اسلام ڇا آهي؟ : احمد الدين شر بلوچ
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھڻ لڳي ته زمين ۽ آسمان ۾ ڪنهن جي بادشاهي آهي ئي ڪانه ۽ پوءِ هو ڪنهن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ کانسواءِ، پنهنجي سَڌن مطابق، جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري؛ ته اهڙي سوچ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي ٻئي ڪنهن انسان سان لاڳاپن بابت هجي ها ته ڪنهن حد تائين کڻي ان کي مڃي سگھجي پيو. پر جڏهن اها سوچ انسان ۽ سندس پالڻهار بابت هجي؛ جنهن کيس پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو، پنهنجي نعمتن سان تاتي نپائي وڏو ڪيو ۽ کيس سنئين واٽ ڏيکاري ۽ پوءِ ان تي هلڻ جي توفيق بخشي؛ ته اهڙي سوچ کي مڃڻ جي ڪابه واٽ نظر ڪانه ٿي اچي. انسان لاءِ تمام ضروري آهي ته هو الله تعالى جي حڪمن ۽ مرضيءَ اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏي.
وَمَنْ يُّسْلِمْ وَجْہَہٗٓ اِلَى اللہِ وَہُوَمُحْسِنٌ فَقَدِ اسْتَمْسَكَ بِالْعُرْوَۃِ الْوُثْقٰى۰ۭ وَاِلَى اللہِ عَاقِبَۃُ الْاُمُوْرِ۲۲ ﴿لقمان﴾
”جيڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ عملي طرح سان به نيڪو ڪار هجي ته اهڙي ماڻهوءَ ڄڻ ته هڪ مضبوط رسيءَ کي پڪڙي ورتو ۽ شين جي پڇاڙي ۽ انجام ته الله تعاليٰ جي وس ئي آهي.“
خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت ان کانسواءِ آخر ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جنهن کي زمين جي ڪنهن ٽڪري تي ٿورو وقت گھارڻ کان پوءِ وري به پنهنجي خلقڻهار ڏانهن موٽي وڃڻو آهي، ته انسان پنهنجي پالڻهار جو مڪمل فرمانبردار ٿي رهي. پوءِ سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو لاڳاپو اڻ ڄاڻائي تي مبني ۽ باغيانه هئڻ گھرجي يا سڃاڻپ ۽ خود حوالگي وارو؟
فطرت جي گھرج ته اها آهي ته انسان پنهنجي پالڻهار کي سڃاڻي، ان جي حڪمن کي مڃي ۽ ان جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري. اهو ئي اسلام جو مقصد آهي جنهن جي لاءِ سڀني رسولن تعليم ڏني. الله تعالى فرمائي ٿو:
اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ۰ۣ ۱۹﴿آلعمران﴾
”بيشڪ دين ته الله تعالى وٽ اسلام ئي آهي.“
جڏهن ڪو به انسان الله تعالى جي حڪمن اڳيان فرمانبرداريءَ ۾ پنهنجو مٿو ٽيڪڻ جو اعلان ڪندو آهي ۽ سندس هدايتن جو احترام ڪندي انهن تي عمل ڪندو آهي ته ڄڻ هو ان وقت سڄي ڪائنات جي سُر سان سُر ملائيندو آهي، جيڪا پوريءَ طرح پنهنجي پالڻهار جي حڪمن اڳيان ڪنڌ نوائي سندس عظمت جو اعلان ڪري رهي هوندي آهي.
اَفَغَيْرَ دِيْنِ اللہِ يَبْغُوْنَ وَلَہٗٓ اَسْلَمَ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْھًا وَّاِلَيْہِ يُرْجَعُوْنَ۸۳﴿آلعمران﴾
”پوءِ هي ماڻهو الله تعالى جي فرمانبرداري وارو رستو (الله جو دين) ڇڏي ڪو ٻيو دڳ ڳولڻ گھرن ٿا ڇا؟ جڏهن ته آسمان ۽ زمين جون سڀئي شيون سرهو ٿي توڙي ارهو ٿي الله تعالى جي اڳيان فرمانبردار (مسلم) ٿي ڪنڌ جھڪائي چڪيون آهن ۽ انهيءَ (الله) ڏانهن ئي سڀني کي موٽڻو آهي.“
اهڙو ماڻهو غلطي ڪندڙ هوندو، جيڪو هيءُ سمجھي ويهي ته اسلام رڳو انهيءَ دين جو نالو آهي جيڪو اڄ کان پندرهن سؤ سال اڳ حضرت محمد ﷺ جن آندو هئو. حقيقت هيءَ آهي ته، اسلام انهن سڀني نبين ۽ رسولن جو پيغام رهيو آهي، جيڪي انسان جي پيدائش کان وٺي اڄوڪي ۽ قيامت تائين اچڻ وارن سڀني انسانن جي هدايت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. اها ڳالهه بلڪل سچ آهي ته اسلام جي حقيقت پنهنجي ڪمال ۽ آخري شڪل ۾ حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى ﷺ جن جي رسالت ۾ پهتي. جڏهن ته قرآن ڪريم بنا ڪنهن فرق جي سڀني نبين جي پيغام کي اسلام جو ئي نالو ڏنو آهي.
حضرت يعقوب ؑ، جنهن جو لقب ”اسرائيل“ آهي، تنهن نه رڳو ماڻهن کي اسلام ڏانهن سڏيو، پر مرڻ گھڙيءَ تائين پاڻ به انهيءَ تي ڄميو رهيو. ايتري تائين جو پنهنجي پويرَ کي به اهائي وصيت ڪيائين:
اَمْ كُنْتُمْ شُہَدَاۗءَ اِذْ حَضَرَ يَعْقُوْبَ الْمَوْتُ۰ۙ اِذْ قَالَ لِبَنِيْہِ مَا تَعْبُدُوْنَ مِنْۢ بَعْدِيْ۰ۭ قَالُوْا نَعْبُدُ اِلٰہَكَ وَاِلٰہَ اٰبَاۗىِٕكَ اِبْرٰھٖمَ وَاِسْمٰعِيْلَ وَاِسْحٰقَ اِلٰــہًا وَّاحِدًا۰ۚۖ وَّنَحْنُ لَہٗ مُسْلِمُوْنَ۱۳۳﴿البقرة﴾
”پوءِ ڇا تون ان وقت اتي موجود هئين جنهن وقت يعقوب عليه السلام هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري رهيو هئو. هن مرڻ وقت پنهنجي پٽن کان پڇيو ته منهنجا ٻچڙؤ! مونکان پوءِ توهان ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ انهن سڀني جواب ڏنو ته اسان انهيءَ هڪڙي الله جي عبادت ڪنداسين جنهن کي توهان ۽ توهان جي وڏڙن ابراهيم ؑ ۽ اسماعيل ؑ ۽ اسحاق ؑ جن پنهنجو خدا ڪري مڃيو آهي ۽ اسان انهيءَ (ئي الله) جا فرمانبردار آهيون.“
حضرت عيسى ؑ به پنهنجي پوئلڳن کي الله تعالى جي فرمانبرداري ۽ سچي دل سان ٻانهپ ڪرڻ سيکاري:
وَاِذْ اَوْحَيْتُ اِلَى الْحَوَارِيِّيْنَ اَنْ ٰاٰمِنُوْا بِيْ وَبِرَسُوْلِيْ۰ۚ قَالُـوْٓا اٰمَنَّا وَاشْهَدْ بِاَنَّنَا مُسْلِمُوْنَ۱۱۱
﴿المائدة﴾
”۽ جڏهن مون (الله) حوارين کي اشاري سان چيو ته مون تي ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيو تڏهن انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ شاهد هج ته اسان فرمانبردار (مسلمان) آهيون.“
توريت جي باري ۾ اچي ٿو:
اِنَّآ اَنْزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِيْہَا ہُدًى وَّنُوْرٌ۰ۚ يَحْكُمُ بِہَا النَّبِيُّوْنَ الَّذِيْنَ اَسْلَمُوْا لِلَّذِيْنَ ہَادُوْا وَالرَّبّٰنِيُّوْنَ وَالْاَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُوْا مِنْ كِتٰبِ اللہِ وَكَانُوْا عَلَيْہِ شُہَدَاۗءَ۰۴۴﴿المائدة﴾
”اسان توريت نازل ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ چٽائي هئي. سڀئي نبي جيڪي فرمانبردار (مسلم) هئا انهيءَ جي ئي حڪمن موجب يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ ئي طرح درويش ۽ ڏاها ماڻهو به (انهيءَ توريت مطابق فيصلا ڪندا هئا) ڇو ته کين ڪتاب الله جي حفاظت جو ذمو کڻايو ويو هئو ۽ انهيءَ تي اهي پاڻ شاهد به هئا.“
اسلام ٻن بنيادي حقيقتن کان بنا اڻ پورو آهي. انهن مان پهرين آهي الله تعالى جي صحيح سڃاڻ ۽ سندس مان ۽ مرتبي موجب ربوبيت جو قولي ۽ عملي اقرار. جنهن به ماڻهو، الله تعالى سان ڪنهن ٻي شيءِ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجھيو يا ڪنهن شيءِ کي ان جهڙو سمجھيو يا هي سمجھيو ته هو جنهن مادي دنيا ۾ رهي پيو، الله تعالى به تنهن مان ڪنهن هڪ شيءِ جهڙو آهي، ته اهڙي ماڻهوءَ کي مسلمان نٿو سمجھي سگھجي. الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ تمام گھڻو ضروري آهي. ان کان پوءِ ٻي حقيقت آهي سندس فرمانبرداري ۽ ان جي سڀني حڪمن کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ.
قرآن مجيد ۾ الله تعالى جي پاڪائي، ان جي واکاڻ، ان جي سهڻن نالن ۽ اوچين صفتن ۽ عظمت کي جنهن انداز سان پڌرو ڪيو ويو آهي، تنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به قديم آسماني يا زميني ڪتاب يا ڪلام ۾ نٿو ملي. جڏهن قرآن پاڪ کي پڙهبو ته سڀڪنهن شيءِ تي الله تعالى جي رکوالي ۽ ظابطو محسوس ڪبو:
قُلِ اللہُ اَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوْا۰ۚ لَہٗ غَيْبُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۰ۭ اَبْصِرْ بِہٖ وَاَسْمِعْ۰ۭ مَا لَہُمْ مِّنْ دُوْنِہٖ مِنْ وَّلِيٍّ۰ۡوَلَا يُشْرِكُ فِيْ حُكْمِہٖٓ اَحَدًا۲۶ ﴿الڪهف﴾
”آسمان ۽ زمين جون سڀئي لڪيل خبرون کيس معلوم آهن، وڏو ئي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي. (زمين ۽ آسمان جي مخلوق جو) ان کان سواءِ ڪو ٻيو سنڀاليندڙ نه آهي ۽ هو پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن کي ڀائيوار نٿو ڪري.“
انسان پنهنجو پاڻ کي ان هستيءَ جي حوالي آخر ڇو نه ڪري، جيڪو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي، سڀني ڪمن جي جوڙ جڪ ڪندڙ آهي، سڀڪجھه ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي گھيرائي ٿو، هوائون گھلائي ٿو، ڀٽڪيلن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ واري راهه ڏيکاري ٿو؛ پوءِ اهڙي الله تعالى لاءِ جڏهن به ڪو ماڻهو پٽ بڻائي ٿو يا سندس ٻانهن مان ڪنهن کي سندس جهڙو ڪري سمجھي ٿو تڏهن الله تعالى ان تي سخت ڏمرجي ٿو. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙن ماڻهن لاءِ فرمائي ٿو:
قَالُوا اتَّخَذَ اللہُ وَلَدًا سُبْحٰنَہٗ۰ۭ ھُوَالْغَنِيُّ۰ۭ لَہٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ۰ۭ اِنْ عِنْدَكُمْ مِّنْ سُلْطٰنٍؚبِہٰذَا۰ۭ اَتَقُوْلُوْنَ عَلَي اللہِ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۶۸قُلْ اِنَّ الَّذِيْنَ يَفْتَرُوْنَ عَلَي اللہِ الْكَذِبَ لَا يُفْلِحُوْنَ۶۹ۭ ﴿يونس﴾
”ماڻهن چيو ته الله ڪنهن (ماڻهوءَ) کي پنهنجو پٽ بڻايو آهي. سبحان الله، هو ته بي پرواهه آهي. آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجھه آهي سو سڀ سندس ملڪيت آهي. توهان وٽ توهان جي انهيءَ قول جو ڪهڙو دليل آهي؟ يا توهان الله جي باري ۾ اهڙي ڳالهيون ڪريو ٿا جن جي توهان کي خبر ئي ناهي. (اي پيغمبر!) چئي ڏي ته جيڪي الله تعالى تي ڪوڙ هڻندا آهن سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.“
الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ کان پوءِ وارو آهي سندس پوري پوري فرمانبرداري ۽ ٻانهپ جو. پنهنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏڻ، سندس حڪمن اڳيان ڪنڌ نوائڻ ۽ ٻئي پاسي وري سندس نافرماني ۽ حڪمن کان بغاوت، اهي ٻئي ڳالهيون ڪنهن به انسان جي اندر هڪ ئي وقت ٽڪاءُ نٿيون ڪري سگھن. پوءِ ڇا ان جو مطلب اهو ٿيو ته مسلمان ڪڏهن ڪو گناهه جو ڪم ڪري ئي نٿو سگھي؟
سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان کان ڪو ڏوهه ٿي به وڃي ٿو ته اصل ۾ اها سندس ڀُل هوندي آهي، جيڪا غير ارادي طور کانئس ٿي ويندي آهي. هو بنا ڪنهن دير جي ان تي شرمسار ۽ پشيمان ٿيندو آهي ۽ ان ڪڌي ڪم کان آئينده جي لاءِ ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن سندس ڏاهپ کي ڪو ڏنگ لڳي وڃي يا سندس سمجھه، ارادي، جرئت ۽ سگھه ۾ ڏٻرائپ اچي وڃي ته ان انسان کي اسلام جي دائري مان ڪڍي نٿو سگهجي.
اِنَّ الَّذِيْنَ اتَّقَوْا اِذَا مَسَّہُمْ طٰۗىِٕفٌ مِّنَ الشَّيْطٰنِ تَذَكَّرُوْا فَاِذَا ہُمْ مُّبْصِرُوْنَ۲۰۱ۚ
﴿الأعراف﴾
”حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن انهن جو حال ته هيءُ هوندو آهي جو جڏهن به شيطان جي اثر کان کين ڪو برو خيال ايندو به آهي ته اتي جو اتي هوشيار ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ هنن کي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته انهن لاءِ حق جي راهه ڪهڙي آهي.“
اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ جن اهڙي شرابيءَ تي لعنت وجھڻ کان منع فرمائي آهي، جيڪو ان کي ڏوهه ته سمجھندو هجي پر ان جي هير (عادت) سندس ارادي جي سگھ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هجي. ڇو ته ان قسم جي شرابيءَ جي نوعيت انهيءَ ماڻهوءَ يا معاشري جهڙي بلڪل نه ٿي ٿي سگھي جيڪو الله جي حڪم کي ڪا به اهميت نه ڏيندو هجي ۽ شراب کي جائز سمجھندو هجي، ان جو واپار به وڏي واڪ ڪندو هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي انهيءَ ڪرتوت کي ڪو ڏوهه به نه سمجھندو هجي.
رسول الله ﷺ جن هڪ اهڙي امت پيدا ڪئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي پوري طرح الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پرهه ڦٽيءَ کان وٺي سومهڻيءَ تائين وڏي ڌيان سان پنهنجي پالڻهار جي مرضيءَ موجب پنهنجو عبادتون ۽ زندگيءَ جا ٻئي ڪم ڪاريون ڪندا رهندا هئا.
قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۱۶۲ۙ ﴿الأنعام﴾
”چئو، منهنجي نماز، منهنجي ٻانهپ جون سڀئي ريتون رسمون، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ، منهنجو سڀ ڪجھه جهانن جي پالڻهار جي لاءِ آهي جنهن سان ڪو به ڀاڱي ڀائيوار نه آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهريان مان پاڻ سندس فرمانبرداري ۾ ڪنڌ جهڪائڻ وارن مان ٿيان.
اهڙيءَ طرح انهيءَ جماعت رسول الله ﷺجن جي حڪمن ۽ هدايتن کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو سمجھيو هو.
فَلَا وَرَبِّكَ لَا يُؤْمِنُوْنَ حَتّٰي يُحَكِّمُوْكَ فِيْمَا شَجَــرَ بَيْنَھُمْ ثُمَّ لَا يَجِدُوْا فِيْٓ اَنْفُسِہِمْ
حَرَجًا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوْا تَسْلِــيْمًا۶۵ ﴿النساء﴾
”(اي محمد! ﷺ) تنهنجي رب جو قسم، اهي ماڻهو تيستائين مؤمن نٿا ٿي سگن جيستائين پاڻ ۾ ٿيل جھيڙن جھڳڙن ۾ توکان فيصلو نه ڪرائن. پوءِ وري جڏهن تون ڪو فيلصو ڪري ڏئين ته انهيءَ بنسبت سندن دل ۾ تنگي محسوس نه ڪن، پر تنهنجي فيصلي کي دل و جان سان مڃي وٺن.
پنهنجي پالڻهار جي اڳيان سندس فرمانبرداري ۾ ڪنڌ جھڪائي ڇڏڻ ۾ ڀلائي آهي ته عزت آبرو ۽ مان مرتبو به انهيءَ ۾ ئي آهي ۽ انهيءَ جو ئي نالو اسلام آهي.