دعوت جو دائره ڪار : نور احمد ميمڻ
حقيقت هي آهي ته دعوت جو ڪم خاص خدائي ڪم آهي. ان جو اصول ۽ ان جو طريقو، ٻئي الله تعاليٰ پنهنجي موڪليل ڪتاب قرآن مجيد ۾ ٻڌائي ڇڏيا آهن. دعوت جي اها ذميداري قرآن حڪيم ايمان وارن کي مختلف حيثيتن جي لحاظ کان الڳ الڳ صورتن ۾ ڏني آهي. پر انهن سڀني صورتن جو مقصد هڪ ئي آهي جنهن کي قرآن ۾ دعوت الي الله سڏيو ويو آهي يعني هڪ الله جي طرف سڏڻ. الله تعاليٰ جي معرفت، الله تعاليٰ جي موڪليل هدايت ۽ ان جا ضابطا، الله تعاليٰ جو پسند ۽ مقرر ڪيل دين، اهي سڀ الله تعاليٰ جي طرف دعوت جا عنوان ۽ اهڃاڻ آهن.
ان کان علاوه جيڪي ڪم آهن تن کي دعوت جو نالو ڏئي نٿو سگهجي
پيغمبرن جي دعوت
ارشاد آهي: ”اي پيغمبر اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو.“ (الاحزاب 45-46) .
هي پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جو دعوت وارو منصب آهي، جنهن جي وضاحت الله تعاليٰ هن آيت ۾ پوري تفصيل سان بيان ڪري ڇڏي آهي. الله تعاليٰ جا جيڪي به پيغمبر دنيا ۾ آيا، قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي انهيءَ دعوت الي الله ۽ انذار ۽ بشارت جي لاءِ آيا. سورت بقره ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”ماڻهو هڪ ئي جماعت هئا، (انهن اختلاف ڪيو ۽ فرقا ٺاهيا) ته الله بشارت ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ نبي موڪليا.“ (آيت 213)
ذريت ابراهيم جي دعوت
وري انهيءَ دعوت جي ذميداري پيغمبرن کان پوءِ ذريت ابراهيم تي پئي آهي. قرآن ۾ واضح ٻڌايو ويو آهي:
”الله جي راهه ۾ سِرَ ڌڙ جي بازي لڳايو. ان جي راهه ۾ بي انتها ڪوشش ڪرڻ جو جيڪو حق آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻيو. الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي وڏي فضيلت لاءِ چونڊي کنيو آهي ۽ توهان جي لاءِ دين ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي (يا تڪليف) ڪا نه رکي اٿس. توهان لاءِ اهو ئي (سنئون سڌو) طريقو ڏسيو ويو آهي جيڪو توهان جي پيءُ حضرت ابراهيم جو هو. الله تعاليٰ توهان جو نالو مسلم رکيو آهي. اڳوڻن زمانن ۾ به ۽ هن (قرآن) ۾ به اهو هن لاءِ ڪيائين ته رسول (صلي الله عليه وسلم) اوهان جي حق کي پڌرو ڪري. ۽ توهان وري سڀني انسانن لاءِ حق سيکاريندڙ ٿيو.“
(الحج-78).
ذريت ابراهيم مان هن امت کي ”امة وسطا“ قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن جي مٿان ذميداري وڌي وئي آهي ته جيڪا ڳالهه رسول اوهان کي پڌري ڪري ڏني آهي، هاڻي اها شهادت اوهان ئي باقي دنيا تائين پهچائيندؤ . (البقره -143).
علماءِ جي دعوت
باقي دنيا تائين دعوت پهچائڻ جو هڪ بار عالمن جي مٿان آهي. ارشاد آهي:
”۽ ائين ممڪن نه هو ته سڀئي مسلمان (پنهنجي گهرن مان) نڪري کڙا ٿين (۽ ديني تعليم جي مرڪز ۾ اچي تعليم وٺن) پوءِ ڇو نه ائين ڪيو ويو ته هر گروهه مان هڪ ٽولي اچي ها جيڪا دين جو علم حاصل ڪري ها ۽ دين کي سمجهي ها ۽ جڏهن (تعليم ۽ تربيت بعد) پنهنجي قوم ڏي موٽي وڃي ها تڏهن ماڻهن کي (جهل ۽ غفلت جي نتيجن کان) خبردار ڪري ها، انهيءَ لاءِ ته گناهن ۽ براين کان بچن.“ (التوبه -122)
دعوت جو هي حڪم علماءِ جي لاءِ آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته سڀني مسلمانن لاءِ اهو ممڪن ناهي. ليڪن انهن جي هر جماعت مان ڪجهه ماڻهن کي لازمي طرح انهيءَ مقصد لاءِ نڪرڻ گهرجي ته اهي دين جو علم حاصل ڪن ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ نذير بڻجي کين دنيا ۽ آخرت جي عذاب کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن. هتان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي جاکوڙي انهيءَ ڪم لاءِ تيار ٿين. انهن لاءِ ضروري آهي ته اهي پهريائين دين جو گهرو علم حاصل ڪن. ليتفقهوا جو مقصد آهي ته اهي دين ۾ بصيرت پيدا ڪن ۽ ان جي حقيقتن کي سمجهندڙ هجن.
هن آيت مان هي ڳالهه به معلوم ٿئي ٿي ته عالمن کي پنهنجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽي وڃي دعوت جو ڪم شروع ڪرڻو آهي. جيئن اڳيان نبي ”الا بلسان قومھ“ پنهنجي قومن ڏانهن دعوت جا ذميدار هئا، تيئن پيغمبر اسلام جي دعوت ته عالمگير آهي پر ان جي امت جا عالم ان دعوت جو دائرو ترجيحي طرح پنهنجي پنهنجي قومن ۾ رکندا.
رياست جو دعوتي ڪردار
مسلمانن کي اهڙي فلاحي معاشري جي قيام لاءِ خلافت ۽ حڪمرانيءَ جو قيام عمل ۾ آڻڻو آهي، جتان اجتماعي حيثيت ۾ مسلمان فلاحي ۽ اخلاقي قانونن جي ذريعي انساني دنيا کي هدايت جو پيغام ۽ عمل آڇيندا ۽ سڄي انسانيت لاءِ پاڻ کي ان جو مثالي نمونو بڻائيندا. قرآن ۾ ارشاد آهي ته:
”۽ ڏسو تمام ضروري ڳالهه هي آهي ته توهان ۾ هڪ جماعت اهڙي هجي، جيڪا نيڪيءَ جي راهه جي دعوت ڏيندڙ هجي. نيڪ ڪمن جو حڪم ڏئي ۽ براين کان روڪي يقيناً اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا.“ (آل عمران -103)
شخصن جي دعوت
قرآن جي روءِ سان هر فرد جي هي ذميداري ۽ ايمان جي بنيادي تقاضن مان آهي ته هو دعوت جي ڪم کي نباهيندڙ هجي. اهو علامه هجي يا عام انسان، ڪنهن ڳوٺ جو رهواسي هجي يا شهر جو رهاڪو. غير مسلمانن جي رياست ۾ هجي يا مسلمانن جي منظم رياست ۾. هيڻي حال ۾ رهندو هجي يا هوند سان گذاريندو هجي. هر حال ۾ مٿس دعوت جو فرض آهي. هو پنهنجي زندگيءَ نيڪوڪاريءَ سان گذاريندو هجي ۽ دعوت جي عمل کي به نباهيندو هجي ته قرآن ان لاءِ ضمانت ڏني آهي ته دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي عذابن ۽ گرفت کان آجو رهندو. وتواصو بالحق جي ذميداري انسان کي سڀني خسارن کان بچائي ڇڏي ٿي.