مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

مقصد بعثت نبي امي ﷺ: مولانا محمد انس راڄپر

قرآن ۾ الله تعاليٰ نبي ﷺ جي نبوت جي ذميوارين، مقصدن ۽ ڪمن جو بار بار ڪٿي اختصار سان ته ڪٿي وري تفصيل سان ذڪر فرمايو آهي. ان مضمون جي حوالي سان قرآن مجيد جون ٻه آيتون خاص طور مقصد نبوت کي واضح ڪرڻ واريون آهن. پهرين آيت الله تعاليٰ انهن آيتن جي تسلسل ۾ بيان فرمائي آهي جن ۾ حضرت موسيٰ طورسينا جبل تي قوم جي ستر ماڻهن سان گڏ، زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪري، جيڪا دعا گھري، ان جو ذڪر آهي. دعا ۾ حضرت موسيٰ الله تعالى کان دنيا جي ۽ آخرت جي بهتري گھري آهي. ۽ الله جواب ۾ چيو آهي: ”اسان جنهن کي گھرنداسين، تنهن کي منهنجو عذاب پهچندو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ تي وسيع آهي“ ان کانپوءِ نزول قرآن واري وقت، جن لاءِ الله تعالى دنيا ۽ آخرت جي بهتري لکي آهي تن جو ذڪر ڪيو آهي. فرمايو ويو:
فَسَاَكْتُبُہَا لِلَّذِيْنَ يَتَّقُوْنَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوۃَ وَالَّذِيْنَ ہُمْ بِاٰيٰتِنَا يُؤْمِنُوْنَ۝۱۵۶ۚ
(الاعراف)
”(پنهنجي وسيع رحمت) اسان انهن لاءِ لکي ڇڏي آهي جيڪي تقويٰ اختيار ڪن ٿا زڪواة ادا ڪن ٿا، اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا. ۽ امي نبيءَ جو اتباع ڪن ٿا.“
يعني جيڪا دنيا ۽ آخرت جي بهتري حضرت موسيٰ ۽ ٻين انبياء بني اسرائيل جي نتيجي ۾ بني اسرائيلن کي ملي، جيئن الله تعالي هڪ هنڌ کين پنهنجي نعمت ياد ڏياريندي فرمايو: ”الله جي ان نعمت کي ياد ڪيو، جڏهن الله اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، اوهان جون بادشاهتون بنايائين، اوهان کي اهو ڏنائين جيڪو جهان ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين.“ اهڙي نعمت هاڻي انهن کي ملندي جيڪي هن ڪتاب قرآن تي ايمان آڻيندا، تقويٰ اختيار ڪندا ۽ زڪوات ادا ڪندا. ۽ ان سان گڏ اهي امي نبي تي ايمان آڻيندا. تڏهن کين دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي(دنيا ۾ اقتدار ۽ اختيار ۽ آخرت ۾ جنت) ملندي. ان کان پوءِ ان آيت جو ذڪر آهي جيڪا نبوت جو مقصد بيان ڪرڻ واري آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي.
يَاْمُرُہُمْ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْہٰىہُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَيُحِلُّ لَہُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْہِمُ الْخَـبٰۗىِٕثَ وَيَضَعُ عَنْہُمْ اِصْرَہُمْ وَالْاَغْلٰلَ الَّتِيْ كَانَتْ عَلَيْہِمْ۝۰ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِہٖ وَعَزَّرُوْہُ وَنَصَرُوْہُ وَاتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ مَعَہٗٓ۝۰ۙ اُولٰۗىِٕكَ ہُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۝۱۵۷ۧ
(الاعراف)
”نبي امي کين چڱاين جو حڪم ٿو ڪري ۽ برائين کان روڪي ٿو. انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ٿو ڪري ۽ ناپاڪ شيون حرام ٿو ڪري. انهن جا بار ۽ انهن جي ڳچيءِ ۾ پيل ڳٽ لاهي ڦٽا ٿو ڪري. جيڪي مٿس ايمان آڻن ٿا، سندس حمايت ۽ مدد ڪن ٿا ۽ وٽس جيڪو نور نازل ٿيو آهي ان جي پيروي ڪن ٿا اهي ئي ڪامياب آهن.“
هن آيت ۾ نبي ﷺ جا ڪم جيڪي ٻڌايا ويا آهن اهي هي آهن؛ چڱائين جو حڪم، برائين کان روڪڻ، پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪرڻ، ذهنن تان بار ۽ ڳچين مان ڳٽ لاهي ڦٽا ڪرڻ.
ٻي آيت جيڪا نبي ﷺ جي بعثت جي مقصدن جي وضاحت ڪندڙ آهي، سا آهي:
ہُوَالَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْہُمْ يَتْلُوْا عَلَيْہِمْ اٰيٰتِہٖ وَيُزَكِّيْہِمْ وَيُعَلِّمُہُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ۝۰ۤ ۝۲ۙ
”الله اهو آهي جنهن اميين ۾ انهن منجھان هڪ رسول موڪليو آهي، جيڪو انهن تي الله جون آيتون تلاوت ٿو ڪري، انهن جو تزڪيو ٿو ڪري ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ٿو ڏئي.“ (جمعه)
هن آيت جو مضمون قرآن ۾ ڪيترين ئي جاين تي آيو آهي، جنهن ۾ نبي ﷺ جي بعثت جو مقصد هيٺ بيان ڪيل ڪمن کي ٻڌايو ويو آهي.
امت جي ماڻهن کي آيتن جي تلاوت ڪري ٻڌائڻ، انهن جو تزڪيو ڪرڻ ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيڻ.
نبوت جي جن ڪمن جو هنن ٻن آيتن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، تن ۾ منهنجي ناقص عقل جي غور فڪر مطابق تزڪيو، سڀني ڪمن مان اهم ڪم آهي. ٻيا ڪم جهڙوڪ تزڪيي جي حصول جو ذريعو آهن. مثال چڱائن جو حڪم ۽ برائين کان روڪڻ جو ڪم تزڪيي جو ذريعو آهي. پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪرڻ به تزڪيي جو ذريعو آهن. ذهنن تان بار لاهڻ ذهني تزڪيي جو ذريعو آهي. ماڻهن جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جا ڳٽ لاهي ڦٽا ڪرڻ به تزڪيي جوذريعو آهي. البته غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڪهڙي طرح تزڪيي جو ذريعو آهي، اهو تزڪيي جي معني سمجهڻ کان پوءِ ئي صحيح طرح سمجهه ۾ ايندو. اهڙيءَ طرح الله جي آيتن جي تلاوت ۽ ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم به تزڪيي جو ذريعو آهن.

تزڪيو:
تزڪيو الهامي دعوت جو اهم مقصد آهي، حضرت موسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ فرعون ڏانهن موڪليو ته کيس چئو.
فَقُلْ ہَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى۝۱۸ۙ (النازعات)
”ڇا تنهنجو تزڪيي (اصلاح) جي طرف اچڻ جو ارادو آهي.“
سورة عبس ۾ نابين صحابي ابن ام مڪتوم جو ذڪر آهي. نبي ﷺ جن مڪي جي وڏن سردارن سان محو گفتگو هئا، جو هي نبي ﷺ جن کان ڪجھ معلوم ڪرڻ لڳو. پاڻ ﷺ جن سندن اهڙي مداخلت کي پسند نه ڪيو، الله ان جو ذڪر ڪندي رسول الله ﷺ جن کي فرمايو: ”تو نابين جي اچڻ تي منهن ڦيريو، ڪهڙي خبر شايد اهو تزڪيو اختيار ڪري ....... ۽ تون ان ڏانهن توجھ ڪري رهيو هئين جيڪو بي پرواهي ڪري رهيو آهي حالانڪه توتي ان جي ذميواري ڪانهي ته اهو تزڪيو اختيار ڪري.“ سورة عبس: 10-7
تزڪيو ڇاهي؟ ان جي معنيٰ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان تزڪيه گهڻو ڪري نفس جي اصطلاح ٻڌي آهي. ان جي معنيٰ نفس جي صفائي ۽ پاڪائي ڪجي ته به صحيح آهي: پر ان جي صحيح ۽ جامع معنيٰ نفس جي اصلاح آهي. اصحاب ڪهف پنهنجي ساٿين مان ڪن کي جڏهن کاڌو وٺڻ لاءِ روانو ڪيو ته لفظ آهن:
”فَلْيَنظُرْ أَيُّهَا أَزْكَى طَعَامًا“(الکهف: 19)
”ڏسڻ گھرجي ته بهتر، صاف ۽ غذا جي صلاحيت رکندڙ کاڌو ڪٿي ٿو ملي.“
الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي ته جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ۽ پوءِ سندس عدت پوري ٿي وڃي ته ان کي نڪاح کان منع نه ڪرڻ گھرجي. پوءِ فرمان آهي:
”ذٰلِكُمْ اَزْكٰى لَكُمْ وَاَطْہَرُ۝۰ۭ“ (البقره: 232).
”اهو اوهان لاءِ وڌيڪ سٺو ۽ پاڪ آهي.“
هن ۾ به تزڪيه مان مراد معاشري ۽ گھر جي اصلاح آهي. گھر ۽ معاشرو سڌريل رکڻ گھرو ٿا ته طلاق ڏنل عورت کي نڪاح ڪرڻ کان منع نه ڪيو.
معجم معاني الفاظ القرآن واري لکيو آهي:
”زکا يزکو زکاه اي نما و زاد“
يعني هن مادي جي معنيٰ آهي نشوونما، واڌ ويجھ، ترقي، ڊولپمنٽ. فرد، معاشري ۽ سماج جي، جسماني، روحاني ۽ اخلاقي طرح ڊولپمنٽ ۽ سڌارو. معجم واري آيت:
”يَتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِنَا وَيُزَكِّيْكُمْ“ (البقره:151)
۾ ’يزکيکم‘ جي معنيٰ ’يطهرکم ويصلحکم‘ لکي آهي. معنيٰ اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان جي اصلاح ڪري، تطهير ۽ گندگيءَ کان صفائي به اصلاح جو عمل آهي.
يعني نبي ﷺ جي بعثت جو بنيادي مقصد اصلاح آهي. امت جي هر هڪ فرد جي اصلاح، معاشري، سماج ۽ سوسائٽي جي اصلاح ۽ ڊولپمينٽ، بلڪه پوري ڪائنات ۽ پوري انسانذات جي اصلاح ۽ ڊولپمنٽ نبي ﷺ جي بعثت جو مقصد آهي. هن کان پوءِ سوال آهي ته نبي ﷺ ڪهڙي قسم جي اصلاح ڪرڻ ٿي گھري؟ اسان جي آڏو جڏهن الله ۽ رسول جو نالو ايندو آهي ته اسان جي ذهنن ۾ هڪ طرفو تصور قائم ٿيل آهي ۽ فقط ان ڏانهن ئي نظر ويندي آهي. جنهن مطابق چند مذهبي رسمن کي نبوت ۽ الله رسول جو ڪم سمجھي وٺندا آهيون. باقي زندگيءَ جي سموري وهنوار سان الله رسول جو ڪهڙو ڪم!، جو پاڻ کي انهن ڪمن لاءِ الله جي آڏو جوابدار سمجھون. نماز پڙهي، روزو رکيو، حج ڪيو، نذرونياز ڪيو، الله رسول جو ڪم پورو ٿيو. باقي زندگي ۾ اسان جيئن به ڪيون، ان سان تزڪيه نفس يا ديني ذميوارين جو ڪهڙو تعلق!!
قرآن ۾ غور فڪر ڪجي ٿو ۽ نبي ﷺ جن جي زندگيءَ کي ڏسجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته تزڪيي ۽ اصلاح جو تعلق صرف چند رسمن سان ناهي، بلڪه انسان جي پوري زندگيءَ سان آهي. غور و فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته نبي ﷺ جن وٽ زندگي ديني ۽ دنياوي حصن ۾ ورهايل ناهي. بلڪ هڪ وحدت آهي جنهن جي پوريءَ طرح اصلاح ئي نبوت جو مقصد آهي.
مٿي حضرت موسيٰ جي فرعون ڏانهن دعوت جو ذڪر ٿيو. الله فرمايو: ”اذهب الي فرعون انه طغيٰ“ (اي موسيٰ فرعون ڏانهن وڃ ان سرڪشي اختيار ڪئي آهي) قرآن ۾ پاڻ فرعون بابت مطالعو ڪنداسين ته ان جي سرڪشيءَ جو تفصيل معلوم ٿي ويندو، ته اها ڪهڙي قسم جي سرڪشي هئي جيڪا ختم ڪرڻ لاءِ موسي عليه السلام مبعوث ٿيو. فرمان آهي:
”اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَہْلَہَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَۃً مِّنْہُمْ يُذَبِّحُ اَبْنَاۗءَہُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَہُمْ۝۰ۭ“
”فرعون زمين ۾ سرڪشي اختيار ڪئي آهي. زمين وارن کي ٽولن ۾ تقسيم ڪيو اٿس. انهن مان هڪ ٽولي کي ڪمزور ڪيو اٿس. انهن جي پٽن کي ذبح ٿو ڪري ۽ زالن کي زنده ٿو رکي.“
بني اسرائيل سان ان جي ظلمن جو تفصيل قرآن ۾ ٻين جاين تي به آهي. مختصر طور هن هڪ آيت مان فرعون جي سرڪشي واضح آهي، جيڪا خالص سياسي سرڪشي، سياسي، معاشي ۽ قومي استحصال تي مبني هئي. حضرت موسيٰ ان سرڪش فرعون طرف موڪليو ويو ۽ الله کيس فرمايو:
”فَقُلْ ہَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى“
”اي موسي! کيس چئو: ڇا تنهنجو اصلاح جي طرف اچڻ جو ارادو آهي؟“ هيءَ نظام سلطنت جي اصلاح جي دعوت هئي، جنهن جي ذريعي حضرت موسيٰ بني اسرائيلن جي سياسي، معاشي ۽ قومي استحصال جو خاتمو ڪرڻ گهريو ٿي.
حضرت شعيب عليه السلام پنهنجي قوم جي اصلاح لاءِ آيو. قرآن ۾ آهي:
وَيٰقَوْمِ اَوْفُوا الْمِكْيَالَ وَالْمِيْزَانَ بِالْقِسْطِ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ اَشْـيَاۗءَہُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْاَرْضِ مُفْسِدِيْنَ۝۸۵ (هود)
”اي قوم ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪيو، ماڻهن کي انهن جون شيون کٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائڻ وارا نه ٿيو“
هن ۾ ڏسو، حضرت شعيب جي اصلاح ڪهڙي آهي؟. قرآن ۾ ماپ تور جي کوٽ جي عمل کي ڪيئن فساد ڦهلائڻ سان تعبير ڪيو ويو آهي. شعيب جي قوم کيس چيو:
قَالُوْا يٰشُعَيْبُ اَصَلٰوتُكَ تَاْمُرُكَ اَنْ نَّتْرُكَ مَا يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَآ اَوْ اَنْ نَّفْعَلَ فِيْٓ اَمْوَالِنَا مَا نَشٰۗؤُا۝۰ۭ اِنَّكَ لَاَنْتَ الْحَلِيْمُ الرَّشِيْدُ۝۸۷ ﴿هود﴾
”اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي اهو ٿي حڪم ڪري ته انهن کي ڇڏيون جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا. ۽ پنهنجي مالن ۾ جيئن چاهيون ائين به نه ڪيون؟“
اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جن به پنهنجي دور جي اهڙن سردارن کي چيلينج ڪيو. سوره مدثر جون پهريون ست آيتون پهرين وحي کان پوءِ نازل ٿيون. انهن ستن آيتن کان پوءِ واريون آيتون جن ۾ الله تعاليٰ مڪي جي سردارن جي مذمت ڪئي آهي، سي چند مهينن کان پوءِ نازل ٿيون. يعني شروعاتي وحي جون آيتون آهن. انهن آيتن ۾ ڏسو، ڪيئن الله تعاليٰ انهن جي سرمائي پرستيءَ جي مذمت ٿو ڪري. فرمان آهي.
فَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ۝۸ۙ فَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ۝۹ۙ عَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ۝۱۰ ذَرۡنِیۡ وَ مَنۡ خَلَقۡتُ وَحِیۡدًا )۱۱ (وَّ جَعَلۡتُ لَہٗ مَالًا مَّمۡدُوۡدًا ) ۱۲ ( وَّ بَنِیۡنَ شُہُوۡدًا )۱۳ (
(المدثر)
”جڏهن صور ڦوڪيو ويندو، اهو ڏينهن ڏاڍو ڏکيو هوندو. ڪافرن لاءِ سولو نه هوندو. مون کي ۽ ان شخص کي ڇڏي ڏي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي، کيس کوڙ مال ڏنو آهي، حاضر رهندڙ پٽ ڏنا آهن. مون سندس اقتدار جي راهه هموار ڪئي آهي. پوءِ به طمع ٿو رکي، ته مان کيس اڃا به وڌيڪ ڏيان! هر گز نه!! اهو اسان جي آيتن جو دشمن آهي.“
هنن آيتن مان ظاهر ٿيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي دعوت صرف ڪلمي پڙهائڻ لاءِ نه هئي، بلڪه مالدارن، سرمائيدارن ۽ سردارن جي اصلاح لاءِ به هئي. سندن پروگرام ۾ اها ڳالهه لازمي جز هئي ته مالدار ماڻهو، پنهنجي دولت ۾، غريبن ۽ مسڪينن جو حق تسليم ڪن. الله تعالى فرمايو:
”وَفِيْٓ اَمْوَالِہِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ۝۱۹“ (الزاريات: 19)
”انهن جي دولت ۾ محروم ۽ محتاج ماڻهن جو حق آهي.“
الله تعاليٰ نبي ﷺ جن کي قرآن شريف ۾ هدايت فرمائي آهي:
”خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَـۃً تُطَہِّرُھُمْ وَتُزَكِّيْہِمْ“ (التوبه: 103)
”انهن جي دولت مان انهن کان زڪوات وصول ڪر. انهن کي پاڪ ڪر ۽ انهن جي اصلاح ڪر“ يعني انهن کان زڪوات وصول ڪري ان جي ذريعي انهن جي سياسي، سماجي، اخلاقي، معاشي ۽ معاشرتي اصلاح ۽ ڊولپمينٽ ڪر.
هي سڀ ڳالهيون اهو ثابت ٿيون ڪن ته نبي ﷺ به زندگيءَ جي گونا گون پهلوئن جي اصلاح لاءِ مبعوث ٿيا. عورتن جا مسئلا هجن، مرد ۽ عورت جي تعلق، ماءُ پيءُ، يتيمن مسڪينن يا بيواهن جا مسئلا هجن؛ نبي ﷺ جن سڀني مسئلن جي اصلاح ڪئي. ٻين تفصيلن جو هتي احاطو نه ٿو ڪري سگھجي. اجمالي طور آءٌ عرض ڪيان ته نبي ﷺ جن پنهنجي پيروڪارن جي ذهني، اخلاقي، سماجي، سياسي ۽ معاشرتي طرح اصلاح ڪري انهن کي اقتدار، اختيار ۽ حڪومت جون واڳون سونپڻ جو مقصد به پنهنجي نبوي مقصدن ۾ شامل رکيو. جيئن اهو انهن آيتن مان به واضح آهي، جن جو شروع مضمون ۾ ذڪر ٿيو، جن ۾ بني اسرائيلن تي الله جي نعمت ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهتري عطا ڪرڻ جو ذڪر آهي ۽ جيئن الله تعاليٰ جي هن فرمان مان به ظاهر آهي:
وَعَدَ اللہُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّہُمْ فِي الْاَرْضِ كَـمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِہِمْ۝۰۠ وَلَيُمَكِّنَنَّ لَہُمْ دِيْنَہُمُ الَّذِي ارْتَضٰى لَہُمْ وَلَيُبَدِّلَنَّہُمْ مِّنْۢ بَعْدِ خَوْفِہِمْ اَمْنًا۝۰ۭ (النور: 55)
”جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، انهن سان الله واعدو ڪيو آهي ته انهن کي زمين ۾ حڪومت عطا ڪندو. جيئن انهن کان اڳين (بني اسرائيل ۽ ٻين) کي عطا ڪئي هئي. انهن لاءِ، انهن جي دين، جنهن کي الله انهن لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن کي تمڪن ۽ غلبو عطا ڪنداسين. انهن کي خوف جي حالت کان امن جي حالت ۾ تبديل ڪنداسين.“
هن آيت ۾ اقتدار ۽ غلبي سان گڏ امن جي به بشارت ڏنل آهي. رسول الله ﷺ جن جي ابتدائي دعوت ۾ ئي قريش کي الله جي دين جي آغوش ۾ اچڻ جو فائدو ياد ڏياريندي چيو ويو:
”فَلْيَعْبُدُوْا رَبَّ ہٰذَا الْبَيْتِ۝۳ۙ الَّذِيْٓ اَطْعَمَہُمْ مِّنْ جُوْعٍ۝۰ۥۙ وَّاٰمَنَہُمْ مِّنْ خَوْفٍ۝۴ۧ“
”قريش کي گھرجي ته هن گھر جي رب جي عبادت ڪن، جنهن کين بک کان کارايو ۽ خوف کان امن ڏنو آهي.“
هتي عربن کي ٻڌايو ٿي ويو ته هن گھر جي رب تي ايمان پوري عرب جي خوشحالي ۽ امن جو موجب ٿيندو.
بخاري ”باب علامات النبوة“ ۾ روايت آندي آهي ته: پاڻ سڳورا ﷺ ماڻهن کي بشارت ڏيندا هئا ته هڪ زمانو ايندو جڏهن صنعا کان هڪ عورت اڪيلي سفر ڪندي ۽ خدا کان سواءِ ان کي ڪنهن شيءِ جو خوف نه هوندو، ته ماڻهو ان تي تعجب ڪندا هئا“.
بخاري شريف ۾ ئي هيءَ روايت به آئي آهي ته: سنه 9 هجريءَ ۾ هڪ شخص شڪايت ڪئي ته منهنجو مال ڌاڙيل ڦري ويا آهن. پاڻ فرمايائون: جلد اهو زمانو ايندو جڏنهن مڪي ڏانهن قافلا بنا ڪنهن نگهبان جي ويندا.
اسلام اچڻ کان اڳ سڄو عرب جدا جدا قبيلن ۾ ورهايل هو. هر قبيلي جا رئيس به الڳ ته خدا به الڳ الڳ هئا. انهن وچ ۾ قبيلائي جھيڙا هلندڙ هئا. بڪر ۽ تغلب قبيلن وچ ۾ چاليهه سال جنگ هلي. حضرموت ۽ ڪندي جا قبيلا به پاڻ ۾ وڙهي مئا. اوس ۽ خزرج وچ ۾ به لڙائي هلندڙ هئي. خاص حرم ۾ بنو قيس ۽ قريش ۾ حرب فجار جو سلسلو جاري هو. پهاڙن ۽ صحرائن ۾ خودمختار ڏوهاري قبيلا آباد هئا. انهن قبيلن جي معاش جو ذريعو ڪمزور قبيلن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ هو. حج جا ٽي مهينا لاڳيتو حرم جي ڪري جنگ نه ڪرڻ کانئن سٺو نه ٿيندو هو. ان ڪري حرم جا مهينا به ڪڏهن گھٽائيندا هئا ته ڪڏهن وڌائيندا هئا. شبلي نعماني ڪتاب الاموال جي حوالي سان لکيو آهي:
”وذالک لانهم کانو يکرهون ان تتوالي عليهم ثلاثة اشهر لاتمکنهم الاغارة فيها لان معاشهم کان من الاغارة “ (شبلي نعماني: سيرت النبي جلد: 2 ص: 2)
قريش کي بيت الله جي متولي هئڻ جي ڪري الله تعاليٰ عزت ڏني هئي. اهي واپار ڪري گذر سفر ڪري وٺندا هئا. باقي ٻين عرب قبيلن جي حالت تمام ابتر هئي. واپار، سٽ ڪتڻ، چمڙي جي دباغت مان به انهن کي آمدني ٿيندي هئي پر قبائلي فسادن سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو. اسلام جي اچڻ ۽ نبيﷺ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اهي قبيلا کير کنڊ ٿي پيا ۽ انهن وچ ۾ اهو امن ۽ خوشحالي پيدا ٿي پئي، جنهن جو تصور به عرب ۾ نه ٿي ڪيو ويو.
جنگ جو نئون تصور:
نبي ﷺ جن جي بعثت کان اڳ جنگيون ڦرمار لاءِ وڙهيون وينديون هيون. نبي ﷺ جن مظلومن کي ظلم جي خلاف جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو:
”اُذِنَ لِلَّذِيْنَ يُقٰتَلُوْنَ بِاَنَّہُمْ ظُلِمُوْا۝۰ۭ“
”لڙائي جي اجازت ڏجي ٿي ان ڪري ته هنن سان ظلم ڪيو ويو آهي.“
مظلوم ظلم جي خلاف لڙائي ڪن. مڪي ۾ جيڪي مرد ۽ عورتون ظلم جي چڪين ۾ پيسجي رهيون آهن انهن مظلومن جي آزادي لاءِ لڙائي ڪيو.
وَالْمُسْتَضْعَفِيْنَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَاۗءِ وَالْوِلْدَانِ الَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اَخْرِجْنَا مِنْ ھٰذِہِ الْقَرْيَۃِ الظَّالِمِ اَہْلُھَا۝۰ۚ (النساءَ: 75)
”جيڪي ڪمزور مرد عورتون ۽ ٻار پڪاري رهيا آهن ته اي پروردگار هن ظالمن جي شهر مان اسان کي آزاد ڪر.“
اهڙيءَ طرح تزڪيي ۽ اصلاح جي نتيجي ۾ ايمان وارن کي اها تعليم ۽ سکيا ڏني وئي ته ڦرمار ۽ استحصال لاءِ جنگ نه پر فتني ۽ فساد جي خاتمي لاءِ جنگ ڪيو. الله حڪم فرمايو:
”وَقَاتِلُوهُمْ حَتَّى لاَ تَكُونَ فِتْنَةٌ وَيَكُونَ الدِّينُ كُلُّهُ لِلّه“
”ايستائين انهن سان جنگ ڪيو جيستائين فتنو ختم ٿي وڃي ۽ سمورو نظام الله جي حڪم مطابق ٿي وڃي.“
حضرت معاذ بن انس کان ابو داؤد ۾ روايت آهي: ”آءٌ رسول الله ﷺ جن سان هڪ جنگ ۾ شريڪ ٿيس. ماڻهن دشمن جي پڙاءُ واري هنڌ ئي حملو ڪيو ۽ ڦر لٽ ڪئي. نبي ﷺ جن ماڻهو موڪلي پڙهو ڏياريو جنهن پڙاء واري جاءِ تي حملو ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي تنهن جو ڪو به جهاد ڪونهي.“ يعني لڙائي ڦرڻ مار لاءِ نه ڪيو، اهڙي لڙائي جهاد ناهي. دشمن سان وڙهو دشمن جيڪو ڇڏي ڀڄي سو غنيمت آهي اهو کڻو، پر جيڪو غنيمت لاءِ لڙائي ڪري، ان لاءِ جهاد جو ڪو به اجر ۽ ثواب ڪونهي (ابو داؤد باب النهي اذا کان في الطعام قلة)
مال غنيمت هٿ اچي ته اهو اميرن، سردارن لاءِ ناهي اهو به صرف غريبن ۽ مسڪينن لاءِ آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:
”وَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا غَنِمْتُمْ مِّنْ شَيْءٍ فَاَنَّ لِلہِ خُمُسَہٗ وَلِلرَّسُوْلِ وَلِذِي الْقُرْبٰي وَالْيَتٰمٰي وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ۝۰ۙ“ (الانفال: 41)
آخري نتيجو:
رسول الله ﷺ توحيد جي دعوت ۽ تزڪيي ۽ اصلاح جي ذريعي مسلمانن جي دلين کي به بدلايو ته سندن زندگيءَ کي به تبديل ڪيو. ڪالهه جيڪي پنهنجي قبيلي جي فخر، رئيس جي حڪم ۽ قبيلي جي خدا لاءِ ٻين قبيلن سان وڙهندا ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا. تن کي رسول الله ﷺ جن هيءُ عقيدو سيکاريو:
قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۝۱۶۲ۙ ﴿الأنعام﴾
”چئو بيشڪ منهنجي نماز منهنجي قرباني، منهنجي زندگي، منهنجو موت، اهڙي الله لاءِ آهي جيڪو مڙني جهانن/قومن جو پالڻهاڙ آهي“
هاڻي هنن ماڻهن پنهنجي قبيلي جي فخر، عزت ۽ ترقي بجاء پوري انسان ذات جي عزت ۽ فخر کي پنهنجو ايمان بنائي ڇڏيو. اڳي صرف ڪعبي ۽ حج جي خاص مهينن کي محترم سمجھيو ويندو هو هاڻي هنن کي رسول الله ﷺ اهو سبق سيکاري ورتو هو ته:
ماڻهن جو رت، مال ۽ زندگي ائين حرمت واري آهي جيئن الله جو گھر ڪعبة الله ۽ حج جا مهينا حرمت وارا آهن.
الله تعاليٰ هن عقيدي جي ذريعي ”انهن جي دلين ۾ اها محبت پيدا ڪئي، جيڪا محبت زمين جا سڀ خزانا خرچ ڪرڻ سان به پيدا نه ٿي ٿي سگھي.“ رسول الله ﷺ جي محنت جي نتيجي ۾ نه رڳو قبائلي نفرت جو خاتمو ٿيو پر الله تعاليٰ اسلام جي دعوت کي قبول ڪندڙ مڙني قبيلن کي خوشحال ۽ شاهوڪار به بنائي ڇڏيو. هڪ موقعي تي نبي ﷺ جن مديني جي انصارن کي فرمايو:
”اي انصارو! ڇا ائين ڪونهي ته آءٌ اوهان وٽ ان وقت آيو هوس جڏهن اوهان گمراهه هئا. الله اوهان کي (منهنجي اچڻ کان پوءِ) هدايت ڏني. محتاج هئا، الله اوهان کي غني ۽ شاهوڪار بنايو. پاڻ ۾ وڙهيل هئا الله اوهان جون دليون ڳنڍي ڇڏيون!؟.“