دعوت توحيد ۾ پيغمبرن جو ڪردار : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
وَمَا كَانَ لِبَشَرٍ اَنْ يُّكَلِّمَہُ اللہُ اِلَّا وَحْيًا اَوْ مِنْ وَّرَاۗئِ حِجَابٍ اَوْ يُرْسِلَ رَسُوْلًا فَيُوْحِيَ بِـاِذْنِہٖ مَا يَشَاۗءُ اِنَّہٗ عَلِيٌّ حَكِيْمٌ ﴿الشورى: ٥١﴾
”ڪنهن به انسان لاءِ اها ڳالهه ممڪن ناهي ته الله تعالى هن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سواءِ ان جي جو ان جي دل تي وحي نازل ڪري، يا پردي جي پويان ڳالهائي يا ان ڏانهن ڪو به فرشتو موڪلي جيڪو خدا جي اجازت سان جيڪو خدا گھري ته اهو وحي نازل ڪري. هو بلند ۽ حڪمت وارو آهي.“
الله تعالى پيغمبرن ڏانهن جيڪو وحي نازل فرمايو آهي يا جيڪو پيغام سڀني نبين ڏانهن هڪ بنيادي دعوت جي طريقي سان موڪليو ويو آهي. اهو پيغام آهي ”ايمان بالله“ اختيار ڪرڻ.
قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو:
وَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا نُوْحِيْٓ اِلَيْہِ اَنَّہٗ لَآ اِلٰہَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدُوْنِ
﴿الأنبياء: ٢٥﴾
”اي پيغمبر! توکان اڳ هن دنيا ۾ جيڪو به رسول موڪليو ويو آهي ته انهن سڀني رسولن ڏانهن هڪ گڏيل ڳالهه جيڪا وحي ڪئي وئي آهي، اها هيءَ آهي ته هن ڪائنات ۾ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود، رب ۽ حاڪم ناهي، جنهن جي عبادت – بندگي ۽ اطاعت ڪئي وڃي.“
ان مان معلوم ٿيو ته سمورا نبي ۽ رسول، داعي الي الله، توحيد جا پرچارڪ، معلم انسانيت، مربي، منڪي، هادي ۽ مهدي هئا. اهي سمورا هڪ برادري جا فرد هئا. يعني نبوت ۽ پيغمبري جي رشتي ۾ پاڻ ۾ مربوط ۽ گڏيل هئا. اهو ئي سبب آهي ته انهن سمورن ”هاديان برحق“ تي ايمان آڻڻ، انهن جي نبوت ۽ رسالت کي تسليم ڪرڻ، انهن تي نازل ٿيل ڪتابن ۽ صحيفن کي برحق ڄاڻڻ، ايمان جو بنيادي حصو آهي. ڪنهن به هڪ نبي يا پيغمبر کان منهن موڙڻ يا ان کي نه مڃڻ، سموري سلسلي نبوت جو انڪار ڪرڻ آهي:
اٰمَنَ الرَّسُوۡلُ بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِ مِنۡ رَّبِّہٖ وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ؕ کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ ۟ لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡ رُّسُلِہٖ ۟ ﴿البقرة: ٢٨٥﴾
”ايمان آندو رسول، ان ڳالهه تي جيڪا ان جي طرف نازل ڪئي وئي سندس رب جي طرفان، ۽ سمورن مؤمنن به ان تي ايمان آندو. رسول ۽ اهل ايمان الله تي ايمان آڻين ٿا ان جي ملائڪن تي، ان جي نازل ڪيل ڪتابن تي ۽ سمورن رسولن ۽ نبين تي ۽ هو چون ٿا ته ايمان آڻڻ ۾ اسان ڪنهن به رسول ۾ فرق نٿاڪيون، بلڪ سڀني تي هڪ جهڙو ايمان آهي.“
هن دنيا ۾ زمين تي قدم رکندڙ پهريون انسان پهريون پيغمبر ۽ پهريون معلم انسانيت سيدنا آدم ؑ هو. کيس مڪمل هدايت ۽ تعليم سان سرفراز ڪري زمين ۾ خدا جو خليفو مقرر ڪيو ويو. پوءِ سندس اولاد مان کوڙ ساترا نبي ۽ پيغمبر پيدا ڪيا ويا. انسانيت کي زندگي گذارڻ جي ديني ۽ دنوي تعليم پيغمبرن ذريعي ملي. کاڌي خوراڪ جا آداب، رهڻي ڪهڻي، گھر جوڙڻ، گھر جو سامان، برتن ٿانو، لٽي ڪپڙي جو هنر، مطلب ته زندگي جي سڀني وهنوارن جي ڄاڻ ۽ سکيا پيغمبرن ذريعي انسانيت کي ملندي وئي. ان طرح مهذب انسانن سان معاشري کي سنواريو ۽ سينگاريو ويو. اهو عمل ارتقائي مرحلن مان گذرندو رهيو.
حضرت نوح عليه السلام جي تاريخي جدوجهد
ڳچ عرصي کان پوءِ انسانن ۾ شرڪ جي شروعات ٿي وئي. اها هن طرح ٿي ته قوم ۾ جيڪي بزرگ ۽ با ڪمال شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون، تن جي وفات کان پوءِ انهن جي عقيدت ۽ يادگيري لاءِ انهن جا مجسما ٺاهي رکيا ويا ۽ انهن جون روزانه زيارتون ڪندا رهيا. اهو دور به گذريو. پوءِ ٻيو نسل پيدا ٿيو ته انهن زيارتن کان اڳتي وڌي انهن جي محبت ۾ گرفتار ٿي بندگي جون رسمون ادا ڪرڻ لڳا، سجدا ۽ دعائون پنڻ کان پوءِ سڌو سنئون انهن کي خدا تعالى جي اختيارن ۾ شريڪ ڪري معبود چوڻ لڳا. ان دؤر ۾ الله تعالى توحيد جو پهريون مبلغ ۽ داعي حضرت سيدنا نوح ؑ کي پيغمبر بڻائي ان قوم ڏانهن موڪليو، جنهن زندگي جو تمام وڏو عرصو قوم کي توحيد جي دعوت ڏني. قرآن مجيد ٻڌائي ٿو ته:
وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَلَبِثَ فِیۡہِمۡ اَلۡفَ سَنَۃٍ اِلَّا خَمۡسِیۡنَ عَامًا ؕ فَاَخَذَہُمُ الطُّوۡفَانُ وَ ہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ ﴿العنكبوت: ١٤﴾
”اسان نوح ؑ کي سندس قوم ڏانهن رسول ڪري موڪليو. هُن ان قوم ۾ دعوت ڏيندي 950 سال گذاريا. پر جڏهن ايتري عرصي تائين ماڻهن توحيد کي قبول نه ڪيو ته انهن تي پاڻي جو عذاب آڻي ٻوڙي ڇڏيو سون. هو واقعي ظالم هئا.
حضرت نوح ؑ جي دعوت جو بيان هن طرح ڪيو ويو آهي:
اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖۤ اَنۡ اَنۡذِرۡ قَوۡمَکَ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَہُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ. ﴿نوح: ١﴾
”اسان نوح ؑ کي قوم ڏانهن رسول ڪري موڪليو سون ۽ کيس هدايت ڪئي سون ته هو پنهنجي قوم کي ايندڙ وڏي عذاب کان خبردار ڪري.
وڏي عذاب کان بچڻ لاءِ خدا پاڪ جو اهو دستور آهي ته اهڙي قوم کي اڳ ۾ خبردار ڪيو وڃي ڪنهن نذير جي حجت پوري ڪرڻ کان اڳ عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ سنت الله جي خلاف آهي. حضرت نوح ؑ پنهنجي تبليغ جو طريقو هن طرح بيان ڪري ٿو:
قَالَ رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ﴿۵﴾ فَلَمۡ یَزِدۡہُمۡ دُعَآءِیۡۤ اِلَّا فِرَارًا ﴿۶﴾ وَ اِنِّیۡ کُلَّمَا دَعَوۡتُہُمۡ لِتَغۡفِرَ لَہُمۡ جَعَلُوۡۤا اَصَابِعَہُمۡ فِیۡۤ اٰذَانِہِمۡ وَ اسۡتَغۡشَوۡا ثِیَابَہُمۡ وَ اَصَرُّوۡا وَ اسۡتَکۡبَرُوا اسۡتِکۡبَارًا ۚ﴿۷﴾ ثُمَّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُہُمۡ جِہَارًا ۙ﴿۸﴾ ثُمَّ اِنِّیۡۤ اَعۡلَنۡتُ لَہُمۡ وَ اَسۡرَرۡتُ لَہُمۡ اِسۡرَارًا ۙ﴿۹﴾ ﴿نوح: ٥-۹﴾
”حضرت نوح ؑ پنهنجي پالڻهار کي دعوت جي رپورٽ ڏيندي) چوي ٿو ته اي منهنجا رب سائين! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي توحيد جي دعوت رات جو به ڏنم ته ڏينهن جو به ڏنم (دعوت جو ڪوبه ٽائيم ٽيبل مقرر نه هو. هر وقت صبح شام، رات ڏينهن، هڪ کي ۽ سڀني کي، هوريان ۽ ڏاڍيان جيئن مصلحت ۽ حڪمت جي تقاضا سامهون ٿي آئي ته مان توحيد جي پيغام ۾ مصروف رهيس) پر عجب ڳالهه اها سامهون آئي ته جيئن جيئن انهن کي دعوت پيو ڏيان ته هو مون کان پري ڀڄڻ ۾ ۽ مون کان نفرت ڪرڻ ۾ روز بروز اڳ اڳرا هئا. يعني انهن جون دليون ذري جيترو به نرم نه پيون ٿين. مان انهن ماڻهن کي جيئن توحيد ڏانهن پيو سڏيان تان ته هو تنهنجي رحمت جا حقدار ٿين ۽ تون هنن کي معاف ڪرين ته هو دعوت کي ٻڌڻ کان ئي ٽهي پيا وڃن ۽ پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون پيا وجھن تان ته ڪو به آواز هنن جي ڪنن جي ذريعي دل تائين نه پهچي سگهي. پاڻ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي اهڙو بند ٿي پيا وڃن جو هو مونکي نه ڏسن ۽ نه ٻڌي سگهن. ۽ اها روش انهن جي هميشه قائم رهندي پئي اچي يعني ضد ۽ ساڙ جي. ان کان سواءِ وڏائي ۽ غرور جي انتها تي پهتل هئا.“
حضرت نوح ؑ وڌيڪ خداوند قدوس کي ٻڌائي ٿو ته:
قَالَ نُوْحٌ رَّبِّ اِنَّہُمْ عَصَوْنِيْ وَاتَّبَعُوْا مَنْ لَّمْ يَزِدْہُ مَالُہٗ وَوَلَدُہٗٓ اِلَّا خَسَارًا۲۱ۚ
وَمَكَرُوْا مَكْرًا كُبَّارًا۲۲ۚ ﴿نوح: ۲۱-۲۲﴾
”نوح چيو ته اي پالڻهار! اهي منهنجي ته هر ڳالهه جي مخالفت ڪن ٿا، مگر اهڙن بدڪارن جي هر ڳالهه مڃين ٿا جيڪي وڌيڪ دولت مند ۽ صاحب اولاد آهن، جن هنن کي فقط نقصان پهچايو آهي. هي رات ڏينهن مڪر ۽ فريب جا ڪوڙا داستان گھڙي، ان ۾ بدمست رهن ٿا.“
ان مان معلوم ٿيو ته بدڪار ۽ بيهوده ماڻهو هر دور ۾ صالح انسانن جي مخالفت ڪندا آهن. انهن جي اصلاح جي دعوت کي قبول نه ڪندا آهن. پر ان جي مقابلي ۾ سرمايه دارن ۽ دولت مند بدڪردارن جي ڪڍ لڳي انهن کي پنهنجو ليڊر مڃيندا آهن. ان سبب دنيا ۾ به انقلاب جي گھڙي اچڻ تي نيست و نابود ٿي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ به دردناڪ عذاب تيار ٿيل آهي جهن ۾ هي ليڊرن سميت داخل ڪيا ويندا.
حضرت نوح ؑ ۽ قوم جو ان مسئلي تي جهڳڙو هيو ته قوم جي گذريل دور ۾ جن بزرگن جا مجسما قوم ٺاهي انهن جي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هئا ۽ انهن کي خدائي اختيار به سونپي ڇڏيا هئائون. قوم انهن جي عبادت ڪرڻ کان نه پئي رڪجي جڏهن ته حضرت نوح ؑ ان شرڪ کي خدا جي بغاوت سمجھندي قوم کي ان کان نجات ڏيارڻ جي دعوت ڏيئي رهيو هو.
ان موقعي تي قوم حضرت نوح ؑ کي چٽيءَ طرح ٻڌايو ته اسين انهن بزرگن جي عبادت کان هرگز نه مڙنداسون. قرآن مجيد ۾ قوم جي هٺ ڌرمي جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
وَقَالُوْا لَا تَذَرُنَّ اٰلِہَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَّلَا سُوَاعًا۰ۥۙ وَّلَا يَغُوْثَ وَيَعُوْقَ وَنَسْرًا۲۳ۚ
﴿نوح: ٢٣﴾
”قوم اتفاق راءِ سان اهو موقف ٻڌايو ته هرگز نه ڇڏجو پنهنجن خدائن کي، ۽ نه ڇڏجو ود ۽ سواع کي، نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي.“
ڪي اڻ پڙهيل علماء سو، چوندا آهن ته اهي پٿر جا بت گھڙيل هئا جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. انهن ۾ بزرگن جو ذڪر ڇو؟اهڙن اڻڄاڻن کي اسان حضرت خاتم الانبياء سيدنا محمد مصطفى ﷺ جن جو هي ارشاد گرامي ٻڌائينداسون. حضور ڪريم ﷺ انهيءَ آيت پاڪ جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا ته حضرت نوح ؑ جي قوم جا اهي معبود جن جي عبادت کان هو نه پيا رڪجن اهي ڪير هئا؟ فرمايائون ته: ”اسماء رجال صالحين من قوم نوح“ (بخاري شريف)
اهي ود، سواع ۽ ٻيون شخصيتون حضرت نوح ؑ جي قوم جون صالح ۽ بزرگ شخصيتون هيون جن جي وفات کان پوءِ قوم وارن انهن جا مجسما ٺاهيا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لڳا. معلوم ٿيو ته اهي رڳا پٿر جا بت نه هئا بلڪ بزرگ شخصيتن جون شڪليون ٺاهي، انهن کي معبود قرار ڏيئي، انهن کي خدا تسليم ڪندا هئا.
حضرت نوح ؑ ۽ سندس قوم جو معاملو جڏهن آخري حد تائين پهتو، قوم تي حجت قائم ٿي وئي. عذاب جو مرحلو ويجھو ٿي چڪو ته الله تعالى حضرت نوح ؑ کي حڪم فرمايو ته اسان جي هدايتن هيٺ هڪ ٻيڙي تيار ڪر جنهن ۾ اهل ايمان سوار ٿيندا ۽ انهن کي ئي عذاب کان بچايو ويندو ۽ باقي سڀني مشرڪن کي هڪ وڏي پاڻي جي سيلاب ۾ ٻوڙيو ويندو.
قرآن مجيد ۾ ان جو ذڪر هن طرح ڪيو ويو آهي:
وَاصْنَعِ الْفُلْكَ بِاَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا وَلَا تُخَاطِبْنِيْ فِي الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا۰ۚ اِنَّہُمْ مُّغْرَقُوْنَ۳۷ وَيَصْنَعُ الْفُلْكَ۰ۣ وَكُلَّمَا مَرَّ عَلَيْہِ مَلَاٌ مِّنْ قَوْمِہٖ سَخِرُوْا مِنْہُ۰ۭ قَالَ اِنْ تَسْخَرُوْا مِنَّا فَاِنَّا نَسْخَرُ مِنْكُمْ كَـمَا تَسْخَرُوْنَ۳۸ۭ ﴿هود: ۳۷-۳۸﴾
”اي نوح ٻيڙي کي ٺاهڻ شروع ڪر. اسان جي هدايت سان ۽ اسان جي سامهون. اي نوح هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ ته ظالمن ۽ مشرڪن متعلق اسان سان ڪابه گفتگو نه ڪجانءِ يعني انهن جي ڪابه سفارش نه ٿيڻ گھرجي ڇو ته انهن جو مقدر هلاڪ ٿيڻ آهي. پوءِ جيئن جيئن حضرت نوح ؑ ٻيڙي ٺاهيندو پيو وڃي ته قوم جا اوباش ماڻهو هن تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا پيا وڃن. نوح ؑ هنن کي جواب ڏنو ته اڄ اوهين ڀلي ٽوڪون ڪريو پر هاڻي جلد اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي ته اسين به اوهان تي، اوهان جي هلاڪ ٿيڻ تي چٿرون ڪنداسون.“
اهو وقت پري ناهي جڏهن توهان اکين سان ڏسندؤ ته ڪنهن تي ذليل ڪندڙ اهو لمحو اچي رهيو آهي ۽ ڪير آهي جيڪو دائمي عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو.
ٿوري ئي وقت ۾ اسان جو حڪم اچي ويو. تنور اڀري پيو. ان وقت اسان نوح کي حڪم ڪيو سون ته ٻيڙي ۾ هر جنس مان ٻه (نر ۽ مادي) ويهار. پنهنجي خاندان کي پر جن تي خدائي حڪم هلاڪ ٿيڻ جو آهي، انهن کي نه ويهار جيڪي مؤمن آهن انهن کي سوار ڪر. مؤمن هئا ئي ٿورا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا.
”هاڻي چڙهو ٻيڙي ۾، الله جي نالي سان اها هلندي ۽ ان جي نالي تي بيهندي“
اها ٻيڙي مؤمنن کي کڻي هلي. لهرن ۾ لهرون اهڙيون جهڙا پهاڙ. نوح ؑ جي پٽ تي نظر پئجي وئي. چوڻ لڳو اي پٽڙا! ٻيڙي ۾ سوار ٿي، ڪافرن سان سنگت ڇڏي ڏي. هٺيلو پٽ، پيءُ جي چوڻ ۾ نه آيو. چوڻ لڳو ته مان ڪنهن وڏي پهاڙ جي چوٽي تي چڙهي ويندس ۽ اها چوٽي مونکي پاڻي کان بچائي ڇڏيندي. حضرت نوح ؑ فرمايو ته اڄ هن عذاب کان خدا پاڪ جي حڪم کان سواءِ ٻيو ڪو به بچي نٿو سگھي. ائين ئي پيءُ ۽ پٽ ڳالهائيندا رهيا ته پاڻي جي هڪ لهر آئي ۽ حضرت نوح ؑ جو پٽ پاڻي ۾ غرق ٿي ويو. سموري مشرڪ قوم جڏهن پاڻي ۾ هلاڪ ٿي وئي ته الله تعالى جي حڪم سان ٻيڙي جودي پهاڙ تي سڌي طرح بيهجي وئي.
الله تعالى حڪم فرمايو ته اي زمين پاڻي کي چهي وڃ، اي آسمان پاڻي کي بند ڪر. پاڻي سڪي ويو ۽ خدا جو حڪم پورو ٿي ويو ۽ چيو ويو ته ظالم قوم لاءِ فقط تباهي ۽ بربادي آهي. جڏهن معاملو ختم ٿيو ته حضرت نوح ؑ کي پٽ جي يادگيري آئي. چوڻ لڳو ته ”پالڻهار!، پٽ ته منهنجي خاندان مان هو. ان کي بچڻ گھربو هو.“ خداوند قدوس پنهنجي ڪبريائي ظاهر ڪندي ارشاد فرمايو ته ”اي نوح ؑ اهو مشرڪ پٽ تنهنجي خاندان ۾ شامل نٿو ٿي سگھي. ان مشرڪ کي غرق ٿيڻو هو. ”اِنَّہٗ عَمَلٌ غَيْرُ صَالِحٍ“ اهو عمل جي اعتبار سان بدڪار انسان هو. ان متعلق مون سان آئينده لاءِ ڪا به حجت نه ڪجانءِ متان جاهلن ۾ ڳڻيو وڃين.“
حضرت نوح ؑ جلد ئي خبردار ٿي ويو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا الله مون کي اهڙي سوال ڪرڻ ۽ سفارش ڪرڻ کان پنهنجي پناهه ۾ رک، جنهن جو مونکي پورو علم ناهي. مون کي معاف فرماءِ ۽ مون تي رحم فرماءِ. “ الله تعالى حضرت نوح ؑ جي لغزش کي معاف فرمائي مٿس رحمتن ۽ برڪتن جي پالوٽ ڪئي.
هي قرآن مجيد ۾ حضرت نوح ۽ سندس قوم جي ڪشمڪش جو مختصر احوال ٻڌايو ويو آهي. دعوت توحيد جي سلسلي ۾ ڪيڏي وڏي جدوجهد ڪئي وئي. صدين تي مشتمل جاکوڙ هڪ پيغمبر جي حوالي سان انساني تاريخ ۾ موجود آهي. ان مان سبق ملي ٿو ته هر دور ۾ مؤمنين، صالحين، دعوت توحيد کي پنهنجو نصب العين بڻائي، اهڙي ڀرپور جدوجهد ۾ مشغول رهن. اهو ئي قرآن مجيد جو پيغام آهي.
امام انسانيت حضرت سيدنا ابراهيم خليل الله ؑ
عراق جي سر زمين تي، شرڪ ۽ بت پرستي جي ڪاري انڌيري ۾ هڪ شخصيت جنم ورتو. رياست جو سربراه نمرود خدا هجڻ جو دعويدار هيو. سندس پيءُ رياست جي مذهبي منصب تي فائز هيو. نمرود جي خدائي ۽ بتن جي پوڄا جي حفاظت سندس منصب جي تقاضا هئي. پوري قوم بت پرستي ۾ ٻڏل هئي. هوش ۽ عقل کان ڪوهين ڏور هئا.
اهڙي ماحول ۾ سيدنا ابراهيم ؑ فطرت جي سڏ کي قبول ڪندي، مظاهر پرستي کان بيزار ٿي توحيد تي قائم رهڻ جو اعلان ڪيو. رات جو تاري جي روشني کي ڏسندي چوي ٿو: ”ڇا هي منهنجو رب آهي؟“
فَلَمَّآ اَفَلَ قَالَ لَآ اُحِبُّ الْاٰفِلِيْنَ﴿الأنعام: ٧٦﴾
”جڏهن تارو گم ٿي ويو ته چيائين ته گم ٿيندڙ منهنجو رب ناهي.“
وري جڏهن چنڊ کي ڏٺائين ته چيائين ته ڇا هي منهنجو رب آهي؟ جڏهن لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن الله هدايت نه ڪري ها ته مان گمراهه ٿي وڃان ها.
جڏهن سج کي ڏٺائين ته چيائين ته هي ته ڪو وڏو رب آهي! پر جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو ته مان اهڙن معبودن کان بيزار آهيان. مان پنهنجي رب پاڪ ڏانهن توجھ ڪريان ٿو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو. مان ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان نه ٿيندس.
ان تي سندس قوم هن سان جھڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو. هن قوم کي دليلن سان سمجھايو ته جن معبودن کي ٺاهي پوڄا ڪريو ٿا اهي ته ڪجھه به نٿا ڪري سگھن. جن کان توهين ڊڄو ٿا، مون کي ته انهن جي ڪا به پرواهه ڪانهي. اهي فطري دليل اسان ابراهيم کي سمجھايا سون ۽ اها اسان جي هدايت هئي جيڪا هن کي عطا ڪئي سون.
حضرت ابراهيم ؑ رياست جي بادشاهه کي توحيد جو پيغام ڏنو ته ان الله جي عبادت ڪر جيڪو ماري ۽ جياري ٿو ته هن بيوقوف چيو ته مارڻ ۽ جيارڻ ته منهنجي هٿ ۾ به آهي! ڪنهن کي ڦاسي تي لٽڪايان ۽ ڪنهن کي ڇڏي ڏيان. حضرت ابراهيم چيو ته الله تعالى سج کي اوڀر کان اڀاري ٿو. تون خدا آهين ته اولهه کان سج اڀار. ان تي مشرڪ مبهوت ٿي ويو. ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو. حضرت ابراهيم ؑ پنهنجي پيءُ کي به سمجھايو ته اي منهنجا بابا سائين! اهڙن معبودن جي عبادت ڇو ٿو ڪرين جيڪي نه ٻڌن ٿا نه ڪي ڏسن ٿا. نه ڪي ڪو توکي نفعو پهچائي سگھن ٿا.
مگر آزر هڪ مذهبي منصب تي فائز ٿي دنوي مفادن ۾ کيڏي رهيو هو. هو بت پرستي کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگھيو! آزر پنهنجي پٽ کي خبردار ڪيو ته بتن جي مخالفت کي ڇڏ. ورنه مون کان جدا ٿي وڃ.
قَالَ اَرَاغِبٌ اَنْتَ عَنْ اٰلِــہَـتِيْ يٰٓــاِبْرٰہِيْمُ۰ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَہِ لَاَرْجُمَنَّكَ وَاہْجُرْنِيْ مَلِيًّا۴۶
﴿مريم: ٤٦﴾
پيءُ آزر پنهنجي پٽ ابراهيم کي چوي ٿو ته تون منهنجي معبودن کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن تون ان ڳالهه کان نه مڙندين ته مان توکي پٿرن سان سنگسار ڪري ڇڏيندس ۽ هاڻي مون کان ٽري وڃ. سيدنا ابراهيم ؑ پنهنجي پيءُ ۽ پوري قوم کي آخري نصيحت ڪندي چوي ٿو ته:
اِذْ قَالَ لِاَبِيْہِ وَقَوْمِہٖ مَا ہٰذِہِ التَّـمَاثِيْلُ الَّتِيْٓ اَنْتُمْ لَہَا عٰكِفُوْنَ۵۲ قَالُوْا وَجَدْنَآ اٰبَاۗءَنَا لَہَا عٰبِدِيْنَ۵۳ ﴿الأنبياء: ۵۲-۵۳﴾
”ابراهيم جڏهن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته هي ڪهڙيون مورتيون اوهان بڻايون آهن جن کي خدا ڪوٺيو ٿا ۽ جن جي آڏو اوهان اونڌا ڪريا پيا آهيو؟ چوڻ لڳا ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو آهي تنهن ڪري اسين به اها رسم ادا ڪري رهيا آهيون.“
مشرڪ عقل ۽ شعور سان نه سوچيندو آهي. هو خدا جي تلاش دليل سان نه ڪندو آهي بلڪ هو آباء پرستي ۽ سلف پرستي ۾ انڌي تقليد کي معيار بڻائي شرڪ ۽ ڪفر کي اختيار ڪندو آهي. حضرت ابراهيم ؑ قوم تي حجت پوري ڪرڻ بعد پڪو پهه ڪيو ته هنن ڪوڙن خدائن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هڪ ڏينهن اهڙو موقعو آيو. پوري قوم قومي ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجا گھر ڇڏي رواني ٿي. حضرت ابراهيم ؑ ان موقعي تي بت خاني ۾ وڃي پهتو. هڪ ڪهاڙي سان سڀني بتن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. فقط هڪ لٺ سردار کي ڇڏي ڏنائين تان ته پڄاري ان کان اچي حال احوال وٺن:
فَجَــعَلَہُمْ جُذٰذًا اِلَّا كَبِيْرًا لَّہُمْ لَعَلَّہُمْ اِلَيْہِ يَرْجِعُوْنَ۵۸ ﴿الأنبياء: ٥٨﴾
ميلي کان موٽ کائيندي بتن جا پوڄاري سڌو بت خاني ۾ اچي پهتا. ڏسن ته سمورا سندن معبود اونڌا سونڌا ٿيا هيٺ ڪريو پيا آهن. پهرين دانهن ۾ اهي لفظ اچاريائون ته:
مَنْ فَعَلَ ھٰذَا بِاٰلِـہَتِنَآ اِنَّہٗ لَمِنَ الظّٰلِــمِيْنَ۵۹ ﴿الأنبياء: ٥٩﴾
”اسان جي معبودن جو هي حال ڪنهن ڪيو؟ اهو ته ڪو وڏو ظالم آهي.“
قَالُوْا سَمِعْنَا فَـتًى يَّذْكُرُہُمْ يُقَالُ لَہٗٓ اِبْرٰہِيْمُ۶۰ۭ ﴿الأنبياء: ٦٠﴾
”ڪن همراهن چيو ته اسان جي شهر ۾ هڪ نوجوان آهي جيڪو انهن معبودن جي خلاف ڳالهائيندو رهندو آهي. ان کي ابراهيم چوندا آهن.“
سيدنا ابراهيم ؑ کي قومي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاه، وزير، سندس پيءُ ۽ درٻاري اچي گڏ ٿيا. پهريون سوال هي ڪيو ويو ته:
قَالُوْٓا ءَ اَنْتَ فَعَلْتَ ھٰذَا بِاٰلِہَتِنَا يٰٓـاِبْرٰہِيْمُ۶۲ۭ ﴿الأنبياء: ٦٢﴾
”اي ابراهيم هي حالت اسان جي معبودن سان تو ڪئي آهي؟“
ابراهيم جواب ڏنو. بتن جو سردار چڱو مڙس ٿيو ويٺو آهي. ان جي موجودگي ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي. ان کان پڇو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو؟ سڀني مشرڪن جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا. ڪنڌ هيٺ ڪيون ذلت ۽ خواري سان چوڻ لڳا ته:
لَــقَدْ عَلِمْتَ مَا ہٰٓـؤُلَاۗءِ يَنْطِقُوْنَ۶۵ ﴿الأنبياء: ٦٥﴾
ابراهيم اسان کي ذليل نه ڪر. توکي ته خبر آهي ته اهي اسان جا معبود ڳالهائيندا ناهن! سيدنا ابراهيم ؑ پنهنجي استدلال سان جنگ کٽي ورتي ۽ هنن کي پوري قوم جي آڏو ذليل ٿيڻو پيو. ان وقت سيدنا ابراهيم ؑ پوري وقار ۽ نظريه توحيد جي برتري جي احساس سان قوم کي چئي ڏنو ته:
اَفَتَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللہِ مَا لَا يَنْفَعُكُمْ شَـيْــــًٔا وَّلَا يَضُرُّكُمْ۶۶ۭ ﴿الأنبياء: ٦٦﴾
”ڇا پوءِ توهان الله کي ڇڏي اهڙن معبودن جي عبادت ڪندا آهيو جيڪي ذري جيترو به توهان کي نفعو نه ٿا پهچائي سگھن ۽ نه وري ذري جيترو ڪو نقصان ٿا رسائين!“
مشرڪ قوم ذليل ۽ خوار ٿي وئي. دليل جي ميدان ۾ شڪست کائي وئي. پر هٺ ڌرمي ۽ آباء پرستي کين مجبور ڪيو ته هو سچ کي قبول نه ڪن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٻڌي ابراهيم ؑ کي ڪا تاريخي سزا ڏين. سڀ متفق ٿي چوڻ لڳا:
حَرِّقُـوْہُ وَانْصُرُوْٓا اٰلِہَتَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ۶۸ ﴿الأنبياء: ۶۸﴾
ابراهيم ؑ کي باهه ۾ ساڙيو ۽ پنهنجن معبودن جي مدد ڪريو جيڪڏهن ڪو بدلو وٺڻ گھرو ٿا.
مهينن تائين ڪاٺيون گڏ ڪيون ويون. وڏو آڙاهه تيار ٿيو. پوءِ ان ۾ ابراهيم کي وڌو ويو. مگر سندن سازشون ناڪام ٿيون. خدا سڌو سنئون حڪم جاري فرمايو:
قُلْنَا يٰنَارُ كُـوْنِيْ بَرْدًا وَّسَلٰمًا عَلٰٓي اِبْرٰہِيْمَ۶۹ۙ ﴿الأنبياء: ٦٩﴾
”اي باهه ٿڌي ٿي وڃ! مڪمل سلامتيءَ واري ٿي پؤ، ابراهيم ؑ تي.“
ايڏو عظيم الشان معجزو ڏسڻ کان پوءِ به قوم کي هدايت نصيب نه ٿي ۽ هو ان شرڪ تي قائم رهيا. جن معبودن جو حال هنن پاڻ اکين سان ڏٺو هو. توحيد ۽ شرڪ جي اها انساني تاريخ هزارن سالن کان هلندي پئي اچي.
خدا جي پيغمبر ۽ امتن جا صالح انسان هر دور ۾ توحيد جي سمجھاڻي به ڏيندا پيا اچن. قرآن مجيد ۾ پيغمبرن جي جدوجهد جو احوال وڏي تفصيل سان بيان ٿيل آهي. سيدنا موسى ؑ جي فرعون خلاف مثالي مزاحمت، فلسطين ۽ القدس جي سرزمين تي سوين پيغمبرن جي جدوجهد، بني اسرائيل جي آخري رسول سيدنا مسيح عليه السلام جون ڀرپور ڪاوشون، دعوت توحيد جون بي مثال ڪڙيون آهن.
هاڻي امت مسلمه جنهن کي ملت ابراهيم جو وارث بڻايو ويو آهي، ان تي ذميواري لڳائي وئي آهي ته قيامت تائين ايندڙ انسانيت کي توحيد جي شفاف تعليم ڏئي. قرآن مجيد جي ذريعي انسانيت تي خدا جي حجت قائم ڪري. حجت قائم ٿيڻ کان پوءِ داعي ۽ مدعوين جي مسئوليت ختم ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن دعوت توحيد ۽ قرآن مجيد جو چٽو پيغام، قومن جي ٻولين ۾ انهن تائين نه پهتو ته اهل اسلام کان به قيامت ڏينهن مسئلوليت ٿيندي ۽ جن قومن تي حجت قائم نه ٿي ۽ قرآن جي پيغام کان ناواقف رهجي ويا ته اهي خدا پاڪ کي چئي سگهن ٿا ته اسان تائين حق جي روشني نه پهتي ته پوءِ اسان تي عذاب ڇو ٿيڻ گھرجي؟