مال خرچ ڪرڻ بابت قرآن جا حڪم : نور احمد ميمڻ
**
دردناڪ عذاب واري انهيءَ ڏينهن جي آگاهي ڏئي ڇڏي، جڏهن انهن جو گڏ ڪيل سون چانديءَ جو ڍير باهه ۾ تپايو ويندو ۽ ان سان سندن مٿا، پاسا ۽ پٺيون ڏنڀيون وينديون ۽ ان وقت کين چيو ويندو ته هي آهي اهو خزانو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪري رکيو هو، تنهن جو مزو اڄ چکي وٺو. (توبه 9)
**
بيشڪ الله تعاليٰ مومنن کان سندن جانيون ۽ مال ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن، انهيءَ معاهدي سان خريد ڪيون آهن ته انهن مومنن کي جنت جي دائمي زندگيءَ جي ضمانت آهي. (ان صورت ۾ جان توڙي مال امانت آهي جيڪا ان جي حڪمن مطابق صرف ٿيڻي آهي) مومن ڪنهن دنيائي مقصد لاءِ نه پر الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ٿا، پوءِ قتل به ڪن ٿا ۽ قتل به ٿين ٿا. اهو معاهدو ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. اهو پوين آسماني ڪتابن تورات ۽ انجيل ۾ اعلان ڪيل هو ۽ هاڻي قرآن ۾ به ورجايو ويو آهي. انهيءَ عهد کي پورو ڪرڻ الله پنهنجي ذمي رکيو آهي. ۽ الله کان وڌيڪ ڪير آهي جيڪو پنهنجو واعدو ٺيڪ طرح پورو ڪرڻ وارو هجي، پوءِ (اي مسلمانو) پنهنجي هن سودي تي جيڪو توهان الله سان ڪيو آهي خوشيون ڪيو ۽ اهائي وڏي ۾ وڏي فتح ۽ ڪامراني آهي.(توبه 111)
**
جيڪي فرمانبردار آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي انفرادي مفاد جي پٺيان هلڻ جي بجاءِ ان جي فرمانبرداري تي لازمي ۽ دائمي طرح هلن ٿا. اهڙي طرح اهي پنهنجي تنگ دليءَ کي وڏ وڙائي سان بدلائي انهيءَ حقيقت کي سمجهي وٺن ٿا ته سندن مال صرف انهن جي انفرادي مفاد جي لاءِ ناهي. بلڪ انهيءَ ۾ انهن ماڻهن، جن جون ضرورتون سندن ڪمائيءَ مان پوريون نه ٿيون ٿين يا جيڪي ڪمائڻ جي لائق نه رهي پنهنجي ضروريات زندگيءَ کان محروم ٿا رهن، تن جو حق آهي. سي ئي ماڻهو آهن جيڪي بدلي ملڻ واري ڏينهن تي پڪو يقين رکن ٿا ۽ پنهنجي عمل سان ان جي تصديق ٿا ڪن ۽ انهيءَ اصول جي خلاف ورزيءَ جي نهوڙيندڙ نتيجن کان هميشه خوف ۾ ٿا رهن.
(معارج 22-27)
**
۽ الله تعاليٰ اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان رزق جي باري ۾ بهتري ڏني آهي (جو ڪي وڌيڪ ڪمائن ٿا ۽ ڪي گهٽ) پوءِ ائين ڇو نه ٿو ٿئي جو جنهن کي زياده رزق ڏنو ويو آهي سو پنهنجو رزق پنهنجي زيردستن کي ڏئي ڇڏي. حالانڪ سڀ ان ۾ هڪجهڙا حقدار آهن، پوءِ ڇا هي ماڻهو الله جي (ڏنل موقعن ۽) نعمتن کان پڌرا منڪر ٿي رهيا آهن.؟ (نحل 71)
**
زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهوارو ڪونهي، جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي، انهيءَ ڪري جو هو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن به ساهواري جي ڪنهن به هڪ منزل تي رسڻ ۽ وري وڌي اڳئين منزل تي رسڻ (لاءِ اوسر جي ڪهڙي سامان جي ضرورت پوندي) هي سڀ ڪجهه الله جي مشيت واري ڪتاب ۾ درج آهي. (انهيءَ ڪري الله جي مشيت کي پورو ڪرڻ وارو نظام به اهوئي ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪوبه ساهوارو رزق کان محروم نه هجي.) (هود 6)
**
هي اسانجو واعدو آهي مومنن جي ان جماعت سان جيڪي اسان جي قانونن مطابق عملي زندگي گذاريندا ته ضرور انهن کي بلندين ۽ فراوانين جي اهڙي زندگي عطا ڪنداسين جنهن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ اهي هميشه سدابهار رهندا. ڏسو ته اسان ڪم ڪندڙن کي سندن ڪم جو ڪيڏو نه ڀلو بدلو ٿا ڏيون. يعني انهن ماڻهن کي جيڪي ان پروگرام تي نهايت استقامت سان عمل پيرا رهن ٿا ۽ الله جي قانونن جي ٺوس هئڻ تي پورو ڀروسو رکن ٿا. (اهي ڪڏهن به ان ٻڏتر ۾ نٿا پون ته الله جي راهه ۾ نڪرڻ سان کاڌو ڪٿان ملندو ۽ پنهنجي محنت جي ڪمائي کي انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ عام ڪيون ته پاڻ ڪٿان کائينداسين.) ٿورو ڪائنات ۾ غور ڪيو ته ڪيترا ساهوارا آهن جيڪي پنهنجو رزق پٺيءَ تي سٿي ڦرندا ٿا وتن؟ الله پنهنجي پالڻهاريءَ جي قانون هيٺ کين روزي رسائي ٿو ۽ اوهان کي به اهڙي طرح رزق ملندو ويندو.
(عنڪبوت 58-60)
**
جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪو رزق توهان کي الله کان مليو آهي ان کي حاجتمندن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کليل رکو ته اهي الله جي پالڻهاريءَ واري نظام جا منڪر، ان نظام جي مڃيندڙن کي چون ٿا ته جيڪڏهن الله جي مرضي اهائي هئي ته رزق جي تقسيم ايئن ٿئي جو دنيا ۾ ڪوبه بکيو نه رهي ته الله پاڻ ئي اهڙو انتظام ڇو نه ڪيو؟ ايئن چئي ڪيڏي نه پڌري گمراهيءَ جي ڳالهه ٿا ڪن، (جو ايئن ڪرڻ الله لاءِ ناممڪن نه هو پر ان سان انسان اختيار ۽ ارادي جي شرف ۽ آزمائش کان محروم ٿي وڃي ها.)
(يس 47)
**
۽ ياد رکو ته جيڪي توهان جا مائٽ آهن، جيڪي به مسڪين آهن ۽ جيڪي به بي سمر ۽ بي يار مسافر آهن انهن سڀني جو اوهان تي حق آهي ۽ انهن جو حق ادا ڪندا رهو ۽ مال دولت کي ايئن اجايو عياشين ۽ ڏيکاءَ تي خرچ نه ڪيو، جيئن بيجا لٽائڻ ٿيندو آهي. اجايو خرچ ڪندڙ (جيڪي بيجا طور عياشين ۽ ڏيکاءَ تي مال لٽائيندا آهن) شيطانن جا ڀائي بند آهن ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جي نعمتن جو بي شڪرو آهي. (بني اسرائيل 26-27)
**
الله تعاليٰ جيڪو توکي هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان تون سخاوت ڪري آخرت جي گهر لاءِ تلاش ۽ طلب ڪر. ۽ دنيا ۾ تنهنجو (پنهنجي ضرورتن پورين ڪرڻ جو) جيڪو حصو آهي سو به نه وسار ۽ جيئن الله تعاليٰ توتي احسان ڪيو آهي تيئن تون به ماڻهن تي احسان ڪر. معاشري ۾ ناهموارين جو فساد نه مچاءِ. الله تعاليٰ اهڙن فساد مچائيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (قارون جواب ۾ چيو ته) مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل، هنر ۽ محنت) سان هٿ ڪئي آهي. ڪاش کيس اها خبر هجي ها ته الله تعاليٰ هن کان اڳي گهڻين ئي قومن کي (سندن سندن مهارت جي تڪبر ۽ ان جي نتيجي ۾ ناانصافين سببان) برباد ڪري چڪو آهي جيڪي طاقت ۾ قارون کان گهڻو وڌيڪ هئا ۽ مال دولت به گهڻو گڏ ڪيو هئائون. اهڙن مجرمن کي سندن ڏوهن سببان هڪدم ۽ بروقت باز پرس ڪونه ٿيندي آهي. (بلڪ انهن ڏوهن جو فطري نتيجو وقت سر نروار ٿيندو آهي.)
(قصص 77-78)
**
۽ جڏهن انهن جي زندگي ٻيو پهلو بدلائي ٿي ۽ مٿن رزق جي تنگي ٿي وڃي ٿي ته اهي هي نٿا سوچن ته اهو سندن ڪهڙي غلط روش جو نتيجو آهي، هو رڙيون ٿا ڪن ته خدا اسان کي ناحق ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو. ايئن هرگز ڪونهي، الله ايئن ئي بنا سبب جي ذليل خوار نه ڪندو آهي. توهان جو ايئن ذليل ٿيڻ هن سببان آهي جو اوهان اهڙو معاشرو قائم ڪري رکيو هو جنهن ۾ يتيمن ۽ بيواهن جي عزت ۽ خبرگيري ڪونه ٿيندي هئي. محروم ۽ مسڪين ماڻهن جي ضرورتن ۽ کاڌي پيتي جي مدد نه ٿيندي هئي ۽ نه ٻين کي ان جي ترغيب ڏئي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. ان جي ابتڙ توهان وراثت جو مال به سوري پوري اٽڪلن سان کائي پئي ويؤ ۽ دولت سان ايتري قدر محبت پئي ڪئي جو چاهيو پئي ته سڀ مال توهان وٽ اچي ڪٺو ٿي وڃي. (انهيءَ قسم جو نظام هميشه قائم نٿو رهي سگهي، کين چؤ ته اهو دور ايندو) جڏهن انهيءَ هيٺاهين مٿاهين کي سنوت ۾ آڻي معاشي همواريون پيدا ڪيون وينديون، تنهنجو پالڻهار سڀني ڪائناتي قوتن کي ترتيب سان سڄي جهان جي ماڻهن جي نشوونما لاءِ وقف ڪندو. (فجر 16-22)
**