مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

آزاديءَ جو حقيقي مفهوم : مولانا عبداللطيف نانگراج

دنيا جي ٻين ڪيترن ئي لفظن ۽ اصطلاحن وانگي، اسلامي نقطي نگاهه کان ”آزاديءَ“ جو مفهوم (Concept) به ان مفهوم کان مختلف آهي جيڪو دنيا جي ٻين قومن ۾ سمجهيو يا تصور ڪيو وڃي ٿو.
جيئن ابوالڪلام آزاد رحه لکن ٿا: ”اسان تورات جا صحيفا ڏٺا، زبور جون دعائون پڙهيون، سليمان جا مثل نظرن جي اڳيان گذريا، يسوع جي اخلاقي تعليم جا واعظ ٻڌا. انهن سڀني ۾ هر جاءِ تي عاجزي، انڪساري، نوڙت، ظلم سهڻ، درگذر ڪرڻ، سماحت ۽ عفوو ڪرم جا ظاهر ۾ دل لڀائيندڙ سراب صفت منظر نظر آيا. پر انهن مان اهي اصول ئي پونيرن حذف ڪري ڇڏيا جيڪي قومن ۾ خود داري، سر بلندي ۽ سچ چوڻ جي صلاحيت جا جوهر پيدا ڪندا آهن. جن جي ڪري قومن جي ڳچين ۾ سچائيءَ ۽ آزادي ۽ حق پرستي جو اهڙو ته ”العروة الوثقى“ هوندو آهي جيڪو نه تلوار سان ڪٽجي سگھجي ٿو، نه وري باهه ان کي ساڙي سگھي ٿي ۽ نه ئي وري محبت ۽ خوف جا ديو ان کي ٽوڙي سگھن ٿا. ڇو ته انهن اهڙي شيءِ کي پنهنجي دماغ ۽ دل ۾ مضبوطيءَ سان جھلي رکيو آهي، جيڪا ٽٽڻ يا ڀڄڻ جي نالي کان واقف ئي ناهي.“ (اسلام مين آزادي کا حقيقي تصور)
اهو آزاديءَ جو ڪهڙو تصور آهي؟ آزاديءَ جي ڇا معنى آهي؟
اهو آهي توحيد جو عقيدو. خدا جي بندگيءَ جو يقين. اسلام جي نظر ۾ آزاديءَ جو مفهوم هي آهي ته انسان الله کان سواءِ هر ڪنهن جي بندگي ۽ اطاعت کان آزاد ٿي وڃي. ايتري تائين جو پنهنجي نفس، پنهجن خواهشن، پنهنجن مفادن ۽ اهڙن ٻين قوتن جا طوق لاهي ڪري صرف هڪ خدا جي غلامي جي رسي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي.
حقيقت هيءَ آهي ته ڪائنات جي هن تڪويني نظام ۾ انسان جو رتبو ۽ درجو سڀني کان مٿي آهي. هن ڪائنات ۾ انسان کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي. قدرت جي طرفان انسان کي هيءَ صلاحيت عطا ڪئي وئي آهي ته اهو ڪائنات جي سڀني شين مان فائدو حاصل ڪري پنهنجي مقصد تائين رسائي حاصل ڪري، هيءَ پوري ڪائنات انسان کي فرمانبردار ۽ تابع ڪري ڏني وئي آهي. تنهن ڪري اسان ڏسون ٿا ته انسان پنهنجي عقل ۽ عمل سان هن ڪائنات جي شين کي مختلف صورتن ۽ شڪلين ۾ تبديل ڪري انهن مان پنهنجا غرضَ پورا ڪندو رهي ٿو.
انسان جي ڪائنات ۾ مرڪزي حيثيت يا ٻين جي ڀيٽ ۾ جيڪو ان کي بلند درجو عطا ڪيو ويو آهي، ان جو سبب هيءُ آهي ته انسان هن دنيا ۾ خدا تعالى جو ”خليفو“ آهي، خدا جي صفتن جو هن دنيا ۾ ظهور انسان جي ذريعي ئي ٿيڻو آهي. ۽ خدا جي صفتن جو جلوه گاهه بنجڻ جو مطلب آهي ته انسان پاڻ کي اخلاقي طور تي سگھارو ڪري. اخلاقيات جو سڌارو هڪ گڏيل سٺي معاشري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ هڪ سٺو گڏيل معاشرو آزاديءَ کانسواءِ ٻي ڪابه معنى نٿو رکي. تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته آزادي ۽ انسان لازم ۽ ملزوم آهن. ان جو ئي نالو دين قيم آهي. يعني آزاد انسانن جي جڙيل معاشري جو قانون، يا انسانيت جي آزاديءَ جو قانون.
تنهن ڪري جيڪي شخص، قومون يا معاشرا، آزاديءَ جي نعمت کان محروم آهن، انهن کي اڳ ۾ آزادي ملڻ گھرجي. ڇو ته آزاديءَ کانسواءِ سٺا ڪردار پيدا ڪرڻ يا بهترين معاشرا جوڙڻ، ناممڪن آهي. ان جو وڏو دليل هي آهي ته حضرت موسى عليه الصلاة والسلام فرعون کي پهريان ائين نه چيو ته ”مسلمان ٿي!“ بلڪ ان کي چيائون ته: ”بني اسرائيلين کي آزاد ڪر!“ ۽ بني اسرائيلين کي خدا جا حڪم يا قانون يا شخصي ذميواريون به تڏهن ڏنيون ويون جڏهن انهن کي فرعون کان آزادي ملي. ڇو ته غلامي انسان جي صلاحيتن ۽ خوبين کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ انسان اعلى پروگرام يا صحيح نصب العين کي سمجھي نٿو سگھي.
حقيقت ۾ آزاديءَ جي نقطي جي ابتدا به توحيد جو عقيدو آهي ته انتها به توحيد. يا وري چئجي ته توحيد هڪ مرڪز يا محور آهي جنهن جي چوڌاري آزادي طواف ڪري ٿي، يا شايد ڪنهن درجي ۾ اهي ٻئي هڪ به ٿي سگھن ٿا.
توحيد جي اها ڪهڙي معنى آهي ۽ آزاديءَ جو اهو ڪهڙو مفهوم آهي جيڪو هڪ ئي معنيٰ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو. اها هيءَ معنى آهي ته انسان دنيا ۾ ڪنهن جو غلام نه آهي. اهو صرف هڪ الله جو ٻانهو آهي. جيڪڏهن اهو پاڻ کي ٻئي ڪنهن جو غلام بڻائيندو ته اهو مشرڪ آهي. ۽ قرآن جو قول آهي ته: ”مشرڪ لاءِ مغفرت نه آهي.“ (النساء)
قرآن جو حڪم هي آهي ته اعلى اقتدار ۽ حاڪمانه قوت صرف خدا تعالى جي ئي آهي. ماڻهو ماڻهوءَ غلام نه آهي، طبقا طبقن جا غلام نه آهن، قومون قومن جون غلام نه آهن. عبديت صرف الله تعاليٰ جي آهي. حڪم صرف الله تعاليٰ جو آهي، اها ئي توحيد آهي ۽ حقيقي آزادي. ان کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جھڪڻ، پاڻ کي غلاميءَ ۾ جڪڙڻ آهي. حقيقي آزادي ان نسان کي حاصل آهي جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ خدا جو خوف ۽ ان جي اميد سندس مرڪز هجي. حقيقي آزاد معاشرو اهو چئبو جيڪو بادشاهه، شهنشاهه، قانون جو واضع، شارع ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جو مرڪز صرف خدا کي مڃيندڙ هجي.
قرآن چوي ٿو ته:
لَا تَتَّخِذُوا إِلَٰهَيْنِ اثْنَيْنِ ﴿النحل: ٥١﴾
”ٻه الٰھ ڪري نه وٺو.“
عقيدو ته هڪ خدا جو هجي پر قانون ۽ غلبو يا طاقت وري ڪنهن ٻي قوت لاءِ تسليم ڪجي. جيئن اسلام کان اڳ ۾ انسان هي سمجھندو هو ته حق، طاقت ۽ غلبي جو نالو آهي، پر اسلام ٻڌايو ته نه، بلڪ خدا جو نالو حق آهي ۽ غلبو به ان جو ئي آهي، خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ”حق“ ناهي ته خدا جي ٻانهن کي غلام بنائي. ان مان هي به معلوم ٿيو ته حقيقي آزادي، انساني مساوات سان جڙيل آهي، ته سڀ انسان خدا جا ٻانها ۽ ان جا پيدا ڪيل آهن، تنهن ڪري برتري ۽ فوقيت جو ته تصور ئي نٿو ڪري سگھجي ۽ جيڪڏهن برتري ۽ فضيلت آهي به ته مرڪز جي قرب ۽ بعد جي لحاظ کان:
إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ﴿الحجرات: ١٣﴾
انساني حقن جو هي اعلان فرانس جي انقلاب کان يارنهن سو سال پهريان گذري چڪو آهي، هي صرف اعلان ئي نه آهي، بلڪ گبن (Gibon) جي قول مطابق ”اهڙو معاشرو، جنهن جو مثال ڳولڻ، غلطي ڪرڻ جي مترادف آهي.“
آزادي جي بنيادي گھرج
هڪ ته آزاديءَ جي سڀ کان پهرين ۽ بنيادي تقاضا، ذهني آزادي آهي. ذهني طور تي جڪڙيل فرد يا قوم يا معاشرو، ڪڏهن به عملي آزادي حاصل نه ڪري سگھندو، بلڪ ان لاءِ تصور به نه رکي سگھندو. خارجي غلاميون چاهي اهي معاشي استحصال، سياسي غلامي يا سماجي جبر ۽ ڏاڍ تي مبني هجن، اهي سڀ ذهني غلاميءَ جا عڪس هونديون آهن.
تنهن ڪري انفرادي طور تي ذهن آزاد هجن، فرد آزاديءَ سان سوچي سمجھي نتيجا ڪڍي ته پوءِ ئي اهو ڪو عملي ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ڇو ته آزاديءَ سان سوچيل ۽ ڪڍيل نتيجن سان ئي عملي راهون آسان ٿينديون آهن. جيئن مولانا حفظ الرحمان رح چون ٿا: ”هر انسان کي هي بنيادي حق مليل آهي ته اهو پنهنجي عقيدي جي مطابق ڪنهن شيءِ جي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد هجي. ڇو ته سچائيءَ جي تلاش ڪنهن گروهه يا ٽولي جي ميراث نه آهي، بلڪ هر هڪ انسان کي هي حق آهي ته اهو جنهن شي جي باري ۾ صحيح يا غلط جو تصور رکي ٿو ۽ ان وٽ دليل به آهن، ته اهڙي ڳالهه چوڻ ۾ اهو آزاد آهي. پوءِ ڀلي کڻي ان جي راءِ ٻين رهنمائن يا قائدين جي خلاف هجي، يا ان جي قومي راءِ جي خلاف هجي. جيڪڏهن اسان ماڻهن کي آزاد طريقي سان سوچڻ کان روڪيون يا انهن کي پنهنجن نتيجن کي بيان ڪرڻ کان روڪيوسين ته ڪيترائي سچائي جا نڪتا تاريخ جي صفحن ۾ چٽجڻ کان رهجي ويندا ۽ انسانيت ڪنهن حد تائين سچائي کان به محروم رهندي. تنهن ڪري اسان کي ايتري نرمي يا آساني ضرور ڪرڻ کپي ته هر انسان کي سندس تصور يا خيال ظاهر ڪرڻ ضرور ڏنا وڃن. پوءِ انهن جي سچائيءَ جي بنيادي معيارن (Universal Truth) تي پرک ڪري فاسد کي ڦٽو ڪجي ۽ سٺي کي قائم رکجي ته جيئن حق غالب رهي ۽ باطل ختم ٿي وڃي.“
ترقيءَ لاءِ آزاديءَ جي ضرورت
ٻيو ته عام طور تي چيو ويندو آهي ته ”ترقيءَ لاءِ آزادي ضروري آهي.“ پر هتي جيڪا اهم ڳالهه آهي، اها هيءَ آهي ته اسلامي نقطي نگاهه کان ترقي مان مراد جامع ترقي آهي، جيڪا روحاني ۽ مادي ٻنهي شين تي شامل هجي. يعني دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آزادي سان جڙيل آهي. اصل ۾ حقيقت هيءَ آهي ته انسان جي زندگي هڪ تسلسل جو نالو آهي، جنهن جا ٻه رخ آهن، پر انهن مان آخري، اول تي موقوف آهي. يعني آخرت جي ڪاميابي، دنيا جي ڪاميابيءَ تي دارو مدار رکي ٿي، جيڪڏهن هتي انسان خدا جي صفتن جو ڪامل درجي ۾ مظهر بڻيو هوندو ته آخرت ۾ راحت ۽ سڪون ۾ رهندو. ۽ دنيا جي ڪاميابي، ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، آزادي تي موقوف آهي. صحيح آزاد معاشرا ئي بهترين اخلاقي شخصيتن کي جنم ڏيندا آهن. تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته تمدني ترقي به ڪنهن حد تائين اخلاق کي متاثر ڪري ٿي.
هن مان هي به معلوم ٿيو ته دين ۽ دنيا جي تقسيم جو تصور صحيح نه آهي. مسلم ملڪن ۾ هي رجحان لڌو ويندو آهي ته دين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ”ترڪ دنيا“ کي اختيار ڪرڻ گھرجي. دين ۽ دنيا گڏ نٿا ٿي سگھن. مٿي ذڪر ڪيل قضيا هن ڳالهه جو نتيجو آهن ته اسان اسلام جي مزاج کي سمجھيو ئي نه آهي. اسلام سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي معاشري ۽ پنهنجي نظام جي ڳالهه ڪري ٿو، بلڪ پنهنجن اصولن تي پيدا ڪيل بهترين معاشري کي ٻين قومن جي اڳيان دعوت جي دليل طور پيش ڪري ٿو. تنهن ڪري اهڙي تقسيم جي ڪا به گنجائش نه آهي.
ان باري ۾ اسان مولانا عبيدالله سنڌي جو آخر ۾ هي ٽڪرو بيان ڪيون ٿا جيڪو ”تفسير المقام المحمود“ ۾ سورة الانشقاق ۾ لکيو اٿن:
”آخرت جا معاملا سمجھڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ فلسفي ذهن کپي. خبر ناهي، الاءِ ڇو عام مسلمانن جا ذهن ڪنهن منظم ۽ مستحڪم عملي پروگرام جي طرف توجھه نٿا ڏين. اسان جو خيال آهي ته مخالفن جي پروپيگنڊا انهن جي ذهن کي گھڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اهي ان پروپيگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا ۽ ان سان گڏ هن خيال به سندن ذهنن کي خراب ڪيو جيڪو ڪن صوفي منش ماڻهن انهن جي اڳيان پيش ڪيو ته دين ۽ دنيا گڏ نٿا ٿي سگھن، يعني جيڪڏهن مسلمان آخرت جي فلاح ۽ ڀلائي گھرن ٿا ته دنيا کي بلڪل ڇڏي ڏين. هن فڪر جي غلبي اڳتي هلي مسلمانن کي تمدني ترقي ڪرڻ نه ڏني، بلڪ ان لاءِ رڪاوٽ بڻجي پيو. جڏهن ته پهرئين دور جا بزرگ دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ به اڳيا اڳيان هوندا هئا. امام ابو حنيفه رح پاڻ هڪ صوفي بزرگ هو، پر واپار به ڪندا هئا ۽ ان سان شاگردن، فقيرن ۽ غريبن جي خدمت ڪندا هئا.“ (ص 78)
تنهن ڪري بنيادي نڪتو هيءُ آهي ته دين جي فلاح لاءِ دنيا جي تعمير ضروري آهي. ۽ دنيا جي تعمير لاءِ آزاديءَ جو هجڻ ۽ آزاديءَ جو جذبو هر وقت زندهه رهڻ ضروري آهي.
اها هڪ کليل حقيقت آهي ته آزاديءَ کانسواءِ دين جو ڪافي حصو عمل کان رهجي وڃي ٿو. تنهن ڪري حقيقي ترقي لاءِ حقيقي آزاديءَ جو هجڻ ضروري آهي.