مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

زرعي زمين جي شرعي حيثيت : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال

زمين پيدائش جو هڪ اهڙو ته اهم ذريعو آهي، جنهن جو انساني معيشت سان تمام ئي گھاٽو تعلق آهي. انهيءَ جي حد کان وڌيڪ ۽ ڪنهن به پابندي کان آجي قبضي سان معيشت جي اندر تمام ئي زبردست خلل پيدا ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن زمين تي ڪنهن جو لامحدود قبضو تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ مال جي هر قسم تي لامحدود ملڪيت جي قبضي جي واٽ کلي پوي ٿي.
قرآن ڪريم ۾ زمين ۽ ان سان لاڳاپيل انساني تعلق جي باري ۾ ارشاد آهي:
وَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْہَا مَعَايِشَ۝۰ۭ ﴿الأعراف: ١٠﴾
”۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون“
ان کان پوءِ زمين مان حاصل ٿيندڙ اپت جي باري ۾ فرمايو ويو:
ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ ﴿البقرة: ٢٩﴾
”اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آھن سي مڙيئي پيدا ڪيون“
انهن شين کي ڪتب آڻڻ لاءِ انسانن کي جيڪا صلاحيت ڏني وئي آهي، انهيءَ بابت ٻڌايو ويو آهي ته:
اَنَّ اللہَ سَخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ ﴿الحج: ٦٥﴾
”جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نِوايو آھي“
زمين جون وسعتون سڀني لاءِ هڪجهڙيون آهن، انهيءَ باري ۾ فرمايو ويو:
اَلَمْ تَكُنْ اَرْضُ اللہِ وَاسِعَۃً فَتُھَاجِرُوْا فِيْھَا۝۰ۭ ﴿النساء: ٩٧﴾
”الله جو مُلڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا“
ائين به فرمايو ويو:
وَمَنْ يُّھَاجِرْ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ يَجِدْ فِي الْاَرْضِ مُرٰغَمًا كَثِيْرًا وَّسَعَۃً۝۰ۭ ﴿النساء: ١٠٠﴾
”جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ جي) ڪشادگي لھندؤ“
يٰعِبَادِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنَّ اَرْضِيْ وَاسِعَۃٌ ﴿العنكبوت: ٥٦﴾
”اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ! بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي“
سموري انسانذات جي زمين سان عام تعلق بابت قرآن ڪريم جي مٿين آيتن ۾ جنهن انداز سان ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن مان هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح واضح ٿي وڃي ٿي ته زمين تي هر انسان کي هڪجيترو معاشي حق حاصل آهي.
انهيءَ ڪري ئي جڏهن اسلام کي غلبو حاصل ٿيو ته زمين بنسبت جناب رسالت مآب ﷺ جن ۽ سندن عظيم خليفن اهڙا حڪم صادر ڪيا، جن سان ڪنهن هڪ به فرد جي زمين تي معاشي حقن جي لتاڙ نه ٿي.
عرب ۽ حجاز جي زمين جو گھڻو حصو ته زراعت جي لائق ئي نه آهي، جنهن ڪري هن خطي کي ”وادي غير ذي زرع“ سڏيو ويو آهي. انهيءَ ڪري ئي اتي زراعت جو وڏي پيماني تي نظام به موجود ڪونه هئو. باقي ائين سو هيو جو زمين جو وڏو حصو چراگاهن جي طور استعمال ٿيندو هو، جنهن تي اتان جي اميرن ۽ سردارن جو قبصو هوندو هو ۽ زمينن بابت عرب دنيا ۾ اهوئي هڪ سنگين مسئلو هو. هوڏانهن رسول الله ﷺ جن جو فرمان انهيءَ معاملي بنسبت هي هو ته:
لاحمي الالله والرسول (بخاري: ج2 باب لاحمي)
”چراگاهه رڳو الله ۽ ان جي رسول لاءِ آهن (يعني وقف عام آهن)“
تمام ئي ٿورو حصو جيڪو زراعت لاءِ استعمال ٿيندو هو تنهن تي قبضيدار غلامن کان هر ڪاهرائي پوکي ڪرائي ويندي هئي. غلام هجڻ جي ڪري انهن هارين جو ان زمين ۽ ان جي پيداور ۾ ڪو به حصو ڪونه هوندو هو، پر پاڻ ﷺ جن حڪم فرمايو:
خلوا کل اکار وزراع (کنز العمال)
”هر ڪاهيندڙن ۽ پوکي ڪندڙن کي غلامي جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪري ڇڏيو“ (ته جيئن توهان جو ۽ انهن جو معاملو زمين ۽ ان جي پيداوار بنسبت ٻن آزاد ڌرين جهڙو ٿي پوي).
واضحه ۾ جيڪو واقعو ذڪر ٿيل آهي، انهيءَ مان به زرعي زمين جي حيثيت مقرر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ چئن ماڻهن زمين جي هڪ ٽڪري تي ڀائيواري جي بنياد تي پوکي ڪئي. انهن مان هڪ جي زمين، ٻئي جو ٻج، ٽيئن جي ڏاندن جي جوڙي ۽ چوٿين جي محنت سان فصل پوکيو ويو. جڏهن فصل تيار ٿيو ۽ بٽئي ٿيڻ لڳي ته ان جي ورهاست تي ڀائيوارن ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ اهي چارئي پاڻ ﷺ جن وٽ پنهنجو فيصلو کڻي آيا. پاڻ ﷺ جن ڏاندن جي جوڙي واري کي ۽ محنت واري کي سندن اجرت ۽ محنت جي حساب سان حصو ڏياريو. باقي جيڪو ڪجھه بچيو اهو ٻج واري کي ڏياري ڇڏيو ۽ زمين کي (ملڪيت جي بنياد تي) بي معنى (لغو) قرار ڏنو ۽ ان لاءِ ڪو به حصو مقرر نه فرمايو. انهيءَ فيصلي مان هيءَ ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته رسول اللهﷺ جن زمين جي ملڪيت هجڻ کي تسليم نه ڪيو ۽ زمين جي پنهنجي طور تي ڪا به حيثيت ۽ قيمت نه آهي.
”ڪتاب الاموال“ ۾ حضرت عمر ؐ جو هيءُ قول نقل ٿيل آهي ته:
لنا اقارب الارض والاموال ”زمين ۽ ملڪيتون اسان جون (يعني حڪومت جون) آهن.“
احڪام القرآن ۾ حضرت علي ؐ جن جو هيءُ ارشاد ذڪر ڪيو ويو آهي ته:
ان ارضک فلنا ”تنهنجي زمين اسان (يعني حڪومت جي) آهي.“
فقهي حڪم هي به آهن:
اصلها لبيت المال (در مختار) ”اهي سڀ بيت المال جي ملڪيت آهن“
تصير الارض للسلطان (محلي) ”زمين حڪومت جي آهي“
ان حکم الارض الي الامام (عيني) ”زمين تي امام (حڪومت) جو ئي حڪم مٿاهون آهي.“
زمين بابت هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته ارڙهين صدي جي خاتمي تائين ايشيائي ۽ مسلم ملڪن ۾ زرعي زمينون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه سمجھيون وينديون هيو.
پاڪ و هند ۾ به زرعي زمينون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ڪونه سمجھيون وينديون هيون، پر اهي ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي. انهيءَ ڪري ئي تاريخ فرشته، ابن بطوطه جي سفرنامي، اورنگ زيب جي وقت جي فرانسيسي ڊاڪٽر برنير جي سفرنامي، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازمن ۽ آفيسرن جي لکڻين ۽ ”ڪلوريٽ“ جي ڪتاب ”ويلٿ اينڊ ويلفيئر آف پنجاب“ جي مطالعي مان انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته ايشيائي ۽ مسلمان ملڪن ۾ زرعي زمين ڪنهن خاص ماڻهو جي ذاتي ملڪيت نه هوندي هئي. ايتري تائين جو انهيءَ جو ذڪر ڪارل مارڪس به، پنهنجي ڪتاب ”مارڪس اينڊ اينجلز ان انڊيا“ ۾، جيڪو سوشلسٽ بڪ ڪلب الهه آباد جو شايع ڪيل آهي، هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته مسلمانن سڄي ايشيا ۾ زمين تي ذاتي ملڪيت نه بنائڻ جي اصول کي وڏي پئماني تي عملي جامو پهرايو آهي.
زرعي زمينن جي ذاتي ملڪيت جو رواج سڀ کان پهريان يورپ ۾ ارڙهين صدي جي صنعتي انقلاب جي دوران پيو، جڏهن جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿي چڪو هو ۽ زمين جا وڏا وڏا ٽڪرا قبضيدار فردن جي ملڪيت قرار ڏنا ويا هئا. يورپ ۽ انگلستان جا ماڻهو جڏهن ايشيائي ۽ مسلمان ملڪن تي قابض ۽ حڪمران ٿيا تڏهن انهن پنهنجي اقتصادي ڦرلٽ جي لاءِ ضروري سمجيو ته انهن ملڪن ۾ به زرعي زمينن جي ذاتي ملڪيت جو رواج وجھن. ائين هنن پنهنجي منظور نظر ۽ مطلب وارن ماڻهن کي زمينن جو مالڪ بنائڻ وارو رواج شروع ڪيو ۽ ملڪيت جو هڪ نئون نظام رائج ڪيو. جڏهن ته حضرت عمر ؐ جي زماني کان وٺي فتح ڪيل ملڪن جون زمينون بيت المال جي ملڪيت سمجھيون وينديون هيون. هندستان جي عالمن به هندستان جي زمينن کي وقف عام ۽ بيت المال جي ملڪيت قرار ڏنو آهي. جيئن ”رساله اراضي هند“ ۽ شاهه عبدالعزيز صاحب محدث دهلوي ؓ جي فتوى مان به ظاهر آهي. (ڏسو فتاوى عزيزيه)
انهيءَ سلسلي ۾ مولانا شبلي نعماني جي ڪتاب ”الفاروق“ مان کنيل هيٺيون ٽڪرو به توجهه جي لائق آهي:
”سڀ کان وڏو انقلاب جيڪو حضرت عمر هن (زراعت جي) معاملي ۾ آندو ۽ جنهن جي ڪري رعيت جي ڀلائي ۽ خوشحالي يڪدم ترقي جي بلندين تي پهچي وئي، سو هي هو ته زمينداري ۽ زمين جي ملڪيت جو پراڻو قانون، جيڪو ظلم ۽ جبر تي ٻڌل هو، سو ختم ڪري ڇڏيائون.
رومين جڏهن شام ۽ مصر تي قبضو ڪيو ته زمينون اتان جي اصلي رهاڪن کان کسي ڪجھه فوجي آفيسرن کي ۽ ڪجھه درٻارين کي ڏنيون، جڏهن ته انهن کي شاهي جاگير قرار ڏنو. ڪجھه زمين ڪلسيا ۽ چرچ وغيره جي لاءِ به وقف ڪئي وئي. اهڙي طرح اتان جي اصلي رهاڪن لاءِ گراٺ جيتري زمين به نه رهي. انهن کي صرف ڪڙمت جي حق مليل هو ۽ جيڪڏهن زمين جو مالڪ پنهنجي زرعي زمين ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪندو هو ته زمين سان گڏ ڪڙمي به ٻئي جي حوالي ٿي ويندا هئا. آخري وقت ۾ اصلي رهاڪن کي به ڪجھه زمينداري جو حق ملڻ لڳو. پر پوءِ به زمينداري جي حفاظت ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ رومي زميندارن جو سهارو ورتو ويندو هو. انهيءَ بهاني سان زميندار پاڻ انهيءَ زمين تي قبضو ڪندڙ ٿي ويندو هو جڏهن ته ويچارو ڪڙمي ڪڙمي ئي رهجي ويندو هو.
هيءُ طريقو رڳو ڪجھه رومي سلطنتن جو ڪونه هو، پر جيستائين اسان کي معلوم آهي ته تقريبا سڄي دنيا ۾ اهو ئي طريقو هلي رهيو هو ته زمين جو وڏو حصو فوج جي آفيسرن يا مالدارن کي جاگير طور ڏنو ويندو هو.
حضرت عمر ملڪ فتح ڪرڻ سان ئي اهو ظالمانه قانون مٽائي ڇڏيو. پهريان ته اها ڳالهه آهي ته رومي ملڪ جي فتح ٿيڻ کان اڳ ئي اتان نڪري ويا. باقي جيڪي رهجي ويا، تن جي قبضي مان زمين کي ڇڏايو ويو. حضرت عمر ان سڄي زمين جيڪا شاهي جاگير هئي يا فوجي آفسرن جي قبضي ۾ هئي، ملڪ جي اصلي رهاڪن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ بجاءِ ان جي جو اها مسلمان فوجي آفيسرن يا سردارن کي بخشي وڃي. قانون ٺاهي ڇڏيو ته مسلمان ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ زمين تي قبضيدار نٿا ٿي سگھن. يعني جيڪڏهن مسلمان زمين جي مالڪن کان خريد ڪرڻ گھرن ته به ائين نٿا ڪري سگھن. هي قانون ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رهيو. انهيءَ ڪري ئي جڏهن ليث بن سعد مصر ۾ ڪجھه زمين مُلهه ڀري ورتي ته وڏن وڏن مذهبي اڳواڻن، جهڙوڪ امام مالڪ ۽ نافع بن يزيد وغيره ان تي سخت اعتراض واريو.“ (الفاروق حصو ٻيو-مولانا شبلي نعمانيؓ).
”حضرت عمر ؐ هڪ عام حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو هو ته سڄي ملڪ ۾ جتي جتي غير آباد زمينون آهن سي جيڪو به ماڻهو انهن کي آباد ڪندو، ان جون سمجھيون ويندون. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان قسم جي زمين تي ان کي آباد ڪرڻ لاءِ قبضيدار بڻجي ۽ ٽن سالن تائين آباد نه ڪري سگھي ته پوءِ اها زمين ان جي قبضي ۾ نه رهندي.“ (ساڳيو مٿيون حوالو)
اڄ کان چوڏنهن سؤ سال پهريان جڏهن دنيا ۾ رڳو ملوڪيت ۽ جاگيرداري جو عروج هو، تڏهن معيشت بابت اسلام عدل ۽ انصاف تي ٻڌل مٿيون هدايتون ڏنيون ۽ انهن تي پوري معاشري ۾ رضاڪارانه ۽ حڪومتي نظام هيٺ عمل ڪيو ويو. ڪنهن به ٽڪراءَ کان پاڪ انفراديت سان گڏ متوازن اجتماعيت جي سياسي ۽ اقتصادي تصور تي ٻڌل انساني معاشري جو رخ هر طرح سان عدل ۽ مساوات ڏانهن ڦيريو ويو.
لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْ رَسُوْلِ اللہِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ ﴿الأحزاب: ٢١﴾
”بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر (جي طريقي) ۾ عمدي پيروي آھي“
ائين اڄ وري انهيءَ تصور ۽ معاشي طريقي کي زندهه ڪرڻ ۽ اسوه رسول الله ﷺ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌيڪار: احمدالدين بلوچ