مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت : الطاف جاويد

سيرت طيبه تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر انهن مان ڪنهن به انهيءَ سماجي انقلاب جي واضح نشاندهي نه ڪئي آهي، جيڪو مديني جي معاشري ۾ ظاهر ٿيو هو. سڀني ليکڪن رڳو واقعن کي ورجايو آهي، پر انهيءَ انقلابي تبديليءَ تي روشني نه وڌي آهي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مديني جي رياست کي ”گڏيل جمهوريت“ چيو آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته لکڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جو بنيادي ڪارنامو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو. نبين جي بعثت جي شروعات ئي انهيءَ وقت ٿي، جڏهن زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. منڍ کان ئي مالڪ ۽ ٻانهي جا ٻه طبقا وجود ۾ اچي ويا هئا. ٿورڙن هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهن معاشري تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پيدواري ذريعن تي، جيڪو ان وقت ”زمين“ هئي (ڇاڪاڻ ته مشينون ان وقت ايجاد ڪونه ٿيون هيون)، پنهنجي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. انهن ماڻهن غلامن جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جي زور تي رياست قائم ڪري ورتي. قبيلي جي چڱي مڙس آهستي آهستي بادشاهه جي حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ جنگين جي ذريعي غلامن، جيڪي حقيقت ۾ قيدي هئا، جي تعداد ۾ واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. رياست جا جزا جهڙوڪ، فوج، پوليس، عدالتون ۽ قانون وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا جن جو بنيادي ڪم مالدار طبقن جي دولت ۽ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ هو.
غلام پنهنجي انساني حيثيت وڃائي هڪ وکر بڻجي ويو هو، جنهن کي قتل توڙي وڪرو ڪري سگھجي پيو، ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو، ۽ ان کي ناقابل برداشت سزا ڏئي سگھجي پئي. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو. غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ، اڃا به ان ۾ واڌاري جي لاءِ جنگ ۽ فساد عام ٿيندو ويو. بابلي، سميري، ڪلداني، آشوري، ايراني، مصري ۽ روما جهڙي شروعاتي تهذيبن تي ٻڌل سلطنتن انسانن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ لکت جي شڪل ۾ موجود آهن. دولت ۽ اقتدار جي جھجھائي جنسي ڪميڻائپ کي جنم ڏنو. پيداواري ذريعن تي ٻڌل تهذيب بابت موجوده زماني ۾ اقبالؒ چيو آهي ته:
خواجه نان بندهء مزدور برد
آبروءِ دختر مزدور برد

انهيءَ مان اندازو ٿي سگھي ٿو ته ڇڙواڳ بادشاهن ۽ حاڪمن جي دور ۾ انسانيت جو ڪهڙو حال هوندو. قرآن نبوت جي بعثت جو هڪ سبب ”بعضکم لبعض عدو“ جي صورتحال کي سڏيو آهي. يعني جڏهن انسان مالڪ ۽ ٻانهي جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٻنهي طبقن جا مفاد ھڪٻئي جي تمام ئي مخالف ٿي ويا. معاشري جي ارتقا سان گڏ مالڪ ۽ ٻانهي، جاگيردار ۽ هاري، مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ ڪارخانيدار ۽ مزدور پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا.
عام تاريخدانن تاريخ ۽ ان جي واقعن کي بادشاهه ۽ اميرن جي واقعن سان واڳيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح تاريخ عوام جي بدران بادشاهن ۽ حاڪمن جي اڳيان پويان ڦيرا پائڻ لڳي. عوام جون حالتون ڇا هيون، انهن جي محنت ڇا ڇا پيدا ڪيو ۽ ڪهڙيون شڪليون اختيار ڪيون، انهن جي محنت جو ڪهڙن ڪهڙن حيلن سان استحصال ڪيو ويو، غلام تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ويا، انهن سڀني ڳالهين کي مؤرخ نظر انداز ڪندو رهيو. غلامن جي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ۽ بغاوتن جو ذڪر نه ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ائين ٿيو به، ته اهو به بادشاهن جي مفادن جي حوالي سان ٿيو آهي.
انهيءَ تاريخي پس منظر سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته، نبوت ۽ نبين جي بعثت جو اصل مقصد حقيقت ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشري جي انهيءَ ڍانچي کي بدلائڻو هو. يعني توحيد الاهي جي نظريي کي سماجي طور حاڪم بڻائي غلاميءَ ۽ جبر کي ختم ڪرڻو هو ته جيئن ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجي لاءِ سک ۽ سلامتيءَ جو دين اختيار ڪري سگهن، ان سان هڪ طرف انهن جي بادشاهن جي دين تي رهڻ وارو جبر ۽ ٻيو پورهيي جي استحصال جو جبر، ٻئي عذاب ختم ٿين. اهڙي طرح اهڙو توحيدي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو، جيڪو خوف يعني جنگ، فساد ۽ بغاوتن ۽ ڏک يعني غربت، بک، مسڪيني، جهالت ۽ غلاميءَ کان پاڪ معاشرو هجي، ته جيئن پيداواري ذريعن (جهڙوڪ، زمين، ٻيلا،کاڻيون، سمونڊ ۽ پوءِ مشينون ۽ ڪارخانا جن ۾ محنت اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي) کي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي ڪري، عوام جي (جيڪو نوي سيڪڙو هو) قبضي ۾ ڏنو وڃي. الله تعاليٰ اهي سڀئي ذريعا ”الخلق عيال الله“ جي حوالي سان سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا هئا جيئن ته قرآن چيو آهي:
ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ(البقره:۲۹)
”اهو (الله) ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي (سو) توهان (سڀني) جي لاءِ پيدا ڪيو“.
قرآن جي مطابق نبين جي بعثت سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي هر ڳوٺ ۾ ٿي هئي. انهن سڀني نبين جي بعثت جو مقصد توحيد الاهي جي تصور واري معاشري جي برخلاف جڙيل معاشري کي غير طبقاتي يا توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو، ته جيئن نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي، جسماني، تهذيبي ۽ علمي ضرورتن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري عبادت ۽ خدا جي ياد جي ذريعي خدا سان ويجھڙائي ماڻي سگھن. پر ٿيو ائين جو مذهبي پيشوائن نبين جي انهيءَ سماجي نصب العين يعني معاشري جي نيئن سر جوڙجڪ جي تصور کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ، عوام جي نظرن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه ديني نطقه نظر کان انهن جي ذهن ۾ ويهاري وئي ته دولت جي ورهاست الله تعالى ڪندو آهي؛ مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو نه آهي، پر اها الله جي جوڙيل تقدير آهي.
هر مذهب، ويندي اسلام جي مذهبي پيشوائن به انهيءَ مسئلي کي نظر انداز ڪيو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي تعمير ۽ سينگار ۽ صبر ۽ شڪر سان واڳي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه واعظن ۽ خطبن ۾ وري وري چئي ويندي آهي ته خدا جي طرفان امير ۽ غريب جي قائم ڪيل طبقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش حقيقت ۾ خدائي حڪمن جي خلاف بغاوت آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. امير جيڪڏهن عبادتون ڪن ۽ پنهنجي دولت سان خيراتون ۽ صدقا ڏيندا رهن ته اهي محنت جي استحصال واري ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي باوجود به جنت ۾ داخل ٿيندا.
هي هو اهو تاريخي پس منظر، جنهن کي سيرت نگار نظر انداز ڪندو رهيو آهي. هو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشري ۾ زنا ۽ شراب يا قتل ۽ خون خرابي جا قصا ته بيان ڪندو رهيو آهي، پر هُن اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان وٺي اٺ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تي ٻڌل تاريخ کي، جنهن جي شروعات زرعي دور جي شروعات سان ٿي هئي، محمد عربي ﷺ جي بعثت ۽ اسلام کي الڳ ڪري ڇڏيو. ان کي غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جا ڍير نظر ڪونه آيا، جن تي جاگيردار ۽ مالڪ جي آسائشن جو دارومدار هو.
اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشرو دنيا جي ٻين معاشرن جو حصو هو، جن ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشي طبقا موجود هئا ۽ غلام جي محنت جي استحصال سان، عظيم الشان سلطنتون قائم ٿينديون هيون. قرآن ڪريم اسلام کان اڳ وارن معاشرن جي جوڙجڪ تي روشني وجھندي، نموني جي طور تي حڪمران طبقي (فرعون)، مالدار طبقي (قارون) ۽ انهن طبقن کي مذهبي جواز عطا ڪرڻ وارا مذهبي پيشوائيت (بلعم باعور ۽ هامان) جي نشاندهي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۾، انهن معاشرن جي بچي ويل آثارن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ انهن جو مطالعو ڪيو هو. پاڻ غار حرا جي اڪيلائين ۾ انهن جي تباهه ڪندڙ نتيجن ۽ انهن جي ازالي جي طريقن تي غور ڪيو هو. حقيقت ۾ غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي جو، جيڪا سورت علق جي شروعاتي پنجن آيتن تي مشتمل هئي، تاريخي پس منظر محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ ان جي ڪثرت کان خوف ۽ ڳڻتي تي ٻڌل حالتن تي مشتمل هو. ايتري تائين جو حبشه ڏانهن هجرت واري وقت تائين نازل ٿيڻ وارين آيتن ۽ سورتن جا مخاطب اميرن جو طبقو آهي ۽ قرآن جو لهجو انهن جي خلاف تمام ئي سخت ۽ طوفاني آهي.
قرآن انساني معاشري جي جوڙجڪ، جنهن جي شروعات آدم جي زمين تي لاهڻ واري وقت کان ٿئي ٿي، ڏاڍائي ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيڻن ۽ نئڙت سان هلڻ وارن ٻن مخالف طبقن تي مشتمل قرار ڏنو آهي. پر سيرت نگار ۽ قرآن جو تفسير لکڻ واري مفسر، انهن طبقن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي منطقي نتيجن کي بنيادي طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو. انهن زنا ۽ شراب وغيره جي قصن کي ته وري وري ورجايو آهي، پر غلام جي محنت جي استحصال مان گڏ ڪيل دولت، جيڪا حقيقت ۾ انهن بڇڙن ڪرتوتن جو بنيادي سبب آهي، جو ذڪر ئي نه ڪيو.
قرآن جڏهن اهو چوي ٿو ته قومن جي تباهي جو سبب (بني اسرائيل) ۽ نبين کي ايذائڻ وارو طبقو (السباء) ڏاڍ ڪندڙ (مالدار) آهي ته انهيءَ جي معنى ئي اها آهي ته دولت جي گھڻائي جو بنيادي سبب محنت جو استحصال آهي. پر اسان جو تاريخدان ۽ مفسر دولت جي جھجھائي مان پيدا ٿيندڙ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ واري منطقي نتيجي جو ذڪر ته ڪري ٿو، پر ان جي بنيادي سبب، محنت جي استحصال جو ذڪر نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي ته هڪڙو تمام ئي ننڍڙو طبقو، جيڪو ڏهه سيڪڙو انسانن تي ٻڌل آهي، تنهن وٽ دولت جي جھجھائي اچي ڪٿان ٿي؟ جڏهن ته نوي سيڪڙو انهيءَ کان محروم آهن. نتيجو اهو آهي ته سڀني تفسيرن ۽ سيرت طيبه جو مطالعو، مسلم معاشري ۾ ڪابه انقلابي تبديلي نه آڻي سگھيو ۽ مسلم معاشرو اڃا تائين غربت، جهالت ۽ بد امني جو شڪار نظر اچي ٿو.
اِهو آهي اُهو تاريخي پس منظر، جنهن کي نظر انداز ڪندي، سيرت طيبه لکڻ وارو ذهن، اسلام کي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي يا توحيدي معاشرو جوڙڻ واري انقلابي تحريڪ جي بدران هڪ اصلاح پسند مذهب سڏي ٿو، جنهن جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ واعظ ۽ خطبي جي ذريعي اخلاق کي پنهنجائڻ جي تلقين ڪرڻ آهي يا وري رڳو مسجدن جي تعمير ۽ سينگار ڪرڻ ئي عبادت قرار ڏنو ويندو آهي. هو انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو ته فرد جي تربيت ۽ پرگھور خلا ۾ نه ٿيندي آهي پر معاشري ۾ ٿيندي آهي ۽ معاشرتي قوتون ان جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون. جيڪڏهن معاشرو طبقن تي مشتمل هوندو ته فرد يا ته ڏاڍائي ڪرڻ وارن جي طبقي مان هوندو جيڪو محنت جي استحصال کي قدرت جو قانون سمجھندي پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ انهيءَ دولت جي جھجھائي سان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي اعلى ماحول ۾ علمي ۽ تهذيبي تربيت ڪندو ۽ معاشري ۾ اعلى مقام حاصل ڪندو؛ يا وري اهو فرد مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ اک کوليندو جتي محرومي، غربت، بک، جهالت ۽ پوئتي رهجي وڃڻ ان جي تقدير ٿيندي.
ڇا اسلام انهن طبقن کي قائم رکڻ جي لاءِ آيو هو؟ يا انهن طبقن کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم ڪرڻ گھري ٿو؟ اسان جو تاريخدان ۽ مفسر انهيءَ سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيو، اڃا به هو انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ خدائي تقدير آهي جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي.
پر جڏهن سيرت طيبه جو قرآن پاڪ جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته، تاريخي پس منظر ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه رڳو اسلام پر دنيا جا سڀئي مذهب، پوءِ ڀلي اهي سامي، آريائي يا زرد قومن سان واسطو رکندڙ ئي ڇونه هجن، معاشري جي طبقاتي ورڇ کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي ظهور جو بنيادي سبب ٻڌائن ٿا. ٿيو ائين جو هزارين سالن جي عرصي ۾ مذهبي پيشوائن نبين يا مذهبن جي مقدس بانيڪارن جي انقلابي تعليم کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن ۾ بدلائي ڇڏيو. اڄ حالت اها آهي ته نه رڳو ٻين مذهبَن، پر اسلام جي نقلابي تعليم کي به بدلايو ويو آهي، ايتري تائين جو لفظ انقلاب کي دين جو دشمن سڏيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جو اصل منصب رڳو دعوت ڏيڻ ۽ مسئلا ٻڌائڻ آهي، نه ڪه انقلاب! ٻين لفظن ۾، مذهب اصلاح جي لاءِ آيا آهن نه ڪه انقلاب جي لاءِ!!
پر سيرت طيبه کي جڏهن انهيءَ تاريخي پس منظر ۽ قرآن جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته نتيجا سيرت جي روايتي تاريخدان جي اخذ ڪيل نتيجن کان مختلف، اڃا به مخالف نڪرن ٿا. جنت، جنهن مان نڪرڻ کان پوءِ انساني نسل شڪار ڪري پيٽ پاليندو هو، تنهن جو شڪار دريائن مان مڇي ۽ ٻئي جانور پڪڙي ۽ ٻيلن مان ميون ۽ جانورن جي گوشت مان حاصل ڪرڻ هوندو هو. انسان قبيلن جي شڪل ۾ رهندا هئا ۽ قبيلن کي جتي کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهائش اختيار ڪري وٺندا هئا. دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن قبيلي يا ماڻهو جو ذاتي قبضو نه هوندو هو. ٻين لفظن ۾ اڃا روزيءَ جي وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. قرآن انهن حالتن کي ”وکلا منها رغداً حيث شئتما“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. پر زراعت واري دؤر ۾ فصل تي فردن جو ذاتي قبضو ٿي ويو ۽ انهيءَ آزاد زندگي جو، جنهن کي جنت چيو ويو آهي خاتمو ٿي ويو. زراعت سان زمين تي ذاتي ملڪيت جي شروعات هڪٻئي سان جھيڙي جھٽي ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪري ورتي. قرآن انهيءَ حالت کي استعاري طور آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ قابيل زبردستي هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. هابيل شڪار واري زماني جي علامت آهي، ڇو ته هو قربان گاهه ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور وٺي آيو هو ۽ قابيل اَنَ جا داڻا کڻي آيو هو جيڪو زراعت واري دؤر جي نشاني آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي هئي. هابيل جي قتل يعني شڪار واري دؤر جي خاتمي کان پوءِ قابيل وارو دؤر شروع ٿيو جيڪو پيداواري ذريعن تي ذاتي ملڪيت تي مشتمل هو ۽ اڄ تائين جاري آهي. هن دؤر ۾ قابيلي فطرت يعني ڦر مار ۽ ٻين جي دولت تي ڏاڍ سان قبضو، جنسي ڇڙواڳي، هڪ طبقي ۾ دولت جي ڪثرت ۽ گھڻن ئي انسانن جو محروم ۽ لاچار ٿيڻ، شراب نوشي، جوا بازي جهڙين بڇڙين عادتن معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. قرآن جو هي چيو هو ته توهان وٽ نبي ايندا رهندا، پوءِ جيڪو معاشرو انهن جي تعليم تي عمل ڪندڙ ٿيندو سو خوف ۽ ڳڻتي يعني مخالف طبقن جي ويڙهه جهيڙن کان بچيل رهندو ته اها حالت نبين جي وفات سان گڏ ئي ختم ٿي ويندي رهي، ايتري تائين جو اسلام ۾ به اها حالت رڳو ٽيهن سالن تائين ئي رهي. ان کان پوءِ ملوڪيت ۽ ان جي منطقي مخالفت جو دؤر شروع ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اشتراڪي انقلاب جنتي معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مذهب کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏڻ جي ڪري اشتراڪي معاشرو انهن اخلاقن ۽ عادتن کي حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو جيڪو هڪ غيرطبقاتي معاشرو جوڙڻ جي لاءِ اڻٽر هوندو آهي.
ٻئي پاسي مذهبي پيشوائن پنهنجن ڪجھه ذاتي مفادن خاطر مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تائيد ڪري، ديني نطقه نظر کان جنتي معاشري جي جڙڻ کي تقريباً نا ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. آدم جو زمين تي موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي انسان زميني زندگي ۾ جنت جي جوڙجڪ ڪري. پر جيستائين مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم آهي، جنت جي جوڙجڪ ناممڪن نظر اچي ٿي ۽ هي ادارو انهيءَ وقت تائين ختم ڪونه ٿيندو جيستائين پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم نٿي ٿئي ۽ پاڪ ڪتابن جو مطالعو مذهبي پيشوائن جي بدران عالمن جي ذريعي نٿو ڪيو وڃي. انهن ٻنهي تبديلين سان ئي انساني وحدت ۽ خلافتِ آدم جو قيام ۽ وحدت دين جو تصور عملي جامو پهري سگھندو ۽ انسان مِلٽن جي لفظن ۾ ٻيهر پنهنجي گم ٿيل جنت کي حاصل ڪري وٺندو.

سنڌيڪار: مولانا سليم الله چوهاڻ