مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

انسانيت کي توحيد جي طرف وٺي اچڻ جي عملي صورت : نور احمد ميمڻ

جيئن جيئن سائنس ترقي ڪئي آهي تيئن تيئن سائنسدانن جا الله جي وجود تان شڪ شبها ختم ٿيا آهن. آئن اسٽائن (وفات 1955ع) تي ويهين صديءَ جو سڀ کان وڏو سائنسي دماغ مڃيو وڃي ٿو. آئن اسٽائن ڪائنات جو تفصيلي مطالعو ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ هُن ڪائنات جي هر حصي ۾ حيرتناڪ حد تائين مقصديت (Meaning) ڏٺي. انهن ڏسائن کي ڏسي هن بي اختيار ٿي چيو ته فطرت جي جهان جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهه ۾ ڳالهه ايندڙ هي آهي ته اها سمجهه ۾ ايندڙ آهي.
The most in comprehensible fact about nature
is that it is comprehensible.
آئن اسٽائن پنهنجي انهيءَ قول ۾ اڻ سڌي طرح خدا جي وجود جو اقرار ڪري رهيو آهي.
آئن اسٽائن کانپوءِ فزڪس جي دنيا جو شهنشاهه دماغ اسٽيفن هاڪنگ، جنهن کي نظرياتي سائنس ۾ سڀ کان وڏو زنده سائنسدان مڃيو وڃي ٿو، هن پيچيده رياضياتي حساب سان ثابت ڪيو ته صرف هڪ طاقت آهي، جيڪا پوري ڪائنات کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي. هاڪنگ جو اهو نظريو هينئر تعليم يافته طبقي ۾ هڪ مڃيل حقيقت ليکجڻ ۾ اچي ٿو. عام زبان ۾ ان کي سنگل اسٽرنگ نظريو (Single String Theory) سڏيو وڃي ٿو.
اهو سنگل اسٽرنگ نظريو ڄڻ ته هڪ خدا (توحيد) جي عقيدي جي حق ۾ هڪ سائنسي بنياد فراهم ڪري ٿو. ۽ هينئر توحيد جي مذهبي عقيدي کي هڪ مڃيل علمي حقيقت جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي.
انهن سائنسي حقيقتن هينئر الله تعالى جي وجود جي باري ۾ سوالن کي ميساري ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪڏهن اهڙا سوال ڪٿي اُڀرجن ٿا ته اهي جاهلن جي ٽولي مان اُڀرجن ٿا. علمي ۽ باشعور ماڻهو هينئر ڪائنات ۽ انسان جي پيچيده تخليق جي خلقڻهاريءَ لاءِ هڪ خالق ۽ هڪ خدا جي وجود تي ائين ئي يقين رکن ٿا جيئن ٻين سائنسي حقيقتن تي.
هينئر علمي ۽ باشعور ماڻهن ۾ هڪ ٻيو تفرقاتي سوال جنم وٺي رهيو آهي ته ”جيڪڏهن خدا جو وجود به آهي ته پوءِ انساني دنيا ۾ ايتريون وڌيڪ برائيون ڇو آهن؟“ انسانن جا ايترا نفسي مسئلا ڇو آهن، ظلم ۽ ڏاڍ جو هر طرف راڄ ڇو آهي؟ اهڙي طرح هينئر دنيا جي اڪثر باشعور ماڻهن کي اسلام جي باري ۾ ڪي شڪ شبها ناهن ته هي ڪو آسماني دين ناهي!. پر ساڳي وقت هي ڳالهه دنيا جي انهن اڪثر باشعور ماڻهن کي پريشان ڪندڙ آهي ته ”اسلام جهڙي اعلى مذهب جي باوجود ان جي مڃيندڙن ۾ ايترو بگاڙ ۽ زوالپذيري ڇو آهي؟“
جيستائين علمي ۽ باشعور ماڻهن جي پهرين تعجب جو تعلق آهي، ان سلسلي ۾ هي ڳالهه پڌري پَٽ آهي ته موجوده دور ۾ مذهب جي پوئلڳن خيالي رسمن ۾ ڦاسي مذهب جي اصل روح کي انسانن ۾ لاهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. الله تعالى جي پاران انسان کي خلقي ان کي ڌرتي تي پنهنجو نائب بنائڻ جي مشيت ڇا هئي. ڌرتيءَ جون ڪهڙيون حسناڪيون الله تعالى کي گهربل هيون ۽ هن ڌرتيءَ جي حسناڪين جون لازمي نتيجي ۾ انسان کي ابدي حسناڪيون ڪيئن عطا ٿيڻون هيون.
دين اسلام جيڪو انسانيت کي مذهبن جو آخري ايڊيشن ٿي مليو، ان جا پوئلڳ پنهنجي پيغمبر جي طريقي تي جيڪڏهن انساني دنيا ۾ براين جو وجود ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ جي خاتمي جو منصب سنڀالي وٺن ته جيڪر سڄي انسانيت ان جي اثر پذيري هيٺ اچي وڃي. انهن کي خيرامت جو منصب عطا ٿيو آهي ۽ سڄي انسانيت جي لاءِ انهن کي مثال بڻجڻو آهي. اسلام جي ٻڌايل اعليٰ انساني قدرن ۽ فلاحي معاشرن جي قيام سان انهن کي سڄي انسانيت لاءِ مثال بڻجڻو آهي. پر روڳي مذهبيت ۾ ڦاسي اهي ان منصب جي ادائگيءَ ۾ پوئتي پئجي ويا آهن. اهو حسن ۽ لياقت انهن ۾ قرآن جي تعليم پيدا ڪندي. اهي جيئن جيئن قرآن جي ويجها ايندا، ان منصب کي ادا ڪرڻ جا اهل بڻبا ويندا.
اهڙي طرح جيستائين علمي ۽ باشعور ماڻهن جي ٻئي تعجب جو تعلق آهي ته مسلمانن جي دعوتي جماعتن ۽ حلقن انسانيت جي آڏو اسلام ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فرق کي پڌرو ڪري پيش نه ڪيو آهي. هتي مسلمانن جي مختلف اڳواڻن ۽ قومن تاريخ ۾ جيڪي پنهنجي اقتداري ۽ قومي مفادن جي لاءِ جنگيون، قبضا ۽ ٻيون ڇيڳرايون اختيار ڪيون آهن، اهي سڀ مسلمانن جي اسلامي ورثي طور انسانن ڏانهن منتقل ٿيون آهن.
انهيءَ ڪري هن دور ۾ هي ڳالهه بيحد اهميت سان مسلمان تاريخ نويسن ۽ داعين جي لاءِ ضروري ٿي بڻجي ته اهي دنيا ۾ مسلمان حڪمرانن جي عمل ۽ اسلامي فڪر تشريحات کي واضح ڪري پهچائن. اهڙي طرح روايتي دين جي بجاءِ قرآن جي پيش ڪيل دين کي انسانيت جي آڏو هِن دنيا ۾ حقيقي رهبر ڪري پيش ڪن ۽ پاڻ ان جو عملي مظهر بڻجي ڏيکارن ته موجوده دور جي سڄي انسانيت ٻنهي ويسورن مان ٻاهر نڪري ايندي. انسانيت کي پنهنجي هڪ خدا يعني توحيد جي طرف وٺي اچڻ جي اهائي عملي صورت آهي.