سرمائي پرست لاءِ قرآن جي للڪار : مولانا محمد انس راڄپر
هن ئي تصور تحت عبادت ڪندڙ ۽ عبادت جي لوازمات جو خيال رکندڙ ماڻهو نيڪ، صالح، متقي، پرهيزگار ۽ فرمانبردار ٻانهو سڏيو ويندو آهي. اهڙي عبادت ۽ ان جي لوازمات کان پري ٿيل بدڪار، غيرصالح، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ کان پري ۽ نافرمان تصور ٿيندو آهي. هن تصور تحت جيڪڏهن آمريڪي سامراجيت جو چيمپئن صدر اوباما ٻين سڀني سامراجي استحصالي علامتن رکڻ باوجود جيڪڏهن صرف ڪلمو پڙهي ته مسلمان ۽ نماز روزو رکي ته نيڪ صالح ۽ نمازي سڏجڻ ۾ ايندو. جيئن پاڪستان جو ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياء ڪن ڌرين وٽ ”شهيد صدر“ ۽ ”اسلام جو چيمپئن“ سڏجڻ ۾ آيو. اهڙيءَ طرح هڪ وڏو صنعتڪار ۽ سرمائيدار نماز روزي، حج ۽ زڪوات جو پابند ۽ وضع قطع ۾ پرهيزگارن وانگر ٿيڻ سان پرهيزگار، متقي ۽ الله وارو ٿي ويندو. ٻئي پاسي کان صورتحال هي آهي ته اهو جنهن سرمائي، صنعت ۽ مل جو مالڪ آهي اهو سڀ مروج سرمائيدارانه نظام جي پيداوار آهي، جيڪو پورهئي جي استحصال واري ظلم ۽ ناانصافيءَ تي بيٺل آهي. ڇا هنن ديني اصطلاحن جهڙوڪ تقويٰ پرهيزگاري، الله جي فرمانبرداري ۽ اطاعت جو تعلق زندگيءَ جي ٻين شعبن سان ڪونهي؟ مخلوق جيڪا الله جو عيال آهي انهن سا ن عدل ۽ احسان جي واٽ هلڻ، اخلاقيات ۽ معاملات کي الله جي حڪمن مطابق نڀاهڻ آخر تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو بنياد ڇو نه آهن؟ ظاهر آهي ته الله جا حڪم زندگيءَ جي ٻين شعبن لاءِ به آهن، ته اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو تعلق انهن شعبن سان به ٿيندو. ان صورت ۾ ٻين شعبن بابت حڪمن کي نظرانداز ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ ۽ تقويٰ جي تصورن کي مڪمل ڪيئن ٿو بنائي سگهجي.
اسلام بابت هيءَ ڳالهه اڪثر ذهنن کي سولائيءَ سان مڃڻ ۾ نه ٿي اچي ته ان جون معيشت ۽ اقتصاديات بابت به ڪي رهنمايون آهن. پر جڏهن اسان قرآن شريف جو بغور مطالعو ڪريون ٿا ۽ قرآن کي روايتي مذهبيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پنهنجي ذهني فوبيائن کان آزاد ٿي ڏسون ٿا ته يقين ڪرڻو پوي ٿو ته اسلام معيشت جي نظام کي پنهنجي ديني نظام ۾ بنيادي اهميت جو موضوع قرار ڏنو آهي. ان ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداري، تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا تصور به معيشت جي نظام جي صحيح بنيادن تي قيام ۽ عدل ۽ انصاف، ظلم ۽ استحصال کان پاڪ ٿيڻ کان سواءِ مڪمل نه ٿا ٿي سگهن.
تقويٰ:
تقويٰ جي لفظ جي اسان معنيٰ ڪندا آهيون پرهيزگاري. ان جي معنيٰ جي وڌيڪ تفصيل کي ڇڏي ساديءَ طرح ان جي مطلب ۽ معنيٰ مطابق مفهوم آهي الله جي نافرمانيءَ کان بچڻ ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ. پر اها تقويٰ ۽ پرهيزگاري زندگيءَ جي اقتصادي حڪمن تي عمل سان به اهڙو ئي تعلق رکي ٿي. جيئن ان جو تعلق ٻين مختلف عملن سان پڻ آهي. ان جو قرآن شريف جي چند هدايتن جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪنداسين ته ڳالهه واضح ٿيندي.
سورة ”الليل“ ۾ الله جو فرمان آهي.
وَ الَّیۡلِ اِذَا یَغْشٰی ۙ﴿۱﴾ وَ النَّہَارِ اِذَا تَجَلّٰی ۙ﴿۲﴾ وَ مَا خَلَقَ الذَّکَرَ وَ الْاُنۡثٰۤی ۙ﴿۳﴾ (آيت 1 کان 3 )
رات جو قسم جڏهن اها ڍڪي ٿي، ڏينهن جو قسم جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو ۽ جيڪو نر ۽ مادي پيدا ڪيو اٿس ان جو قسم.
رات ۽ ڏينهن جي فرق ۽ مذڪر ۽ مؤنث جي فرق جيان الله سائين فرمائي ٿو. اِنَّ سَعْیَكُمْ لَشَتّٰی ؕ﴿۴﴾ ”اوهان جون ڪوششون به مختلف (قسمن) جون آهن.“
انهن مختلف قسمن ۽ الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ڪوششن منجهان هڪ ڪوشش انهن ماڻهن جي آهي، جن جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو:فَاَمَّا مَنۡ اَعْطٰی وَ اتَّقٰی ۙ﴿۵﴾ وَ صَدَّقَ بِالْحُسْنٰی ۙ﴿۶﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلْیُسْرٰی ؕ﴿۷﴾ ”پوءِ جنهن شخص ڏنو ۽ تقويٰ اختيار ڪئي ۽ (خلقڻهار جي هن) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيائين ته ان لاءِ (زندگي) آساني ڪنداسين.“
۽ ٻي ڪوشس انهن ماڻهن جي آهي جن باري ۾ فرمان آهي.وَ اَمَّا مَنۡۢ بَخِلَ وَ اسْتَغْنٰی ۙ﴿۸﴾ وَ کَذَّبَ بِالْحُسْنٰی ۙ﴿۹﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلْعُسْرٰی ﴿ؕ۱۰﴾ ”۽ جنهن شخص بخل ڪيو ۽ بيپرواهي ڪئي ۽ (خلقڻهار جي هن) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو ته ان (جي زندگيءَ) کي تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسين.“
هنن ٻن مختلف قسمن جو بيان ڪندڙ هيءُ آيتون اهو واضح ٿيون ڪن ته هڪ روش ڏيڻ جي آهي. جنهن کي آيت ۾ ”لفظ اعطيٰ“ اسان بيان ڪيو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ ساراهيو به آهي ته گڏوگڏ ان کي تقويٰ اختيار ڪرڻ سان تعبير به ڪيو آهي جيئن سورت جي ايندڙ آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: وَ سَیُجَنَّبُہَا الْاَتْقَی ﴿ۙ۱۷﴾ الَّذِیۡ یُؤْتِیۡ مَالَہٗ یَتَزَکّٰی ﴿ۚ۱۸﴾ ”ان (باهه کان) پرهيزگار کي بچايو ويندو جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو ۽ پاڪ ٿئي ٿو.“
ٻي روش بخل جي آهي، نه ڏيڻ جي آهي، ان جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي بي پرواهيءَ سان تعبير به ڪيو ويو آهي. حاصل مفهوم اهو ٿيو ته هڪ عمل ڏيڻ جو آهي، جيڪو جابجا قرآن ۾ يقيمون الصلواة جي حڪم سان گڏ ومما رزقناهم ينفقون جي لفظن سان تعبير ٿيندو رهيو آهي. هن آيت ۾ الله تعاليٰ ان کي تقويٰ سڏيو آهي. هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪو الله جي رستي ۾ مال خرچ نه ٿو ڪري، ۽ ڏيڻ جي واٽ تي نٿو هلي اهو متقي ناهي. بلڪ الله جي رستي ۾ خرچ ڪرڻ ۽ ڏيڻ سان ئي تقويٰ جو تعلق آهي.
ان جي مقابلي ۾ ٻيو عمل بخل جو آهي، يعني الله جي رستي ۾ خرچ نه ڪرڻ جو. جيڪو تقويٰ جي بلڪل منافي ۽ ان جو ضد آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته بخل ڪرڻ وارو ۽ الله جي رستي ۾ نه ڏيڻ وارو متقي نٿو ٿي سگهي.
هتي هڪ خاص ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته ماڻهو بخل ڇو ٿو ڪري، الله جي رستي ۾ ڇو نٿو ڏئي. بخل ۽ نه ڏيڻ جا مختلف سبب ٿين ٿا. هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪجهه به ڪونهي، اهو به ڪونه ڏيندو. هڪ ماڻهوءَ وٽ صرف هڪ ڏينهن يا هڪ مهيني يا هڪ سال جو قوت گذر آهي. اهو ان خوف کان نه ڏيندو ته ڏئي ڇڏيندس ته سڀاڻي ڪٿان کائيندس. پگهار کان اڳ ڪٿان پوري ڪندس. فصل لهڻ کان اڳ اناج کٽي پيو ته ڪٿان پوري ڪندس. هن قسم جي ماڻهوءَ لاءِ ئي حڪم آهي ته:
وَلَا تَجْعَلْ یَدَکَ مَغْلُوۡلَۃً اِلٰی عُنُقِکَ وَ لَا تَبْسُطْہَا كُلَّ الْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُوۡمًا مَّحْسُوۡرًا﴿۲۹﴾ (بني اسرائيل-٢٩)
”پنهنجو هٿ ڪنڌ سان ٻڌل به نه رک يعني هرحال ۾ بخيليءَ جي واٽ نه وٺ ۽ هٿ کي بلڪل کولي به نه ڇڏ جو وري پاڻ ملول ٿيڻو پوي.“
انهن ٻنهي صورتن جي مقابلي ۾ هڪ ماڻهو بچايو رکيو ويٺو آهي پر ڏئي نه ٿو. اهو ڇو نه ٿو ڏئي؟ جواب ظاهر آهي ته اهو ان ڪري نٿو ڏئي ته ڏيڻ سان سندس گهڻي مال گڏ ڪرڻ سرمايو ميڙڻ، شاهوڪار ۽ سرمائيدار ٿيڻ جي خواهش پوري ٿيڻ کي خطرو لاحق ٿئي ٿو. الله تعاليٰ هن پوئين صورت واري بخل کي تقويٰ جو ضد سڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ الله تعاليٰ سرمائيداريءَ جي طلب ناڻي جي ميڙ ميڙان کي تقويٰ جي خلاف سڏي ٿو. هاڻي اوهان آيت جي لفظن ۾ گهرائيءَ سان نظر ڪيو ته جيڪو ”اعطيٰ“ ڏئي ٿو ته اهو ”واتقيٰ“ تقويٰ ٿو ماڻي. ۽ جيڪو ”بخيل“ بخل ٿو ڪري اهو ”استغنيٰ“ شاهوڪاري ٿو طلبي، سرمائيداري ٿو طلبي.
ترجمي ۾ استغنيٰ جي معنيٰ بيپرواهي ڪيل آهي، جيڪا لفظ جي اصل معنيٰ آهي، پر جڏهن اها بيپرواهي معاش جي نسبت سان هجي ته ان مان شاهوڪاري جي طلب مراد ٿيندي آهي. جيئن لفظ ”غني“ الله جو صفاتي نالو آهي معنيٰ اٿس ”بي پرواهه“ پر ساڳئي وقت ان جي معنيٰ ”شاهوڪار“ به آهي.
ان طرح ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ، جيڪو تقويٰ جو عمل سڏجي ٿو، سادو ۽ مٿاڇرو عمل ناهي، بلڪ هيءُ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو متقي انسان جي زندگيءَ جي هڪ مسلسل معاشي روش جي نشاندهي ڪري ٿو. جنهن مطابق متقي انسان جي زندگيءَ جو محور، ڏيڻ آهي. ان جون سموريون محنتون ۽ ڪاوشون ڏيڻ لاءِ آهن. پوءِ اهو ماڻهو جيترو حاصل ڪري ٿو، هڪ خاص ترتيب سان پنهنجي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ، ٻين جي ضرورتن لاءِ ڏئي ٿو ڇڏي.
اهڙيءَ طرح بخل جي قسم وارو عمل به سادو ۽ مٿاڇرو ناهي، جيئن اسان ماڻهو اڪثر قناعت ۽ ڪفايت شعاريءَ کي به بخل سڏي وٺندا آهيون. فلاڻو بخيل آهي، سنگت ۾ خرچ ئي نٿو ڪري. هتي اهو بخل ناهي. هن بخل مان مراد هڪ اهڙو باضابطه عمل آهي، جنهن سان ماڻهو سرمائيداري ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب جي راهه ۾ هلي ٿو، سندس زندگيءَ جو محور آهي گهڻي کان گهڻو سرمايو گڏ ڪرڻ.
هن ئي قسم جي روش رکندڙن سرمائي پرستن کي الله تعاليٰ ساڳي سورة جي اڳين آيتن ۾ للڪاري ٿو.
وَ اِنَّ لَنَا لَلْاٰخِرَۃَ وَ الْاُوۡلٰی ﴿۱۳﴾ فَاَنۡذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰی ﴿ۚ۱۴﴾ لَا یَصْلٰىہَاۤ اِلَّا الْاَشْقَی ۙ﴿۱۵﴾ الَّذِیۡ کَذَّبَ وَ تَوَلّٰی ﴿ؕ۱۶﴾
”۽ اسان لاءِ آهي آخرت ۽ دنيا (اڄ به سڀاڻ به) پوءِ ڊيڄاريان ٿو اوهان کي ڄڀين واري، ڀڙڪندڙ، شعله انگيز باهه کان جنهن ۾ اهڙي بدبخت کان سواءِ ٻيو نه وڌو ويندو، جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو (مراد سرمائي پرست بخيل آهي جنهن بخل ڪيو، شاهوڪاري طلبي ۽ خلقڻهار جي هن تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو.)“
اهڙيءَ طرح هيءَ للڪار به دل ڏڪائيندڙ آهي، جيڪا قرآن جي پهرين وحي جي لفظن سان گڏ آيل آهي، جيتوڻيڪ پهرين وحي ناهي پر ابتدائي وحين مان هڪ ضرور آهي، ساڳئي ئي سرمائي پرست کي للڪار آهي. کَلَّاۤ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَیَطْغٰۤی ۙ﴿۶﴾ ”(العلق-٦) خبردار انسان حدون لتاڙي وڌيون آهن، (”ليطغيٰ“ هن لفظ تي الڳ بحث اڳتي ڪبو.) هو پاڻ کي سرمائي پرست ڏسڻ ٿو گهري. (استغنيٰ وارو ساڳيو لفظ آهي جيڪو مٿين آيتن ۾ ذڪر ٿيو.)
تفسيرن هن انسان مان ابوجهل مراد ورتو آهي پر مقصد هر سرمائي پرست آهي. عام طور ابوجهل کي هڪ بت پرست جي وصفن سان موصوف شخص سمجهيو ويندو آهي، پر لفظ استغنيٰ سان ان جي بت پرست شخص هئڻ سان گڏ هڪ سرمائي پرست شخص طور سڃاڻپ ٿئي ٿي، اهو سرمائي پرست ۽ بت پرست انسان: اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یَنْہٰی ۙ﴿۹﴾ عَبْدًا اِذَا صَلّٰی ﴿ؕ۱۰﴾ (العلق-٩،١٠) ”تو ڏٺو! جيڪو روڪي ٿو ٻانهي کي جڏهن اهو نماز ٿو پڙهي.“
اَرَءَیۡتَ اِنۡ کَانَ عَلَی الْہُدٰۤی ﴿ۙ۱۱﴾ اَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰی ﴿ؕ۱۲﴾ (العلق-١١،١٢)
”تو ڏٺو! ته اهو هدايت تي آهي ۽ تقويٰ جو حڪم ٿو ڪري.“
نماز پڙهندڙ بندي مان مراد نبي ﷺ جن آهن، جن کي اهو بت پرست ۽ سرمائي پرست شخص نماز پڙهائڻ ۽ تقويٰ جي حڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو.
هتي هڪ لمحي لاءِ سوچيو! جيڪڏهن سرڪش انسان کي سرمائي پرست انسان جي تناظر ۾ ڏسڻ بجاءِ صرف بت پرستي جي تناظر ۾ ڏسجي ته پوءِ اهو بت پرست الله جي صرف پرستش کان روڪيندڙ محسوس ٿيندو ۽ جنهن نماز کان روڪي ٿو اها به صرف پرستش جو عمل سمجهه ۾ ايندي. پر جيڪڏهن سرڪشيءَ کي لفظ ”استغنيٰ“ جي مٿي ذڪر ٿيل سرمائي ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب واري روش جي تناظر ۾ ڏسبو ۽ تقويٰ کي ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ واري روش جي تناظر ۾ ڏسبو ته سرڪش انسان (ابوجهل) هڪ بت پرست هئڻ سان گڏ سرمائي پرست شخص ۽ نبي ﷺ پرستش جي موحدانه روايتن جي امين هئڻ سان گڏ هڪ سرمائي شڪن، تقويٰ واري ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ واري روش جو ڏس ڏيندڙ الله جو ٻانهو سمجهه ۾ ايندو. جنهن جي نماز حضرت شعيب عليه السلام جي نماز وانگر صرف بت شڪنيءَ جو درس نه پر سرمائي شڪنيءَ جو درس ڏيندڙ به آهي. جيئن قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي:
قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتْرُکَ مَا یَعْبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوْ اَنۡ نَّفْعَلَ فِیۡۤ اَمْوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ اِنَّکَ لَاَنۡتَ الْحَلِیۡمُ الرَّشِیۡدُ ﴿۸۷﴾(هود آيت 87)
”اي شعيب ڇا تنهنجي نماز توکي حڪم ٿي ڪري ته اهو ڇڏي ڏيون جنهن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا يا اسان پنهنجي مالن ۾ جيڪو (واڌارو) ڪرڻ گهرون ٿا اهو ڇڏي ڏيون.“
هيءُ ڏسو ۽ سمجهو ته سرڪش ابوجهل هڪ سرمائي پرست جي حيثيت سان الله جي بندي محمد ﷺ کي نماز کان ڇو ٿو روڪي. ڇا هيءَ نماز ان جي صرف بتن جي مخالف هئي يا هيءَ نماز سرمائي جي واڌاري ڪرڻ کان به روڪيندڙ آهي. اهو سڀ سمجهڻ کانپوءِ هاڻي اچو انهن آيتن تي جيڪي سرمائي پرست انسان لاءِ للڪار آهن.
کَلَّا لَئِنۡ لَّمْ یَنۡتَہِ ۬ۙ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِیَۃِ ﴿ۙ۱۵﴾ نَاصِیَۃٍ کَاذِبَۃٍ خَاطِئَۃٍ ﴿ۚ۱۶﴾ فَلْیَدْعُ نَادِیَہٗ ﴿ۙ۱۷﴾ سَنَدْعُ الزَّبَانِیَۃَ ﴿ۙ۱۸﴾ (العلق-١٥،١٨)
”خبردار جيڪڏهن اهو (پنهنجي اهڙي روش کان) نه مڙيو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان جهلي گهلينداسين، جيڪا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي پوءِ ڀل ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن کي سڏي (جن جي آسري تي ڪڏندو هو) اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسين.“
سورة علق جي آيتن ۾ ”اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَیَطْغٰۤی“ آيو آهي ان ۾ يطغي لفظ جنهن مادي ۽ معنيٰ وارو آهي اها معنيٰ ۽ ان مادي جا ٻيا لفظ به قرآن ۾ استعمال ٿيا آهن. ان جي معنيٰ صاف ۽ ظاهر آهي سرڪشي ۽ حد لنگهي وڃڻ. سورة علق جي آيتن ۾ ابوجهل جي سرڪشيءَ جو ذڪر آهي ان جي سرڪشيءَ ۾ بنيادي سرڪشي سرمائي پرستي، سرمائي وڌائڻ ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب واري روش آهي. اهڙيءَ طرح قرآن ۾ جتي به سرڪشي جو ذڪر اچي اتي ان مان سرڪشيءَ جو هيءُ پهلو به ضرور نظر ۾ رکڻو پوندو. جيئن
”اِذْہَبْ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی﴿٪۲۴﴾ “ (طٰہٰ-۲۴)
اهڙيءَ سرڪشي ڪندڙن لاءِ ئي قرآن ۾ ”طاغوت“ جو لفظ آيل آهي جنهن مان سرمائيدار جيئن نمرود ۽ والار پسند ظالم حڪمران جيئن فرعون ۽ اهڙا ٻيا مراد آهن.
هدايت ۽ گمر اهي ٻن متضاد سوچن جي طور اسان وٽ سڃاتل رهيون آهن، مٿي جن ٻن روشن جو ذڪر ٿيو هڪ تقويٰ ۽ خرچ ڪرڻ واري ۽ ٻي سرمائي پرستيءَ ۽ مال ۾ واڌاري ڪرڻ واري، انهن ٻن روشن کي به هدايت ۽ گمراهيءَ جي روش سمجهڻ گهرجي. جيئن قرآن شريف جي سورة فاتحه ۾ هدايت جو سڌو رستو طلب ڪرڻ ۽ گمراهن جي رستي کان بچڻ جي دعا آيل آهي. هدايت ۽ گمراهيءَ جي ٻن رستن کي مٿي ذڪر ڪيل ٻن روشن جي تناظر ۾ الله تعاليٰ هن طرح بيان فرمايو آهي.
وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجْدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَ مَاۤ اَدْرٰىکَ مَا الْعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ فَكُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوْ اِطْعَامٌ فِیۡ یَوْمٍ ذِیۡ مَسْغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ یَّتِیۡمًا ذَا مَقْرَبَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ اَوْ مِسْکِیۡنًا ذَا مَتْرَبَۃٍ ﴿ؕ۱۶﴾ (البلد-١٠، ١٦)
”۽ اسان ان کي (هدايت ۽ گمراهي جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاريا آهن. پر هو لڪ لنگهي نه سگهيو. توکي ڪهڙي خبر لڪ ڇا آهي اهو غلام آزاد ڪرڻ آهي. يا بک جي ڏينهن ۾ کاڌو کارائڻ آهي، مٽي مائٽيءَ واري يتيم کي يا مٽيءَ هاڻي مسڪين کي.“
هي هدايت جي روش آهي. صاف ظاهر آهي ته گمراهيءَ جي روش ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ بجاءِ سرمائي ۾ واڌاري ڪرڻ واري روش آهي. ڏسو انهيءَ روش جي مذمت سان گڏ سورة مدثر جي هنن آيتن ۾ الله اهڙي روش وارن کي ڪيئن للڪاريو آهي.
ذَرْنِیۡ وَ مَنْ خَلَقْتُ وَحِیۡدًا ﴿ۙ۱۱﴾ وَّ جَعَلْتُ لَہٗ مَالًا مَّمْدُوۡدًا ﴿ۙ۱۲﴾ وَّ بَنِیۡنَ شُہُوۡدًا ﴿ۙ۱۳﴾ وَّ مَہَّدۡتُّ لَہٗ تَمْہِیۡدًا ﴿ۙ۱۴﴾ ثُمَّ یَطْمَعُ اَنْ اَزِیۡدَ ﴿٭ۙ۱۵﴾(سورة مدثر، آيت ۱۱- ۱۵)
”مون کي ۽ جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي ڇڏي ڏي، جنهن کي مون وڏو مال ڏنو آهي ۽ حاضر پٽ به ڏنا اٿم. ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم، پر پوءِ به هو (خرچ ڪرڻ بجاءِ) طمع ٿو رکي ته ان کي وڌيڪ ڏيان.
اهڙيءَ طرح وڌيڪ حاصل ڪرڻ مال وڌائڻ سرمائي پرستيءَ جي سورة تکاثر ۾ به مذمت ڪئي وئي آهي، سورة همزه ۾ مال جمع ڪندڙ ۽ ان کي ڳڻيندڙ جي مذمت ڪئي وئي آهي، اهي سڀ لامحدود سرمائي جي حصول کي رد ڪندڙ قرآني هدايتون آهن ۽ تقويٰ جو بنياد آهن.
لامحدود سرمائي جي حصول جي روش هڪ اهڙي خطرناڪ روش آهي جيڪا انيڪ گناهن ۽ نافرمانين جو سبب بڻبي آهي، ۽ اها روش زمين تي گوناگون فسادن ۽ خرابين جي موجب ٿيندي آهي. مثال طور هي روش ئي ماپ تور ۾ يعني حقدار کي پورو حق ڏيڻ ۾ کوٽ ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ ماڻهن جي حقن ۾ ۽ انهن جي پورهئي جي معاوضي ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ نتيجي ۾ زمين فساد جو مرڪز بڻبي آهي. الله تعاليٰ ان ڳالهه کي هن طرح بيان ڪيو آهي.
وَ یٰقَوْمِ اَوْفُوا الْمِكْیَالَ وَالْمِیۡزَانَ بِالْقِسْطِ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ اَشْیَآءَہُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِی الۡاَرْضِ مُفْسِدِیۡنَ ﴿۸۵﴾(سورة هود آيت 85)
”ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو، ماڻهن کي سندس شيون کٽائي نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو.“
اها سرمائي پرستي آهي جيڪو مزدور جي محنت آڌار مزدوري ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. مزدور جي اجرت گهٽ ڏيڻ سان ئي سرمائي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سرمائي پرستي شين جي قيمتن مقرر ڪرڻ ۾ انصاف کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته بي تحاشا منافعو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هو ماڻهن جي ضرورتن ۽ مجبوريءَ مان ناجائز فائدا وٺندا. ڇا هڪ سرمائيدار جيڪو مزدورن کي انصاف ڀري اجرت نه ڏئي ۽ انهن جي بي روزگاري واري مجبوريءَ جو فائدو وٺي معاوضو مقرر ڪري ۽ انهن جي بنيادي ضرورتن جو لحاظ رکي معاوضو مقرر نه ڪري، اهڙي طرح ڪروڙين رپيا ناجائز طرح منافعو ڪمائي يا شين جي ناجائز قيمتن مان ڪروڙن جو منافعو ڪمائي ڇا اهو صرف زڪوات جا چند هزار يا چند لک ڏئي پنهنجو مال حلال ڪري سگهي ٿو؟ اها ئي سرمائيداريت هڪ ازم بڻجي ويندي آهي ۽ الله جي مشيت هوندي آهي ته اهو نظام نابود ٿئي. ان صورت ۾ الله جي مڃيندڙن جي مٿان فرض بيهندو آهي ته اهي اهڙي نظام جي برباديءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش جا ساٿاري ٿين.