مذهبي ٺيڪيدار ۽ اسلام جو اصل نصب العين : احمد دين راڄپر
اڄڪلهه اسلام جا ڪجهه دعويدار اسلام جي جهادي ۽ مزاحمتي پهلو، سرمائيدارن جي ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ، انساني مساوات ۽ انسانيت جي عالمگير مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ کي آخرت ۽ رسالت کان انڪار جي برابر سمجهي اهڙيون فتوائون به صادر ڪري رهيا آهن. عقيدي ۽ ايمان جي معاملي ۾ ڪنهن تي فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوتن ۽ شاهدين جي ضرورت هوندي آهي. دين ۽ ايمان جي معاملي ۾ اهڙي ذميدارانه روش اختيار ڪرڻ بجاءِ فتويٰ فروشيءَ جي پراڻي ڌنڌي کي جاري رکندي ٺيڪيداريءَ، داداگيريءَ ۽ صوبيداريءَ واري روش اختيار ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن ڪو سندن سوچ ۽ پسند مطابق ڪم نه ٿو ڪري ته اهو آخرت ۽ رسالت جو منڪر آهي.
اهي ماڻهو سرمائيدارانه ظلم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ انساني مساوات ۽ عالمگير انساني مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ کي پنهنجي هٿ ٺوڪي سرمايه پرست اسلام جي لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن ۽ ان جي موٽ ۾ هنن اهو رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو هميشه تاريخ ۾ استحصالي طبقن جا پگھاردار ملا مولوي اختيار ڪندا رهيا آهن. يعني اهو ته فتويٰ جاري ڪري سماج ۾ ظلم جي مزاحمت ڪارن کي آخرت ۽ رسالت جو انڪاري قرار ڏيو ۽ عام مسلمانن جي ذهنن ۾ ان جي خلاف نفرت پيدا ڪري انهن کي ڪم کان روڪي وجهو. اهي نام نهاد سرمائيداري جا ايجنٽ سرمائيدارن جي خدمت چاڪريءَ ۽ نوڪريءَ ۾ ماشاءَالله پوري ايمانداريءَ سان ڪم ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن تصوف جو ويس پهري ۽ ڪڏهن اسلامي دانشمندي جي ٺيڪيداري جتائيندي اڃا به ساڳي پگھار تي سرمائيدارن جي نوڪري ڪندا ۽ نمڪ حلالي ڪندا رهن ٿا.
انهن کي سرمائيدارن خلاف جدوجهد ۽ انساني مساوات لاءِ ڪم ڪرڻ تي ايتري چڙ آهي جو هو مالدارن خلاف جدوجهد کي قرآن جو ضمني مسئلو قرار ڏين ٿا. تعجب آهي ته انهن ڪيئن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته قرآن ۾ ڪي مسئلا اهڙا به آهن جيڪي ضمني آهن! ۽ انهن جي حيثيت نصب العين جي نه پر فرض ۽ واجب جهڙي آهي ۽ انهن کي نصب العين نه بنائڻ جي نتيجي ۾ اسلام جي سموري عمارت زير و زبر ٿي وڃي ٿي.
سرمايه پرست ٽولن جو اهو پراڻو وطيرو رهيو آهي ته اهي آخرت جي تياريءَ جي نالي تي ماڻهن کي ڀنڀلائيندا رهن ٿا ته اهو ئي اصل نصب العين آهي ۽ حق جي قيام ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ جدوجهد ضمني مسئلا آهن. سلف صالحين مان جن ماڻهن جهاد ۽ قتال کي ديني فرض قرار ڏنو، سياسي آزادين لاءِ جاکوڙيو، دارالعلوم ديوبند جهڙو عظيم ادارو صرف انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ قائم ڪيو، شيخ الهند مولانا محمود الحسن جيڪا انگريزن خلاف سياسي ۽ باغيانه جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي پوري عمر ان ۾ صرف ڪئي. جن ديوبندي اڪابرن جمعيت علماء هند قائم ڪري سياسي جدوجهد ۾ عمريون کپايون. جمعيت علماء اسلام جي جن اڪابرن پاڪستان جي سياسي استحڪام ۽ اسلام جي نظام لاءِ جدوجهد ڪئي، ضياء جي دور ۾ روس خلاف لڙائيءَ جو حصو بنجڻ بجاءِ ضياء جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پوريون توانائيون خرچ ڪيون، انهن کي ڪهڙي کاتي ۾ وڌو ويندو. ڇا اهي بزرگ ۽ جماعتون انهن دنياوي ۽ ضمني جدوجهدن ۾ زندگيون خرچ ڪري آخرت کان محروم رهجي ويون، ان باري ۾ انهن فتويٰ فروشن وٽ ڪو جواب موجود آهي!
انهن نام نهاد ٺيڪيدارن جو ٻيو حربو جهاد، قتال ۽ معاشرتي ڀلائي ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ جهڙن فرضن کي ضمني ڪم قرار ڏئي ”مسلماني آساني“ جي راهه ڏيکارڻ آهي. نماز، روزو، حج ۽ زڪوات اهڙا فرض آهن، جيڪي انهن جي فرض ڪيل نصب العين جي منشا مطابق آهن. شايد زڪوات کي اهي پنهنجي نصب العين ۾ شامل نه ڪندا ڇو ته اها غريبن جي پرگھور لاءِ آهي. باقي نماز روزي ۽ حج کي اهي پنهنجي نصب العين مطابق چون ٿا. پر انهن کي اهو ڪنهن به طرح سان حق نه ٿو پهچي ته اسلام جي ڪجهه فرضن کي نصب العين ۽ ڪجهه فرضن کي ضمني چون. ”نصب العين“ جي نالي سان ڪوبه عمل جو مٿاهون رتبو اسلام ۾ ڪونهي، نه ئي اسلام ۾ شريعت ۾ ڪا شئي فرض ۽ واجب هئڻ کانپوءِ ضمني ۽ غير اهم مڃي سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته فقهه ۽ شريعت ۾ قرآن ۽ حديث جي نص قطعي سان ثابت شيءِ کي فرض ۽ واجب جو درجو ڏنو ويو آهي. سڀ کان مٿاهون درجو فرض جو ۽ ان کان پوءِ واجب جو آهي. انهن ۾ فرق ۽ ان کان پوءِ وارن درجن تي بحث نه ٿا ڪريون. جو مضمون ڊگھو ٿي ويندو. هتي صرف اهو عرض ڪرڻو آهي ته فرض جو انڪاري ڪافر ۽ مرتد آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نص قطعي جو انڪار ٿو ڪري. درجي جي لحاظ کان ڪنهن فرض کي ڊي گريڊ ڪرڻ، گھٽائڻ، ان کي غير اهم ۽ ضمني قرار ڏيڻ، نص قطعيءَ کي ڊي گريڊ ڪرڻ، گھٽائڻ ۽ غير اهم قرار ڏيڻ جي برابر آهي. اهو عمل ڪيترو خراب، بڇڙو ۽ گستاخيءَ وارو آهي، ان جو اندازو جيڪڏهن انهن پرمتڙين کي اڳ ۾ ناهي ته هاڻي انهن کي ان تي شرم اچڻ گھرجي. اسلام ۾ جيڪا شيءِ فرض آهي اها فرض آهي، ان کي گھٽ وڌ، ضمني يا نصب العين قرار ڏيڻ گناهه آهي.
ها البته هر فرض جو پنهنجو پنهنجو وقت هوندو آهي. جڏهن ڪنهن فرض جو وقت اچي وڃي ته ان کان تر جيترو گسائڻ به گناهه آهي. پر ان کي ضمني ۽ غير اهم سمجھي ان جو وقت گذاري ڇڏڻ سرڪشي آهي. افسوس آهي ته اهي مذهبي ٺيڪيدار شريعت جي قوانين جي درجي بنديءَ کان به واقف نه ٿي سگھيا آهن؟! يا هُو ٺُمري هڻڻ لاءِ ڄاڻي واڻي تجاهل کان ڪم وٺندا رهيا آهن! غلام محمد قادياني جهاد جو انڪار ڪيو ۽ اهڙن مذهبي ٺيڪيدارن جهاد سان گڏ ٻين فرضن کي به غير اهم ۽ ضمني قرار ڏئي ڇڏيو!! ان عمل جي سنگينيءَ جو انهن کي ڪو احساس ڪونهي.
مطلب هي آهي ته فرض سڀ فرض آهن، انهن مان ڪنهن فرض کي ٻئي کان گھٽ يا وڌ، اهم يا غير اهم قرار ڏيڻ غلط آهي پر ڪجهه فرضن جي اهميت جو جيئن ته انهن انڪار ڪيو آهي ان ڪري آءٌ هتي انهن جي آڏو ان جي اهميت جو مختصر ذڪر ڪري ٿو ڇڏيان. خاص ڪري جن فرضن کي اُهي ٺيڪيدار غير اهم سمجهن ٿا يعني انسانيت جي عالمگير مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ، معاشي ڀلائي ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ جا فرض نڀائڻ ۽ ان کي ضمني قرار ڏين ٿا، يا ته پنهنجي سوچ ۾ سادگي ۽ جهالت جو شڪار ٿين ٿا يا وري هو ڄاڻي واڻي سرمائيداريت کان پنهنجي مفادن جاري رهڻ جي لاءِ ان قسم جي پروپيگينڊا جي ذميواري نڀاهي پنهنجون پگهارون سجايون ڪن ٿا.
قرآن ۾ الله تعاليٰ حق ۽ باطل جو مثال بيان فرمايو آهي:
اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتْ اَوْدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحْتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَمِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابْتِغَآءَ حِلْیَۃٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ
(سورہ الرعد ۱۷)
”اسان آسمان مان پاڻي نازل ڪيو آهي، پوءِ اهو وهڪرن ۾ پيماني مطابق وهي پيو آهي.پوءِ ان پنهنجي مٿان جهاڳ کنئي آهي ۽ جيڪي شيون باه ۾ ٻاريون ٿيون وڃن، زيورن ۽ سامان حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن تي به اهڙي جهاڳ آهي. ان طرح الله تعالي حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪندوآهي. پوءِ جهاڳ ختم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪا شيءِ انسانن کي نفعو ڏيندي آهي اها زمين ۾ قائم رهندي آهي.“
هن آيت ۾ الله تعالي بقاءِ انفع جي اصول جي بنياد تي حق ۽ باطل جي سمجهاڻي ڏني آهي، ته ڪنهن به تحريڪ فڪر ۽ دين جي حق هئڻ جو مدار ان تي آهي ته اهو انسانيت جي ڪيترو فائدي ۾ آهي. يعني انسانيت جو فائدو ۽ نفعو ئي اصل حق ۽ اصل نصب العين آهي. مڙني نبين جي بعثت جو مقصد، ديني اعمالن ۽ فڪرن جو اصل محور اهو آهي. آخرت ۾ جوابدهي جو اصل محور به اهو آهي ته خوف خدا ۽ دينداريءَ جو بنياد به اهو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ حضرت موسيٰ کي فرمايو: ”وَاصْطَنَعْتُکَ لِنَفْسِیۡ“ (مون توکي پنهنجي ذات لاءِ ٺاهيو آهي) ان کان پوءِ کيس جيڪو ڪم ڏنائين، سو بني اسرائيلن جي فرعون جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو ڪم هو. کيس فرمايائين.
وَاصْطَنَعْتُکَ لِنَفْسِیۡ ﴿ۚ۴۱﴾ اِذْہَبْ اَنۡتَ وَ اَخُوۡکَ بِاٰیٰتِیۡ وَلَا تَنِیَا فِیۡ ذِكْرِیۡ ﴿ۚ۴۲﴾ اِذْہَبَاۤ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿ۚۖ۴۳﴾ فَقُوۡلَا لَہٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّہٗ یَتَذَکَّرُ اَوْ یَخْشٰی ﴿۴۴﴾ قَالَا رَبَّنَاۤ اِنَّنَا نَخَافُ اَنۡ یَّفْرُطَ عَلَیۡنَاۤ اَوْ اَنۡ یَّطْغٰی ﴿۴۵﴾ اِنَّا رَسُوۡلَا رَبِّکَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ وَ لَا تُعَذِّبْہُمْ ؕ (سوره طھ- ٤١ کان ٤٧)
”اي موسيٰ مون توکي پنهنجي لاءِ ٺاهيو آهي. تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجي نشانين سان وڃو. ۽ ڏسو منهنجي ياد ۾ ڪوتاهي نه ڪجو. ٻئي فرعون ڏانهن وڃو، ان سرڪشي اختيار ڪئي آهي.ان سان نرميءَ سان ڳالهه ڪجو شايد هو سمجهي وڃي يا ڊڄي وڃي. ٻنهي چيو اسان جا پالڻهار اسان ڊڄون ٿا ته اهو اسان تي زيادتي ڪندو سرڪشي ڪندو. الله چيو ڊڄو نه، بيشڪ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ٻڌان ۽ ڏسان ٿو. وڃو کيس چئو اسان ٻئي تنهنجي رب جا رسول آهيون ته اسان سان گڏ تون بني اسرائيلن کي آزاد ڪر.“
هڪ اولوالعزم نبي، جنهن کي الله تعاليٰ چئي ته توکي مون پنهنجي ذات لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ ان کي ڪمزور ۽ ضعيف ۽ غلام انسانن جي آزاديءَ جي ذميواري ڏئي، ڇا اها ڳالهه اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي ته انساني مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ الله لاءِ ڪم ڪرڻ برابر آهي!. ۽ اهو ڪم الله جو ڪم ڪيئن نه چئجي جنهن جي ڪرڻ جو الله اعلان فرمايو آهي.
وَنُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسْتُضْعِفُوۡا فِی الْاَرْضِ وَ نَجْعَلَہُمْ اَئِمَّۃً وَّ نَجْعَلَہُمُ الْوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمْ فِی الْاَرْضِ وَ نُرِیَ فِرْعَوْنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنْہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحْذَرُوۡنَ ﴿۶﴾
(القصص – ٥،٦)
”۽ اسان گهريو ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي وارث ڪريون ۽ انهن جو زمين ۾ دٻدٻو ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪرن کي انهن (ضعيفن) کان اها ڳالهه ڏيکاريون جنهن کان ڊنا ٿي.“
انسانن کي انسانن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ ڪيترو اهم آهي، سو هن آيت ۾ به ڏسي سگھجي ٿو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ اهل ڪتاب کي دعوت ڏيندي فرمايو آهي.
قُلْ یٰۤاَہۡلَ الْکِتٰبِ تَعَالَوْا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَبَیۡنَكُمْ اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ وَلَا نُشْرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّلَا یَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا اَرْبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ ؕ(آل عمران ٦٤)
”چؤ ته اي ڪتاب وارو! (هن) هڪ ڳالهه ڏي اچو جا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ برابر (مڃيل) آهي ته الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نه ان سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ڪريون ۽ نه اسان مان ڪي الله کانسواءِ ٻين کي پنهنجا پاليندڙ ڪري وٺن.“
’پاڻ مان هڪڙا انسان ٻين کي پنهنجو رب نه بنائن‘ جو مطلب ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو آهي، ته سڀئي انسان ٻين انسانن جي غلاميءَ کان آزاد ٿي هڪ الله جي غلامي ۽ عبديت قبول ڪن. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو ٻين انساني غلاميءَ جي طوقن ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي نجات ڏيارڻ لاءِ مزاحمت ڪرڻ نبوت جي مقصدن ۾ شامل آهي.
الله تعالي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجْدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ (سوره البلد-١٠، ١١)
”اسان انسان کي ٻه واٽون ڏيکاريون آهن. پر اهو چاڙهي چڙهي نه سگھيو“
يعني هڪ واٽ آهي جيڪا بلنديءَ طرف ٿي وڃي. اها چاڙهيءَ واري واٽ آهي، سا انسان چڙهي نه سگهيو آهي. ٿورو توجه ڪيو‘ هيءَ چاڙهيءِ واري واٽ، جنهن تي انسان اڄ به نه چڙهي سگھيو آهي، ان جي آڏو رڪاوٽون ۽آڏا جبل آهن. وڏا وڏا روڙا ۽ اٽڪاء آيل آهن. دنيا جي سرمائيدارن، جاگيردارن، سامراجي قوتن ۽ انهن جي مذهبي رهبانيت اوڍيل ايجنٽن طرفان ان واٽ آڏو بند ٻڌا ويا آهن. الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي ٻانهن کي ٻڌائي ٿو ته:
وَ مَاۤ اَدْرٰىکَ مَا الْعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ (سوره البلد-١٢) (اها چاڙهي ڪهڙي آهي؟)
مٿاهون ۽ بلند نصب العين ڪهڙو آهي؟ جنهن تي انسان فائز نه ٿي سگھيو آهي!؟
الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
فَكُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوْ اِطْعَامٌ فِیۡ یَوْمٍ ذِیۡ مَسْغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ یَّتِیۡمًا ذَا مَقْرَبَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ اَوْ مِسْکِیۡنًا ذَا مَتْرَبَۃٍ﴿ؕ۱۶﴾ (سوره البلد-١٣- ١٦)
”اهو ٻانهي کي (غلاميءَ کان) آزاد ڪرائڻو آهي. يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي. مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي. يا مٽيءَ ۾ رُليل مسڪين کي.“
سماجي انصاف ۽ معاشي مساوات جا منڪر اهي مذهبي ٺيڪيدار ڀل انڪار ڪن، اکيون ٻوٽي ڇڏن، هن بلند واٽ کان نابري واري بيهي رهن، اهي ڀل هنن قطعي نصوص کي گھٽ، غير اهم ۽ ضمني قرار ڏئي ڇڏين، پر جيڪي ماڻهون اکيون کولي، شرح صدر سان هنن آيتن کي ڏسندا، سي غريبن جي پرگھور کي ضمني ۽ غير اهم ڪونه سمجھندا. ڇا سورة ماعون ۾ غريبن کي کارائڻ جي ترغيب نه ڏيندڙ کي قيامت جو منڪر سڏيو ويو آهي.
اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یُّکَذِّبُ بِالدِّیۡنِ ؕ﴿۱﴾ فَذٰلِکَ الَّذِیۡ یَدُعُّ الْیَتِیۡمَ ۙ﴿۲﴾ وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الْمِسْکِیۡنِ ؕ﴿۳﴾
”اي (پيغمبر) ڇا توان کي ڏٺو جو (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڪري ٿو. پوءِ هي اهو جو يتيم کي لوڌي ٿو ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي.“
سرمائيداريت ۽ سرمايه پرستي کي قرآن بار بار ننديو آهي ۽ اڻهوند وارن جي پرگهور نه لهڻ ۽ سرمائي کي خدا جي حڪمن پٽاندڙ عوام ۾ نه ورهائڻ تي بار بار وعيد ڏني وئي آهي. هتي قرآن شريف جو هي انتباهه ڪيڏو نه اهم آهي جنهن ۾ جهنمين کان پڇيو ٿو وڃي ته:
مَا سَلَکَكُمْ فِیۡ سَقَرَ ﴿۴۲﴾ قَالُوۡا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّیۡنَ ﴿ۙ۴۳﴾ وَ لَمْ نَكُ نُطْعِمُ الْمِسْکِیۡنَ ﴿ۙ۴۴﴾
(المدثر- ٤٢کان ٤٤)
”اوهان کي ڪهڙي ڳالهه جهنم ۾ وڌو آهي؟ چوندا اسان نماز نه پڙهندا هئا سين ۽ مسڪينن کي نه کارائيندا هئا سين.“
حقيقت ۾ روڳي مذهبيت جا اهي نمائندا هر دور ۾ پنهنجي مددگار ۽ معاون مالدارن ۽ سرمائيدارن کي خوش رکڻ لاءِ دينداريءَ جون اهڙيون تعبيرون عوام کي ٻڌائيندا رهيا آهن جنهن سان سرمائيداريت کي ڪو به لوڏو ۽ لهر نه پهچي انهن ناعاقبت انديش ماڻهن کي قرآن حڪيم جي هيٺين آيت به ڪڏهن خدا جو خوف نه ڏياري سگهي آهي.
وَ اِنَّ لَنَا لَلْاٰخِرَۃَ وَ الْاُوۡلٰی ﴿۱۳﴾ فَاَنۡذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰی ﴿ۚ۱۴﴾ (اليل – ١٣ کان ١٤)
”۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جو ئي آهن تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي.“
ڇا سرمائيدارن ۽ مالدارن سان هي الله جي طرفان اعلان جنگ ناهي!! الاهي نظام جو بنياد جتي ڏيڻ تي آهي اتي سرمائيدارانه نظام جو بنياد جائز ناجائز طريقي سان منافعو ميڙڻ، استحصال ۽ لٽ مار تي هوندو آهي. انهن سان وڙهڻ جي ڳالهه کي اهي ڀل ڪفر ۽ ڪميونزم سان تعبير ڪن، پر سرمائيداري نظام جي بنيادي ڏوهه وياج کائڻ وارن سان الله جيڪو جنگ جو اعلان ڪيو آهي ان کي اهي ڪهڙي کاتي ۾ وجھندا!؟
غريبن جي پرگھور لهڻ، جنهن جو الله حڪم به ڪري ۽ بجاءِ آوري نه ڪرڻ تي سزا به ڏئي يعني جنهن عمل جي ترغيب به ڏني وئي هجي ۽ ترهيب به ڏني وئي هجي، ڇا اهو عمل انهن جي نظر ۾ غير اهم ۽ ضمني آهي؟!. انهن مت جي ماريل ماڻهن کي ڪهڙي ميار ڏجي جو اهي وَٽ ۽ ترازي کڻي قرآن جي آيتن کي تورڻ ۽ حصا پتيون ڪرڻ لڳا آهن ته هيترا حصا قرآن هِن مقصد لاءِ هيترا هُن مقصد لاءِ آهي. حالانڪ شريعت ۾ هڪ قطعي نص جي اهيمت هوندي آهي، انهن وٽ ته معيار اهو آهي ته قرآن جا ٽي حصا روحانيت وغيره لاءِ آهن، ان ڪري چوٿين حصي قرآن جي ڪابه اهميت ڪونهي، ته پوءِ اسان انهن کي ڇا ٿا سمجھائي سگهون. جيڪڏهن قرآن جا حصا پتيون ڪرڻ جائز هجي ها ته اسان انهن کي ڳڻي ٻڌايون ها ته قرآن ۾ انساني فائدي ۽ غريبن جي پرگھور لاءِ ڪيتريون آيتون آهن.
الله تعاليٰ قرآن ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. ان ئي عمل کي زڪواة سان به تعبير ڪيو آهي ۽ ان کي صدقات به سڏيو آهي. هيءُ اسلام جي اجتماعي نظام جو هڪ اهم بنياد آهي. اسلام جو نظام زڪواة ۽ صدقات جي ذريعي ئي معاشري جي مالدارن کان وصوليون ڪري غريبن ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي سهائتا ڪندو آهي. اسلامي نظام ۾ هيءُ هڪ مستقل انتظامي صورت رکندڙ عمل آهي. سموري نظام سلطنت جي افاديت جو پورو مدار ان تي آهي. قرآن ۾ نبي ﷺ کي حڪم آهي:
خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَۃً (التوبه ١٠٢)
”انهن کان انهن جي مالن مان صدقات وٺ“
مصارف زڪوات واري آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام ۾ زڪوات جي وصولي لاءِ، ان جي نظام ۽ انتظام لاءِ هڪ وسيع عملو به مقرر هو. جنهن عملي کي زڪوات جي مال مان ڏيڻ، مصارف زڪوات طور بيان ڪيو ويو آهي.
نبي ﷺ جن فرمايو:ان الله قد فرض عليهم صدقة تؤخذ من اغنيائهم وترد عليٰ فقرائهم، (الله انهن تي زڪوات فرض ڪئي آهي، جيڪا انهن جي شاهوڪارن کان ورتي ويندي ۽ ضرورتمندن ڏانهن موٽائي ويندي.) يعني اهو سڀ هڪ نظام جي صورت ۾ ٿيندو. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص يا جماعت ان نظام جي قيام لاءِ آواز اٿاري ٿو ته اهي سرمائيداريت جا دلال چون ٿا ته اهو دين جو ضمني مسئلو آهي ۽ اصل نصب العين ڪونهي.
اهي سماجي انصاف جا مخالف زڪوات جي هن قسم جي نظام جي اهميت کي گھٽ چون، ضمني چون، يا ڪجهه به چون، چئي سگھن ٿا! ڇو ته اهي اکيون ٻوٽي چڪا آهن. اهي سرمائيدارن جي پگھار حلال ڪرڻ ٿا گھرن؛ پر الله، جيڪو حقيقي رزاق آهي، تنهن جو رزق حلال ڪرڻ گھرن ها ته اهي نظام زڪوات جي اهميت جو ڪڏهن به انڪار نه ڪن ها. ڇاڪاڻ ته الله جي فضل، انعامن ۽ نعمتن جو حقيقي شڪر الله جي بندن تي خرچ ڪرڻ سان ئي ادا ٿيندو آهي. مراقبن سان ڪونه ٿيندو آهي. الله تعاليٰ دنيا جي مقابلي ۾ جنهن شيءِ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، سا غريبن جي پرگھور لهڻ آهي. الله فرمايو آهي: ”لَا تَنۡسَ نَصِیۡبَکَ مِنَ الدُّنْیَا وَ اَحْسِنۡ کَمَاۤ اَحْسَنَ اللہُ اِلَیۡکَ ؕ(القصص٧٧) “ (دنيا ۾ پنهنجي حصو ڀل نه وسار، البته جيئن الله تو سان احسان ڪيو آهي تيئن تون به احسان ڪر). يعني غريبن مسڪينن کي ڏي.
ڇا سرمائيداريت جي انهن وڪيلن کي خبر آهي ته زڪوات جي انڪار ڪرڻ وارن جي خلاف حضرت ابوبڪر صديق رضي الله لڙائي ڪئي هئي! ڇا اهي ان کان به ڄاڻي واڻي انڪار ڪندا ته ڪيترن صحابن کين ان معاملي ۾ نرمي ڪرڻ جو مشورو ڏنو، تنهن باوجود حضرت ابوبڪر رضي الله انهن خلاف لڙائي کي ترجيح ڏني ۽ فرمايو ته جيڪو اٺ سان گڏ ان جي مهار زڪوات ۾ ڏيندو هو، سو اٺ ڏيندو ۽ مهار ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته ان سان به جنگ ڪندس.“
اهي قبا پوش مذهبي ٺيڪيدار ٻڌائن ته غريبن جي پرگھور لهڻ وارو هيءُ زڪوات جو نظام ضمني ۽ غير اهم هو ته حضرت ابوبڪر صديق ڇو ان ۾ نرمي اختيار نه ڪئي ۽ مسلمانن جي زڪوات جي انڪار ڪرڻ واري گروهه کي مرتد قرار ڏئي ڇوانهن سان جنگ ڪئي؟.
قرآن حڪيم ۾ الله تعاليٰ صاف صاف پنهنجي مشيت بيان فرمائي آهي ته دولت سرمائيدارن جي وچ ۾ گردش نه ڪري. اها گردش تڏهن ختم ٿيندي جڏهن دولت تقسيم ٿيندي. اها صدقات جي صورت ۾ تقسيم ٿيندي. اها طبقاتي تقسيم حد کان وڌي ويندي ته حق للسائل والمحروم يعني سائلن ۽ محرومن جي حق طور اضافي ٽيڪس جي صورت ۾ واپس ورتي ويندي ۽ جيڪڏهن ناجائز طور ڪمايل آهي ته به واپس سرڪاري خزاني ۾ ورتي ويندي، جيئن حضرت عمر بن عبدالعزيز ڪيو هو.
ڇا دولت جي متوازن تقسيم جي نظام جي قيام کان سواءِ اسلامي ڀلائيءَ جو انساني افاديت وارو تصور شرمنده تعبير ٿي سگھي ٿو!؟ پر انهن جي نظر ۾ اسلامي ڀلائيءَ جو انساني افاديت وارو پهلو ضمني ۽ غير اهم آهي ۽ اسلام صرف ’تزڪيه نفس‘ جو نالو آهي. ۽ اهو انهن وارو ’تزڪيه نفس‘ خبر ناهي ڪهڙو آهي. قرآن ۾ ته آهي، ته غريبن جي پرگھور لهڻ ۽ انهن تي مال خرچ ڪرڻ سان ئي تزڪيو ٿي سگھي ٿو. جيئن فرمان آهي:
وَ سَیُجَنَّبُہَا الْاَتْقَی ﴿ۙ۱۷﴾ الَّذِیۡ یُؤْتِیۡ مَالَہٗ یَتَزَکّٰی ﴿ۚ۱۸﴾ (الليل – ١٧،١٨)
”ان ڄڀن واري باهه کان جلد اهو بچندو جيڪو وڌيڪ متقي آهي، جيڪو پنهنجو مال ڏئي تزڪيو اختيار ٿو ڪري.“
هن آيت جو سياق سباق مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.
مٿي نبي ﷺ کي زڪوات وصول ڪرڻ جي حڪم واري آيت جو مون صرف حڪم وارو حصو ذڪر ڪيو، باقي حصو مون هن موقعي لاءِ ڇڏيو، اهو ڏسو ته ڪيئن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته زڪوات ڏيڻ سان ئي ماڻهوءَ جي تطهير ۽ تزڪيو ٿئي ٿو. فرمان آهي:
خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَۃً تُطَہِّرُہُمْ وَتُزَکِّیۡہِمۡ (التوبه ١٠٢)
(انهن کان انهن جي مالن مان صدقو وٺ، انهن کي پاڪ ڪر ۽ انهن جو تزڪيو ڪر.)
نبي ڪريم ﷺ جن جنهن دعوت، محنت ۽ جدوجهد جي شروعات بعثت کان وٺي ڪرڻ فرمائي، جنهن جو آخري نتيجو قرآن جي فرمان مطابق استخلاف في الارض ۽ تمڪن في الارض جي صورت ۾ برآمد ٿيڻو هو ۽ پوءِ ائين ٿيو جو نبيﷺ مسلمانن جي هڪ عظيم سلطنت جو پايو وڌو. جنهن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. مسلمانن جي انهيءَ عظيم سلطنت جي پوري مشينري نبي ﷺ، صحابه، تابعين ۽ تبع تابعين تي مشتمل هئي. هي دنيا جي پهرين عظيم سلطنت ۽ رياست هئي جيڪا ماڻهن جي ڀلي لاءِ قائم ٿي هئي. هن سلطنت جو ثمر ۽ ڦل انساني آزادي، امن، بک کان نجات، خوشحالي ۽ بي خوفي ۽ طمانيت واري زندگي هو.
اي مذهبي ٺيڪيدارؤ! هڪڙي رياست جو قيام ۽ ان جي مشينري طور رسول الله ﷺ جو عمل ۽ صحابه جو تعامل اهي سڀ ڳالهيون ڇا اهو ٿيون ٻڌائين ته دنياوي اصلاح، انساني افاديت ۽ غريبن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪرڻ ضمني مقصد آهي؟. دين جي پوري محنت جي نتيجي ۾ جيڪا شيءِ الله تعاليٰ مؤمنن کي عطا ڪرڻ جو واعدو ڪري ۽ وري پوءِ عطا ٿئي. ان ۾ رسول الله جو عمل ۽ صحابه جو تعامل شامل هجي! ڇا توهان جي نظر ۾ اهو ضمني مقصد آهي؟
حقيقت هي آهي ته اُهي جنهن تزڪيه نفس جي نصب العين هئڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ۽ ان لاءِ جنهن طريقي جي دعوت ڏين ٿا. ذڪر جون محفلون، مراقبن جون مجلسون منعقد ڪن ٿا، ڇا اهڙا طريقا رسول الله جي سنت ۽ تعامل صحابه مان اهي ثابت ڪري سگھن ٿا؟ آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته اهي ان لاءِ ڪئين ڳالهيون ڪري سگھن ٿا پر سنت ۽ صحابه جو تعامل ثابت نه ٿا ڪري سگھن.
پر پوءِ به اهي بضد آهين ته سندن ڪم نصب العين آهي. ۽ سنت ۽ تعامل صحابه مان ثابت عمل ضمني ۽ غير اهم آهن. ته پوءِ کين پنهنجي ايمان تي ويچارڻ گھرجي، بجاءِ ان جي جو اهي ٻين تي فتوائون جاري ڪن. ڇاڪاڻ ته رسول الله ۽ صحابه جو تعامل قطعي حجت جي حيثيت ٿو رکي ۽ قطعي حجت جو انڪار ڪفر برابر آهي. اهي انڪار نه ٿا ڪن ته رسول الله ۽ صحابه جي تعامل کي غير اهم ۽ ضمني قرار ڏئي ڪهڙو ڪم ٿا سرانجام ڏين!؟
اهي مذهبي ٺيڪيدار اسلام جي حقيقت، ان جي نصب العين ۽ روح کي سمجھڻ لاءِ مستند عالمن، مستند ماهرن ۽ سلف صالحين جي تحريرن کي ضروري قرار ڏين ٿا پر اهي ٻڌائي سگھن ٿا ته ڪهڙو مستند عالم ۽ سلف صالح آهي جنهن جهاد، قتال، معاشرتي ڀلائي ۽ غريبن جي پر گھور کي فرض قرار ڏيندي ان کي ضمني قرار ڏنو آهي.
ها پوئين دور جا ڪي عالم اهڙا پيدا ٿيا آهن جن جهاد ۽ قتال جي فرضيت ۽ اهميت جو انڪار ڪيو آهي. صوفياء ڪرام ۾ هڪڙا مسلمانن جا مڃيل مڪتب فڪر آهن، تن کي ڇڏي ڪن دين جي معاملي ۾ جهاد ۽ قتال کان اڻ ٻوليو انحراف ۽ پرهيز جي راهه اختيار ڪئي آهي. موجوده دور جي سرمايه پرستن جي دلال هنن ماڻهن انهن جي تسلسل طور، بلڪه انهن کان ٻه قدم اڳتي وڌي، معاشرتي ڀلائي، غريبن جي پرگھور لهڻ جهڙن بي شمار ڪمن کي به ان انحراف ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.