دنيا ۽ آخرت جو اسلامي نظريو : علامه محمد غزالي رح
دعوت ۽ سکيا جي ميدان ۾ ڪي ماڻهو بيان ڪيل مٿئين حقيقت کي ذهن ۾ ناهن رکندا، جنهن ڪري سڌاري جي بدران بگاڙ پيدا ٿي ويندو آهي. ماڻهو اهو سمجھڻ لڳندا آهن ته دين، دنيا جو دشمن آهي ۽ هي به سمجهندا آهن ته تزڪيو ۽ قرب الاهي تيستائين حاصل ٿي نه ٿو سگھي جيستائين مفلسي ۽ سڃائي وڪوڙي نه وڃي. انهن ماڻهن جو وطيرو اهو هوندو آهي جو زندگي جي حقيقتن، مادي قانون ۽ ڪائنات جي اندر الله تعالى جي سنت کان بي خبر رهي ڪري صرف تقدير تي ڀاڙي زندگي کي ڪل حاصلات سمجھندا آهن. اهڙي سوچ جو نتيجو اهو نڪتو جو انساني شعور بگاڙ جو شڪار ٿي ويو ۽ مسلمانن جي اندر اهڙا نسل پيدا ٿي پيا جيڪي نه دين جي حقيقت کي سمجھي سگھيا ۽ نه دنيا ۾ ڪو فائدو حاصل ڪري سگھيا. اهڙي طرح مسلمانن جي تباهي ۽ بربادي ۾ ٻين ڪوتاهين سان گڏ دين ۽ دنيا متعلق سمجھه جي کوٽ به هڪ وڏو سبب رهيو آهي.
بيشڪ دين ۾ آخرت، بهشت ۽ دوزخ بابت سڀئي ڳالهيون وضاحت سان موجود آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جو مقصد انسان کي صحيح رستي تي هلائڻ، آخرت جي مقابلي ۾ دنيا کي اوليت ڏيڻ کان روڪڻ ۽ ان کي اڻ کٽ ۽ دائمي زندگيءَ جي تياري لاءِ هوشيار ڪرڻ آهي.
دنيا کي سمجھڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، دنيا ۾ لاچاري ۽ بيوسي واري زندگي گھارڻ، پنهنجي زندگيءَ جي مَهار ٻين جي هٿ ۾ ڏئي مجبوري ۽ محرومي واري زندگي گذاراڻ کي پاڪائي يا تقوى جو نالو نٿو ڏئي سگھجي. هن قسم جي سوچ ته بلڪل ٻاراڻي حرڪت چئبي جنهن سان دين ۽ ان جي بنيادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچي ٿو. سوال آهي ته آخر الله تعالى جي طرفان عطا ڪيل صلاحيتن کان ڪم نه وٺڻ ۽ بيوسي ۽ لاچاري واري زندگي اپنائڻ سان دين اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھجي ٿي؟
عالمن جو چوڻ آهي ته ڪنهن عمل جي درستگي ۽ قبول پوڻ لاءِ سٺي سوچ ۽ ڀلائيءَ وارو طريقو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ڀلائي وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو هي مطلب آهي ته جيڪو عمل ڪيو وڃي سو روايت ۽ شعور جي مطابق هجي. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو کائڻ پيئڻ جي بدران ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان چُپ رهڻ جو روزو رکي يا رڪوع ۽ سجدي کان بغير نماز پڙهي ته سندس اهو عمل قبول نٿو ٿي سگھي ڇو ته اهو عمل شريعت جي خلاف آهي. اهڙيءَ طرح اڄوڪي دؤر ۾ ڪير ٽينڪ جو مقابلو لٺ سان يا هن ايٽمي دؤر ۾ گھوڙي تي ويهي جهاد ڪري ته سندس اهو عمل به قابل قبول ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل شعور کان خالي آهي.
مون هڪ نصيحت ڪندڙ کي ٻڌو جيڪو ماڻهن کي سورة التڪاثر جو تفسير ٻڌائيندي دنيا کان لا تعلقي جي لاءِ هدايت ڪري رهيو هو. مون کي خيال ٿيو ته اسان هن ڳالهه کي سمجھڻ ۾ ڪيڏي نه وڏي غلطي ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته هن سورة ۾ زندگيءَ جي هڪ خراب پاسي جو خبرداريءَ سان نقشو چٽيو ويو آهي. اڄوڪي دؤر ۾ مال ميڙڻ لاءِ هرڪو چرين وانگر پيو ڊوڙي ۽ ڊڪي، جنهن ڪري ماڻهو مال ملڪيت جي مناسب استعمال کان بي خبر ٿي ويا آهن ۽ يقيني طور تي هيءَ تمام ئي ڦٽڪار جوڳي ڳالهه آهي. ڇو ته مال دولت جي پوڄا ۾ لڳو رهڻ هڪ طرف انسان جي اخلاق ۽ ڪردار کي ڦٽائي ڇڏي ٿو ته ٻئي طرف کيس سندس ٻين ڪيترين ئي ذميدارين کان به غافل ڪري ٿو ڇڏي. مال دولت بابت وري الله تعالى قرآن پاڪ ۾ هن طرح به حڪم ڏئي ٿو:
وَلَا تُؤْتُوا السُّفَهَاءَ أَمْوَالَكُمُ الَّتِي جَعَلَ اللّهُ لَكُمْ قِيَامًا وَارْزُقُوهُمْ فِيهَا وَاكْسُوهُمْ وَقُولُوا لَهُمْ قَوْلًا مَعْرُوفًا ﴿النساء: ٥﴾
”اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعالى اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي، سو بي سمجھه ماڻهن(يعني ننڍي عمرواران نادان ڇوڪرن) جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (جو متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) پر هيئن ڪريو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پياريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجھايو.“
مطلب ته دنياوي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪوشش به ضروري آهي، ڇو ته مؤمن ٻانهو ان خوشحاليءَ جي ڪري پنهنجي ذميدارين کان بيگانو نٿو ٿئي پر اڃان به پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ان ملڪيت کان مدد حاصل ڪري ٿو. هن آيت جو مقصد به آخرت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي ۽ دنيا کان بيگانو ڪرڻ ناهي. مسڪيني، مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي اپنائڻ سان نه اسلام جي ڪا خدمت ڪري سگھجي ٿي، نه ڪا ان کي طاقت ملي سگھي ٿي ۽ نه ئي وري ان جي سکيا يا تدريس ۾ ئي ڪا ترقي حاصل ٿي سگھي ٿي. اهو به ضروري آهي ته مال دولت جي گھڻائي جي ڪري بي ديني، نافرماني، آڪڙ يا وڏائي ۽ ڪنجوسيءَ واري واٽ هلڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پر اڃا به ڀلو ائين آهي ته اها مالي خوشحالي دين جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو خيال دل ۾ رکي جائز طريقن کي اپنائي ڪمائي وڃي.
حاصل مطلب هي آهي ته دولت جو پوڄاري ٿي وڃڻ توڙي ڄاڻي ٻجھي تنگدست ۽ لاچار ٿي وڃڻ، اهي ٻئي ڦٽڪار جوڳا عمل آهن ۽ اهڙيءَ روش کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ڪي ماڻهو مالدار ٿي ڪري الله جا نافرمان ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي مفلس ٿي ڪري ذلت واري زندگي گھارڻ تي مجبور ٿين ٿا. پر هڪ مؤمن نه ته نافرمان ۽ نه ئي وري ذليل يا خوار ٿي سگھي. ڪيترا ئي مال ملڪيت وارا الله جا شڪرگذار ۽ ڪيترائي غريب عزت ۽ غيرت واري زندگي گذاريندڙ آهن!
آخر هڪ مسلمان کي ان ڳالهه مان ڪهڙي هڙ حاصل جو هو دنيا کان لا تعلق ٿي وڃي ۽ ٻيو ڪو اچي ان تي ڏنڊو کوڙي ويهي رهي؟ اهڙي سوچ رهي ته پوءِ امت جي ترقيءَ جو قافلو ڪيئن اڳتي وڌي سگھندو؟ هي ڪيڏي نه ڀورڙائي ۽ بيوقوفي آهي جو ماڻهن کي سمجھايو وڃي ته حضرت عثمان ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوف رضي الله جهڙا مالدار، جن پنهنجو سڄو مال ملڪيت اسلام جي لاءِ بخشش (وقف) ڪري ڇڏيو، بهشت ۾ مفلس ۽ لاچار ماڻهن کان گھڻو پوءِ داخل ٿيندا؟
ابن ڪثير پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ حيرت ۾ وجھندڙ اسرائيلي داستان بيان ڪيو آهي. قصو هن طرح آهي ته ٻن ماڻهن ڪنهن واپار ۾ ڀائيواري ڪئي، جن جي گڏيل موڙي اٺ هزار درهم هئي. انهن ۾ هڪڙو شريف ۽ نيڪ هئو ۽ ٻيو وري ڪمينو ۽ بد ڪردار ماڻهو هو. بد ڪار هڪ هنرمند جڏهن ته نيڪ ۽ شريف ماڻهو بي هنر هئو جنهن ڪري بد ڪار شخص بيزار ٿي ڀائيچارو ختم ڪري ڇڏيو. (اسان پڇون ٿا ته مؤمن ٻانهو آخر هنرمند ڇو نه ٿو ٿئي؟ هوڏانهن حديث ۾ اچي ٿو ته الله تعالى هنرمند مؤمن کي پسند ڪري ٿو.) خير، ٻئي ڄڻا پنهنجو پنهنجو حصو وٺي الڳ ٿي ويا.
ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو جو بد ڪار ماڻهو پنهنجي حصي مان هڪ هزار دينار سان هڪ گھر خريد ڪيو ۽ نيڪ ماڻهوءَ وري هڪ هزار دينا صدقو ڪري ڇڏيا ته جيئن کيس بهشت ۾ گھر ملي. (اسان پڇون ٿا ته آخر هڪ نيڪ انسان کي هن دنيا ۾ پنهنجو گھر ڇو نه هجي؟) ٻئي هزار مان بدڪار ماڻهو شادي ڪئي ۽ نيڪ ماڻهو ٻيو هزار به صدقو ڪيو ته جيئن کيس بهشت ۾ حور ملي (اسان پڇون ٿا ته نيڪ ماڻهو دنيا ۾ شادي ڪري پاڻ کي ۽ هڪ عورت کي گناهه کان بچاءَ جو سامان ميسر ڪري ڏيڻ، ۽ پنهنجي زال تي خرچ ڪرڻ سان دنيا ۾ اڻ ڳڻيون نيڪيون ڇو نه ڪمائي؟) باقي رهيل ٻه هزار دينار مان بدڪار ماڻهو هڪ باغ خريد ڪيو (۽ هڪ پرآسائش زندگي گذارڻ لڳو) جڏهن ته نيڪو ڪار ماڻهو باقي ٻه هزار به صدقو ڪري ڇڏيا ۽ مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي گذارڻ لڳو. اهڙي قسم جي خوش بياني ديني مقصدن ۽ زندگيءَ لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي.
مان رڳو اهو ٻڌائڻ ٿو گھران ته جهڙي طرح الله تعالى جي راهه ۾ مرڻ جو نالو جهاد آهي اهڙي طرح الله تعالى جي ٻڌايل سڌي واٽ تي زندگي گذارڻ به يقيناً جهاد ئي آهي. مال دولت جي ڪمائڻ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ دين جي مدد ڪرڻ ۾ به ناڪامي پلئه پوي ٿي. اها هڪ حقيقت آهي ته خرچ اهو ئي ڪري سگھندو جنهن وٽ ڪجھه هوندو. اهو ئي سبب آهي جو حديث ۾ اچي ٿو ته طاقتور مؤمن ڪمزور مؤمن کان ڀلو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو:
وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ ﴿۹) وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ (۱۰) إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ (۱۱) ﴿هود﴾
”۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا ۽ پوءِ وري اها هٽائي ٿا ڇڏيون ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو، ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ته پوءِ چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون، حقيقت هيءَ آهي ته ان وقت انسان خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو. مگر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي.“
مٿئين آيت مان چٽيءَ طرح خبر پوي ٿي ته جڏهن انسان جو حال اهو آهي جو آسودگيءَ وقت وڏائي ڪندڙ ۽ نافرمان، جڏهن ته سڃائيءَ جي وقت وري نا اميد ۽ دل شڪستو ٿي وڃي ٿو. هئڻ ته ائين گھرجي ته کيس ثابت قدم رهي پنهنجي ذميدارين کي وسارڻ نه گھرجي ۽ اها ئي روش هڪ مؤمن جو شان آهي. مؤمن جي سوچ اها ئي هوندي آهي ته الله تعالى جيڪا کيس آسودگي ڏني آهي سا رڳو هن اڪيلي جي لاءِ ناهي، پر ان ۾ انهن ماڻهن جو به حصو آهي جيڪي غريب، نادار ۽ پريشان حال آهن.
فَأَمَّا الْإِنْسَانُ إِذَا مَا ابْتَلَاهُ رَبُّهُ فَأَكْرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَكْرَمَنِ (۱۵)وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ (۱۶)كَلَّا ۖ بَلْ لَا تُكْرِمُونَ الْيَتِيمَ (۱۷)
وَلَا تَحَاضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ (۱۸)وَتَأْكُلُونَ التُّرَاثَ أَكْلًا لَمًّا (۱۹)
وَتُحِبُّونَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا(۲۰) ﴿الفجر﴾
”انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني. ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. ائين نه آهي پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪينن کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. ۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. ۽ مال سان محبت رکو ٿا.“
مطلب ته آسودگي ۽ مالداري به آزمائش ۽ غربت ۽ سڃائي به هڪ آزمائش آهي. هيءَ سوچ غلط آهي ته صرف آسودگي ۾ عزت ۽ آبرو ۽ سڃائي ۾ پريشاني ۽ ذلت آهي. ان ڳالهه جو دارو مدار ته نتيجي تي آهي. جيڪو ماڻهو سڃائي جي وقت پاڪائي ۽ قناعت اختيار ڪري ٿو سو الله تعالى وٽ ان ماڻهوءَ کان تمام گھڻو عزت ۽ مرتبي وارو آهي، جيڪو پنهنجي خوشحالي جي ڪري نافرمان آهي. وري جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى مال دولت ڏئي آسودو ڪيو آهي ۽ هو به پنهنجي گھر جا دروازا غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن لاءِ کولي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي پرگھور ۾ پنهنجي مال دولت خرچ ڪري ٿو يا جتي خرچ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ته هو الله جي راهه ۾ اتي پٺتي نٿو هٽي ته اهڙو ماڻهو بيشڪ پنهنجي امتحان ۾ ڪامياب ۽ ڪاميابي جي ڊوڙ ۾ سوڀارو آهي. حديث جي اندر وٺڻ واري نه پر ڏيڻ واري هٿ کي ئي فضيلت ڀريو سڏيو ويو آهي.
هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جنهن کي الله تعالى جھجھي مال ملڪيت سان نوازيو آهي، پوءِ هو ان (الله تعالى) جو حق ادا ڪرڻ وقت جنهن ماڻهوءَ کي ڏئي رهيو آهي، تنهن کي بي آبرو ۽ حقير سمجھي ٿو، ته اهو ماڻهو دين ۽ دنيا سان لاڳاپي بنسبت تمام ئي غلط سوچ ۾ ڦاٿل آهي. اهو هڪ اهڙي طرز فڪر آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مالدارن جي خلاف ڪدورت ۽ ڪيني جي باهه ڀڀڙ ڪري اٿي ٿي. ڪفر ۽ بي ديني جي رئي اڏامڻ لڳي ٿي ۽ پوءِ پوري انسانيت جو آئيندو داءَ تي لڳي وڃي ٿو. ڇا ڪميونزم به اهڙي ئي ماحول ۾ نه اسريو ۽ پکڙيو هو؟
(علامه محمد غزالي جي ڪتاب: ”اسلام کے بارے میں 100 سوال“ تان ورتل)
سنڌيڪار: احمدالدين شر