مسلمانن جو عروج ۽ زوال : مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي
حڪمت کي وڏي نعمت چوڻ مان مراد هي آهي ته حڪمت جو تعلق فقط علم سان نه آهي بلڪ عمل به ان سان شامل آهي. ڇو ته جيڪو علم، عمل کان سواءِ آهي، اهو ڀلائي ته ڇا پر مصيبت ۽ تباهي جو سبب آهي. جيئن هڪ حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”جيڪو علم عمل کان سواءِ آهي اهو ان لاءِ مصيبت جو سبب بڻبو ۽ جيڪو عمل علم کان سواءِ آهي اهو گمراهي تائين پهچائيندو.“
قرآن مجيد هڪ اهڙو عملي پروگرام آهي ۽ عقيدي ۽ عمل جو هڪ متوازن ۽ جامع دستور آهي جو جيڪڏهن ان روشني ۾ فڪري ۽ عملي قوتون متحرڪ ٿين ته انسان ۾ ”حڪمت“ پيدا ٿيڻ لازمي آهي. جيڪو شخص انهيءَ حڪمت تي زندگي گهاريندو ته اها زندگي نهايت ڪامياب هوندي. ان طرح جيڪا به قوم قرآن مجيد جي عقيدي ۽ عمل مطابق، معاشري جي صورت گري ڪندي ته اها دنيا جي صالح ۽ ڪامياب قوم بڻجي ويندي. ان کي اهو حق هوندو ته اها قوم دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري ۽ بلند مرتبي تي قرار ڏني وڃي. اها اسان جي دعويٰ ڪنهن خوشفهمي تي ٻڌل ناهي. پر تاريخ جي تجربن ان کي درست ثابت ڪيو آهي. اسلامي عقيدن ۽ عملن جون ڪي بنيادي ڳالهيون اهڙيون آهن جن مسلمانن جي عروج ۽ زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
توحيد:
توحيد جو تعلق فڪري قوت سان آهي، اسلام جو بنيادي عقيدو توحيد آهي. ان عقيدي جو اثر هي آهي ته انسان الله سبحانه وتعاليٰ جي وجود ۽ صفتن ۾ ڪنهن به شيءِ کي، مخلوق جي ڪنهن به هستي کي شريڪ، ڀائيوار ۽ حصيدار نه سمجهي. هو دل جي گهراين سان يقين رکي ته نفعي ۽ نقصان جو مالڪ فقط خدا تعاليٰ آهي. اهوئي اسان جو پيدا ڪندڙ ۽ اسان ان جي مخلوق آهيون، اسان ان جا ٻانها ۽ هو اسان جو اڪيلو معبود برحق آهي. اسان جو رزق، زندگي، موت، عزت، ذلت، ڪاميابي، ناڪامي، دولت، غربت، سڀ ڪجهه ان جي حڪم سان ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه ٻيو مالڪ وارث ۽ مختيار ناهي. هرگز ناهي ۽ هرگز ٿي نٿو سگهي. ان ڪري انسان کي فقط ان ذات مقدس ۾ اميد ۽ ان کان ڊڄڻ گهرجي. پنهنجون سموريون ضرورتون ان کا ن گهريون وڃن ۽ محتاج فقط ان جو هجڻ گهرجي. اهو يقين رکيو وڃي ته سمورا انسان برابر ۽ هڪ جهڙا آهن.، ڪوبه ڪنهن جو حاڪم ۽ ڪوبه ڪنهن جو تابع ناهي، ڪنهن کي به ڪنهن تي ڏاڍ ڪرڻ ۽ ان کي غلام بڻائڻ جو حق حاصل نه آهي. ڪنهن کي به قانون بڻائڻ ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۽ ٻانهن کي پنهنجي مرضي تي هلائڻ جو اختيار نه آهي. البته دنيا جي نظام ۾ ڪمن جي تقسيم ۽ درجه بندي ضروري آهي، ڪي قاضي، ڪي جج، ڪي واپاري، ڪي منتظم، ڪي مزدور ۽ ڪي زمين سنڀاليندڙ ۽ اناج اپائيندڙ هوندا. پر معيشت ۾ سمورن جو حق برابر هوندو ۽ انسانيت جي زمري ۾ هڪ جهڙا هوندا، ڪنهن کي مٿاهون درجو نه هوندو فقط نيڪ عملن ۽ تقويٰ سبب عزت ۽ احترام جي بلندي هر هڪ کي ملي سگهي ٿي.
سڀ ڀلايون، هر قسم جو فلاح ۽ اطمينان انهن خوش نصيبن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي هستي کي وجود برحق جي آڏو گم ڪري، فنا ٿي، پنهنجن سڌن ۽ خواهشن کان هٿ کڻي وڃن ٿا، انهن جي محبت، دشمني، ڪشادگي، تنگي، ماڻهن کي ڏيڻ وٺڻ، انهن سان ڳنڍجڻ ۽ ڌار ٿيڻ اهي سمورا عمل فقط خدا تعاليٰ جي رضامندي هيٺ ظاهر ٿين ٿا. ته اهڙا ماڻهو ئي بارگاه ايزدي ۾ پيارا ٻانها قرار ڏنا وڃن ٿا. انهن کان سواءِ اهي ماڻهو جيڪي سرڪش، باغي بڻجي، دنيا ۾ فتنو ۽ فساد ڦهلائين ٿا، انسانن لاءِ نفعي آور بڻجڻ جي بجاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿين ٿا، فطرت جي قانون کي ٽوڙين ٿا. اهي بدبخت ۽ محروم شخص آهن، انهن جو دنيا ۾ وجود بدقسمتي ۽ بڇرائي جي علامت آهي.
سنڌيڪار: مولانا عبدالسلام سومرو