مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

مسلمانن ۽ اهل ڪتاب جون هڪجهڙيون تمنائون : مولانا محمد انس راڄپر

قرآن شريف ۾ الله تعالى يهودين جي ذڪر ۾ ارشاد فرمايو آهي:
وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ (البقره 78)
”انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ڪتاب مان سواءِ ”اماني“ جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿا ڄاڻن.“
هن آيت ۾ لفظ ’اماني‘ جيڪو ذڪر ٿيو آهي، سو جمع آهي. ان جو واحد آهي ’امنية‘. واحد جي صورت ۾ هيءُ لفظ قرآن شريف ۾ نبيءَ جي ’دل جي خواهش‘ جي معنى ۾ آيو آهي.(الحج: 52) نبي سٺيون خواهشون ۽ تمنائون ڪندا آهن. البته ان هڪ آيت کان سواءِ قرآن ۾ هي لفظ پنهنجي جمع ’اماني‘ جي صورت ۾ آيو آهي، ”معجم الفاظ القرآن الکريم“ ۾ ’امنية‘ جي معنى هن طرح بيان ڪئي وئي آهي.
الامنية: مايرغب فيه المرء ويشتهاه. واڪثر مايڪون ذالک الآمال الباطلة کطول البقاء وعدم البعث. (’الامنية‘ جي معنى آهي: ’جنهن ۾ ماڻهو شوق رغبت ۽ خواهش رکي‘، اڪثر اهو باطل اميدن جي باري ۾ استعمال ٿيندو آهي، جهڙوڪه: ڊگهي بقاء ۽ عدم بعث. امنية جو جمع اماني ايندو آهي.)
بيروت جو ڇپيل هڪ عربي مختصر تفسير، جيڪو شيخ حسنين محمد خلوف جو لکيل آهي ۽ ان جي حاشيه تي اسباب نزول تي سيوطيءَ جو ڪتاب ’لباب النقول‘ به ڏنل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي، ته ’اماني‘ اڪاذيب تلقوها عن احبارهم“ (ڪوڙ، جيڪي پنهنجي يهودي عالمن کان سکيا اٿن.)
معجم الفاظ القرآن الڪريم واري مٿي ذڪر ڪيل آيت جي هيٺان لکيو آهي ته: و امانيهم انهم لايعذبون ولايحاسبون.(انهن جون اميدون) تمنائون ۽ خوش فهميون) هي آهن ته کين عذاب نه ٿيندو ۽ نه سندن حساب ٿيندو.) خود قرآن شريف ”اماني“ جي وضاحت ۽ تفسير هن طرح فرمايو آهي.
وَقَالُوۡا لَنۡ یَّدْخُلَ الْجَنَّۃَ اِلَّا مَنۡ کَانَ ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی ؕ تِلْکَ اَمَانِیُّہُمْ (البقره: 111)
”چيائون جنت ۾ يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ٻيو ڪو به داخل نه ٿيندو. اهي انهن جون تمنائون (سڌون ۽ خواهشون) آهن.“
سڄي بحث جو خلاصو اهو ته يهودين جا امي، ڄٽ ۽ جاهل قسم جا ماڻهو صرف اهو ڄاڻيندا هئا ته ’جنت ۾ يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ڪوبه نه ويندو‘ يا سندن ڄاڻ صرف اها هئي ته: جهنم ۾ اهي چند ڏينهن کان وڌيڪ عرصو نه رهندا‘. قرآن ۾ انهن جي ان سڌ ۽ خواهش جو الله تعالى هنن لفظن سان ذڪر فرمايو آهي.
وَقَالُوۡا لَنۡ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوۡدَۃً ؕ (البقره:80)
”۽ چيائون: ته اسان کي باهه نه ڇهندي سواءِ ٿورڙن ڏينهن جي“
معنى يهودي امين (ڄٽن) جي سڄي ڄاڻ ان محور ۾ ڦري ٿي. قرآن انهن جي اهڙي هڪ ٻي سڌ ۽ تمنا يا خوش فهميءَ جوبه ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن چيو آهي: نحن ابناء الله واحبائھ (اسان الله جا پٽ ۽ سندس دوست آهيون) سيوطيءَ ’لباب النقول‘ ۾ ابن عباس جي روايت نقل ڪئي آهي ته:
جڏهن رسول اللهﷺمديني آيا ته يهودي چوندا هئا، دنيا جي مدت ستر هزار سال آهي. ماڻهن کي دنيا جي هڪ هزار سال جي عيوض هڪ ڏينهن عذاب ڪيو ويندو. ان طرح اهي صرف ست ڏينهن عذاب ۾ رهندا پوءِ عذاب ختم ٿي ويندو“
ابن عباس جي هڪ ٻي روايت آهي ته:
”اسان صرف چاليهه ڏينهن جهنم ۾ داخل ٿينداسين. جيڪي چاليهه ڏينهن گابي جي پوڄا ڪئي سين.“
يهودين جي انهن خوش فهمين ۽ تمنائن جو جتي به الله تعالى قرآن ۾ ذڪر ڪيو آهي اتي ئي انهن جو جواب به ڏنو آهي مثلن انهن جي هن چوڻ ته: ”جنت ۾ صرف يهودي ۽ نصارا داخل ٿيندا“ جو جواب الله تعالي هنن لفظن سان ڏنو:
وَقَالُوۡا لَنۡ یَّدْخُلَ الْجَنَّۃَ اِلَّا مَنۡ کَانَ ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی ؕ تِلْکَ اَمَانِیُّہُمْ ؕ قُلْ ہَاتُوۡا بُرْہَانَكُمْ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۱﴾ بَلٰی ٭ مَنْ اَسْلَمَ وَجْہَہٗ لِلہِ وَہُوَ مُحْسِنٌ فَلَہٗۤ اَجْرُہٗ عِنۡدَ رَبِّہٖ ۪ وَلَا خَوْفٌ عَلَیۡہِمْ وَلَا ہُمْ یَحْزَنُوۡنَ ﴿۱۱۲﴾٪. (البقره: 111_112)
”اهي انهن جون تمنائون (خوش فهميون) آهن. چئو ته جيڪڏهن ان ۾ سچا آهيون ته پنهنجو دليل آڻيو. ها جنهن پاڻ الله جي حوالي ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي ته ان لاءِ سندس رب وٽ اجر آهي ان کي نه خوف هوندو نه ڳڻتي.“
هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته ان خوشفهميءَ لاءِ وٽن ڪوبه دليل ڪونهي. ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته جنت ۾ دخول جو شرط پاڻ ارپڻ ۽ صالح عمل آهي. ان کان سواءِ ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ رهڻ نه گهرجي.
يهودين جي ٻي خوشفهمي ته: ’کين باهه ۾ صرف چند ڏينهن وڌو ويندو‘. جو جواب هن طرح ڏنو ويو:
وَقَالُوۡا لَنۡ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوۡدَۃً ؕ قُلْ اَتَّخَذْتُمْ عِنۡدَ اللہِ عَہۡدًا فَلَنۡ یُّخْلِفَ اللہُ عَہۡدَہٗۤ اَمْ تَقُوۡلُوۡنَ عَلَی اللہِ مَا لَا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۸۰﴾ بَلٰی مَنۡ کَسَبَ سَیِّئَۃً وَّاَحَاطَتْ بِہٖ خَطِیۡٓـئَتُہٗ فَاُولٰٓئِکَ اَصْحٰبُ النَّارِ ۚ ہُمْ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۸۱﴾ (البقره: 80_81)
”چئو ته ڇا توهان الله کان ڪو اهڙو عهد ورتو آهي؟ جنهن جي اهو مخالفت نه ڪندو! يا الله مٿان اهڙي ڳالهه ٿا چئو، جنهن کي اوهان ڄاڻو ئي نه ٿا؟ ها جنهن به گناهه ڪيو ۽ کيس سندس گناهن گهيرو ڪري ورتو ته، اهي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشه رهندا.“
سندن ٻي خوش فهميءَ ته: ’اسان الله جا پٽ ۽ دوست آهيون‘ جو جواب هن طرح ڏنو ويو آهي:
فَلِمَ یُعَذِّبُكُمۡ بِذُنُوۡبِكُمۡ ؕ بَلْ اَنۡتُمۡ بَشَرٌ مِّمَّنْ خَلَقَ ؕ (المائده-18)
”ڇو اوهان کي اوهان جي گناهن جي ڪري عذاب ڪندو؟ بلڪه اوهان الله جي مخلوق انسان آهيو.“
يهودين جي مذهب جي سڄي وايو منڊل جو بنياد انهن چند خوشفهمين تي ٻڌل هو جن کي هڪ هڪ ڪري قرآن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کين چيو ويو ته اهي خوش فهميون آهن. انهن جي ڪابه اهميت ڪانهي. اهميت انسان جي ايمان ۽ عمل جي آهي، ڪنهن نسل يا فرقي تي ڪاميابيءَ جو دارو مدار ڪونهي.

مسلمانن جي حالت:
مٿي ذڪر ڪيل حالت ته يهودين ۽ نصارن جي هئي، جن کي قرآن ’مغضوب عليهم‘ (غضب ڪيل) ’ضالين‘ (گمراهه) سڏيو آهي ۽ قرآن جي ’افتتاحيه‘ (سورة فاتحه) ۾ اسان صراط مستقيم جي دعا ۾ انهن جي رستي کان بچڻ جي دعا گهري چڪا آهيون. پر اهو ڄاڻو ئي ڪونه ٿا ته جنهن ڌٻڻ مان نڪرڻ جي دعا پيا گهرون ان ڌٻڻ ۾ ته پاڻ ڦاٿا پيا آهيون. نه اها خبر ٿا رکون ته اسان کي ڪهڙي ڌٻڻ مان نڪرڻو آهي نه اها خبر آهي ته ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون. حقيقت اها آهي ته، اڄ جو مسلمان بنهه ساڳين حالتن جو شڪار آهي ۽ ساڳين ’سڌن‘، ’تمنائن‘ ۽ خوشفهمين ۾ ورتل آهي. جن ۾ يهودي ۽ نصارا ورتل هئا. اڄ جي مسلمان ۽ ان دؤر جي يهودي ۽ نصاري ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. نبيﷺجي فرمان: ”جيئن جتيءَ جو هڪ پادر ٻئي پادر جي مطابق هوندو آهي، تيئن توهان اڳين امتين جي پيروي ڪندؤ.“ جي مطابق مسلمان بنهه ساڳين بيمارين ۽ مصيبتن جو شڪار اچي ٿيو آهي. جن جو شڪار يهودي ۽ نصارا ٿيا هئا. شاه ولي الله صاحب جن فرمائين ٿا ته: ”ان زماني جي مصيبتن مان ڪابه مصيبت اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ هن زماني جي ڪا جماعت ورتل نه هجي.“
مسلمانن جي هڪ فرقي مرجئيه جو عقيدو آهي: ته الله گنهگارن کي ثواب ڏيندو. ايمان جي هوندي معصيت ڪوبه نقصان نه ڏيندي، جيئن ڪفر جي هوندي ڪابه چڳائي ۽ اطاعت فائدو ڪانه ڏيندي آهي.“ مرجئي فرقي جي اڳواڻ مقاتل بن سليمان جو چوڻ آهي ته: قيامت جي ڏينهن الله دوزخ جي مٿان هڪ رستو ٺاهيندو ۽ مؤمن گنهگارن کي ان تان گذرڻ جو حڪم ڏيندو. پوءِ انهن کي دوزخ جو سيڪ ۽ حرارت گناه جي مقدار جيتري پهچندي ۽ ان درد ۾ ان جو عذاب پورو ڪيو ويندو.“
هن مان اندازو لڳايو ته يهودين ۽ عيسائين جي مٿي ذڪر ڪيل عقيدن ۽ مسلمانن جي هنن عقيدن ۾ ڪو فرق نظر اچي ٿو؟ ڇا مسلمانن جي عام ذهن ۽ عام مبلغن جي ڪل معلومات جو ذخيرو اهڙي قسم جي اعتقادن جي ويجهو ويجهو نه ٿو ڦري؟ جيڪڏهن ڪنهن کان اها جرئت پڄي ۽ شيعا، سني، بريلوي، ديوبندي مبلغن جي واعظن ۾ اهڙي قسم جي اميدن، تمنائن، سڌن ۽ خوشفهمين جو مواد جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هوند يهودين ۽ نصارن جي تمنائن ۽ سڌن جو انهن آڏو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي. ان جو تفصيل هتي بيان نه ٿو ڪري سگهجي ڇا ڪاڻ ته اهو تفصيل ڀنڀور کي ڀاه ڏيڻ جي برابر آهي. حقيقت ۾ قرآن جي هيءَ آيت، جيڪا شروع ۾ ذڪر به ٿي، سؤ فيصد اڄ جي مسلمان مبلغن ۽ عام ذهنيت تي سچي ٿي اچي ته:
وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ
”انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ڪتاب مان سواءِ ”اماني“ (تمنائن ۽ سڌن) جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿا ڄاڻن.“
جڏهن ته علم ڪلام جي مسلڪ اهل سنت جي امام ابو الحسن اشعري جو عقيدو ان جي ابتڙ هي آهي ته: خير ۽ شر الله جي مشيت سان آهي، تنهن باوجود مسلمان پنهنجي جرم جي پاداش ۾ جهنم جي عذاب جا مستحق ٿيندا.“ رڳو اهو ئي نه پر يهودين ۽ نصارن جي سڌن جي جواب ۾ قرآن ۾ ذڪر ڪيل آيتن کي جيڪڏهن ڏسجي ۽ انهن ۾ غور فڪر ڪري وٺجي ته به اهڙي قسم جي غلط اميدن ۽ خوشفهمين کان مسلمانن جو پلؤ آجو ٿي وڃي پر مسلمانن جي مجموعي فڪر جي زوال مسلمانن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن کي مڏو ڪري ڇڏيو آهي.
قرآن ۾ ’اماني‘ جو لفظ يهودين ۽ نصارن ڏانهن اشاري طور ”هم“ جي اضافت سان آيو آهي. هڪ هنڌ ’کم‘ جي اضافت سان به آيو آهي، جنهن ۾ مسلمانن کي مخاطب ڪيو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته باطل سڌون ۽ خوشفهميون رڳو اهل ڪتاب کي ناهن. باطل سڌون ۽ خوشفهميون قرآن جي مخاطبين (مسلمانن) ۾ به ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري الله تعالى فرمايو:
لَیۡسَ بِاَمَانِیِّكُمْ وَلَاۤ اَمَانِیِّ اَہۡلِ الْکِتٰبِ ؕ مَنۡ یَّعْمَلْ سُوۡٓءًا یُّجْزَ بِہٖ ۙ ﴿۱۲۳﴾ (نساء:123)
”نه اوهان (مسلمانن) جي سڌن ۽ خوشفهمين تي آهي نه اهل ڪتاب جي خوشفهمين تي آهي. جيڪو به برو عمل ڪندو تنهن کي ان جو بدلو ڌنو ويندو.“
هن آيت ۽ مٿي اهل ڪتاب کي سندن خوش فهمين تي جواب جي طور الله جي فرمانن ۾ ڏسو ته اهل ڪتاب جي خوشفهمين جي ترديد سان گڏ لفظ ’بلى من اسلم‘ ۽ ’بلى من کسب‘ کان پوءِ جي لفظن ۾ ايمان ۽ مطلق عملن کي جنت ۽ جهنم جو دارو مدار قرار ڏنو ويو آهي ان ۾ ڪنهن به نسل، گروهه ۽ فرقي کي جنت ۽ جهنم جو دارو مدار قرار نه ڏنو ويو آهي. پوءِ ڇونه يهودي هجن يا نصارا ۽ هن آخري آيت ۾ اهو به چيو ويو ته، ڇو نه مسلمان هجن، جنت ۽ جهنم جو دارو مدار عملن تي آهي.
ان سلسلي ۾ شاه ولي الله صاحب جن جو بيان قرآن جي صحيح تصور کي بيان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پاڻ لکن ٿا:
”الله تعالى هر دين ۾ نبين ۽ انهن جي پيروڪارن کي پنهنجي پياري هئڻ يا پنهنجي ويجهي هئڻ جي يقين سان نوازيو آهي ۽ دين جي منڪرن جي مذمت ڪندي انهن کي ڪاوڙ وارين صفتن سان موصوف ڪيو آهي، ان لاءِ هر قوم ۾ جيڪي جيڪي لفظ استعمال ۾ ايندا هئا اهي لفظ استعمال ڪيا ويا. ان قاعدي تحت يهودين ۾ خدا جي پياري يا محبوب جي جڳهه تي پٽ جي لفظ آڻڻ ۾ ڪو حرج نه سمجهيو ويو، ته ان مان يهودين هي مطلب ورتو ته، اهو اسان جو مخصوص شرف آهي. جيڪو صرف يهودين، عبرين ۽ اسرائيلين لاءِ مخصوص آهي. انهن اهو نه سمجهيو ته اهو شرف صرف الله جي طرفان نبين جي بعثت جي ذريعي، جنهن رستي تي هلڻ جو چيل هو، ان تي هلڻ، قائم رهڻ ۽ عاجزي اختيار ڪرڻ سان مخصوص آهي. ۽ ان کان سواءِ ان جو ڪوبه مطلب ڪونهي. ان قسم جون ٻيون به کوڙ قسم جون سوچون انهن جي ذهنن ۾ پيدا ٿي چڪيون هيون. قرآن شريف انهن سڀني غلط سوچن کي بهتر طريقي سان رد ڪيو آهي.“
شاه ولي الله جي هن بيان مان سندس مقصد صاف نظر اچي رهيو آهي ته، الله جي پياري ۽ ويجهي هئڻ جي وصفن جو تعلق نبين جي عملي زندگيءَ واري رستي تي هلڻ، جهد ۽ نيڪوڪاريءَ تي قائم رهڻ ۽ عاجزي اختيار ڪرڻ سان آهي.