نظرئي ۽ فڪر ۾ بقاءِ انفع جو اصول : مولانا محمد انس راڄپر
الَّذِیۡ خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ اَیُّکُمۡ اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ(الملڪ- ٢)
”موت ۽ حياتي پيدا ڪيائين ته اوهان کي آزمائي ڏسي ته اوهان مان ڪير وڌيڪ سٺن عملن وارو آهي.“
پر اسان حياتياتي بقا جي سلسلي ۾ وڌيڪ بحث ۾ نه ٿا پوڻ گهرون، اسان سڌو فڪر ۽ نظريي جي بقا ۽ غلبي بابت قرآن شريف جو جيڪو تصور آهي ان تي بحث ڪرڻ طرف اچون ٿا. قرآن جنهن فڪر ۽ نظرئي جو حامل ۽ علمبردار آهي، تنهن کي ان ”دين حق“ سان تعبير ڪيو آهي. ٻين باطل دينن سان هن دين جو ٽڪر کائڻ ۽ ان ڪشمڪش مان سوڀارو ٿي غالب ٿيڻ جو عمل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟ ان جو هت تجزيو ڪبو. قرآن شريف ۾ الله تعالى نبيﷺجي بعثت جو مقصد بيان ڪندي فرمايو آهي:
ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرْسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالْہُدٰی وَ دِیۡنِ الْحَقِّ لِیُظْہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ كُلِّہٖ ۙ
وَلَوْ کَرِہَ الْمُشْرِكُوۡنَ ﴿۳۳﴾ (التوبه- ٣٣)
”هو اها ذات آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ دين حق سان گڏي ان لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪن کي ناپسند هجي.“
سڀني دينن تي دين حق جو غلبو رسول الله صلي الله عليه و سلم جن جي اچڻ جو مقصد آهي. جيڪو مقصد دين حق جي سڀني پيروڪارن جو به آهي. هن آيت ۽ اهڙين کوڙ ٻين آيتن مان دين حق جي غلبي ۽ بقا جي اجزاءَ ترڪيبيءَ مان هڪ جزو اهڙي انساني ڪوشش آهي، جيڪا دين حق جي غلبي لاءِ ڪم اچي.
ڇا ڪنهن حق واري دين جي غلبي لاءِ انساني ڪوشش ئي ڪافي آهي يا ان ۾ ان جي ضرورت به آهي ته ان دين ۾ خود غالب ٿيڻ جي سگهه به هئڻ گهرجي؟ شايد اها ضرورت ظاهر ڪرڻ لاءِ ئي الله تعالى هن آيت ۾ صرف ”دين“ جو لفط استعمال نه ڪيو؛ پر ”دين حق“ جو لفظ استعمال ڪيو: يعني دين جي غلبي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو دين ”حق“ به هئڻ گهرجي. يعني اهو پنهنجي جوهر ۾ غالب ٿيڻ جي سگهه به رکندو هجي. نه ته ڀل ڪيتريون به انساني ڪوششون ڪم آنديون وڃن، اهڙو دين ڪڏهن به غالب نه ٿي سگهندو جيڪو حق نه هجي. قرآن ۾ الله تعالى فرمايو:
وَ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَہَقَ الْبَاطِلُ ؕ اِنَّ الْبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل- ٨١)
”چئو! حق آيو ۽ باطل مٽجي ويو ڇاڪاڻ ته باطل مٽجڻو ئي آهي.“
جيئن روشني ٿيندي ئي اونده ختم ٿي ويندي آهي، ائين حق جي ايندي ئي باطل ڀڄي ويندو آهي. اها حق جي پنهنجي قوت ۽ جوهر آهي، جنهن ڪري باطل ان آڏو نه ٽڪندو آهي.
ڪنهن دين جي غالب ٿيڻ جي سگهه جو مدار ڪهڙي ڳالهه جي مٿان آهي؟ يا هڪ کي حق سڏجي ۽ ٻئي کي باطل قرار ڏجي ان جو ڪهڙو معيار آهي؟ ڇا منهنجو دين، منهنجي ابن ڏاڏن جو دين، ڇاڪاڻ ته منهنجو ۽ منهنجي ابن ڏاڏان جو آهي، ان ڪري حق آهي؟ جيڪو منهنجو ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جو ناهي سو باطل آهي؟ يا جنهن دين جي حق هئڻ جي اسان دعوا ڪيون، اهو حق آهي، جنهن کي باطل قرار ڏيون اهو باطل آهي؟ يا ان جو ڪو معيار آهي؟ الله تعالى فرمائي ٿو ائين ناهي، بلڪ اسان وٽ دين جي حق هئڻ جو هڪ معيار آهي. جيڪو دين ان معيار تي پورو لهندو سو حق آهي. جيڪو ان معيار تي پورو نه لهندو سو باطل آهي. الله تعالى ان معيار کي سمجهائڻ لاءِ چند مثالن جو سهارو ورتو آهي. فرمائي ٿو:
اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتْ اَوْدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحْتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَمِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابْتِغَآءَ حِلْیَۃٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الۡاَمْثَالَ ﴿ؕ۱۷﴾ (الرعد:17)
(1) ”آسمانن مان اسان پاڻي وسايو آهي، جنهن کان پوءِ نهرون پنهنجي پيمانن مطابق وهي هليون آهن. پوءِ وهڪرن پنهنجي مٿان گجي کنئي.
(2) ۽ جيڪي شيون اوهان باهه ۾ پگهرائيندا آهيو، اسلحه ۽ سامان ٺاهڻ لاءِ، انهن تي به اهڙي گجي ٿيندي آهي. ان طرح الله تعالى حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو. سو گجي اڏري ختم ٿي ويندي البته جيڪا شئ انسان کي نفعو ڏئي ٿي، سا زمين تي ٽڪي سگهي ٿي. “
هن آيت ۾ الله تعالى حق ۽ باطل جو هڪ مثال اهو ڏنو آهي ته هڪ آهي پاڻي جيڪو نهرن ۾ تيزوهڪرن جي صروت ۾ وهي ٿو ۽ ٻي آهي ان تي ٺهندڙ جهاڳ ۽ گجي. پاڻي باقي رهي ٿو جهاڳ ۽ گجي اڏري، سڪي ختم ٿي ٿي وڃي، حق ۽ باطل به ائين ئي آهن. حق انسان کي نفعو ڏئي ٿو ان ڪري اهو قائم ۽ باقي رهي ٿو. باطل انسان کي فائدو نه ٿو ڏئي ان ڪري اهو ختم ٿي ٿو وڃي.
ان جو ٻيو مثال هن آيت ۾ لوهه، پتل يا سون وغيره جهڙن ڌاتن جو آهي انهن کي به جڏهن پگهرائبو آهي ته انهن تي به جهاڳ ۽ گجي ٿيندي آهي. جهاڳ ۽ گجي ڪڍي ڦٽي ڪبي آهي ڇاڪاڻ ته انسان جي فائدي جي ڪانهي. لوهه، پتل يا سون وغيره ڇاڪاڻ ته انسان جي نفعي وارا آهن ان ڪري اهي قائم رهن ٿا.
نباتات ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گاهه ٻوٽا ۽ ڏٿ ٿيندا هئا، جيڪي انسان روز جهنگن مان چونڊي گهرکڻي ايندو هو ۽ پنهنجو قوت گذر ڪندو هو. اهڙن ڪيترن ئي قسمن جي گاهن، ٻوٽن ۽ ڏٿن مان جيڪي انسان پنهنجي فائدي ۾ ڏٺا تن کي پنهنجي محنت سان اهڙي زندگي بخشي جو زمين تان لکين ٻوٽا ناپيد ٿي ويا پر ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري ۽ سرنهن وغيره جهڙا انساني فائدي وارا ڏٿ اڄ به زنده سلامت ۽ آباد آهن.
بلڪل اهڙيءَ طرح نظريا ۽ فڪر به جيڪي انسانيت کي فائدو ڏين ٿا. انسان جي ڏک، درد، پيڙا، ظلم ۽ اذيت ۾ ان جو سهارو بنجن ٿا انسان پنهنجي جانين ۽ سرن جا نذرانا ڏئي انهن کي جياري ۽ زمين تان کڻي آسمان تي پهچائي ڇڏي ٿو. پر جيڪڏهن فڪر ۽ نظريي ۾ انسان پنهنجي درد جو درمان ۽ مسئلن جو قانوني تحفظ نه ٿو ڏسي ته پوءِ ان فڪر جي سربلندي، غلبو ۽ احياء، ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي. دين اسلام جو جڏهن ظهور ٿيو ته ان ۾ انسانيت جي ڪمزور ۽ ضعيف طبقن پنهنجو جياپو ڏٺو، پنهنجي دردن جو درمان ڏٺو، عرب کان ويندي روم ۽ فارس تائين جي پيڙهيل طبقن اسلام ۾ پنهنجي زندگي، جياپو ۽ آزادي ڏٺي تڏهن ئي انهن طبقن جي ماڻهن پنهنجو گهر ٻار ۽ سر ساهه صدقو ڪري دين اسلام کي سربلند ڪيو ۽ باطل نظامن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
اڄ جڏهن اسان دين اسلام جي غلبي، احياءَ ۽ سربلنديءَ جو فڪر ڪيون ٿا ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته قرآن جي هنن ارشادن ۾ اسان لاءِ اها رهنمائي ۽ سبق آهي ته انساني افاديت کان خالي فڪر ۽ نظرئي جي سربلندي، غلبو ۽ احياءُ خام خياليءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ان ڪري ضروري آهي ته اڄ جي دور جي انسان جو جيڪو درد ۽ پيڙا آهي ۽ ان جا جيڪي مسئلا آهن، انهن جو اسان تجزيو ڪيون. اسلام ۽ قرآن جي بنيادي اصولن جي روشنيءَ ۾ انهن مسئلن دردن ۽ پيڙائن جو درمان ۽ قانون بنائي دين اسلام کي پيڙهيل طبقن آڏو پيش ڪيون. تڏهن اسان دين اسلام کي ٻيهر غالب ۽ سربلند ڏسي سگهون ٿا. دين جي قربان گاه ۾ انسانيت جي قربان ٿيڻ جي قيمت تي دين جو احياءُ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون. يعني انسانيت جي موت جي قيمت تي دين جي حياتي نه گهرون بلڪه دنيا کي پيغام ڏيون ته هي دين انسانيت لاءِ زندگيءَ جو پيغام کڻي آيو آهي. جيئن قرآن جو فرمان آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیۡبُوۡا لِلہِ وَلِلرَّسُوۡلِ اِذَا دَعَاكُمۡ لِمَا یُحْیِیۡكُمْ ۚ(الانفال:۲۴)
”اي ايمان وارو الله ۽ رسول جو سڏ ورنايو جڏهن توهان کي ان (دين) ڏانهن سڏين جيڪو اوهان کي جياپو ڏئي ٿو.“
اسلام کي اهڙي ڍنگ سان کڻي اچو جو هڪ اهڙي قوم جيڪا زندگيءَ جون سڀ توانايون وڃائي ٺري مرده ٿي چڪي آهي، سا هن دين جي ذريعي آرس ڀڃي اٿي پئي ۽ هڪ متحرڪ ۽ ناقابل شڪست قوت بنجي اٿي، پوءِ ڏسو ته ان قوم جا جوڌا ڪيئن ٿا اسلام کي سربلندين تي پهڇائن. اسلام شروع واري دور ۾ اهو ئي ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، جنهن جو ذڪر سورت قريش ۾ الله تعالي هنن لفظن ۾ فرمايو:
لِاِیۡلٰفِ قُرَیۡشٍ ۙ﴿۱﴾ اٖلٰفِہِمْ رِحْلَۃَ الشِّتَآءِ وَ الصَّیۡفِ ۚ﴿۲﴾ فَلْیَعْبُدُوۡا رَبَّ ہٰذَا الْبَیۡتِ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡۤ اَطْعَمَہُمۡ مِّنۡ جُوۡعٍ ۬ۙ وَّ اٰمَنَہُمۡ مِّنْ خَوْفٍ ٪﴿۴﴾
الله جي فضل سان قريش هڪ اهڙي سرگرم معاشي قوت بنجي اٿيا جو سياري اونهاري جي تجارتي سفرن جي نتيجي ۾ نه رڳو سکيو کائڻ لڳا پر امن وارا به ٿي پيا. ان طرح قرآن ۽ اسلام کي مرده قومن جي سُکي حياتي ۽ زندگيءَ جو ذريعو بنائڻ ۾ اسان ڪامياب ٿياسين ته اسان اسلام کي سربلند ۽ غالب بنائڻ ۾ ڪامياب به ٿينداسين. پر جيڪڏهن زندگيءَ کان مايوس طبقن جي ماڻهن کي زندگيءَ جي جوت بخشڻ بجاءِ انهن کي قرآن جي ڦيڻن ۽ تعويذن جو آفيم کارائي سڪون جي ننڊ ڪرائيندا رهياسين ته پوءِ اسلام جو غلبو خام خياليءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونه رهندو.