مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

سڌي واٽ جي تلاش : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

دنيا ۾ هر هڪ ماڻهو، صحيح ۽ غلط جي متعلق هڪ خيال رکي ٿو. ان ڪري انهن ٻنهي شين جا هر ماڻهو وٽ الڳ الڳ ماپا آهن. انهن ماپن جو هڪ ٻي سان ٽڪراءُ پڻ موجود رهي ٿو. اهي اختلافي سوچون معاشري ۾ تعصب، ڇڪتاڻ ۽ انتقامي روڳ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. ڪنهن شخص کي ڪنهن شخصيت پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي، ڪنهن کي وري ڪنهن ڪتاب مان رهنمائي ملي آهي. ڪنهن کي ڪنهن سياستدان ۽ حڪمران جي گڻ قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪو وري ڪنهن مرشد جي ڪرامتن ۾ ڦاٿل نظر پيو ايندو. ڪي ته اهڙا تقليدي ذهن به اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندا جو ”چلو تم ادهر کو هوا هو جدهر کي“ جو پيمانو ٺاهي ڪڍ لڳڻ، ئي سندن مشغلو هوندو آهي.
سڌي واٽ جي تلاش ۾ انسان جو ڀٽڪندو رهڻ سندس پراڻي ڪمزوري رهي آهي. انسان کي اها سوچ گهٽ ئي نصيب ٿئي ٿي ته هو هلاڪت ۽ بربادي کان بچڻ لاءِ پنهنجي پالڻهار ۽ پيدا ڪندڙ سان رابطي ۾ اچي. رحم ۽ ڪرم جي چادر ڍڪائيندڙ، ٻاجهاري مهربان جي سچن ۽ مخلص نمائندن (پيغمبرن ۽ رسولن) جي پيغام ڏانهن ڀرپور توجهه ڪري. انهن آسماني ڪتابن ۽ صحيفن مان هدايت حاصل ڪري جيڪي رهنمائي لاءِ موڪليا ويا آهن. اسلام ۽ قرآن کي پنهنجي زندگي لاءِ اڳواڻ قرار ڏي جيڪي هن جي لاءِ خاص طرح نازل ڪيا ويا آهن. آخرت واري حياتي کي پنهنجو ابدي گهر سمجهي، جنت کي حاصل ڪرڻ ۽ دوزخ جي عذاب کان بچڻ پنهنجي منزل قرار ڏئي ڇڏي. انسان جڏهن هدايت جو رستو انهي جڳهه تان تلاش ڪندو ته يقيني طرح هو هدايت تي پهچي ويندو ۽ پوءِ هو انهن سڀني رستن کان بيزار ٿي ويندو جن جي ذريعي هو فريب مڪر تباهي، بربادي ۽ دنيا آخرت جي عذاب جي آڙاهن ۾ گرفتار ٿي سگهي ٿو. فقط اهي انسان سڌي واٽ تي پهچي سگهن ٿا جن قرآن مجيد کي پنهنجو رهنما بڻايو آهي. انهن ماڻهن کي ئي دنيا ۾ راحت ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي ۽ جنت ۾ رهڻ جا حقدار قرار ڏنا ويندا.
سڌي واٽ تي هلڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي ته انسان جو ايمان مضبوط هجي. جيڪو ماڻهو سچي دل سان يقين رکي ته هن جو پيدا ڪندڙ، پاليندڙ، آسمانن ۽ زمين جو ٺاهيندڙ، مخلوق جو هلائيندڙ چلائيندڙ، انسانن کي حياتي ڏيئي پوءِ انهن کي ماريندڙ ۽ ٻيهر جياريندڙ، قيامت جي ڏينهن جو مالڪ ۽ فيصلا ڪندڙ اڪيلو معبود برحق ذات خداوند قدوس الله رب العالمين آهي ۽ مخلوق جي پيدا ڪرڻ جو مقصد سندس عبادت، فرمانبرداري ۽ ان جي حاڪميت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي عملي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ئي ايمان جي تقاضا ۽ نيڪ بختي آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اهڙو انسان هدايت جي سڌي واٽ تي پهچي ويو ۽ هو صراط مستقيم تي هلي رهيو آهي. ان وٽ تي هلڻ وارو انسان خدا، قرآن ۽ قيامت تي اهڙو پڪو ويساهه رکندو آهي جو ان کي ڪڏهن به حياتي جي ڪنهن لمحي ۾ شڪ نه پيدا ٿيندو آهي. شڪ جي اچڻ سان نفاق پيدا ٿيندو آهي. ۽ پوءِ ان جي سرحد ڪفر جي ويجهو ٿي ويندي آهي.
اسان جي معاشري ۾ ڪيترا انسان موجود آهن، جيڪي پاڻ کي ”اهل ايمان“ ۾ ڳڻن ٿا پر انهن جي دلين ۾ انهن بنيادي عقيدن جي متعلق شڪ ۽ وهم موجود رهن ٿا. جڏهن اهڙا ماڻهو حق جي انڪاري وڏائي خورن ۽ دولت مندن جي ڪچهرين ۾ ويهندا آهن ته اتي خدا ۽ اسلام تي چٿرون ڪيون وينديون آهن ۽ انهن جو مذاق اڏايو ويندو آهي ته هي ماڻهو خاموشي سان ٻڌندا آهن ۽ پوءِ انهن جي اثر هيٺ اچي ايمان کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ آهستي آهستي خدا ۽ اسلام جا دشمن بڻجي ويندا آهن. حق کان محرومي وڏي بدبختي آهي ۽ جڏهن ته حق جي واٽ تي هلڻ وڏي خوش قسمتي آهي. قرآن مجيد ٻڌائي ٿو ته:
وَّ لِیَعۡلَمَ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ اَنَّہُ الۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ فَیُؤۡمِنُوۡا بِہٖ فَتُخۡبِتَ لَہٗ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَہَادِ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ (سورت الحج 54)
”ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ان نتيجي تي پهچي ويندا آهن ته اهي ڳالهيون پالڻهار جي طرفان حق سچ آهن پوءِ هو ان تي يقين رکندا آهن ۽ انهن جون دليون ان حق لاءِ جهڪي وينديون آهن. يقيني طرح الله تعاليٰ يقين رکندڙن کي سڌي واٽ جي طرف رهنمائي فرمائيندو آهي. “
جيڪي انسان فرمانبرداري جي مڪمل جذبي سان الله تعاليٰ سان ڳنڍجي ويندا آهن. انهن جي اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هو سڌي واٽ (صرات مستقيم) تي قائم آهن. ڇو ته جيڪو شخص الله تعاليٰ تي يقين رکي ٿو ۽ قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب واري لمحي کان خوف رکي ٿو ته ان کي دنيا جي رنگينين ڏانهن هرگز رغبت نٿي ٿي سگهي. هو ته هر وقت خدا تعاليٰ جي خوشنودي جو طالبو هوندو ۽ جنت جي حقيقي نعمتن ڏانهن متوجهه رهندو. هتان جون ٿوري وقت جون خوشيون هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهنديون.
خدا تعاليٰ جو رضامندو، جڏهن زندگي جو اڪيلو مقصد بڻجي وڃي ته پوءِ مومن سمورا ڪم خدا جي مرضيءَ مطابق ڪندو اهي ۽ هر ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو پيو سوچيندو ته منهنجو پيارو سائين ان ڪم ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو يا ناراض ٿيندو. پوءِ خوشي وارا ڪم پورا ڪندو ۽ ناراضي وارن ڪمن کان ڪوهين ڀڄي ويندو.
قرآن مجيد ٻنهي ڪردارن تي روشني وجهي ٿو:
وَ کَیۡفَ تَکۡفُرُوۡنَ وَ اَنۡتُمۡ تُتۡلٰی عَلَیۡکُمۡ اٰیٰتُ اللّٰہِ وَ فِیۡکُمۡ رَسُوۡلُہٗ ؕ وَ مَنۡ یَّعۡتَصِمۡ بِاللّٰہِ فَقَدۡ ہُدِیَ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ (سورت آل عمران 101)
”توهان لاءِ انڪار ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي. اوهان تي الله تعاليٰ جون آيتون پڙهيون ويون آهن. اوهان ۾ الله جو رسول موجود آهي (جيڪو چٽي طرح توهان کي سمجهائي رهيو آهي) پر ان جي مقابلي ۾ جيڪي شخص الله تعاليٰ سان ڳنڍجي وڃن ٿا پوءِ انهن کي الله تعاليٰ سڌي واٽ جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو“
قرآن مجيد وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته:
کَبُرَ عَلَی الۡمُشۡرِکِیۡنَ مَا تَدۡعُوۡہُمۡ اِلَیۡہِ ؕ اَللّٰہُ یَجۡتَبِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یَّشَآءُ وَ یَہۡدِیۡۤ
اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ (سورت الشوريٰ 13)
”مشرڪن کي ايمان ۽ يقين جي ڪيفيتن ڏانهن جيڪا دعوت ڏيئي رهيا آهيو اها انهن لاءِ ڳري پٿر جي ٻوجهه وانگر مٿن ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ جن لاءِ چاهيندو آهي انهن کي سعادت لاءِ چونڊيندو آهي ۽ هو انهن لاءِ هدايت جو انتظام ڪندو آهي جيڪي ان ڏانهن پهريائين متوجهه ٿيندا آهن“
جيڪي انسان ايمان جي ڪيفيت سان پاڻ کي گناهن کان پاڪ رکندا آهن ۽ پنهنجي اخلاقي سکيا لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن ته الله تعاليٰ انهن کي وڌيڪ توفيق بخشيندو آهي. خدا انهن کي مقبول ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي. مگر اهڙي اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ انسان ۾ عجز ۽ انڪساري جو هئڻ پهريون شرط آهي. نرم دل رکندڙ، معاف ڪندڙ ۽ همدرد انسان ئي ”تقويٰ“ ڏانهن وڌي سگهي ٿو. تقويٰ دل جي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. تقويٰ جو پوري جو پورو تعلق دل سان ڳنڍيل آهي. ايثار، قرباني، انفاق، همدردي، نرم دلي، حُسن اخلاق، خدا خوفي ۽ هر ڪم ۾ مڪمل عبديت جو اظهار تقويٰ جون علامتون ۽ نشانيون آهن. جيڪو شخص انهن وصفن کان محروم آهي اهو تقويٰ کان پوري طرح محروم آهي. تقويٰ جي صفتن کان محرومي ايمان جي محرومي تائين پهچي وڃي ٿي. الله تعاليٰ وٽ اهڙو ايمان معتبر آهي. جيڪو تقويٰ سان سينگاريل هجي. قرآن مجيد ايمان ۽ تقويٰ کي هڪ ٻئي لاءِ لازمي تصور ڪري ٿو.
وَ لَوۡ اَنَّ اَہۡلَ الۡقُرٰۤی اٰمَنُوۡا وَ اتَّقَوۡا لَفَتَحۡنَا عَلَیۡہِمۡ بَرَکٰتٍ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الۡاَرۡضِ وَلٰکِنۡ کَذَّبُوۡا فَاَخَذۡنٰہُمۡ بِمَا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ (الاعراف 96)
”جيڪڏهن ڳوٺن وارا ماڻهو ايمان ۽ تقويٰ سان سينگاريل هجن ها ته انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون ۽ رزق جي ڪشاگي جا دروازا کولي ڇڏيون ها. پر انهن توحيد جي دعوت کي ڪوڙو سمجهو ۽ انڪار ڪيو ته پوءِ سندسن عملن سبب انهن کي عذاب ۾ گرفتار ڪيوسون.“
انسان جي اندر هڪ فيصلي واري قوت رکي وئي آهي جيڪا گناهه جي متعلق چٽو شعور رکي ٿي ۽ گناهه کان بچڻ جي رستن کان به ڄاڻ رکي ٿي. انسان کي بد ڪرداري ۽ آلودگين ۾ ڦاسائڻ ۾ سندس نفس جو اهم حصو آهي. نفس جي ان داخلي ڪيفيتن متعلق آگاهه ڪيو ويو ته:
وَ نَفۡسٍ وَّ مَا سَوّٰىہَا ۪ۙ﴿۷﴾ فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا ۪ۙ﴿۸﴾ قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾
(سورت الشمس 7-8-9-10)
”نفس کي سنواريوسون پوءِ ان ۾ نيڪي بڇڙائي جي سمجهه وڌي سون. ڪامياب آهي اهو شخص جنهن نفس کي پاڪ ڪيو ۽ نامراد آهي اهو شخص جنهن نفس کي آلودگين ۾ ڦاسايو“
نفس انسان لاءِ هڪ وڏي آزمائش آهي. انسان کي بڇڙن ڪمن ۽ نافرمانين ڏانهن ڇڪيندو رهندو آهي. ان اعتبار سان انسان جو وڏو دشمن آهي هي انانيت پسند، حريص، لالچي ۽ خود غرض هوندو آهي. پنهنجن خواهشن کي پوري ڪرڻ جون راهون تلاش ڪندو رهندو آهي. کيس پنهنجن ذاتي مفادن جو اونو هوندو اٿس. جيئن ته اهي سموريون شيون جائز ذريعن سان پوريون نه ٿينديون آهن ان ڪري نفس، انسان سمورا هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رهندو آهي.
حضرت يوسف عليه السلام جي ذريعي نفس جي ان ڪيفيت کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.
وَ مَاۤ اُبَرِّیُٔ نَفۡسِیۡ ۚ اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ اِلَّا مَا رَحِمَ رَبِّیۡ ؕ اِنَّ رَبِّیۡ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ
(سورت يوسف 53)
”مان پنهنجي نفس جي پاڪدامني نٿو ڪريان ڇو ته نفس انسان کي بڇڙي ڪم تي ڀڙڪائيندو رهندو آهي. سواءِ ان شخص جي جنهن تي پالڻهار رحم ڪري، منهن جو پالڻهار بخشيندڙ ۽ مهربان آهي“
ان راز تان پردو کڻڻ ۽ اهل ايمان کي واقف ڪرڻ ته نفس هر وقت انهن کي نافرمانين ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو، وڏي اهميت جي ڳالهه آهي. انسان کي سمجهڻ گهرجي ته سڌي واٽ کان هٽائڻ لاءِ نفس جون رٿائون ڪيتري قدر هلاڪت واريون ٿي سگهن ٿيون. هو هر وقت انسان کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ شرارتون گهڙيندو رهندو آهي. ۽ هو ڪڏهن به وقفو نٿو ڪري. هر لمحي تاڙ ۾ رهندو آهي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني انسان کي ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائي هميشه لاءِ برباد ڪري ڇڏي.
نفس جي اصلاح ۽ سکيا لاءِ ضروري آهي ته نفس جي خواهشن کي ٺڪرائي ضمير جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. نفس جن لذتن ۽ دنيا پيروري ڏانهن ترغيب ڏئي ته ان جي مخالفت ڪري ايثار، قرباني، انفاق، همدردي، ٻانهن جي حقن ۽ خدا جي اطاعت وارن عملن ۾ جنبي وڃڻ گهرجي. ان طرح سان سڌي واٽ تي قائم رهڻ آسان ٿي ويندو ۽ شيطاني راهن کان بچڻ سولو ٿي پوندو.