مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

هارين جي مصيبتن جو حل قرآن جي روشني ۾ : مسٽر مسعود صاحب

قرآن شريف جو حڪم زمين جي مالڪي بابت بلاشبه ”هارپ“ (يعني اهي کاتيدار جي پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪن) جي فائدي ۾ آهي. ان باري ۾ قرآن پاڪ جي حڪمن جي پيروي ڪن جزوي مثالن کان سواءِ اسلامي تاريخ ۾ بلڪل ڪانه پئي ٿي آهي. سرمايه دارن قرآن شريف جي حڪمن جي تاويل اهڙي نموني ۾ پئي ڪئي آهي يا ڪرائي آهي جنهن ۾ سندن ئي فائدو پئي رهيو آهي ۽ سندن تن پروري جي راهه ۾ ڪو به اٽڪاءُ نه پئي وڌو آهي. ڇاڪاڻ ته اها تن پروري رسول الله ؐ جي وفات کان پوءِ خلافت راشدهه جي سقوط بعد شروع ٿي وئي هئي.
اها تن پروري صدين کان هلندي ايتري حد کان ٻاهر نڪري وئي آهي، جو اسلام تي نقطه چيني ڪندڙ، تن پروري کي ئي اسلام سمجھي رهيا آهن.
ڪميونسٽ انهن هاڻوڪين حالتن مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ انهيءَ ظالم سرشته (تن پروري) جي ستايلن ۽ ڪمزورن جي مذهبي عقيدن کي ڪميونزم جي لهر لوڏي رهي آهي. اهي ڪنگال آدمي کي چون ٿا ته: ”توکي پنهنجو خدا به آهي، رسول به آهي ۽ قرآن به آهي. توکي پير، مولوي ۽ مسجدون به آهن، پر اهي سڀ تنهنجي بک ۽ سڃائي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگھن ٿا؟ اهي توکي ترقي ڏياري معزز انسان جي قطار ۾ بيهارڻ لاءِ تنهنجي ڪهڙي رهبري ڪن ٿا؟ اسلامي مساوات (هڪ جهڙائي) محض دوکو آهي. اهو هڪ ڄار آهي جو توکي غلام ڪري رکڻ لاءِ وڇايو ويو آهي.“
هو اهي سڀ ڳالهيون سوسائٽي ۾ ٿيندڙ هزارين ظلمن جا مثال ڏئي ثابت ڪن ٿا. اهڙا بحث عام ماڻهن جي مذهبي عقيدن کي لوڏي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي تشويش ۾ پئجي وڃن ٿا ته ڇا سچ پچ اسلام سندن مکيه مسئلي، بک ۽ سڃائي کي مٽائڻ جي قابل نه آهي؟ جيئن اڄ ڪالهه ساري دنيا ۾ مذهب کي ڪيترن ئي اقتصادي نقطن جي لهرن سامهون ٿيڻو پيو آهي، تيئن پاڪستان ۾ به اسلام کي ساڳين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اسلام بيشڪ سڀني اقتصادي خرابين جي مٽائڻ لاءِ رستو ڏيکاري ٿو، پر بدقسمتي سان مسلمانن ۾ ڪي خود غرض ۽ مطلبي ماڻهو اسلام جا سچا پچا اصول عمل ۾ آڻڻ جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجھن ٿا. مسلمانن ۾ جيڪي سمجھو ۽ دورانديش آهن تن خطرن کي پوري طرح محسوس ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسلام جي اصولن موجب عوام الناس جي بدحالي ۽ بک جو علاج نه ڪيو ويو ته پوءِ اسلام کي به ان تباهي جي سامهون ٿيڻو پوندو، جنهن تباهي رشيا جي مروجه مذهب کي روسي انقلاب اچڻ بعد ناس ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن مالي مسئلن ۾ ۽ خاص ڪري زمين جي باري ۾ اسلامي اقتصادي اصول رائج ڪرڻ ۾ اسين گٿاسون ته پوءِ رڳو پاڪستان کي خطرو نه آهي، پر خود اسلام جو وجود به لوڏن ۾ اچي ويندو.
قرآن شريف جو قانون ”زمينداري“ جي فائدي ۾ نه آهي. قرآن شريف جو مول متو آهي ته زمين صرف انهن ماڻهن ۾ مساوي طرح ورهائي وڃي، جيڪي پنهنجي هٿن سان هر ڪاهيندڙ آهن. قرآن شريف زمين تي خانگي مالڪي جو حق تسليم نه ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته زمين الله تعالى جي آهي. ۽ ان جي پاران اسٽيٽ (حڪومت) مالڪ ٿئي ٿي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي:
قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ اسْتَعِينُوا بِاللَّهِ وَاصْبِرُوا ۖ إِنَّ الْأَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۖ وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ (۱۲۸) )الاعراف(
”حضرت موسى عليه السلام پنهنجي قوم کي چيو ته الله تعالى کان مدد جا خواستگار ٿيو ۽ صبر ۽ استقلال سان ثابت قدم رهو. زمين الله جي ملڪيت آهي ۽ ان جي حڪومت پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ پرهيزگارن جي پڇاڙي بهتر آهي.“
هي پڻ قرآن شريف جو مکيه اصول آهي ته الله تبارڪ و تعالى زمين سڀني ماڻهن جي ڀلي لاءِ خلقي آهي ته هو ڀل ان مان ڦل کائين ۽ ٻي پئدائش مان نفعو حاصل ڪن. الله تعالى پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وَالْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ (۱۰)فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الْأَكْمَامِ(۱۱) )الرحمٰن(
”الله تعالى ئي آهي، جنهن زمين پنهنجن ٻانهن جي فائدي لاءِ فرش وانگر وڇائي آهي. ان ۾ ميوا پيدا ڪيا آهن. کجين جا درخت اڀاريا آهن جي قسمين قسمين کجور پئدا ڪن ٿا.“
الله تعالى سڀني جي روزي جي ضمانت پاڻ تي کنئي آهي جو هو خالق آهي. سڀ شيون جي ڌرتي تي موجود آهن سي پروردگار ساري انسان ذات جي ڀلي لاءِ خلقيون آهن:
وَمَا مِنْ دَابَّةٍ فِي الْأَرْضِ إِلَّا عَلَى اللَّهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَقَرَّهَا وَمُسْتَوْدَعَهَا ۚ كُلٌّ فِي كِتَابٍ مُبِينٍ )هود:٦(
”۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه نه آهي پر ان جي روزي الله تي آهي، ۽ اهو ان جي رهڻ جي جاءِ کي ۽ جتي ان کي امانت رکيو وڃِ ٿو، تنهن کي به ڄاڻي ٿو. سڀ ڪجهه ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.
هُوَ الَّذِي خَلَقَ لَكُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا )البقرة:٢٩(
”اهو الله تعالى ئي آهي، جنهن زمين تي جيڪي شيون موجود آهن، سي سڀ توهان سڀني جي لاءِ ئي خلقيون اهن.“
وَ جَعَلَ فِیۡہَا رَوَاسِیَ مِنۡ فَوۡقِہَا وَ بٰرَکَ فِیۡہَا وَ قَدَّرَ فِیۡہَاۤ اَقۡوَاتَہَا فِیۡۤ اَرۡبَعَۃِ اَیَّامٍ ؕ سَوَآءً لِّلسَّآئِلِیۡنَ. )حٰم – سجده:١٠(
”زمين جا پئدائشي ذريعا سڀني ۾ انصاف سان ورهائڻا آهن، هن ڌرتي تي اتاهان جبل کڙا ڪيا، جي مضبوطي سان مٿس بيٺل آهن ۽ زمين تي پنهنجون برڪتون بخشيون ۽ ان مان پئدائش جا جيڪي ذريعا ٿيڻا هوا تن جو تخمينو چئن ڏينهن ۾ ڪيو ۽ اهي وسيلا سڀني گھرجائو آدمين ۾ انصاف سان ورهايا ويندا.“
انساني معاشري جا سڀئي فرد وڌ کان وڌ ڀلائي حاصل ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مساوي طور شريڪ آهن ۽ اهڙي مالڪي يا زمين جو قبضو، جنهن ڪري نفعو ڪن چند ماڻهن کي حاصل ٿئي ۽ گھڻي حصي کي ان نفعي حاصل ڪرڻ کان محروم رکيو وڃي، سا مالڪي قرآني قانون جي ئي خلاف آهي.
ڪوبه شخص مطلق مالڪي جا حق زمين تي رکي نه ٿو سگھي، تنهن ڪري ڪنهن کي به حق نه آهي ته زمين مقاطعي تي ڏئي. الله تعالى اسان کي اجازت ڏني آهي ته اسين پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ زمين ڪتب آڻيون. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻني جو ٽڪرو پنهنجن هٿن سان پوکيو آهي ته هو انهيءَ زمين جو ايستائين حقيقي مالڪ سمجھيو ويندو، جيستائين هو اهو زمين جو ٽڪرو آبادي هيٺ آڻيندو رهندو ۽ ان حالت ۾ کيس بي دخل ڪري نه سگھبو. (سرڪاري مواجب ادا ڪرڻ بعد) جيڪا ڪمائي مرد يا عورت کي حاصل ٿئي سا ان جي ئي ملڪيت آهي.
لِلرِّجَالِ نَصِیۡبٌ مِّمَّا اکۡتَسَبُوۡا ؕ وَ لِلنِّسَآءِ نَصِیۡبٌ مِّمَّا اکۡتَسَبۡنَ ؕ)النساء:٣٢(
”مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (۽) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي.“
ملڪيت جي ڪسوٽي ذاتي پورهيو يا ڪسب آهي. هڪڙو شخص ايتري زمين رکي سگھي ٿو جيتري هو کيڙي آباد ڪري سگھي. پوءِ اها زمين ورثي ۾ به اچي سگهندي، پر انهيءَ شرط سان ته مٿيون اصول لاڳو رهندو. يعني وارث به تيستائين وارث رهندو جيستائين اها ٻني پاڻ آباد ڪندو رهندو.“
انسان ذات جي گذران حاصل ڪرڻ جا ذريعا الله تعالى اهڙي ريت بنايا آهن جو هر هڪ شخص آزاد آهي ته هو پنهنجي روزي پنهنجي محنت مزدوري سان ڪمائي سگھي ۽ الله تعالى جو قانون نهايت واضح آهي ته ڪنهن کي به پنهنجي محنت جي اجوري کان گھٽ ملڻ نه گھرجي. (ليس للانسان الا ما سعى)
”جيئن انسان جسماني ۽ دماغي طاقتن ۾ مختلف ٿين ٿا، تيئن هو روزي ڪمائڻ جي طاقت ۾ به تفاوت رکن ٿا.“
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ فِي الرِّزْقِ ۚ فَمَا الَّذِينَ فُضِّلُوا بِرَادِّي رِزْقِهِمْ عَلَىٰ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَهُمْ فِيهِ سَوَاءٌ ۚ أَفَبِنِعْمَةِ اللَّهِ يَجْحَدُونَ )النحل:٧١(
”الله تعالى توهان کي پنهنجي روزي ڪمائڻ جي طاقت ۾ به هڪ ٻئي کان ممتاز ڪيو آهي. هڪڙا ٻين کان گھڻو ٿا ڪمائين پر ائين نه ٿا ڪن ته جن تي وڌيڪ فضل ٿيل آهي سي (پنهنجون وافر آمدنيون) انهن کي ورهائي ڏين جيڪي سندن (يعني وڌيڪ ڪمائيندڙن جا) محتاج آهن. جيتوڻيڪ انهيءَ ڪمائيءَ ۾ سڀ هڪجهڙا ڀائيوار آهن. پوءِ ڇا ائين نه آهي ته اهڙا ماڻهو الله تعالى جي شڪر گذاري ڪرڻ کان قاصر آهن؟“
هي ته صاف آهي ته قرآن شريف هن حالت کي تسليم ڪري ٿو ته سڀ ماڻهو روزي ڪمائڻ ۾ هڪجهڙا طاقتور نه آهن، جنهن ڪري ڪي وڌيڪ مالدار آهن ۽ ڪي گھٽ. پر قرآن شريف اهڙي حالت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن موجب هڪڙن وٽ ته دنيا جا انبار لڳا پيا هجن ۽ ٻيا بلڪل سڃا، ڪنگال ۽ داڻي داڻي لاءِ محتاج هجن. قرآن شريف هر هڪ کي هي حق ڏنو آهي ته الله تعالى جي جوڙيل زمين ۾ جيڪي به پئدائش جا ذريعا خلقيل آهن، تن مان پنهنجي گذاري لاءِ ضروريات زندگي حاصل ڪري. پوءِ اهو شخص مضبوط آهي يا ڪمزور، تندرست آهي يا بيمار، ڏاڍو مڙس آهي يا هيڻو، شاهوڪار آهي يا سڃو؛ جيستائين هو جيئرو آهي، تيستائين هن کي انسان هئڻ سبب هي حق حاصل ٿيل آهي ته پنهنجي زندگي جون ضرورتون الله تعالى جي پئدا ڪيل وسيلن مان حاصل ڪري.
قرآن شريف موجب زمين تي پيدا ڪيل گذران جا وسيلا سڀني جي گڏيل ملڪيت آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجن ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائڻ تي قادر ٿيا ته اها وافر ملڪيت انهن وٽ هڪ قسم جي ”امانت“ آهي، جا انهن ماڻهن تي خرچ ڪرڻي آهي، جي ڪن سچين پچين مجبورين سبب ڪمائڻ جي لائق ٿي نه سگھيا آهن.
”قرآن شريف جي اصولن موجب مکيه نقطو هي آهي ته انسان ذات هڪ گڏيل ڪٽنب جي مثال آهي، جنهن جا ڀاتي هڪ ٻئي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ ۾ سلهاڙيل آهن. هو زندگي جي جدا جدا طبقن ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪي ٿورو ڪمائين ٿا، ڪي زياده؛ جئن جئن هر هڪ ۾ استعداد موجود آهي. جيتوڻيڪ انهن مان شاهوڪار پنهنجي سموري ڪمائي غريبن کي نٿا ڏين ته به پنهنجي غريب ڀائرن جي سار سنڀال کان اهڙو بي پرواهه به رهي نه ٿا سگھن، جو ڀل غريب وڃي بک مرن. جيتوڻيڪ هر هڪ ڀاتيءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ تي جدا جدا حق آهي ته به اها ڪمائي کين هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻي نه آهي، انهيءَ لاءِ ته سڀڪنهن کي زندگي جون گھرجون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي پوءِ فڪر نه آهي ته هڪڙي گھڻو ڪمايو آهي ۽ ٻين ٿورو.“ (ترجمان القرآن حصو ٻيو)
مٿيون تفسير مولانا ابو الڪلام آزاد جو آهي. هو قرآن شريف جي تمام وڏن مفسرين مان هڪ آهي. مٿين مضمون مان ظاهر آهي ته سڀ انسان خدا تعالى جي خلقيل رزق جي وسيلن ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار آهن. کاڻين جي ملڪيت، ٻيلا ۽ پاڻي حڪومت جي حوالي رهڻا آهن، جيئن سموري رعيت انهن مان فائدو وٺي سگھي. اهڙي طرح زمين جيڪا رزق جي پئدائش جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي سا پڻ حڪومت جي حوالي رهڻي آهي، جيئن سڀڪو ان مان پورو پورو نفعو حاصل ڪري سگھي.
جيڪڏهن ڪو به شخص زمين جي وڏي ايراضي تي قبضو ڪرڻ بعد ٻين کي، الله تعالى جي خلقيل انهيءَ زمين مان پيدا ٿيندڙ رزق کان محروم رکي ته اها ملڪيت قرآن شريف جي حڪمن موجب ناجائز سمجھبي.
مختصر طور قرآن شريف جو قانون اهو آهي جيڪو مون مٿي ٻڌايو آهي ته مسلمانن ۾ جيڪي رواج چالو آهن سي سراسر قرآن شريف جي حڪمن جي خلاف آهن. هي اسان جي بدبختي آهي جو غير شرعي رواجن کي شرعي قانونن جيتري طاقت ملي وئي آهي ۽ سچو پچو شرعي قانون پٺيءَ پويان ڦٽو ڪيو ويو آهي.
قرآن شريف جو حڪم اٽل آهي پر ڪي مسلمان قرآن شريف جي تائيد ۾ حديث شريف يا اسلامي تاريخ ۾ مثال ڳولڻ چاهين ٿا. مان معتبر ذريعن سان گڏ ڪيل شاهدي پيش ڪريان ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته زمينداري سرشتو اسلام ۾ پسنديده نه آهي.
”جنهن شخص کي زمين جو ٽڪرو آهي، سو پنهنجي سر پاڻ آباد ڪري ۽ ان کي غير آباد نه ڇڏي. جيڪڏهن پاڻ آباد نه ڪري سگھي ته پوءِ ٻئي کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏئي. پر جيڪڏهن پاڻ به آباد نه ڪري ۽ ٻئي کي آباد ڪرڻ لاءِ نه ڏئي ته اها زمين هو پاڻ وٽ رکي اسان کي نه گھرجي“ (بخاري شريف)
مٿين حديث شريف جو پويون ٽڪرو اهڙي روش تي ناراضگي ڏيکاري ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته زمين هرڪو پاڻ وٽ ايتري رکي جيتري هو پاڻ آباد ڪري سگھي.
اها ساڳي حديث شريف صحيح مسلم ۾ به آيل آهي، پر ان ۾ هي وڌيڪ روايت آهي ته: ”جيڪڏهن ٻيو ماڻهو وٺڻ کان انڪار ڪري ته جنهن شخص وٽ قبضو آهي سو پاڻ وٽ رکي سگھي ٿو.“ ان جي معنى هيءَ آهي ته جيڪڏهن زمين جي قبضيدار اها زمين ڪنهن شخص کي مفت ۾ آڇ ڪئي، جنهن ٿورو کڻڻ پسند نه ڪيو ۽ مقاطعي تي کڻڻ گھري ٿو ته ان حالت ۾ بهتر اهو آهي ته اها زمين هو پنهنجي قبضي ۾ رکي مگر مقاطع نه ڏئي.
”رسول الله ؐ جن صاف طور منع ڪئي آهي ته زمين مقاطع تي (نقدي صورت ۾ يا بٽائي جي صورت ۾) نه ڏيو انهيءَ سبب ڪري جڏهن حضرت عبدالله بن عمر ؐ اها حديث شريف حضرت معاويه جي وقت ۾ ٻڌي، جنهن وقت سرمايه داري جو سرشتو مسلمانن ۾ زور وٺي چڪو هو، تڏهن اصحابي سڳوري زمين جو ڪرايو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو.“
ٻي حديث شريف انهيءَ معاملي بابت امام بخاري هيٺين ريت آندي آهي:
”رافع بن خديج روايت ٿو ڪري ته سندس چاچو زبير بن رفيعه هڪڙو دفعو روايت ڪئي ته کيس رسول الله ؐ جن بيجا نفعي واري ڌنڌي کان منع ڪئي. رافع چيو ته رسول الله ﷺجن جو اهو حڪم انصاف تي مبني آهي. تنهن تي زبير کيس ٻڌايو ته رسول الله ﷺ کيس گھرائي پڇا ڪئي ته هو پنهنجي زمين بابت ڇا ٿو ڪري. هن (زبير) چيو ته مان اها زمين بٽائي تي ڏيندو آهيان، جنهن مان مون کي ساري پئدائش جو چوٿون حصو ۽ ڪجھه کارڪون ۽ ٻاجھري ملندي آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ائين نه ڪر. يا پاڻ انهيءَ زمين کي آباد ڪر يا ٻئي کي مفت آباد ڪرڻ لاءِ ڏي. ٻي صورت ۾ اها زمين غير آباد ئي رهي.“ (بخاري شريف)
انهيءَ حڪم جي آڌار تي اسلام جي خليفه حضرت عمر ؐ رسول اللهﷺ جي هڪ صحابي سڳوري کان انهيءَ زمين جو قبضو کسيو جو پاڻ آباد ڪري نه سگھندو هو. پوءِ اهو ٽڪرو حضرت عمر ؐ انهن حاجتمندن کي ڏياريو، جن کي زمين گھربل هئي.
اسلام جي مشهور فقيھ حضرت امام اعظم ؓجنهن جا معتقد سڄي دنيا ۾ سڀ کان گھڻا آهن، تنهن پڻ بٽائي يا مقاطعي تي زمين ڏيڻ کان منع ڪئي آهي. حضرت امام اعظم صاحب جي اها دور انديشي نهايت تعريف جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته بعد ۾ انهيءَ زمينداري سرشتي هارين ۾ ايڏي وڏي پيماني تي بک ۽ مصيبتون آنديون، جو ڇهين صدي هجري جو هڪ عالم فاضل ابن طين لکي ٿو ته: ”اسان مشاهدو ڪيو آهي ته اڄ ڪالهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مصيبت زده ۽ هلاڪ طبقو هارين کان مٿي ٻيو ڪونهي.“ (فلسفه عمرانيات و معاشيات صفحه ١١٦)
امام الهند حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پڻ زمينداري سرشتي کي ناپسند فرمايو آهي. هن صاحب جو خيال هو ته اهو سرشتو انسانن ۾ جھڳڙو وجھائي ٿو ۽ مساوات کي ڪڍي ٿو ڇڏي.
حضرت مولانا عبيدالله سنڌي، جيڪو هڪ وڏي پائي جو عالم سڳورو هو ۽ حضرت شاهه ولي الله صاحب جي فلسفه سمجھائڻ لاءِ مشهور استاد هو سو حجة الله البالغه جي شرح ۾ لکي ٿو:
”اسين امام اعظم صاحب جا معتقد آهيون، جنهن ٻني جي بٽائي يا نقدي مقاطعي تي ڏيڻ کان منع ڪرڻ فرمايو آهي. سندس ارشاد موجب هر شخص ايتري ٻني پاڻ وٽ رکي سگھي ٿو جيتري هو پاڻ آباد ڪري سگھي. حقيقت ۾ ڪنهن به نموني ۾ زمين جي مقاطعي ڏيڻ سبب هاري طبقي تي ظلم ٿيڻ لاءِ رستا کلي ٿا پون ۽ انهيءَ ڪري زميندار هميشه پنهنجي زمين ويندو وڌائيندو ۽ ڪڙمين کي ڍڳن ۽ گڏهن وانگر پيو وهائيندو. زميندارن کي غريب هارين تي رحم نه ايندو آهي. هنن کي پيا بک ماريندا آهن.“ (فلسفه عمرانيات و معاشيات)
عراق جي فتح بعد سوال اٿيو ته جيڪا زمين فتح ڪئي وئي آهي، ان جو نيڪال ڪيئن ڪجي؟ غازين زور ڏنو ته زمين مان به مال غنيمت جو حصو ملي مگر حضرت عمر ؐ ڪڙمين کان زمين کسڻ جي منع ڪئي ۽ اها انهن جي قبضي ۾ رهڻ ڏني وئي. بعد ۾ اها ساري زمين عام مسلمانن جي ڀلي لاءِ وقف ڪئي وئي.
امام ابو يوسف جو حوالو ڏنو وڃي ٿو ته هن زمين مقاطعي تي ڏيڻ جي فائدي ۾ رايو ڏنو آهي. هو هارون الرشيد جو قاضي هو. ان وقت ۾ شهنشاهيت چوٽ تي هئي. تنهن ڪري امام ابو يوسف هيءَ ڳالهه نه ٿي محسوس ڪري سگھيو ته زمين مقاطعي يا بٽائي تي ڏيڻ کان منع ٿيل آهي. سندس استاد امام اعظم صاحب جو رايو قرآن شريف جي مطابق آهي. در حقيقت امير معاويه جي بادشاهه ٿيڻ کان وٺي نقشو ئي ڦري ويو هو ۽ سرمائيداري ۽ شهنشاهيت اسلامي سوسائٽي ۾ تمام زور شور سان گھر ڪري ويون هيون.
زمين جي مالڪي بابت حضرت امام الهند شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پنهنجي مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ لکي ٿو:
”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هرڪا ملڪيت الله تعالى جي آهي، پر جيئن رب العالمين زمين ۽ ان جي پئدائش جي ڪتب آڻڻ جي اجازت ڏيڻ فرمائي تئن ماڻهو لالچي ٿي پيا ۽ پنهنجين ٻنين جون حدون وڌائڻ لڳا، تنهن ڪري اصول مقرر ڪيو ويو ته جيڪو شخص ڪنهن زمين جي ٽڪر تي پهريائين وڃي قابض ٿئي، ته ان کي اتان نه ڪڍجي، جيستائين سندس قبضو ڪنهن ٻئي کي نقصان نه پهچائي. . . . . .“
زمين هڪ مسافرخاني يا مسجد وانگر هر هڪ لاءِ کليل آهي ۽ سڀڪو ان مان مساوي طور فائدو وٺي سگھي ٿو ۽ اهو ٽڪرو ان جي حوالي رهندو، جنهن ان تي اڳ ۾ قبضو ڪيو هوندو (مگر هي صاف ظاهر آهي ته هر هڪ انسان کي زمين جي فقط ايتري ٽڪري تي قبضي ڪرڻ جو حق رهندو، جيترو هو ڪتب آڻي سگھي ۽ نه وڌيڪ) زمين تي ڪنهن شخص جي قبضي جي معنى آهي ته ان شخص کي اها زمين پنهنجي نفع لاءِ ڪتب آڻڻ جو حق پڻ رهندو.
حضرت امام عبدالعزيز، فرزند امام الهند حضرت شاهه ولي الله صاحب دهلوي ؓ پڻ پنهنجي فتاوى عزيزيه ۾ زمينداري سرشتي جي خلاف فتوى ڏني آهي. سندس رايو آهي ته هندستان جي زمين سڀني مسلمانن جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ بيت المال جو حق آهي. اها ڪنهن شخص جي خاص ملڪيت ٿي نه ٿي سگھي ۽ نه وري ڪنهن زميندار جي ملڪيت ٿي سگھي ٿي. اهي سڀ زمين جي سنڀاليندڙن جي حيثيت رکن ٿا.
جيڪڏهن سرمايه دار ۽ زبردست ماڻهو نادارن ۽ ڪمزورن کي اهڙن وافر زمينن تي حق ڏيڻ ۾ گوٿ ناٿ ڪن ٿا (جو کين پئدائشي حق مليل آهي ته الله تعالى جي خلقيل قدرتي پئدائشي ذريعن مان پورو پورو فائدو وٺن) ۽ جيڪڏهن اهي سرمايه دار اهي وافر ملڪيتون پنهنجي ذاتي غرضن لاءِ ڪم آڻين ۽ انهن کي ڪابه اپيل اثر نه ڪري ته پوءِ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کان زوري قبضو کسي ۽ جيڪي هيڻا ۽ نادار آهن ۽ جن کي ڪجھه به نه آهي، تن ۾ اها وافر دنيا ۽ زمينون ورهائي ڇڏي. اهو فرض حڪومت تي ائين ئي لازمي آهي، جيئن نادار پٽ يا زال کي، شاهوڪار پي يا مڙس کان گذران جا ذريعا وٺي ڏيڻ لازمي آهي. حڪومت جو فرض آهي ته ملڪ جي پئدائش جا ذريعا ساري رعيت ۾ مساوي طور وراهڻ جو انتظام رکي.
اسلامي تاريخ شاهد آهي ته خلافت کانپوءِ ڪنهن به مسلمان بادشاهه پنهنجي بادشاهت جو بنياد ڪڙمين جي همدردي حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي هٿ رکڻ سان نه ٻڌو ۽ جاگير دارن جا قلعا ڊاهي پٽ ڪري ڪونه ڇڏيا.
رسول اللهﷺ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هڪ صدي کان به گھٽ عرصي اندر اسلام ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي گھڻي حصي ۾ پکڙجي ويو. ايران ۽ روم جون بادشاهتون حضرت عمر ؐ جي خلافت ۾ فتح ڪيون ويون. انهيءَ جا ڪهڙا سبب هوا؟ ڪجھه ته اسلام جي تعليم جو اثر هو، جنهن ڏهن سالن جي قليل عرصي اندر قبائلي عصبيت کي مٽائي ڇڏيو ۽ منجھائن قبائلي بغض جي زهريلي اثر کي زائل ڪري ڇڏيو. مگر وڏو سبب هي هو جو اسلام يورپ واري زهريلي جاگيرداري سرشتي جو بنياد پٽي ڇڏيو ۽ ان جي بجاءِ ”هارپ“ يعني ننڍن کاتيدارن جو رواج وڌو، جي پنهنجي ٻني پنهنجي هٿن سان ڪاهڻ لڳا.
مسٽر امير علي پنهنجي ڪتاب ”عرب مجاهدن جي تاريخ“ ۾ اسپين ۾ اسلامي فتوحات ۽ اسلامي حڪومت جو ذڪر ڪندي هيٺين ريت لکيو آهي:
”اسلام جي فتح ۾ سڀ کان زياده مفيد اثر گھٽ درجي جي ماڻهن جي حالت تي پيو. اسلام جي فتح کان اڳ هنن سان جانورن کان به برو برتاءُ ڪيو ويندو هو. هاڻي هو انسانيت جي درجي کي پهچي ويا. مسلمانن جي قبضي ۾ آيل جاگيردارين تي جيڪي رواجي ٻانها ۽ گھرو غلام اڳ ۾ ڪم ڪندا هئا، تن کي شهري حقوق ملي ويا ۽ اهي زمينون کين ”هارپ“ جي حق تي ڏنيون ويون، جنهن ڪري ٻني ۾ سندن حق ٿي پيو ۽ سموري زمين ڄڻ ته سندن ملڪيت ٿي پئي.“
حضرت امير عمرؐ جي خلافت جي زماني ۾ جڏهن ايران جي حڪومت مسلمانن جي هٿ ۾ آئي تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجه جي صلاح سان سروي جو ڪم تمام وڏي پيماني تي ڪرايو ويو. هارين جا بار هلڪا ڪيا ويا. انهن کي يقين ڏياريو ويو ته کائن زمينن جو قبضو نه کسيو ويندو. خود زمين جو وڪرو سختي سان بند ڪيو ويو، جيئن پراڻن هارين کان زمين کسجي نه وڃي.“
حضرت عمر ؐ جو ذڪر ڪندي مسٽر امير علي لکي ٿو:
”دور انديشي جا پوين مسلمان حاڪمن ۾ مفقود هئي، تنهن کان ڪم وٺندي هن (حضرت عمر ؐ) محسوس ڪيو ته حڪومت جي بنياد پڪي ڪرڻ ۽ ان جي مالي ترقي جو راز ملڪ جي آبادگارن جي خوشحالي تي منحصر آهي. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن فتح ٿيل ملڪن ۾ زرعي زمينن جا وڪرا قطعي بند ڪري ڇڏيا. عربن جي دست درازي کان بچاءَ جي خيال کان هن وڌيڪ هي حڪم به ڪيو ته ملڪي ماڻهن کان ڪوبه مجاهد (فوجي) زمين خريد نه ڪري. فتح ٿيل ملڪن جي انتظام ۾ هارين جي بهتري ۽ واپار جي واڌاري جي ڪمن کي مقدم رکڻ لاءِ سختي سان نظرداري ڪئي ويندي هئي.“

(مترجم: علاؤالدين محمد يونس خان سمون)