مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

انسانيت تي شاهد امت جو بنياد : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

قرآن مجيد جي بنيادي مقصدن ۾ هڪ اهڙي امت جي تشڪيل انتهائي اهميت رکي ٿي، جيڪا بنيادي طور تي عقيدي ۽ شريعت جي پابند هجي ۽ ان بنياد تي پنهنجي نسل جي پرورش ڪري ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجو پيغام عام ڪري. صرف اهو ئي واحد طريقو آهي، جنهن سان پوري انسانيت جي خير ۽ فلاح جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. اهڙي امت جي تشڪيل اهڙين مشڪل ۽ صبر آزما حالتن ۾ ممڪن نه هئي، جيڪي ابتداءِ اسلام ۾ درپيش هيون. ڇو ته اسلام جو طلوع جاهليت جي اهڙي تاريخي دؤر ۾ ٿيو جو انسانن کي قبيلن ۾ تقسيم ڪيو ويو هيو، قبائلي عصبيت عروج تي هئي. پنهنجي قبيلي سان نسبت ئي انسان جي سلامتي ۽ عزت جو باعث هئي، نه ته ان جو وجود ۽ بقا ممڪن نه هئي. قبيلو ئي ماڻهن جي حسب ۽ نسب ۽ طاقت ۽ سلامتيءَ جو ضامن هيو. ان کان سواءِ سياسي ۽ معاشرتي اعتبار کان به ان جو تحفظ ممڪن نه هيو. قبيلائي سردارن جي وڏي عزت ۽ تعظيم هئي. اهو پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي جائز توڙي ناجائز، هر طرح مدد ۽ حمايت ڪندو هو.
قبائلي ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙيل ماڻهو پنهنجي سردار جي مرضيءَ کانسواءِ ساهه به نه کڻي سگهندا هئا، جيڪڏهن سردار ڪنهن ماڻهوءَ تي راضي ٿي پوندو هو ته قبيلي جا سمورا فرد ان ماڻهوءَ تان ساهه فدا ڪندا هئا، پر جيڪڏهن هو ڪنهن تي ناراض ٿي پوندو هو ته قبيلي جا سمورا ماڻهو ان جو بائيڪاٽ ڪندا هئا. انهن سمورن جو هڪ ئي نعرو هو ته پنهنجي قبيلي واري جي مدد ڪريو پوءِ ڀلي اهو ظالم هجي توڙي مظلوم. (اهوئي ساڳيو ئي سلسلو هينئر سنڌ جي قبائليت ۾ به پيدا ٿي چڪو آهي. قبيلي جا سمورا ماڻهو سردار جي هڪ اشاري جا منتظر هوندا هئا ۽ هو سردار جي حڪم تي جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. هر قبيلو ٻي قبيلي کان برتري ثابت ڪرڻ جا جتن ڪندو هو ۽ ٻين قبيلن جي توهين ۽ مذمت ڄڻ ته انهن جو پيدائشي حق هو.
اسلام اچي انهن قبائلي عصبيت جي شڪار ٿيل ماڻهن ۾ عقل ۽ شعور فڪر ۽ احساس جي جذبن جو اهڙو انقلاب برپا ڪيو جو اهي قبائلي ريتن ۽ رسمن جي قيدخانن مان نڪري اسلامي اخوة ۽ مساوات جي روشن ۽ کليل فضا ۾ جهومڻ لڳا. اسلام انهن جي دلين مان عصبيت ۽ فاسد قوميت جي جذبن کي لوڌي ڪڍي ڇڏيو.
ايمان آڻڻ کانپوءِ سمورا مسلمان بلا تفريق رنگ، نسل ۽ زبان جي هڪ ئي مسلم امت جا فرد هئا. حق پرستي ۽ ايمان انهن جي سڃاڻپ ۽ اسلام انهن جو دين هو. هو ڪڌن ريتن رسمن کي ڇڏي آزادانه زندگي گذارڻ لڳا. اسلام ايندي ئي عصبيت جي خلاف قدم کڻندي رنگ ۽ نسل جا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا. خاص طور تي قبائلي عصبيت کي ختم ڪري پوري مسلم برادريءَ ۾ اتحاد ۽ اتفاق، اخوت ۽ مساوات جا جذبا ڀري ڇڏيا. پاڻ ڪريم ﷺجن جو ارشاد آهي ته جيڪو عصبيت جي دعوت ڏئي يا ڪنهن تعصب جي بنياد تي جنگ ڪري ۽ ماريو وڃي اهو اسان مان ناهي.
باقي عصبيت ڇا آهي؟ ان بابت جڏهن پاڻ ڪريم ﷺکان پڇا ڪئي وئي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن مظلوم جي خلاف پنهنجي قوم جي طرفداري ڪرڻ توڙي جو اهي ظلم ۽ ناانصافي ڪن. قرآن مجيد انسان کي سراپا عدل ۽ انصاف سيکاري ٿو. هو ڪڏهن به اهو برداشت نٿو ڪري جو عدل ۽ انصاف کي ڇڏي ڪنهن جي طرفداري ڪئي وڃي، قرآن وڏي واڪي فرمائي ٿو:
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ بِالْقِسْطِ شُہَدَاۗءَ لِلہِ وَلَوْ عَلٰٓي اَنْفُسِكُمْ اَوِ الْوَالِدَيْنِ وَالْاَقْرَبِيْنَ۝۰ۚ (النساءَ ١٣٥)
”اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيهندڙ الله ڪارڻ شاهدي ڏيندڙ هجو، پوءِ ڀلي ڇونه اوهان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي هجي.“
اسلام آڻڻ کان پوءِ مؤمن ايمان جي لڙهيءَ ۾ پوئجي وڃن ٿا. هاڻي انهن جا مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي قبيلي وارا نه، بلڪ مؤمن پاڻ ۾ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار هوندا. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ڀيري ڪن نون مسلمانن مدد جي لاءِ پنهنجي قبيلي وارن کي پڪاريو ته پاڻ ڪريم ﷺجن ان تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي فرمايو؛ ڇا جاهلانه عصبيت جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي حالانڪه آئون انهن ۾ موجود آهيان؟
اسلام عقيده توحيد جي بنياد تي هڪ امت وجود ۾ آندي آهي. هينئر انهن ۾ نه علائقائي عصبيت ٿي سگهي ٿي نه ئي رنگ ۽ نسل جو فرق يا خاندان ۽ ذات جو فرق جيڪو امت جي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگهي ٿو. فطرت جي تقاضا به اها ئي آهي ته رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فتنو نه ڦهلايو وڃي. ڇو ته انسان پيدائش کان پهريان پنهنجي قوميت، خاندان يا رنگ ۽ نسل جو پاڻ انتخاب نه ڪندو آهي، بلڪه اهو ان کي غيراختياري فطري طور تي ورثي ۾ ملندو آهي؛ باقي مذهب ۽ عقيدي تي اختيار حاصل هوندو آهي. عام طور تي ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ جي مذهب تي ڪاربند هوندو آهي. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ جيڪو اسلام تان ڦري وڃي ان کي مرتد چيو ويندو آهي ۽ اسلام ۾ مرتد جي سزا قتل آهي. دراصل اسلام جي تقاضا آهي ته اهل ايمان جي نسبت اسلام سان هجي جيڪو انهن جو دين آهي.
ہُوَسَمّٰىكُمُ الْمُسْلِـمِيْنَ۝۰ۥۙ ۽ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ
قرآن مجيد ۾ هن امت جون چار امتيازي ۽ بنيادي صفتون:
ٻين امتن جي مقابلي ۾ امت محمدي ﷺ چار بنيادي ۽ امتيازي صفتون رکي ٿي. قرآن مجيد اهي چار صفتون وڏي وضاحت سان بيان ڪيون آهن.
پهرين صفت ”الربانيه“
هيءَ امت رباني امت آهي. کيس ”كُوْنُوْا رَبّٰـنِيّٖنَ“ جو حڪم مليل آهي يعني رباني بڻجو. انهيءَ ڪري ڪنهن به فرقي بازي ۽ مسلڪن جي تقسيم کان قرآن هن امت کي منع فرمايو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي آهي ته هن امت جا ماڻهو ”اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ “ يعني وحدت انسانيت لاءِ ذميوار بڻايا ويا آهن ۽ اهي ”شُہَدَاءَ عَلَي النَّاسِ “ يعني سڄي انسانيت لاءِ مثالي نمونو بڻايا ويا آهن. اڳ ۾ آيل شريعتن جو آخري ايڊيشن قرآن حڪيم جي صورت ۾ مڪمل انساني ضابطي جي طور تي هن امت کي مليو آهي. تاريخي شهر مڪة المڪرمه ۾ ذوالحج جي مقدس مهيني يوم النحر جي بابرڪت ڏينهن اهو تاريخ ساز وقت هو جڏهن آخري نبي پنهنجي آخري خطبي ۾ حرم ڪعبه ۾ سوا لک صحابه ڪرام جي موجودگي ۾ پنهنجي امت کي هدايتون ڏئي رهيو هو ته ان وقت الله تعالى جو ارشاد نازل ٿيو:
اَلْيَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ (المائده ٣)
”اڄ اوهانجو دين اوهان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم.“
سورة البقره جي آيت نمبر ١٤٣ ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”وَكَذٰلِكَ جَعَلْنٰكُمْ اُمَّۃً وَّسَطًا“ ان جو مطلب هي آهي ته الله تعاليٰ هن امت کي ذميوار بڻايو آهي ۽ ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ ان جي تخليق ۽ تشڪيل ڏني وئي آهي.
جڏهن ته سورة آل عمران جي آيت نمبر ١١٠ ”كُنْتُمْ خَيْرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ “ جو ارشاد به ان خاص مقصد ڏانهن آهي. هن امت کي ان عهد جو پابند ڪيو ويو آهي جيڪو عالم ارواح ۾ الله تعاليٰ سان ڪيو ويو هو. ان مقصد کي عالمگير سطح تي پورو ڪرڻ هن امت جي ذمي ڪيو ويو، تنهن ڪري ان جو وجود رباني، ان جو مصدر رباني ۽ ان جو مقصد حيات رباني يعني هڪ الله جي عبادت ۽ ان جي حاڪميت جو غلبو آهي ته جيئن انسان جو الله تعاليٰ جي زمين تي ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ وارو تخليقي مقصد پورو ٿئي. قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺجن کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو:
قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۝۱۶۲ۙ لَا شَرِيْكَ لَہٗ۝۰ۚ
(انعام ١٦٢- ١٦٣)
”(اي پيغمبر کين هي به) چؤ ته منهنجي نماز ۽ منهنجون مڙئي عبادتون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ جهانن جي پالڻهار الله لاءِ آهي، سندس ڪو شريڪ نه آهي.“
هن امت جي ٻي صفت ”شهداء علي الناس“
هن امت جو فريضو ماڻهن تي شاهدي ڏيڻ، انسانيت کي دين سيکارڻ، ماڻهن کي اسلام جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ آهي. هي امت پنهنجن عقيدن، تصورن، عبادتن، مزاج، اخلاق، نظم ضبط، فڪري نظم ۾ مادي اعتبار کان مثالي روحانيت ۽ وجدان جي لحاظ کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي اعتدال رکندڙ آهي. ان ڪري هن کي ”امت وسطي“ چيو ويندو آهي.
قرآن جهڙي محفوظ ۽ ميچوئر انساني منشور جي هوند سان هيءَ اها امت آهي جيڪا ٽيڙ ۽ ٿيڙ کانسواءِ صراط مستقيم تي انسانيت جي قافلي کي وٺي هلڻ جي ذميوار آهي ۽ ان سڌي رستي ڏانهن ماڻهن جي رهنمائي ڪري ٿي. اهڙي رستي جي رهنمائي ڪري ٿي جيڪو پالڻهار جو رستو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَاَنَّ ھٰذَا صِرَاطِيْ مُسْتَقِـيْمًا فَاتَّبِعُوْہُ۝۰ۚ وَلَا تَتَّبِعُوا السُّـبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُمْ عَنْ سَبِيْلِہٖ۝۰ۭ
(الانعام ١٥٤)
”اها منهنجي سڌي واٽ آهي تنهن ڪري ان تي هلو ۽ ٻين واٽن تي نه هلو جو اهي واٽون اوهان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون.“
هي الله ۽ الله جي انهن نيڪ بندن جو رستو آهي، جن تي الله تعالى پنهنجا انعام ڪيا آهن. اهو صالحن ۽ شهيدن جو رستو آهي، تنهن ڪري اهو ئي رستو اختيار ڪيو. اهڙن ماڻهن جو رستو اختيار نه ڪيو جن تي پالڻهار پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي گمراهه هئا.
هن امت جي ٽئين صفت، دعوت ۽ تبليغ
هن امت جي ٽين صفت اها آهي ته دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ جو فريضو انجام ڏئي ٿي. هدايت جي واٽن تي پاڻ اڪيلي نٿي هلي، بلڪه ٻين کي به ان ڏانهن سڏي ٿي ۽ حق جي دعوة کي عام ڪري ٿي. قرآن مجيد ان ڏس ۾ فرمائي ٿو:
كُنْتُمْ خَيْرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَتَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ
(آل عمران- ١١١)
”اوهين اهڙي ڀلي امت ماڻهن لاءِ پيدا ٿيل آهيو جو چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برن ڪمن کان جهليندا آهيو.“
هن امت کي اها ذميواري ڏئي هي اسباب هن لاءِ بڻايا ويا آهن ته جيئن عالمي طور تي گهر گهر ۽ شهر شهر ۾ اهو پيغام رسائي سگهجي. وري انساني علمن جي ترقيءَ سان حق ۽ سچ، انصاف ۽ عدل جون عالمي سچايون نکيڙي قرآن ۾ ان جون سڀ حقيقتون سمائي هن امت کي انهن کي سڄي انسانيت جي مٿان آشڪار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. انهن ابدي ۽ ڪائناتي صداقتن جي روشني ۾ هيءَ امت ماڻهن کي نيڪين جو حڪم ڏئي ٿي ۽ برائين کان روڪي ٿي.“
هن امت جي چوٿين صفت ”وحدت“
هن امت جي چوٿين صفت يا ذميواراڻي خصوصيت ”وحدت“ آهي. اسلام جنهن امت جي تشڪيل ڪئي آهي، اها هڪ ئي امت آهي توڙي جو رنگ ۽ نسل جي اعتبار کان اهي الڳ الڳ هجن. اسلام تعارف ۽ سڃاڻپ جي لاءِ رشتا، خاندان ۽ قومون ضرور جوڙيون آهن پر اهي صرف سڃاڻپ ۽ عدل ملڻ جي حد تائين آهن؛ باقي سمورا فرق مٽائي، انهن کي هڪ ئي رشتي انسانيت ۽ اخوت ۾ جوڙي ڇڏيو آهي. سورة الانبياءَ ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
اِنَّ ہٰذِہٖٓ اُمَّتُكُمْ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً۝۰ۡۖ وَاَنَا رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْنِ۝۹۲ (الانبياءَ ٩٢)
”بيشڪ اهو اوهان جو هڪ دين آهي ۽ آئون اوهان جو پالڻهار آهيان، تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪريو.“
هن امت جو رب هڪ آهي ۽ اهو آهي رب العالمين. هن امت جو نبي هڪ آهي ۽ اهو آهي محمد رسول الله ﷺ. هن امت جو ڪتاب هدايت هڪ ئي آهي، اهو آهي قرآن مجيد. هن امت جو قبلو هڪ ئي آهي اهو آهي ڪعبة الله. هن امت جي شريعت هڪ آهي ۽ اها آهي شريعت محمدي ﷺ. ان ڪري هيءَ امت پاڻ ته وحدت ۾ رهندي پر وحدت انسانيت جي لاءِ داعي ۽ مثال پڻ بڻبي.
انسانيت جي لاءِ دعوت عام جو حڪم
اسلام شروعات کان ئي عالمگير ۽ دعوت ۽ تبليغ جو پرچارڪ آهي، اسلام ڪنهن خاص سر زمين، ڪنهن هڪ قوم ۽ محدود مدت جي لاءِ نه آهي بلڪه پوري دنيا ۾ زمين جي هر خطي ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ دعوة عام جي حيثيت رکي ٿو.
اسلام جي دعوت، رنگ ۽ نسل، زبان ۽ مڪان ۽ مشرق ۽ مغرب جي فرق کانسواءِ هر هڪ جي لاءِ هڪ جهڙي آهي. قرآن مجيد جون مڪي آيتون اسلام جي عالمگير دعوت ۽ پيغام جي وضاحت ڪن ٿيون.
مثال طور تي:
وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِيْنَ۝۱۰۷ (الانبياءَ ١٠٧)
”۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جهانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.“
مولانا عبيدالله سنڌي وٽ جهانن مان مراد دنيا جون سڀئي قومون آهن. ڇو ته رسالت جي هدايت جو فائدو قومون ئي وٺنديون آهن. اسلام کي بين الاقوامي دين به سڏيو وڃي ٿو. يعني قومن جي وچ ۾ رابطي واري دين. اهو صرف قرآن جو ئي اعجاز آهي ته اهو وسيع انسانيت کي توحيد جي اعليٰ اصولن تي جمع ڪري سگهي ٿو.
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِہٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَۨا۝۱ۙ (الفرقان ١)
”اهو (الله) وڏو برڪت وارو آهي، جنهن پنهنجي ٻانهي کي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ قرآن هن لاءِ نازل ڪيو ته جهانن وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي.“
جهانن جي لاءِ ڊيڄاريندڙ جي معنيٰ به مولانا سنڌيءَ چواڻي هي آهي ته دنيا جي قومن کي عروج ۽ زوال جي خدائي قانونن کان آگاهه ڪندڙ رسول. اهي قانون قرآن ۾ ٺوس شڪل ۾ ٻڌايا ويا آهن ۽ اڄ به دنيا جي قومن جي ترقي ۽ پستي جا سبب انهن قانونن جي چوڌاري ڦرن ٿا.
اِنْ ہُوَاِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِيْنَ (يوسف ٤-١)
”اهو (قرآن) جهانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي نه) آهي.“
قُلْ لَّآ اَسْـَٔــلُكُمْ عَلَيْہِ اَجْرًا (الشوري ٢٣)
”(اي پيغمبر) کين چؤ ته آءٌ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران.“
قُلْ يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللہِ اِلَيْكُمْ جَمِيْعَۨا (الاعراف ١٥٨)
”(اي پيغمبر چؤ ته اي انسانو آءٌ اوهان مڙني ڏانهن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آهيان.“
وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا كَاۗفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا (سبا ٢٨)
”(اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻهن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون.“
ان ڪري هن امت جي ذميواري آهي ته اها دعوت کي عام ڪري ۽ ان حڪم جي تقاضا اها آهي ته جنهن نور هدايت مان هن امت جون عملي زندگي ۾ راهون روشن ٿيون آهن، ان روشنيءَ کي ٻين جي رهنمائي جو ذريعو بڻائن. ان نعمت کي صرف پاڻ تائين محدود نه رکن. ٻين ماڻهن کي گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڇڏي صرف پنهنجي ڪاميابيءَ جو نه سوچين پر جيئن انهن کي ايمان ۾ ۽ عمل صالح جي توفيق ملي آهي، ايئن هو خدائي خلق کي صراط المستقيم ڏي وٺي اچن، ڇو ته اسلام جي امن واري پيغام ۽ اسلام جي ڏنل عزت ۾ اهي برابر جا شريڪ آهن. ان ڪري ئي قرآن مجيد ۾ هن امت کي ”خيرامة“ جي لقب سان نوازيو ويو آهي.