مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

انسان چاڙهي چڙهي نه سگهيو : مولانا محمد انس راڄپر

دنيا ۾ ته ڏينهون ڏينهن ترقي، تحقيق ۽ غور فڪر ٿيندو رهي ٿو. نيئن سر نوان نظريا، فڪر ۽ سوچون گلاب جي گلن جي مکڙي وانگر انسان آڏو ٽڙن ٿيون ۽ انساني زندگيءَ کي تازگي ۽ فرحت بخشين ٿيون؛ پر اسان وٽ سدائين پاڻي پيو ولوڙجي، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ساڳيا پنڌ ۽ پيچرا، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، نه رات کٽي نه بات کٽي. مٿان وري مصيبت اها ته ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍڻي، پنڌ به ناهن جاچڻا، تجزيو به ناهي ڪرڻو، ڇا پاتو ڇا وڃايو؟ اهو به ناهي ڏسڻو. جتان ڪالهه پنڌ شروع ڪيوسين، اڄ به اتي ئي ڇو بيٺا آهيون؟ اڳتي ته ڇا پر اڃا به ٻه وکون پوئتي ڇو آهيون؟ نبيﷺجن فرمايو:
”من استواه يومان فهو مغبون“
(جنهن جا ٻه ڏينهن برابر رهيا سو ٺڳيل آهي).
پر اسان کي احساس ئي ڪونهي ته ڪو اسان ٺڳجي رهيا آهيون. االله تعالى قرآن شريف ۾ فرمايو:
”وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقۡتَحَمَ الۡعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَ مَاۤ اَدۡرٰىکَ مَا الۡعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ فَکُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوۡ اِطۡعٰمٌ فِیۡ یَوۡمٍ ذِیۡ مَسۡغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ “
”اسان انسان کي ٻه واٽون ڏيکاريون پر اهو چاڙهي چڙهي نه سگهيو (بلند واٽ وٺي نه سگهيو) توکي خبر آهي ته اُها چاڙهي ڇا هي؟ (اها آهي) غلام آزاد ڪرڻ، مسڪينن کي غربت جي ڏينهن ۾ کارائڻ، مائٽ يتيمن کي يا مٽيءَ هاڻن مسڪينن کي.“
اسان ڇو چاڙهي چڙهي نه سگهيا آهيون. ڇو غلامي اڄ به انسان جو مقدر آهي. مسڪين اڄ به انگ اگهاڙو پيٽ بکيو ڇو آهي. يتيم اڄ به ڌڪارجي ڇو ٿو.
فلسفي ۾ سوال جي اهميت آهي. جواب به ايترو اهم ناهي هوندو، جيترو فلسفي ۾ سوال اهم هوندو آهي. جڏهن سوال اٿندو آهي، تڏهن ئي ماڻهو آرس ڀڃي، ڇرڪ ڀري اٿندو آهي؛ پر اسان وٽ سوال ڪرڻ منع آهي.
اسان مسلمان جتي اڪثريت ۾ آهيون، غلامي، ذلت، بک، بدحالي ۽ ابتري اتي ديرو ڄمايو ويٺي آهي. اسان وٽ اسلام آهي، قرآن آهي، اسان حاملين قرآن وسنت آهيون؛ پر ڏينهون ڏينهن ابتريءَ جو شڪار آهيون. اسان کي ابن ڏاڏن کان موروثي طور اهو خيال مليو آهي، جيڪو اسان طوطي وانگر ياد ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام حق آهي، قرآن حق آهي ۽ اسان دين حق جا پيروڪار ۽ حامل آهيون. ان ڪري دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ اسان جو مقدر آهي. نسلن کان اهو خيال سينن ۾ سانڍيون پيا اچون؛ پر دنيا تي غلبي وارو اسان جو مقدر اسان کي ڏٺو نه ٿو لڀي. اسان کي ان بابت سوال ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان کي ان جو صحيح جواب ملي ويندو ته اسان کي ان ڀنورَ مان نڪرڻ جو صحيح رستو به ملي ويندو.
جنهن دين اسلام جا اسين حامل آهيون، سو اهوئي ساڳيو دين آهي، جيڪو يهودين، نصارن ۽ ٻين اڳين امتن کي مليو.
”شَرَعَ لَکُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَ مَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی.“
”اوهان لاءِ اهوئي دين مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن جي اسان نوح کي وصيت ڪئي ۽ جيڪو اسان توڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جي اسان ابراهيم، موسى ۽ عيسى کي وصيت ڪئي هئي.“
هن مان ثابت ٿيو ته سڀ اڳيون امتون ساڳئي دين حق جون ۽ الهامي ڪتابن جون حامل هيون. پر هڪ عرصي گذرڻ کان پوءِ اهي امتون دين حق جي بار کڻڻ ۽ ذميواري جي حيثيت کان ڪري پيون. جيئن الله تعالى يهودين بابت فرمايو:
”مَثَلُ الَّذِیۡنَ حُمِّلُوا التَّوۡرٰىۃَ ثُمَّ لَمۡ یَحۡمِلُوۡہَا کَمَثَلِ الۡحِمَارِ یَحۡمِلُ اَسۡفَارًا.“
”جنهن کي الله تعالى تورات جو حامل بنايو، پوءِ اهي ان جا حامل نه ٿي سگهيا، تن جو مثال گڏهه جهڙو آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيا ويا هجن.“
ڇا اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته اسلام ۽ قرآن جا حامل دين اسلام جي تحمل ۽ ذميواري جي حيثيت کان ڪري پيا آهن؟ ان جو جواب اسان کي نبيﷺجن جي هن فرمان مان ملي ٿو، جنهن ۾ پاڻ هڪ انصاري صحابيءَ کي فرمائن ٿا ته:
”جلد قرآن امت جي هٿن مان نڪري ويندو.“ انصاري صحابي چوڻ لڳو يا رسول الله! اهو ڪيئن ٿيندو حلانڪه اسان قرآن پڙهون ٿا، اسان وري پنهنجي اولاد کي پڙهائينداسين، اهو پنهنجي اولاد کي پڙهائيندو؟ پاڻ فرمايائون اي سعد! آءُ توکي سڀني انصارن مان سياڻو سمجهندو هوس! ڇا نه ٿو ڏسين ته اهل ڪتاب تورات ۽ انجيل پڙهن ٿا!
معنى جيئن يهودي ۽ نصارا موجود آهن، تورات ۽ انجيل پڙهن ٿا، تيئن مسلمان به اڪثريت ۾ هوندا، قرآن پڙهندا؛ پر انهن جو اهو پڙهڻ ائين هوندو جيئن (نبيﷺجي زماني ۾) يهودين ۽ نصارن جو تورات ۽ انجيل پڙهڻ هو. انهن ۾ قرآن هوندو پر حالت وڃي يهودين ۽ نصارن جهڙي رهندي، دين حق ۽ قرآن جي هوندي به هو ان جا صحيح حامل نه هوندا.
مسلمانن جي اڄ جي حالت رسول اللهﷺجن جي هن فرمان مبارڪ جي حقيقي عڪاسي ڪندڙ آهي. جيڪي مسلمان سمجهن ٿا ته قرآن اڄ به اسان ۾ ائين موجود آهي، جيئن اڳي هو، مٿئين حضورﷺ جن جي ارشاد وارا ڏينهن اڃا ناهن آيا، سي ڀليل آهن. اسان مان قرآن پر ڪري اڏامي هليو ويو آهي. اڄ قرآن کي پوتين ۾ ويڙهي گهر ۾ برڪت لاءِ رکيو ويو آهي. ثواب ڪمائڻ لاءِ ختما ڪري پڙهيو ٿو وڃي، مدرسن ۽ مسجدن ۾ اهڙن ئي مقصدن لاءِ قرآن جون مجلسون زنده ۽ جاويد آهن، پوءِ جي اهڙا مدرسا ۽ مسجدون لکن جي تعداد ۾ شاندار عمارتن سان آباد آهن، تڏهن به انهن جو تعلق وري به زندگيءَ جي اهڙن ئي حصن سان آهي. انهن مدرسن ۽ مسجدن جي وڏن کان وڏن عالمن ۽ اڪابرن جو معاشري ۾ وڏي ۾ وڏو مقام اهو آهي ته کانئن دعا وٺجي، تعويذ وٺجي، سندن واعظ مان ايمان جي تازگي (ذهني تسڪين/ ذهني عياشي) حاصل ڪجي. مالي پريشانيون ٿين، نوڪريءَ جا مسئلا ٿين، گهر ۾ بي برڪتي ٿئي، ذهني سڪون حاصل نه هجي ته اهڙن روحانيت وارن اڪابرن وٽ ماڻهو اچيو ڳاهٽ ٿين ته، اسان خوش ته اسلام زنده آهي. ملا جو ڪاروبار جاري آهي ته پاڻ سمجهيو ته اسلام ۽ قرآن زنده آهي. ختمن جي ماني ۽ صدقن جا ٻڪرا کائي مڇ کي وٽ ڏئي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري مون پارو مولوي چئي ته هيءَ قرآن جي برڪت آهي ته اهو سراسر دوکو آهي.
انساني زندگيءَ جا سرگرم ۽ مؤثر حصا اڄ قرآن ۽ دين حق جي هدايتن کان خالي آهن. زندگيءَ جا سياسي، سماجي ۽ معاشي حصا اڄ به قرآن کان خالي آهن. مسلمانن جي زندگيءَ جي سرگرم حصن ۾ قرآن موجود نه ٿيو ته ڪيئن قبول ڪجي ته قرآن مسلمانن ۾ زنده آهي.
اڄ به انساني اڪثريت غلاميءَ جي زندگي گذاري ٿي. مسلمان اميرن جا خزانا سرمائي سان ڀريل آهن، پر ڪروڙين غريب مسلمان موجود آهن جيڪي پيٽ جي باهه اجهائڻ ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ گڏهن ۽ ڍڳن جيترو ڀوڳين ٿا. نه غذائي ضروتون ميسر آهن، نه صحت حاصل آهي، نه علم حاصل ڪرڻ جا موقعا آهن. محنت ڪشن ۽ پورهيتن تي تمام وڏا ٽيڪس هڻي انهن جي ڪئي ڪمائي ميڙي چونڊي اميرن ۽ مقتدر طبقن جي بي پناهه عياشين جي نظر ڪئي ٿي وڃي. اڳي ته رڳو هڪ خطي جي عوام جي پگهر پورهئي جو استحصال ساڳئي علائقي جي اميرن ۽ مقتدر طبقن جي عياشين لاءِ ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ايم پي اي ايم اين ايز ڇا يوسي ناظم جي حڪمرانن کان وٺي صوبي جي حاڪمن، وري وفاق جي حاڪمن کان ويندي عالمي سامراج تائين وري هيڏانهن تجارتي زندگيءَ ۾ هڪ عام دڪاندار کان وٺي عالمي سرمائيدارن تائين محنت جي استحصال جو هڪ نظام جڙيل آهي، جنهن پورهيت طبقي ۽ محنت ڪشن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ايئن زندگي جا ڪيئي شعبا آهن جتي غريب کي ڦرڻ ۽ ان جي رت جو آخري ڦڙو به نپوڙي ڪڍڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي.
ڇا پوءِ اهو قبول نه ڪجي ته زمانو صدين کان موٽي ان هنڌ پهتو آهي جنهن لاءِ الله تعالى قرآن ۾ فرمايو ته: (انسان) چاڙهي چڙهي نه سگهيو“
نبيﷺجن پنهنجي انقلاب مڪمل ڪرڻ واري موقعي تي فرمايو هو: اڄ زمانو ڦري ان هيئت تي آيو آهي. جنهن تي پيدا ٿيو هو.“ يعني پنهنجي قدرتي حالت تي، جنهن ۾ ڪوبه ظلم فساد ۽ استحصال نه هو. پر ان کان پوءِ زمانو گهڻو گذري چڪو آهي. هاڻي مسلمان ان حالت کان ڦري ۽ دنيا ان حالت مان ڪڏهوڪو نڪري وري اچي ان هنڌ بيٺي آهي جنهن لاءِ قرآن چيو: ”انسان چاڙهي چڙهي نه سگهيو“. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته جتي اڳيون قومون هيون اسان اتي پهتل آهيون ۽ هيءَ اسان جي حالت تحمل دين ۽ تحمل قرآن جي رتبي کان ڪرڻ جي ڪري آهي. ان ڪري آهي ته قرآن اسان جي زندگين منجهان نڪري چڪو آهي.
اسان دين حق ۽ قرآن جا صحيح حامل تڏهن ٿي سگهنداسين، جڏهن اسان قرآن ۽ دين حق جي ذريعي زندگيءَ جي سرگرم حصن سياست، معيشت ۽ معاشرت ۾ پورهيت ۽ محنت ڪش جي استحصال ۽ انساني غلامين جي خاتمي جو سبب بڻجندا سين ۽ دين حق کي زندگيءَ جي سرگرم ۽ مؤثر حصن ۾ انساني فائدي جي قابل بنائينداسين.