مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

اسلام جي حقيقت، اسوه ابراهيمي ۽ قرباني : مولانا ابوا الڪلام آزاد

سڀ کان پهريان هن ڳالهه تي غور ڪرڻ ضروري آهي ته اسلام جي اها ڪهڙي حقيقت هئي جيڪا حضرت ابراهيم عليه اسلام جي زندگيءَ تي طاري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ قرآن حڪيم ٻين قومن لاءِ حضرت ابراهيم کي پيشوا ۽ ان جي اسوهء کي اسوهء حسنه قرار ڏئي ڪري ٻين لاءِ نموني طور پيش ڪيو ۽ ان کي اپنائڻ جو ٻين قومن کي حڪم ڏنو.
اسلام جو مادو ”سلم“ آهي، هن مادي جي لغت جي لحاظ کان بنيادي معنى آهي پاڻ کي ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏڻ. ٻئي کي سونپڻ، خود حوالگي يا مڪمل تسليم، ٻئي جي اڳيان سر جهڪائي ڇڏڻ يا ٻئي جي قانونن ۽ حڪمن جي اڳيان پاڻ کي فنا ڪري ڇڏڻ.تنهن ڪري اسلام جي حقيقت به اها ئي آهي ته انسان پاڻ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڻ وٽ جيڪو ڪجھه اٿس، اهو ان جي حوالي ڪري ڇڏي. هن جو سڀ قوتون، صلاحيتون، خواهشون، سندس جذبا ۽ سڀ محبوب ترين شيون مقصد ته مٿي جي وارن کان وٺي پيرن جي آڱرن تائين جيڪي ڪجھه هن وٽ آهي، اهو سڀ خدا جي حوالي ڪري ڇڏي. پنهنجن اندروني ۽ ٻاهرين قوتن ۽ صلاحيتن سان پاڻ کي مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪري ڇڏي. سڀ رشتا ختم ڪري رڳو هڪ رشتو رکي.
تنهن ڪري هڪ ”مسلم“ جي حقيقت هيءَ چئبي ته اهو پنهنجي جسم ۽ جان جا گھڻا خريدار نه بڻائي، بلڪ ”هڪ“ ئي خريدار سان پنهنجو نه ٽٽندڙ لاڳاپو قائم رکي. جيڪي پاڻ ان کان گھرندڙ آهن، انهن کان گھرڻ جي ويجهو به نه وڃي.
قرآن حڪيم جي بيان جو هي عام اسلوب آهي ته اڳ ۾ هو هڪ خاص تعليم جو نڪتو يا اصول بيان ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ان جي صداقت لاءِ گذريل امتن ۽ گذريل پيغمبرن (عليهم الصلاة والسلام) جي حالتن ۽ واقعن مان تاريخي گواهي پيش ڪندو آهي. ته جيئن قرآن جي پڙهندڙ جي اڳيان تعليم (اصول) ۽ ان تي مرتب ٿيندڙ عملي نتيجا ٻئي اچي وڃن. تنهن ڪري توهان ڏسندؤ ته قرآن حڪيم ۾ هڪ وڏو حصو گذريل نبين ۽ رسولن جي قصن ۽ سندن عملن جي باري ۾ آيو آهي. پر پوري قرآن مجيد ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪامل بزرگ هستيءَ جي زندگيءَ کي نموني طور پيش ڪيو ويو آهي، ٻين کي ان جي نموني جي پيروي ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ته اهي صرف ٻه نمونا آهن: هڪ خود اسلامي شريعت جو داعي حضرت محمد ﷺ.
لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَنْ كَانَ يَرْجُو اللَّهَ وَالْيَوْمَ الْآخِرَ
وَذَكَرَ اللَّهَ كَثِيرًا ﴿الأحزاب: ٢١﴾
”(مسلمانو!) توهان جي لاءِ يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ (يا دنيا ۾ ئي ايندڙ وقت جي ڪاميابي جون) اميدون رکن ٿا ۽ الله تعالى کي گھڻو ياد ڪن ٿا، تن جي لاءِ الله جي رسول ۾ سهڻي ۾ سهڻو ۽ چڱي ۾ چڱو نمونو (۽ مثال) موجود آهي“.
۽ ٻيو حنيفي ملت جي داعي ۽ اڳواڻ حضرت ابراهيم عليه الصلوات والسلام جي باري ۾ ارشاد آهي:
قَدْ كَانَتْ لَكُمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِي إِبْرَاهِيمَ وَالَّذِينَ مَعَهُ ﴿الممتحنة: ٤﴾
”بيشڪ ابراهيم ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا، تن (جي طريقي) ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي.“
قرآن ۾ ڪيترن ئي گذريل نبين جا واقعا ۽ عملي ڪردار ذڪر ڪيا ويا آهن، پر پوري زندگيءَ کي نموني جي طور ڪنهن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ته اهو حضرت ابراهيم عليه الصلاة والسلام آهي. ڳالهه حقيقت ۾ هي آهي ته قرآن ڪريم اسلام جي جنهن حقيقت کي دنيا ۾ پيش ڪرڻ چاهي پيو، ان لحاظ کان جيڪڏهن ڪو وجود يا هستي ٿي سگھيو پئي ته اهو حضرت ابراهيم عليه السلام ئي آهي. سندس زندگي اسلام جي حقيقت جو چٽو ڏيک ڏيندڙ هئي.
اسلام هڪ صداقت آهي. تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته اسلام دنيا ۾ ان وقت کان موجود آهي جڏهن کان دنيا ۾ صداقت موجود آهي. پر ان چٽي صداقت کي الاهي شريعت جي صورت ۾ سڀ کان اڳ ۾ حضرت ابراهيم عه ئي پيش ڪيو. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم حضرت ابراهيم عه کي حنيفي ملت جي پهرئين واعظ ۽ داعي جي حيثيت سان متعارف ڪرايو آهي ۽ سندن وڏي خصوصيت هيءَ ٻڌائي آهي:
إِذْ قَالَ لَهُ رَبُّهُ أَسْلِمْ قَالَ أَسْلَمْتُ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ ﴿البقرة: ١٣١﴾
”۽ ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم جي پروردگار کيس حڪم ڪيو ته منهنجي اڳيان سر جھڪائي پورو پورو فرمانبردار ٿي. تڏهن حضرت ابراهيم هڪدم چئي ڏنو ته مون سڀني جهانن جي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر جھڪايو.“
جيئن ته حضرت ابراهيم عه اسلام جو پهريون داعي هو تنهن ڪري سندن پوري زندگي خالص اسلام جو ڏيک ڏيندڙ هئي. سندن زندگيءَ جو هر عمل اسلام جي حقيقت جي ترجماني ڪندڙ هو. پاڻ اسلام جي تعليم ڏنائون، سندن زندگي پوري جي پوري ان مطابق هئي. ٻين لفظن ۾ پاڻ کي اسلام جي حقيقت ۾ فنا ڪري ڇڏيو هئائون. انهيءَ خود حوالگيءَ جو نتيجو آهي جو سندن نموني کي ”اسوه حسنه“ جي لقب سان نوازي ٻين سمورن کي سندن پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ان ئي اسلامي زندگيءَ جو نتيجو آهي جو خدا تعالى سندن زندگيءَ جا سڀ عمل ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زندھ ڪري ڇڏيا آهن. سندن ذڪر کي قيامت تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. 9 ذوالحج جي تاريخ تي دنيا جي سامهون ”اسوه ابراهيمي“ جو ڪهڙو نه اڻ مٽجندڙ منظر هوندو آهي، جڏهن تاريخ پاڻ کي هزارين سال پوئتي موٽائي اسلام جي واعظ اول جي ياد تازي ڪرائيندي آهي. جڏهن هر انسان پاڻ کي اسوه ابراهيمي جو پيڪر سمجھي اسلام جي حقيقت پنهنجي مٿان طاري ڪندو آهي ۽ مسلمانن جو پورو مجموعو اسلام جي حقيقت جو عملي نظارو پيش ڪري تاريخ کي دهرائيندو آهي. لکن جي تعداد ۾ انسان هڪ لباس ۽ هڪ صدا سان ”هڪ“ جي ئي لاءِ ديوانن ۽ مجنونن وانگي ڊوڙندا آهن.
بي شڪ ابراهيم خليل پاڻ دنيا ۾ موجود ناهن پر پوءِ به ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ هميشه قيامت تائين زندھ رهندا:
وَوَهَبْنَا لَهُمْ مِنْ رَحْمَتِنَا وَجَعَلْنَا لَهُمْ لِسَانَ صِدْقٍ عَلِيًّا (مريم:٥٠)
”۽ کين پنهنجي رحمت مان بخشش ڪيو سين ۽ پڻ انهن سڀني لاءِ سچائيءَ جون صدائون (آواز) بلند ڪيوسين (يعني سندن طريقو پيو ورجائجي.)“
حقيقت ۾ حضرت ابراهيم عه جي هر ڳالهه اسلام هئي، پاڻ کي اسلام جي حقيقت ۾ اهڙي طرح فنا ڪري ڇڏيو هئائون جو سندن ذاتي وجود باقي نه رهيو هو.
جڏهن ستارن جي عجيب ۽ غريب روشني، چنڊ جي دل لڀائيندڙ چمڪ ۽ سج پنهنجي آب ۽ تاب سان سندن اڳيان آيو ته اهو اسلام ئي هو جنهن اندران آواز ڏنو: ”اِنِّي لَا أُحِبُّ الْاٰفِلِينَ“ (مان فنا ٿيندڙ هستين کي دوست نٿو رکي سگھان) ان کانپوءِ يڪدم سندن زبان تي هيءَ صدا اڀري آئي:
“إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ حَنِيفًا ۖ وَمَا أَنَا مِنَ الْمُشْرِكِينَ”
﴿الانعام: ۷۹﴾
(مان ھر طرف کان پاڻ کي ڪٽي ڪري صرف ان هڪ ذات سان ئي لنؤ لاتو آهي جنهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيو آهي ۽ مان مشرڪ ناهيان)
بت پرستي جي سماج ۾ اکيون کوليندڙ، اهڙي گھر ۾ رهندڙ جتي هر هڪ جي هٿ ۾ بتن ٺاهڻ جا اوزار آهن. جڏهن هو ڪالڊيا جي بازارن ۾ وڃي ته رڳو بت ئي بت آهن، جنهن انسان کي ڏسي، ان جو ڪنڌ بتن جي اڳيان جھڪيل آهي. هر طرف خدا فروشي جون صدائون هجن، پر اهو اسلام ئي هو جنهن هن کان چورايو:
الَّذِي خَلَقَنِي فَهُوَ يَهْدِينِ () وَالَّذِي هُوَ يُطْعِمُنِي وَيَسْقِينِ () وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ ()
﴿الشعراء: ۷۸-۸۰﴾
”اهو (پروردگار ئي منهنجو سڄڻ آهي) جنهن مونکي خلقيو ۽ اهوئي آهي جو مونکي سڌي واٽ ٿو ڏيکاري. ۽ جو مون کي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو. ۽ جڏهن مان بيمار ٿيان تڏهن مونکي شفا ڏئي ٿو ۽ جو مون کي ماريندو ۽ وري جيئاريندو.“
حقيقت ۾ اِهائي اُها ”اسلامي حقيقت“ هئي، جنهن ان کي ايندڙ امتن لاءِ ”اسوه حسنه“ بنائي ڇڏيو.
۽ اهائي انساني فظرت آهي، جنهن کي هڪ هنڌ ”فطرة الله“ سان تعبير ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ ان کي وري ”قلب سليم“ سان موسوم ڪيو ويو آهي. يعني انسان جي دل جي اهڙي پاڪ ۽ صاف حالت يا ڪيفيت جيڪا ٻاهرين برن اثرن کان بلڪل محفوظ هجي. ٻين لفظن ۾ اصلي فطرت جو اهو ذاتي ذوق ۽ مزو جنهن جو ذائقو ڪنهن عارضي بيماري جي اثر جي ڪري تبديل نه ٿي وڃي. ڇو ته انسان جي اندر ۾ جيڪو ڪجھه آهي، اهو اسلام ئي آهي. ڪفر خارجي اثرن جو نتيجو هوندو آهي.
۽ سڀ کان آخر ۾ هي ته جڏهن اسلامي حقيقت جو آخري پر اصلي آزمائش جو وقت آيو ته اهو اسلام ئي هو جنهن حضرت ابراهيم جي هٿ ۾ ڪاتي ڏني ته جيئن پنهنجي فرزند عزيز کي خدا جي رستي ۾ ڏيئي ڪري خدا کانسواءِ باقي هر شيءِ جي محبت جي قرباني ڪري . اهو اسلام ئي هو جنهن حضرت اسمٰعيل جي ڪنڌ کي الله لاءِ جھڪائي ڇڏيو.
اسلام جي صدا حضرت ابراهيم ؑ جي چپن تي هنن لفظن سان تري آئي:
یٰبُنَیَّ اِنِّیۡۤ اَرٰی فِی الْمَنَامِ اَنِّیۡۤ اَذْبَحُکَ فَانۡظُرْ مَاذَا تَرٰی ؕ ﴿الصٰفٰت: ۱۰۲ ﴾
۽ وري حضرت اسماعيل جي زبان تي هي لفظ چورايا:
یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ ۫ سَتَجِدُنِیۡۤ اِنۡ شَآءَ اللہُ مِنَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿الصٰفٰت: ۱۰۲ ﴾
”اي منهنجا (پيارا) بابا! جيڪو توکي حڪم مليو آهي تنهن جي تعميل ڪري ڇڏ. تون ڏسندين ته انشاءَ الله مان صابر رهندس.“
هي پيءُ پٽ جون نه، بلڪ اسلام جون صدائون آهن. اسلام اهڙي ئي قرباني گھري ٿو: لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنْفِقُوا مِمَّا تُحِبُّونَ هر شيءِ کي قربان ڪري خدا جي پناھ ۾ اچڻ جو نالو ئي قرباني آهي. پنهنجن خواهشن ۽ ذاتي غرضن کي ڇڏڻ جو نالو ئي قرباني آهي. پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي پياري ۾ پياري شيءِ کي قربان ڪرڻ جو نالو قرباني آهي. ۽ اها ئي قرباني اسلامي حقيقت جو ٻيو نالو آهي.
توهان حضرت ابرهيم ۽ حضرت اسماعيل کي ڏسو! هڪ جذبن ۽ ارادن جي قرباني ڪري رهيو آهي ته ٻيو وري پنهنجي جان ۽ نفس جي.
قرباني جي اهڙي ادا ۾ (جنهن ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏجي) بقا آهي ۽ اهڙي قرباني جو انعام خدا تعالى جي طرفان هي آهي:
قَدْ صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ ﴿الصافات: ١٠٥﴾
”بيشڪ تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسان انهيءَ طريقي (جي آزمائش) سان نيڪوڪارن سان ڀلايون ڪندا آهيون.“
بس هيءَ آخري حالت ئي اها اصلي حالت آهي جنهن کي آءٌ اسلامي حقيقت جي لفظ سان تعبير ڪندو آيو آهيان.
اهوئي اسلامي دعوت جو عملي نمونو آهي جيڪو حضرت ابراهيم جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو. جيڪو دنيا جي ٻين سمورن انسانن لاءِ اسوه حسنه جي لقب سان نوازيو ويو. خدا اهڙي ئي قرباني گھري ٿو. حضرت ابراهيم عه ۽ محمد صلي الله عليه وسلم جي شريعت اهري ئي قربانيءَ جو نالو آهي. ابراهيمي (۽ محمدي) اسوه اهڙي ئي قرباني جا مظهر آهن. اسلام جا سڀ عقيدا، سندس سڀ عمل اهڙي قربانيءَ جي تعليم پيش ڪن ٿا. بلڪ عقيدن ۽ عملن جو حقيقي روح اها ئي قرباني آهي. ۽ اهڙي قرباني جي جذبي کي هميشه زندهه رکڻ لاءِ عيد الاضحي جو جشن مقرر ڪيو ويو آهي.