مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي معاشري ۾ ڪمزورن جي حقن جو تحفظ : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

قرآن مجيد بار بار مختلف انداز ۾ عام انسانن سان گڏ ڪمزورن جي حقن جي تحفظ تي وڏو زور ڏنو آهي، اهو ان ڪري جو عام طور تي سرمائيدار ۽ مالدار ماڻهو غريبن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي انهن جو استحصال (Exploit) ڪندا آهن ۽ حڪومت به انهن جو خيال نه رکندي آهي، تنهن ڪري قرآن مجيد ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن جو لحاظ رکڻ بابت وڏو تاڪيد ڪيو آهي. فرمايو ويو:
فَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْہَرْ۝۹ۭ وَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْہَرْ۝۱۰ۭ (الضحيٰ ١٠-٩)
”تنهن ڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر ۽ سوالي کي نه جهڻڪ.“
الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي آخري رسول حضرت محمد ﷺ جن کي سڌوسنئون خطاب ڪندي ان کي پنهنجا احسان ياد ڏياريندي يتيمن سان سهڻي سلوڪ جو حڪم ڏئي ٿو ته اوهان به يتيم هيؤ. پوءِ اسان اوهان تي ڪرم ڪيو ۽ اوهان جي پرورش جو انتظام ڪيو. تنهن ڪري شڪرگذاري جي تقاضا اها آهي ته اوهان جي طرفان ڪنهن يتيم تي ظلم ۽ زيادتي نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو محسن انسانيت يتيمن جي پارت ڪندي فرمايو:
”مسلمان معاشري جو بهترين گهر اهو آهي جتي يتيم سان سهڻو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ بدترين گهر اهو آهي جتي يتيم تي ظلم ۽ زيادتي ڪئي وڃي ٿي.“
هڪ حديث ۾ آهي ته ”جيڪو ماڻهو ڪنهن يتيم جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ گهمائيندو ان کي ايترين نيڪين جو ثواب ملندو، جيترا يتيم جا وار ان جي هٿ هيٺ آيا هوندا.“ وارن جو شمار توهان ۽ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، اهو ته الله ئي ڄاڻي ٿو. باقي هتي ان مثال جي ذريعي اهو سمجهايو ويو آهي ته يتيم سان همدردي رکندڙ ڪو سنگدل دل نٿو ٿي سگهي. دراصل الله تعاليٰ ۽ محسن انسانيت جي نظر ۾ يتيم سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ ان سان همدردي ڪرڻ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. تنهن ڪري ان رحمدل انسان جي نيت ۽ همدردي جو جذبو ايڏو ته وڏو آهي جو ان جي قيمت يا اجر صرف الله ڏئي سگهي ٿو.
اهڙي طرح سورة مدثر ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ فيصله ڪن انداز ۾ نماز ڇڏيندڙ ۽ مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندڙ جو آخري ٺڪاڻو جهنم ٻڌايو آهي.
قيامت جي ڏينهن جڏهن جنتي ماڻهو جهنمين کان سوال ڪندا توهان ته دنيا ۾ وڏا مالدار دنيا جي مستيءَ ۾ مست هيؤ. پوءِ هتي ڪيئن آيا آهيو؟ قرآن ان مڪالمي کي هن ريت بيان ڪري ٿو:
مَا سَلَكَكُمْ فِيْ سَقَرَ۝۴۲ قَالُوْا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّيْنَ۝۴۳ۙ وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ الْمِسْكِيْنَ۝۴۴ۙ
(المدثر ٤٢-٤٣)
”اوهان کي دوزخ ۾ ڪهڙي ڳالهه وڌو. چوندا ته نڪي نمازين مان هئاسين ۽ نه ڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسين.“
قرآن مجيد جي ضحيٰ ۽ مدثر، ٻئي سورتون ابتداءِ اسلام ۾ نازل ٿيل آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام جي شروعات ۾ ئي الله تبارڪ و تعاليٰ سڀ کان وڌيڪ اوليت ۽ اهميت انساني حقن کي عطا فرمائي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو ته جيئن هو غريبن ۽ مسڪينن کي الله تعاليٰ جي عطا ڪيل نعمتن ۾ برابر شريڪ ڪن. اهو ان ڪري به ضروري هيو جو اسلام امن، سلامتي ۽ ڪرم جو دين آهي. جڏهن ته جاهليت واري دور ۾ مالدار ماڻهو پنهنجي زر خريد ٻانهن تي بي انتها ظلم ڪندا هئا. انهن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو ويندو هو. ان جي برعڪس اسلام هر مظلوم سان همدردي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم قرار ڏنو، جيڪي مسڪينن کي کاڌو نٿا کارائين. سورة ”ماعون“ تي هڪ نظر ڊوڙايو، قرآن ڪيڏو وڏو ٺوس اصول ٻڌائيندي چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو مسڪينن ۽ يتيمن جي بحال ڪاريءَ جو ڪم نٿا ڪن ۽ پنهنجي معمولي شيءِ به حاجتمند کان روڪي رکن ٿا انهن جي نماز جهڙي عبادت ڪنهن به ڪم جي نه آهي. قرآن پاڪ فرمائي ٿو:
اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ۝۱ۭ فَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ۝۲ۙ وَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۳ۭ فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ۝۴ۙ الَّذِيْنَ ہُمْ عَنْ صَلَاتِہِمْ سَاہُوْنَ۝۵ۙ الَّذِيْنَ ہُمْ يُرَاۗءُوْنَ۝۶ۙ وَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ۝۷ۧ (الماعون)
”(اي پيغمبر) انهيءَ کي ڏٺئي ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڀائيندو آهي. پوءِ اهو آهي جو ڇوري ٻار کي ڌڪيندو آهي (ڪنهن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آهي. پوءِ انهن نمازين لاءِ ويل آهي جي پنهنجين نمازن کان ويسلا رهندا آهن، اهي جيڪي رياءُ ڪندا آهن، اڌاريون شيون جهليندا آهن.“
قرآن مجيد اهو ڪافي نٿو سمجهي ته ماڻهو صرف پاڻ نيڪين تي ڪاربند رهي ۽ ٻين جي معاملي ۾ خاموش رهي. بلڪ خدائي ڪتاب جي منشا اها آهي ته خير، خدا ترسي ۽ ڀلائي عام ٿئي. ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ٻين کي کاڌو کارائين ٿا ته اهي ٻين ماڻهن جي دلين ۾ به اهو جذبو پيدا ڪن ته جيئن اهي به ان نيڪي ۾ شريڪ ٿين. ”اقامت الصلواة“ ۾ به جماعت جو فائدو به اهو آئي آهي ته يڪجهتي، هڪٻئي سان همدردي، خير ۽ فلاح جا جذبا هر ماڻهوءَ ۾ اچن ته جيئن سڀني طبقن ۾ اعليٰ اخلاقي نظام قائم ٿئي ۽ مسجد کان گهر ۽ گهر کان معاشري تائين خير ۽ فلاح جا جذبا امن ۽ امان جي ضمانت بڻجي وڃن. ان ڪري سورة ”والعصر“ ۾ ايمان ۽ عمل صالح سان گڏ ”وَتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ۝۰ۥۙ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ“ کي لازم ملزوم قرار ڏنو ويو آهي. بلڪه اسان وٽ ايمان جي پهرين تقاضا صالح عمل آهن. ارشاد رباني آهي:
اِنَّہٗ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِاللہِ الْعَظِيْمِ۝۳۳ۙ وَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۳۴ۭ
(الحاقه ٣٣-٣٤)
”ڇو ته اهو (ماڻهو) الله وڏي کي نه مڃيندو آهي ۽ نڪي (ٻين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو هو.“
”اصحاب المثال“ جو ٺڪاڻو جهنم ان ڪري بڻيو جو اهي ايمان نه آڻيندا هئا ۽ مسڪينن جي کاڌي کارائڻ جي ترغيب نه ڏيندا هئا. قرآن مجيد جي آيتن ۾ غور ڪيو، قرآن مجيد الله تعاليٰ تي ايمان نه آڻڻ ۽ غريبن کي کاڌو کارائڻ جي ترغيب نه ڏيڻ کي ڪفر سان ملايو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ايمان وارن جو ڪردار هڪ امتيازي شان رکي ٿو، اهو آهي مسڪينن تي رحم ۽ ڀلائيءَ جو هٿ رکڻ، انهن جي بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ، مناسب غذا فراهم ڪرڻ ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيڻ.
سورة الفجر ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ ڪافرن جو طرز عمل بيان ڪندي فرمائي ٿو.
كَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ۝۱۷ۙ وَلَا تَحٰۗضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۱۸ۙ
(الفجر: ١٧- ١٨)
”(هرگز) ايئن نه آهي بلڪه ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آهيو ۽ نڪي مسڪين جي کارائڻ کي هڪٻئي تي رغبت ڏياريندا آهيو.“ مطلب آهي اهڙو نظام نه جوڙيندا آهيو يا اهڙيون انفرادي ۽ گڏيل ڪوششون نه وٺندا آهيو.
قرآن مجيد ۾ وڏي اهتمام سان يتيم جي مال جو تحفظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
وَلَا تَقْرَبُوْا مَالَ الْيَتِيْمِ اِلَّا بِالَّتِيْ ہِىَ اَحْسَنُ حَتّٰي يَبْلُغَ اَشُدَّہٗ۝۰ۚ (الانعام- ١٥۲)
”۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي هجي تنهن کانسواءِ ٻئي طرح سان يتيم جي مال کي ويجها نه وڃو، جيسين اهو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي.“
ان آيت سڳوري ۾ نه صرف يتيم جي مال جو تحفظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بلڪ يتيم جي مال کي واپار ۾ لڳائي ان کي فائدو پهچائڻ جو پڻ رستو ڏيکاريو ويو آهي. آخر ۾ اهڙن ظالمن کي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جيڪي ڏاڍ جي بنياد تي يتيمن جو مال هڙپ ڪن ٿا.
اِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰمٰى ظُلْمًا اِنَّمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا۝۰ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا۝۱۰ۧ (النساء ١٠)
”جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آهن سي پنهنجن پيٽن ۾ رڳو باهه کائيندا آهن، اهي دوزخ ۾ سگهو گهڙندا.“
مالدارن جي مال ۾ خاندان جي مستحق رشتيدارن جو اولين حق آهي جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ منهن نه ٿو موڙي سگهجي. قرآن مجيد، الله تبارڪ و تعاليٰ جي بندگيءَ سان گڏ والدين سان سهڻي سلوڪ جو حڪم ڏئي ٿو:
وَقَضٰى رَبُّكَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ وَبِالْوَالِدَيْنِ اِحْسَانًا۝۰ۭ (الإسراء - ٢٣)
”۽ تنهنجي پالڻهار حڪم ڪيو آهي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو.“
ٻار جي نگهداشت ۾ ماءُ وڌيڪ تڪليف برداشت ڪري ٿي، تنهن ڪري ان جو حق به وڌيڪ بڻجي ٿو، قرآن پاڪ ان معاملي ۾ فرمائي ٿو:
وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْہِ۝۰ۚ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ وَہْنًا عَلٰي وَہْنٍ وَّفِصٰلُہٗ فِيْ عَامَيْنِ (لقمان -١۴)
”۽ ماڻهن کي سندن ماءُ بابت (چڱائي ڪرڻ جو) حڪم ڪيوسون جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سهي کيس پنهنجي پيٽ ۾ کنيو ۽ ٻن ورهن ۾ سندس (ببن جو) ڇڏائڻ آهي.“
”الاحقاف“ سورة ۾ ماءُ جي تڪليف جو ذڪر هن ريت ڪيو ويو آهي.
وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْہِ اِحْسٰـنًا۝۰ۭ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ كُرْہًا وَّوَضَعَتْہُ كُرْہًا۝۰ۭ
(الاحقاف ١٥)
”۽ ماڻهو کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيوسون (جو) اوکائيءَ سان سندس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آهي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آهي.“
انهن آيتن ۾ ماءُ جي حقن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي، ڇو ته حمل ۽ وضع حمل کان ولادت ۽ ٻالڪپڻ تائين سڄو بار ماءُ برداشت ڪري ٿي. پيءُ فطري طور تي ان ۾ ڪوبه حصو نٿو وٺي سگهي، البته هو خاندان جي سرپرستي ۽ نگراني ڪري ٿو، ان ڪري ماءُ جي مقابلي ۾ ڪنهن حيثيت سان ان جو حق گهٽ آهي، پر اطاعت ۽ خدمت ٻنهي جي ضروري آهي. هي اهو واحد عمل آهي، جنهن جي جزا اولاد کي دنيا ۾ ئي ڏني ويندي آهي ۽ آخرت ۾ جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي.
پاڻ ڪريم ﷺجن پڻ ٽي ڀيرا ماءُ جي حقن جو تاڪيد فرمايو آهي. ان کان پوءِ پيءُ جي باري ۾ هڪ ڀيرو فرمايو. (ثم ابوڪ)