قرآن جي ٻڌايل تقويٰ : نوراحمد ميمڻ
اهڙي طرح قرآن حڪيم جي سورت مريم ۾ قرآن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لِتُبَشِّرَ بِہِ الۡمُتَّقِیۡنَ (مريم- ٩٧) يعني قرآن انهيءَ لاءِ موڪليو ويو آهي ته اهو متقين جي لاءِ بشارت ثابت ٿئي. بشارت جي معني سٺي خبر (Good News) آهي. اها سٺي خبر هي آهي ته انسان جيڪڏهن هن دنيا جي محدود زندگيءَ ۾ زندگي جون فضيلتون ۽ نيڪوڪاريون اختيار ڪري ته موت کان پوءِ جي ابدي زندگيءَ ۾ ان جي لاءِ جنت جون ابدي راحتون آهن.
قرآن جي مطابق هي سٺي خبر انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي دنيا جي زندگيءَ ۾ ماڻهپي يعني تقويٰ جي زندگي اختيار ڪن. جنت جي زندگي عام طور تي هر انسان کي ڪونه ملندي. جنت صرف انهن ماڻهن کي ملندي جيڪي دنيا جي زندگيءَ ۾ ماڻهپي يا تقويٰ جو ثبوت ڏين. (آل عمران ١٣٣) هي الله تعاليٰ جو تخليقي منصوبو آهي جنهن لاءِ انسان کي پيدا ڪري هڪ محدود مدت لاءِ ڌرتي مٿان وسايو ويو آهي، هي ڌرتي انسان لاءِ ڪو عيش گاه ڪونهي پر اها جنت جي ابدي زندگيءَ لاءِ چونڊ جو گرائونڊ بڻايل آهي هتان اهي ئي ماڻهو چونڊيا وڃن ٿا جيڪي پنهنجي ماڻهپي جي اعليٰ صفتن سان جنت جهڙي معياري دنيا ۾ وسائڻ جي قابل هجن. ماڻهپي يا تقويٰ جو هڪ تمام مختصر ماڊل قرآن حڪيم هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: اِعْدِلُوْا ھُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقَویٰ عدل، انصاف ۽ توازن واري زندگي اختيار ڪيو اها وڏي ۾ وڏي تقويٰ آهي. اهڙي طرح قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: مَنۡ اَعْطٰی وَ اتَّقٰی جنهن الله جي راهه ۾ ڏنو ان تقويٰ اختيار ڪئي. هتان واضح ٿئي ٿو ته تقويٰ ڪو خاص وضع قطع، ڪي خاص عبادتون ۽ ڪي خاص وظيفا اختيار ڪري وٺڻ سان نه آهي، پر تقويٰ جو تعلق ماڻهوءَ جي عملي زندگيءَ سان آهي. اهڙي طرح عملي زندگي جيڪا خدا جي حڪمن هيٺ زندگي گذارڻ جي ذميواريءَ هيٺ عمل ۾ اچي. اهوئي ماڻهو ڪاميابي، فلاح ۽ مراد پائي وٺندو ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ قرآن پاڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته: قَدْ اَفْلَحَ مَنۡ تَزَکّٰی زندگيءَ ۾ ماڻهو خدا پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي يقين سان جيڪو به هر هڪ سان عدل ۽ انصاف جي ريت ۽ روش اختيار ڪندو، جيڪي خدا جي مليل مال ۽ نعمتن جي ورهاست ڪندو، خلق کي ان جو فيض ڏيندو، انهيءَ جي عملي زندگي انهيءَ معيار جي بڻبي جو آخرت جي دائمي زندگيءَ ۾ هن کي الله تعاليٰ جون قربتون حاصل ٿين. اهڙي طرح تقويٰ جا اعليٰ معيار قرآن مجيد ۾ ٻڌايل آهن پر انهن سڀني جو تت عدل ۽ انصاف جي زندگي آهي.