي پر مختلف دورن ۽ علائقن ۾ ان جون تعبيرون بدلجندڙ آهن. شريعت خدا جي عطا ڪيل آهي، اها اڻ بدلجندڙ آهي. شريعت جي تعبير انساني بناوٽ آهي، اها بدلجندڙ آهي. هي به قرآن ڏانهن دعوت آهي ته ابدي، حتمي، قطعي، اٽل ۽ اڻ بدلجندڙ کي وقتي، عارضي، بدلجندڙ ۽ ڦرندڙ کان الڳ ڪجي ۽ ڪنهن ڏوراپي ڏيندڙ جي ڏوراپي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ شريعت کي شريعت ۽ شريعت جي تعبير کي، شريعت جي تعبير چئجي.
منهنجي نظر ۾ مٿيان پنج اصول قرآن ڏانهن دعوت جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهن ٿا.

(سنڌيڪار: عبدالمؤمن ميمڻ)