مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

اسلام جو عبادتن وارو نظام : نور احمد ميمڻ

الله تعاليٰ جيڪا به مخلوق پيدا ڪئي، ان کي سوڌي سنواري خلقيو، ان جو پورو پورو اندازو مقرر ڪيو ۽ ان جي هدايت ۽ سڌاري جو بندوبست ڪيو.
(سورة الاعليٰ 1-2)
انسانن کي اشرف المخلوقات طور هڪ جوابده ۽ ذميدار مخلوق ڪري بڻايو ويو ته ان جي لاءِ هدايت جي انتظام ۾ وجدان ۽ حواسن سان گڏ اڃان به ٻه وڌيڪ بندوبست ڪري ڏنا ويا، هڪ عقل جي هدايت جو ۽ ٻيو وحي جي هدايت جو. وحي جي هدايت جو تعلق انسان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ سان هو، جنهن ۾ عقيدن، سوچن، خيالن ۽ خواهشن جي رهنمائي به هئي، ته وري مادي ۽ جسماني قوتن کي اعتدال ۽ عدل تي هلائڻ جي تربيت به هئي. وحي جي تعليم ۾ عقيدن، سوچن ۽ فڪر جي لاءِ رهنما اصول ٻڌايا ويا ۽ انهن اصولن تي هلڻ جي مشق ۽ عملي تربيت عبادتن جي نظام سان ڪئي وئي. انهيءَ وحي جي تعليم ذريعي انسان اشرف المخلوقات کي سنواريو به ويو ۽ ان جو پورو پورو اندازو مقرر ڪيو ويو. سڀني پيغمبرن وحي ذريعي حاصل ڪيل توحيد جي فڪر ۽ امن ۽ سلامتي اصولن جي هڪ باضابطه نظام يعني دين اسلام جي ذريعي انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ عبادتن جي تربيتي نظام ۾ پاڻ به شريڪ ٿي پنهنجي پوئلڳن لاءِ شاندار عملي مثال قائم ڪيا. پيغمبرن جي ٻڌايل ان عبادتن واري نظام جا ٽي حصا آهن، (1) فرائض (2) اخلاق (3) معاملات. پهريون حصو (يعني فرائض) انسانن جي روح کي پاڪ ڪري ٿو ۽ نيڪيءَ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ماڻهن کي اتساهه عطا ڪري ٿو. ٻيو حصو (يعني اخلاق) انسان ۾ ذاتي ڪردار کي درست ڪري ٿو ۽ اصولن جو بنياد عطا ڪري ٿو. ٽيون حصو (يعني معاملات) هي سيکاري ٿو ته انسانن جا تعلقات ٻين انسانن سان ڪيئن هجن. عبادتن جي ٽنهي حصن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي ۽ ٽئي هڪ نظام هيٺ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.
فرائض جي اهميت:
عبادت جا فرائض پنج آهن. (1) ڪلمھ شهادت (2) نماز (3) زڪوات (4) روزو (5) حج. اهي پنج ئي فرض انسان جي ماڻهپي کي ڪامل ٿيڻ جي طرف مددگار بڻبا آهن ۽ ان جي شخصيت کي ترقيءَ طرف وٺي مجموعي طور تي هيٺيان پنج نتيجا پيدا ڪندا آهن.
(1) خلوص ۽ خدا رخي زندگي: انهيءَ مان محسوس ٿيندو آهي ته انسان جي زندگي پنهنجي خلقڻهار الله جي اثر کان متاثر ٿي رهي آهي. هو خود رخي زندگيءَ جي بجاءِ خدا رخي زندگي جي واٽ جو پانڌيئڙو بڻيو آهي.
(2) قلب جو اطمينان: انهيءَ سان ماڻهو زندگيءَ جي فڪرات ۽ پريشانين کان آجو ٿيندو آهي. خلقڻهار جي ٻڌايل هڪ ضابطي واري زندگي گذارڻ جي ڪري نه صرف زندگيءَ جو اطمينان حاصل هوندو اٿس، پر موت ۽ موت کان پوءِ جي فڪرات کان به نجات ملي پوندي اٿس.
(3) عدالت: ماڻهوءَ جي متوازن شخصيت عدل ۽ انصاف جي طريقن تي ڪاربند ٿيندي آهي ۽ هو پنهنجي جذبات ۽ خواهشن تي پوري سگهه حاصل ڪري وٺندو آهي. جيئن هو پنهنجي ذات ۽ خاندان سان به انصاف ڪندو آهي. تيئن پنهنجي مٽن مائٽن، يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پنهنجي چوڌاري ضرورتمندن ۽ سموري انسانيت سان به انصاف جي هلت هلندو آهي.
(4) ڪامل محبت: هو خلق خدا کي الله جو عيال ڀانئڻ لڳندو آهي، ان ڪري خلق ڏانهن هن جو رويو مصالحت، همدردي، مساوات وارو هوندو آهي ۽ منجهس غيرمشروط ۽ بي غرضيءَ سان خدمت جي جذبن جو اُڀار ٿيندو آهي.
(5) ڪامل اجتماعيت: هو پاڻ کي ڪل جو جز سمجهندو آهي، انهيءَ ڪري انساني وقار ۽ آجپي جي بحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ پوئتي پيل طبقن جي بحال ڪاري لاءِ عملي ڪوششون وٺندو آهي. کيس علم، مرتبي ۽ مال جي صورت ۾ جيڪي نعمتون مليل هونديون آهن انهن کي قدرت جي پاران حوالي ڪيل امانت جي ذميواريءَ طور ورهائي حقدارن تائين حق پڄائيندو آهي.
ڪلمي شهادت جي ذريعي انسان حلف کڻندو آهي ته هو هاڻي پنهنجي مرضي، خواهشن ۽ غرضن هيٺ زندگي نه گذاريندو بلڪ پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار جي منشا ۽ مرضيءَ مطابق جيئندو. هو پنهنجي چوڌاري سردارن، مرشدن ۽ مذهبي پيشه ورن جي سڀني انساني غلامين کان پاڻ کي آجو ڪري هڪ الله جي ٻانهپ اختيار ڪندو. صرف ان جي ئي حڪمن تي هلندو ۽ ان جي لاءِ حضرت محمد ﷺ جي نموني کي کي رهبر ۽ مشعل بڻائيندو.
نماز پنهنجي پاڙيسڙين سان گڏجي پڙهڻ جو مطلب آهي ته مومن جي زندگي هاڻي سندس ذات جي چوڌاري نه ڦرندي، پر هو اجتماعي طرح زندگي گهاريندو. سندس اٿڻ ويهڻ، سجدا ۽ رڪوع خلق سان گڏ هوندا. انساني وجود جي اندر زندگيءَ جو جيڪي سگهون ۽ قابليتون آهن انهن کي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم آڻيندو. نماز جي ذريعي هو الله تعاليٰ سان رابطه ڪاري (Communication) ڪندو. هو روزانو نماز جي ذريعي وري وري پنهنجي ذميدارانه زندگيءَ يعني اخلاق ۽ انسانيت جي ڪمن ۽ حسن معاملات جي رپورٽ پيش ڪندو ۽ ان جي موٽ ۾ استقامت ۽ استعانت جو ويساهه حاصل ڪندو رهندو. ان جي نتيجي هڪ مثالي انسان منظر تي ايندو آهي جيڪو پنهنجي علائقي ۽ شهر ۾ رباني سماجوادي انسان جي سڃاڻ حاصل ڪندو.
جيئن نماز انساني وجود جي اندروني سگهن ۽ قابليتن جي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم اچڻ جو عزم ۽ اظهار آهي تيئن زڪواة وري انساني وجود جي ٻاهرين وسيلن ۽ ذريعن جي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم اچڻ جو خدائي بندوبست آهي. انسانن کي الله جي خليفي واري ڪردار جي حق ادائيءَ واسطي اجتماعي زندگيءَ وانگر معاشي اشتراڪيت لاءِ انفاق جون ڪيتريون ئي صورتون قرآن حڪيم ۾ ورائي ورائي ٻڌايو ويون آهن.
روزو الله تعاليٰ جي لاءِ آهي ۽ خلق خدا جيڪا الله جو عيال آهي، انهن جي وچ ۾ معاشرتي اشتراڪيت جو خدائي بندوبست آهي. اهڙي طرح خودغرضي، خودرخي ۽ مفاد پرستيءَ جي جذبن کان آجو ٿي خدا رتي زندگي گذارڻ جي ڀرپور مشق آهي. سڀئي انسان ڳالهه ٻولهه، سوچ ۽ ويچار ۽ کائڻ پيئڻ جي شخصي طور طريقن ۾ ذاتي عادتن جا غلام نه بڻجن بلڪ انهن کي سندن سوچن ۽ خواهشن تي ڪنٽرول هجي. پورو مهينو مسلسل اها مشق ڪري پنهنجي وجود جي اهڙي نگراني ڪئي وڃي جو ان جو ڪوبه حصو خدائي حڪمن جي نافرماني نه ڪري سگهي. روزي سان نفسي سڌن ۽ خواهشن تي ضابطي ۽ خود حوالگيءَ جي جذبي ۽ خوداعتماديءَ جي ڪري اطمينان ۽ محبت جي احساس سان زندگي جيئڻ جو ملڪو پيدا ٿيندو آهي.
حج تعمير انسانيت جي آخري منزل آهي، جيڪو مٿين چئني عبادتن جي اثر کي منظم شڪل ڏئي انسان کي ابراهيمي ملت جو فرد بڻائي توحيد جي سربلندي ۽ ڦهلاءَ جي لاءِ تيار ڪندو آهي. حج هڪ جهڙي لباس، هڪ ئي گهرجي حاضري ۽ لبيڪ جي صدا سان ماڻهو جي اندر خدا جي لاءِ جيئڻ ۽ خدا لاءِ مرڻ جي ديوانگي پيدا ڪندو آهي. ان کان پوءِ ماڻهوءَ عالمي برادريءَ جو حصو بڻجي توحيد جي اعليٰ مقصدن يعني غلاميءَ جي خاتمي ۽ انساني آزادين ۽ اهڙي اشتراڪي معاشري لاءِ جيئندو آهي جتي صرف هڪ الله جي حاڪميت هجي. ان جي قيام لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندو آهي.