عدل ۽ احسان : مولانا عبيداالله سنڌي ؓ
”دين جا ٻه اهم ٿنڀ آهن (1) تهذيب اخلاق (پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ) يعني عقائد جي تصحيح سان گڏ نيڪ ۽ صالح عملن جو التزام (انهن کي لازم ڪري وٺڻ) ان جو ٻيو نالو احسان آهي. (2) حقوقِ اجتماعيت، يعني پاڻ ملي جلي رهڻ جي ڪري جيڪي هڪ ٻئي تي حق لازم ٿين ٿا انهن کي ادا ڪرڻ.
هيءَ اجتماعيت (گڏجي ڪري رهڻ) هڪ ڪٽنب ۽ خاندان کان شروع ٿي ڪري هڪ بين الاقوامي صورت اختيار ڪري ٿي هن ۾ تدبير منزل، (گهريلو يا خانداني زندگيءَ کي منظم ۽ مستحڪم ڪرڻ) اجتماعيت قريھ، (ڳوٺاڻي زندگي) اجتماعيت مدنيھ شهري زندگي ۽ اجتماعيت بين الاقوامي سڀئي شامل آهن. اجتماعيت مدينھ کي اڄ جي سياسي اصطلاح ۾ قومي اجتماعيت جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي.
حقوق اجتماعيت جي تقاضا هيءَ آهي ته انسان پنهنجي معاشرتي زندگي ۾ تعاون ۽ امداد سان زندگي بسر ڪري (يعني ضرورت جي وقت ۾ هڪ ٻئي کان مدد وٺي ۽ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجي. مثال طور. جيئن والدين پنهنجن ٻارن جي تربيت ۽ پرورش ڪندا آهن، پر جڏهن اهي پوڙهائپ کي پهچن ته سندن جي اولاد تي فرض آهي ته انهن جي پرگهور لهي. انهن جي خدمت ڪري. گڏوگڏ اها مٽي مائٽي جي رشتي جي تقاضا ۽ حڪمت به آهي.
ائين ئي هڪ اجتماعي يا قومي زندگيءَ ۾ سرنديءَ وارن جو فرض آهي ته اهي پنهنجن علائقن جي غريبن ۽ مسڪينن، ڪمزورن ۽ بيمارن جي خدمت ۽ مدد ڪن. ان ”عمل“ جو ٻيو نالو عدل آهي.
عام طور تي چيو ويندو آهي ته عدل، قومي زندگيءَ ۾ ٻن شين کي لازم ٿو ڪري. هڪ ان قوم سان عداوت ۽ قطع تعلقات جيڪا هن قوم سان عداوت رکي ٿي. ٻيو ان قوم سان محبت ۽ دوستي ۽ سٺا تعلقات جيڪا هن سان ائين ڪري ٿي. عام ماڻهن جي زبان ۾ سياست هنن ٻنهي ڪيفيتن يعني عداوت ۽ دوستيءَ سان جڙي ٿي، پر اهل حڪمت ۽ دانش ڄاڻن ٿا ته سياست اجتماعي حقن جي ادائگيءَ جو نالو آهي ۽ سياست انهن وٽ ماڻهن جي بنيادي گهرجن پوري ڪرڻ سان عدل قائم ڪرڻ ۽ دشمن سان جنگ ڪرڻ جو نالو آهي.
حڪيمن وٽ عدل ۽ احسان ٻئي سياست جا جز آهن. احسان ۽ عدل ۾ اهي تفريق نه ڪندا آهن. ڪنهن به آسماني مذهب ۾ انهن کي الڳ نه ڪيو ويو آهي، ڇو ته هي ٻئي شيون تقوي جي برابري جو درجو رکن ٿيون. پر جڏهن سوسائٽي جو نظام بڇڙو ٿي پوندو آهي ته اتي احسان ۽ تهذيب اخلاق کي دين جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ بڇڙائيءَ جون محرڪ طاقتون سياست کي الڳ ڪري پنهنجي نفساني خواهشن جي تابع ڪري ڇڏينديون آهن. ملڪ جو قانون دين جي ٻڌايل عدل واري لازمي تقاضا جي هيٺان نه هوندو آهي. آسماني تعليم جي مطابق اهو فساد آهي. ۽ اهو ئي فساد بني اسرائيل ۾ رائج ٿيو هو.
اهو فساد دين ۾ تحريف جو سبب بڻجي وڃي ٿو. مان هنن ٻنهي ڳالهين جو يهودين ۾ تجربو ڪيو آهي. سندن مذهب هاڻي باطل پرستي ۽ وهم پرستي ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، حالانڪه هي هڪ وڏو مذهب هيو. اڄ انهن جي ڪتابن مان حق ۽ باطل جي نکيڙ ڪرڻ مشڪل ٿي پئي آهي. ڇو ته انهن ۾ احسان جي تجديد ڪرڻ وارا پيدا نه ٿي سگهيا آهن ۽ انهن پاڻ کي بطور مذهب جي به سياست کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.
پر جيئن ته سياست کان ڪلي طور تي منهن موڙڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري هنن مختلف خواهشن جي هيٺ اچي ڪري پاڻ کي گروهن ۽ ٽولن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، پاڻ کي جنگ ۽ جدل جي باهه ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿن. تنهن ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو انهن جي ڪتابن مان ايمان، اسلام ۽ احسان جي سلسلي ۾ حق ۽ باطل جي نکيڙ نٿي ڪري سگهجي. ائين ئي جيڪڏهن هندن جي ڪتابن کي ڏسبو ته انهن ۾ به حق پنهنجن سمورين صورتن ۽ شڪلن ۾ موجود آهي پر ان تي باطل پنهنجي پوشاڪ ويڙهي ڇڏي آهي. حق موجود ته آهي پر باطل سان گهليل مليل. اهڙي طرح اسان جي مسلمانن جي فرقن ۾ به حق ۽ باطل گهليل ۽ مليل آهي. ڇو ته هتي به عدل ۽ احسان ۾ فرق ڪيو ويو آهي. اسان هن مسئلي جي باريڪي ۽ ان جي نتيجن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا. (حضرت سنڌي جن فرمائن ٿا ته احسان کي عدل کان جدا نه ڪيو وڃي.)
”پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو احسان کي عدل کان الڳ رکي ٿو.“ يعني پنهنجن عقيدن ۽ اخلاقن کي ته سڌاري ٿو ليڪن شِهر، قوم ۽ ملڪ جي حقن جي ڪا به پرواهه نه ٿو رکي ۽ ملڪي سياست کان پري رهڻ کي پسند ڪري ٿو ته ان ماڻهوءَ ڄڻ ته الله جي دين جو انڪار ڪيو. سياست کي دين کان جدا ڪرڻ واري صورت ۾ جيڪو برو نتيجو مرتب ٿئي ٿو ان جو بيان هن آيت ۾ ڪيو ويو آهي: ”اولئک الذين اشتروا الحيوت الدنيا“ يعني اهي اُهي آهن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي خريد ڪئي. پوءِ کانئن عذاب هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نه ڪي کين مهلت ڏبي. (يعني اهي ماڻهو جيڪي احسان کي عدل کان جدا ٿا ڪن اهي پنهنجن نفساني خواهشن جا غلام بڻجي دنيا جا غير شعوري طلبگار بڻجن ٿا.)
(الهام الرحمان، ص 137-138)