آزاديءَ جو اڳواڻ ﷺ : مولانا عبداللطيف نانگراج
فطرت جي تعليم به هيءَ آهي ته جيئن خدا تعاليٰ انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي. تيئن انسان آزاديءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪري ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي ته انسان جو ترجمو آزاد (حر) سان ڪيو آهي. پاڻ غلام کي پورو انسان نٿا سمجهن. باقي هي جو انسان پاڻ کي غلط رسمن ۽ ظالم روايتن جي هٿڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي يا پاڻ کي پاڻ جهڙي ئي انسانن جي تسلط ۾ آڻي انهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، اهو سندس فطرت جي خلاف آهي. اها غلامي جي زنجير فطرت سان جنگ آهي. تنهن ڪري دنيا ۾ ڪنهن به انقلاب کي ان وقت تائين حقيقي انقلاب نٿو چئي سگهجي جيستائين اهو انقلاب انسانن کي غلامي مان ڪڍي آزادي جي طرف نه وٺي اچي. ڇو ته انقلاب جو حقيقي مفهوم ”فطرت“ کي سالم رکڻ آهي.
تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺتوحيد جي فڪر تي ماڻهن کي سڏيو جنهن جو بنياد ئي نفيءَ ۽ لا (نه) تي هو. اها نفي ۽ لا (نه) سڀني انساني غلامين کان انڪار جي هئي ۽ ان کانپوءِ هڪ الله جي عبديت جو اقرار هو. پاڻ سڳورن ان انقلابي طريقي تي انسانن جي رهنمائي ڪري انسانن کي پنهنجي گم ڪيل آزادي جو تحفو عطا ڪيو. مولانا روميءَ به نبوت جي ان حقيقت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: خلق را از انبياءَ آزادي است. (انبياءَ جو بنيادي مقصد مخلوق خدا کي آزادي ڏيارڻ آهي.) پاڻ ڪريم ﷺجن کان اڳ دنيا ۾ ان وقت رڳو غلاميون ۽ مصنوعي حدبنديون هيون. پوري دنيا ۾ انسان طرحين طرحين غلامين ۾ جڪڙيل هئا. ظالمن ۽ جابرن پنهنجي رعيت کي غلام بڻائي ڇڏيو هيو. ڪن کي فردي غلاميءَ ۾، ڪن کي طبقاتي غلامي ۾ ۽ ڪن کي وري قبيلائي، قومي غلاميءَ ۾. هرطرف هي معمول بڻجي ويو هو ته هڪڙا طاقتور انسان ٻين انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي خواهشن ۽ مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. ڄڻ ته اهي لاچار انهن لاءِ مشينون يا ڪو تجارتي اوازار هجن جو انهن کان پنهنجي ذاتي نفعي لاءِ ڪم ورتو ويندو هجي.
مذهبي راهبن ۽ احبارن ماڻهن جي ذهنن کي مسحور ڪري انهن کي خرافات ۽ فرسوده عقيدن جي ذريعي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو. مرد مافوق طاقت بڻجي عورت تي ظلم جي باهه ٻاري ويٺا هئا. انهن کي پنهنجو پالتو جانور سمجهي گهريلو زندگيءَ ۾ اهڙي طرح قيد ڪري ڇڏيو هيو، جو انهن کي نه پنهنجي راءِ جي آزادي هئي نه ئي وري اهي پنهنجي حقن جو مطالبو ڪري پئي سگهيون.
درنده صفت مالدارن معاشري ۾ معاشي صورت جو حليو بگاڙي ڇڏيو هو. عوام مالي مصيبتن ۽ مشقتن جي عذابن کي سهندي سهندي ذهني ۽ طبقاتي غلامي ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو. سندس عملي قوتون ڪمزور ٿي چڪيون هيون. انسان جيڪو اشرف المخلوقات جي لقب سا ن سنوارجي خليفة الله في الارض جو منصب کڻي آيو هو، سو ذليل ۽ رسوا بڻجي چڪو هو. پوري ڪائنات جيڪا هن لاءِ ٺاهي وئي هئي، اڄ اهو ان ڪائنات جي پوڄا ڪري رهيو هو. آسماني مخلوق جو مسجود پاڻ پٿرن، وڻن جو ساجد بڻجي چڪو هو. پنهنجي ئي هٿ سان جوڙيل بتن جي آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائيندو هو. جنهن ڪائنات کي هو پنهنجي خداداد قوتن سان مسخر ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو اتي اهو خود پاڻ ڪائنات جي هر شي کان مسخر ٿي چڪو هو.
پاڻ ڪريم ﷺاهڙي اونداهيءَ ۾ روشني بڻجي آيا. رڃ جهڙي سماج ۾ رحمت جا ڪڪر بڻجي انسانيت لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ بڻجي پيا. پاڻ عرب جي صحرا ۾ انسان جي آزادي جو جهنڊو کوڙيائون. سندن پروگرام ۾ فطرت جي صحيح تعليم هئي، سندن اصلاح ۾ سڀني قسمن جا پهلو هئا ۽ هر قسم جون انساني آزاديون هيون، سندن تعليم اعتدال جي نقطي کان انچ به هيٺ يا مٿي نه هئي. پنهنجي ذڪاوت ۽ فراست سان هر شيءِ کي گهرائي سان ڏٺائون. استبداد جو ڪوبه پاسو ظاهري يا مخفي سندن نظرن کان اوجهل نه هو. پاڻ هڪ هڪ ڪري غلاميءَ جي سڀني زنجيرن کي معاشري مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيائون. انسان کي آزاد ڪري خدا جي اڳيان ان کي سربسجود ڪيائون. اهو سندن رهنمائي جو اثر هو جو انسان پنهنجي آزادي سان پنهنجي مرضي کي خدا جي مرضي سان ملائي ڇڏيو. پاڻ توحيد جا پرچارڪ بڻجي انسان کي سندس ڪمال عطا ڪيائون. ديوتائن ۽ مصنوعي بتن کي انسان جي نفساني خواهشات جي تسڪين قرار ڏيندي انهن کي ٽوڙي ڇڏيائون. انسان جي ضمير کي اجاگر ڪندي ان کي حيواني لذتن کان آزاد ڪيائون، انسان کي هر قسم جي وهم ۽ غيراصلي خوف کان آزاد ڪري هڪ خدا جي خوف ۽ لحاظ سان سندس دل کي ڀريائون. درحقيقت توحيد جو صحيح تصور ئي سڀني غيرفطري خوفن جي پاڙ پٽي ٿو ڇڏي.
پاڻ ڪريم ﷺجن کان اڳ ۾ مذهبن جو ڪم وڃي اهو رهيو هو جو اهي الڳ الڳ ٽولا ٺاهي هڪ ٻئي جي تڪذيب ڪندا هئا. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ معبود ٺاهي انهن کي پوڄڻ شروع ڪيو هو. ان گروهن جا مذهبي پيشوا عوام ۽ مصنوعي بتن جي وچ ۾ دلاليءَ جو ڪم ڪندا هئا. ۽ سماجي طورتي انساني معاشرو غلط رسمن ۾ جڪڙيل هيو. آقا ۽ غلام ۾ ورهايل انسان پنهنجي انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪري چڪو هو. اها غلامي قديم تاريخ جي علامت بڻيل عرب معاشري جي تهذيب جو حصو بڻجي چڪي هئي. عورت ذلت ۽ رسوائي جي زندگي ۾ بند هئي. عورت جي باري ۾ هي تصور ڪيو ويندو هو ته عورت هڪ هيچ ذات آهي جيڪا مرد جي محڪوم ٿي ڪري رهڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. مرد ان کي جيئن چاهي پنهنجي نفعي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. آزادي ۽ عورت هڪ ٻئي جا ضد آهن. جبري شادي جا واقعا عام هئا، عورت کي سندس وراثت جي حق کان به محروم ڪيو ويو هو.
پاڻ ڪريم ﷺ توحيد جي مضبوط اصول ۽ عقيدي تي مساوات جو پروگرام پيش ڪيو. سڀني آسماني مذهبن جي بنيادي تعليم کي چٽو ڪري اهو پيغام ڏنو ته سڀني مذهبن جي هڪ ئي واٽ آهي. اها آهي خدا پرستي ۽ انسان دوستي. پاڻ حقيقي خدا شناسي ۽ انسان شناسي جي تعليم سان گروهن جي پاڙ پٽي ڇڏيائون.
پاڻ توحيد جي عام ۽ فطري عقيدي کي اهڙي طرح بيان ڪيائون جو وچ ۾ آيل مذهبي پيشه وريت جي ايجنڊا جي اهميت ختم ٿي وئي. انسان جو سڌوسنئون تعلق پنهنجي خالق سان ڳنڍجي پيو. پاڻ اها تعليم ڏنائون ته خدا هڪ آهي، سڀ ان جا ٻانها آهن ۽ سڀ برابر آهن. تنهن ڪري هي آقا ۽ غلام جو تصور ختم ڪري ڇڏيو.
عورت کي هڪ مستقل سماجي حيثيت عطا ڪري ان کي آزاديءِ راءِ جو حق عطا ڪيو. نڪاح کي هڪ آزاد معاهدو قرار ڏئي جبري شادي جي جاهلي رواج جي پاڙ پٽي ڇڏي. عورت کي جائداد ۾ حصو عطا ڪيو ويو. عورت لاءِ نڪاح، طلاق، وراثت ۽ ملڪيت جا اهڙا ته قانون مرتب ڪيائون جو هاڻي مرد ان کي غلام نٿو بڻائي سگهي، بلڪ ان جو هم سفر ٿي ڪري زندگي جي گاڏي کي ترقي ڏانهن وٺي هلي ٿو. ۽ سڀ کان وڏيون ٻه غلاميون، سياسي غلامي ۽ اقتصادي غلامي. ان دور ۾ ماڻهو شهنشاهيت ۽ بادشاهت جي قبضي ۾ هوندا هئا. بادشاه رعيت کي پنهنجو مال سمجهي انهن کي پنهنجن فائدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. ملوڪيت ۽ آمريت جي بنياد تي اقتدار قائم هئا، ڪوبه سماجي معاهدو ۽ انصاف نه هوندو هو. انسان کي پنهنجي حقن جي لاءِ راءِ جي آزادي نه هئي، جيڪو حق جي ڳالهه ڪندو هو ان کي ختم ڪيو ويندو هو.
پاڻ ﷺ جن فرمايو، انسان کي انسان تي حق نه آهي ته هو ان تي شخصي اقتدار يا غلبو قائم ڪري، بادشاهه ۽ سلطان صرف ذات باري تعاليٰ ئي آهي. انسان صرف ان جو خليفو آهي. ۽ خليفو خادم هوندو آهي. ان کي پنهنجي رعيت جي خدمت ڪرڻي هوندي آهي، ۽ ان سان گڏ خلافت الله جي نعمت آهي ان جو شڪر هي آهي ته ماڻهو اهڙا ڪم ڪري جن سان رعيت کي فائدو پهچي ۽ انهن کي ختم ڪندو وڃي جيڪي رعيت کي نقصان پهچائيندڙ آهن. هڪ روايت ۾ آهي ته هڪ اعرابي پاڻ سائين جن کي چيو ”انت ملکنا“ (ڇا تون اسان جو بادشاهه آهين؟) پاڻ سڳورن فرمايو ته: ”نه، بادشاهه صرف الله آهي.“ پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ”خليفي“ هجڻ جو اهڙو ته نمونو پيش ڪيو جو اڳتي هلي خلفاءِ راشدين ان کي اختيار ڪيو ۽ اهو خليفي جو ڪردار اڄ تائين دنيا لاءِ آئيڊيل آهي.
معاشي لحاظ کان معاشرو وياج ۽ ڌوڪي جي ڪڌن جذبن تي قائم هو. سرمائيدار طبقو وياج جي ذريعي وڃي پيو امير ٿيندو ۽ غريب طبقو وڃي پيو غلامي ۾ جڪڙبو. ٻيو جاگيردار طبقو جيڪو زراعت جي طريقي سان هارين تي ظلم ڪندو هو ۽ ٻئي مفت خور ۽ کائو طبقا معاشري لاءِ ڏچو بڻجي چڪا هئا. پاڻ وياج جي ڪمائي کي ختم ڪري صدقي (عام ڀلائي لاءِ جوڙيل اسڪيمون) جي بنياد تي اقتصادي معاشرو جوڙي انسانن کي ان وڏي لعنت کان بچايو. ”جيڪو مئل زمين کي جياري، اها زمين ان جي آهي.“ اهڙن زرعي سڌارن جي ذريعي هاري طبقي کي سندس حقَ واپس ڪيا. زڪواة سان رواداري، ڀائپي ۽ همدردي وارو سماجوادي نظام جوڙيو ۽ وراثت جو قانون جاري ڪري دولت جي تقسيم ڪئي ته جيئن معاشي وسيلا سرمائيداريت قائم ڪرڻ جي بجاءِ وڏي پيماني تي ورهائجي وڃن.
غلاميءَ جو هڪ ٻيو قسم علمي غلامي هئي. اسلام کان اڳ ۾ انسان ته ڇا پر علم به آزاد نه هو. علم تي مخصوص راهبن ۽ احبارن جو قبضو هو، جيڪي ان کي سرمائيدارن جاگيردارن ۽ بادشاهن جي فائدي لاءِ استعمال ڪندا هئا. عوام کي علمي حقيقتن کان پري رکيو ويندو هو. غريب عوام کي علم حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خدا ۽ ٻانهن جي وچ ۾ فاصلو پيدا ڪيو ويو هو ۽ عوام کي ديوتائن جي پوڄا تائين بند ڪيو ويندو هو. پاڻﷺ علم کي الله جي نعمت قرار ڏنائون. ان سمنڊ مان سڀني کي حصو حاصل ڪري وٺڻ جو حڪم ڪيائون. ضروري علم، جيترو پنهنجي شخصي صلاحيتن کي سنوارڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجي ذميوارين نڀائڻ لاءِ ضروري هجي، ان کي لازم ڪيائون. جيئن عبادت لاءِ مسجد جي اداري جو وجود پيو تيئن علم جي واڌاري لاءِ درسگاهه جي اداري کي قائم ڪيو ويو. پهريان علم آزاد نه هيو، پاڻ ان کي هميشه آزاد ڪري ڇڏيائون. اهڙي آزدي جو مؤرخ ۽ دانشور هن ڳالهه لکڻ تي مجبور آهن ته ”هاڻي علم کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي.“
آخر ۾ نفساني خواهشن جي غلامي، انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي نفس جو غلام بڻائي ڇڏيو هو. اخلاقي طورتي افرادن جي صحيح نشوونما نه هجڻ ڪري معاشرو طرحين طرحين جي براين جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو. هڪ طرف مذهبي ٽولو حق جو پرچارڪ ۽ نجات جو ذريعو بڻجي پنهنجي پيداگيريءَ جا گهٽ گهيڙ بڻائي چڪو هو ته ٻئي طرف وري عوام پاڻ به مذهبي راهبن ۽ احبارن کي تحفا ۽ مال ملڪيت ڏئي گناهه بخشرائڻ کي سعادت سمجهندو هو. پاڻ ڪريمن ﷺ علمن جي فطري طريقن ۽ مقصدن جي تعليم ڏئي انساني معاشري کي اخلاقي لحاظ کان سوڌيو ۽ سنواريو. انسان ۾ جوابدهي ۽ ذميواري جو احساس بيدار ڪيو. سندن تعليم هي هئي ته توهان پنهنجي ايمان ۽ عمل صالح سان باطني قوتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري پنهنجي به نشوونما ڪريو ۽ معاشري کي به سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. جيڪڏهن توهان انهن کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ته توهان ۾ شيطانيت جي غلبي جي ڪري توهان انسانيت کان به هيٺ ڪري پوندؤ. جيڪڏهن انقلاب جي معنيٰ استبداد ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ آهي ته بيشڪ هي حجازي انقلاب دنيا جو وڏي ۾ وڏو انقلاب آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ ان انقلاب جا رهبر ۽ اڳواڻ آهن. جن جو هر قدم ظلم جي خلاف اٿندڙ هو ۽ هر عمل استبداد جي خاتمي لاءِ هو، جيڪو معاشي، سماجي، مذهبي، علمي يا نفساتي ميدان ۾ انسانن جي مٿان مسلط ڪيو ويو هو. حقيقت هي آهي ته هينئر به دنيا جو حقيقي انقلاب قرآن جي ٻڌايل اصولن ۽ پيغمبر جي اختيار ڪيل حڪمت عملين ۽ طريقي جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي.