“ولـي” ڇـا آهـي : مولانا محمد انس راجپر
اهل سنت جي هڪ طبقي وٽ پڻ ”ولايت“ هڪ عهدو ۽ رتبو آهي. جيڪو الله تعالى پنهنجي خاص بندن کي عطا ڪندو آهي. ولايت بابت اهل سنت جي هن طبقي ۽ اهل تشيع ۾ فرق اهو آهي ته اهي ولايت کي ”ڪسبي“ تصور ڪندا آهن. معنى اهو عهدو محنت ڪري هرڪو حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اهل تشيع ۾ اهو وهبي آهي. تصوف جي سلسلن ۾ ولايت سان گڏ ان جهڙا ٻيا به رتبا ۽ عهدا آهن، جن جي درجي بندي به ٿيل آهي. ان تناظر ۾ ولايت تي بحث ڪبو ته اهو تمام ڊگهو ٿي ويندو. هتي اسان اهو بحث ڪنداسين ته قرآن شريف ۾ ولايت ڪو اهڙو عهدو يا رتبو آهي يا نه؟ قرآن ۾ لفظ ولي به آيو آهي. ان جو جمع اولياء به آيو آهي. الله ڏانهن اضافت سان اولياء الله به آيو آهي.
هن جو اصل مادو آهي و ل ي. وليه يليه وليا جي معنى آهي، جاءِ نسب وغيره ۾ ويجهو ٿيڻ. ولي يلي ولاية جي معنى آهي، مدد ڪرڻ. انهن ٻن صيغن جي هڪ صورت ۾ معنى ٿيندي دوست ۽ مائٽ. ٻي معنى ٿيندي مددگار ۽ حامي. قرآن شريف ۾ مدد جي معنى ۾ هي لفظ هن آيت ۾ استعمال ٿيو آهي:
ہُنَالِکَ الْوَلَایَۃُ لِلہِ الْحَقِّ ؕ ہُوَ خَیۡرٌ ثَوَابًا وَّ خَیۡرٌ عُقْبًا (الڪهف: 44)
”اتي ولايت (مدد ڪرڻ) سچي الله جي اختيار ۾ آهي، ان جو ثواب سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان ڀلو آهي.“
ساڳيو ولايت جو لفظ هڪ ٻئي جي مدد، ڀائپيءَ (مواخات) ۽ دوستيءَ جي معني ۾ به استعمال ٿيو آهي. جيئن شروع هجرت جي زماني ۾ مهاجر ۽ انصار صحابه ۾ مواخات ۽ ولايت قائم ڪئي وئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ الله تعالى فرمايو ته، اهي هڪ ٻئي جا اولياءَ (دوست) آهن. فرمان آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَہَاجَرُوۡا وَ جٰہَدُوۡا بِاَمْوَالِہِمْ وَاَنۡفُسِہِمْ فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ وَالَّذِیۡنَ اٰوَوۡا وَّنَصَرُوۡۤا اُولٰٓئِکَ بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ؕ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَلَمْ یُہَاجِرُوۡا مَا لَكُمۡ مِّنۡ وَّلَایَتِہِمۡ مِّنۡ شَیۡءٍ حَتّٰی یُہَاجِرُوۡا ۚ( الانفال ٧٢)
”بيشڪ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال سان الله جي رستي ۾ جهاد ڪيو، ۽ جن (انهن کي) پنهنجي گهرن ۾ ٽڪايو ۽ (انهن جي) مدد ڪيائون، سي هڪ ٻئي جا اولياء (دوست) آهن. جن ايمان آندو (پر) هجرت نه ڪيائون انهن جي ولايت (دوستي) سان اوهان جو ڪوبه ڪم ناهي، جيستائين اهي هجرت ڪن.“
ساڳيو لفظ ڪافرن ۽ ظالمن جي هڪ ٻئي جي دوست هئڻ جي معنى ۾ به استعمال ٿيو آهي. جيئن:
وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ؕ(الانفال: ٧٣)
”جن ڪفر ڪيو آهي، سي هڪ ٻئي جا اوليا (دوست) آهن.“
وَ اِنَّ الظّٰلِمِیۡنَ بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ۚ (الجاثيه: ١٩)
”۽ بيشڪ ظالم هڪ ٻئي جا اولياء ( دوست) آهن.“
هنن آيتن جي روشنيءَ ۾ اولياء ۽ ولي مؤمن به ٿي سگهن ٿا، ته ڪافر به ٿي سگهن ٿا، پر مؤمن مؤمن، جو ولي ٿيندو، ڪافر، ڪافر جو ولي. يعني مؤمن، مومن جو دوست ۽ ڪافر، ڪافر جو دوست ٿيندو. مومن کي اجازت ناهي ته اهو ڪافر کي پنهنجو ولي (دوست) بنائي. جيئن الله تعالى فرمائي ٿو:
لَا یَتَّخِذِ الْمُؤْمِنُوۡنَ الْکٰفِرِیۡنَ اَوْلِیَآءَ مِنۡ دُوْنِ الْمُؤْمِنِیۡنَ ۚ.(آل عمران: ٢٨)
”مؤمن ڪافرن کي پنهنجا اولياء (دوست) ڪري نه وٺن، مؤمنن کان سواءِ.“
قرآن شريف ۾ جتي مومن کي مومن جو ولي (دوست) قرار ڏنو ويو آهي، اتي الله تعالي پاڻ کي به مومنن ۽ متقين جو ولي (دوست) قرار ڏنو آهي. جيئن سندس فرمان آهي: ”وَ اللہُ وَلِیُّ الْمُتَّقِیۡنَ“ (الجاثيه: ١٩) ”الله متقين جو ولي (دوست) آهي.“ ٻئي هنڌ وڌيڪ تفصيل سان الله تعالي پاڻ کي مومنن جو ولي (دوست) ۽ شيطاني ۽ باطل قوتن کي ڪافرن جو ولي (دوست) سڏيو آهي. فرمان آهي:
اَللہُ وَلِیُّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ۙ یُخْرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوُرِ۬ؕ وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَوۡلِیٰٓئُہُمُ الطَّاغُوۡتُ ۙ یُخْرِجُوۡنَہُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَی الظُّلُمٰتِ ؕ (البقره: ٢٥٧)
”الله مومنن جو ولي (دوست) آهي انهن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن ٿو آڻي ۽ جن ڪفر ڪيو آهي، انهن جا اولياءَ طاغوت آهن، جيڪي کين روشنيءَ مان ڪڍي اونداهين ڏانهن آڻين ٿا.“
هنن آيتن جي روشنيءَ ۾ هر مؤمن ٻئي مؤمن جو دوست ۽ مددگار آهي. مؤمن جي اهڙي قسم جي دوستي، محبت، ولايت ۽ معاونت دين جو اصل مقصد آهي. اهو ئي سبب آهي جو نبيﷺجن مديني شريف ۾ جڏهن اسلامي رياست جو بنياد وڌو ته ھي حڪم جاري ڪيائون ته مؤمن پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا اولياء، دوست ۽ مددگار آهن. ۽ اها مؤمنن جي مؤمنن لاءِ ولايت- ايمان، جهاد ۽ هجرت جي شرطن سان مشروط آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ايمان ۾ ڪوتاهي ٿي، جهاد ۽ هجرت جي عمل ۾ ڪوتاهيءَ جو ڪنهن ارتڪاب ڪيو ته ان سان ولايت، محبت ۽ دوستي جو تعلق به ختم ٿي ويندو. جيئن مٿي ذڪر ڪيل سورت انفال جي آيت نمبر ٧٢ ۾ اهڙي هدايت ڏسي چڪاسين. ان کان علاوه نيڪيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد جو قرآن حڪم به ڪيو آهي. جيئن فرمان آهي:”وَتَعَاوَنُوۡا عَلَی الْبِرِّ وَالتَّقْوٰی“ (المائده:٢) ”نيڪيءَ ۽ تقوى ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪيو.“ حقيقت ۾ مؤمنن جو پاڻ ۾ محبت، مودت، مواخات ۽ موالات جو شروع اسلام ۾ مهاجر ۽ انصار صحابه جي مواخات جهڙو نمونو اڄ به جيڪڏهن زنده ٿي پئي ته هوند اسان جو معاشرو جنت نظير بنجي پوي. ۽ ان مواخات ۽ موالات جو تعلق معاشري ۽ سماج جي مڙني زندگيءَ جي شعبن سان هو. الله هر مؤمن کي ٻئي مومن جو اهڙو ولي ۽ دوست ڏسڻ ٿو چاهي، جيڪوٻئي مؤمن جو مددگار، ڀرجهلو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي زندگي گذاري.
باقي اهڙو ”ولي“ جيڪو عام مؤمنن ۽ مسلمان ٻانهن کان الڳ ٿلڳ ڪنهن خاص مقام جو صاحب هجي. انساني زندگيءَ ۾ ڀلايون، مواخات ۽ اشتراڪي زندگيءَ کان ڪٽيل هجي. ٻيا مؤمن رڳو ان جي آڏو ٻانهون ٻڌي مدد ۽ واهر لاءِ دعائون گهرندا ۽ گهرائيندا هجن، اهڙي ڪنهن ولي جو تصور قرآن ۾ موجود ڪونهي.
اصل ۾ هيءُ تصورات مسلمانن ۾ ان وقت کان پنهنجي لاءِ گنجائش ٺاهڻ لڳا جڏهن کان مسلمانن ۾ اسلام جو اجتماعي نظام زندگي نه رهيو. باهمي مواخات ۽ موالات نه رهي، نه ايمان رهيو نه عمل رهيو، نه جهاد رهيو نه هجرت ۽ ان اجتماعي ديني نظام لاءِ نه ڪوششون رهيون، تڏهن نالي ۾ مسلمان چوائيندڙ خلق اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته ديني نظام- اخلاق، عمل ۽ ڪردار اسان پارن عام ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اهو ڪم اهي ڪري سگهندا جيڪي پهتل هجن، جيڪي عام انساني فطرت کان ڪنهن مٿاهين فطرت جا مالڪ هجن. ان لاءِ عام ماڻهن پنهنجي جندُ ديني نظام مان ڇڏائڻ لاءِ اهڙا خيالي شخص پيدا ڪيا جيڪي سندن خيال ۾ دين جا صاحب آهن، الله وٽ پهتل آهن، انهن جي سڌي الله سان ڏيٺ ويٺ آهي. اسان ماڻهو انهن کي نذرونياز ڏئي، انهن جا هٿ پير چمي پنهنجي ڪا سولي ڪرائي سگهون ٿا، نه ته ”چه نسبت خاک را به عالم پاک“ جي چوڻ مطابق اسان جي ڪهڙي جاءِ جو پاڪيزه عملن جا صاحب بنجي سگهون!. نتيجو ان جو اهو نڪتو جو عام مسلمان ايمان ۽ عمل جي اهڙي رتبي کان پري ٿي بيهي رهيا ۽ عام فطرت کان مٿاهين قسم جا ماڻهو ٿيا وڃي الله جا ولي. حالانڪه قرآن شريف ۾ ڪٿي به ڪنهن اهڙي ولي جو ذڪر ڪونهي، جيڪو مومنن جي صفن کان مٿاهون مومنن جي مدد ڪرڻ وارو هجي، جنهن کي ولايت جي عهدي يا رتبي جو صاحب چئجي. قرآن جي نظر ۾ هر مؤمن جيڪو ديني نظام جو حامل، ايمان، جهاد ۽ هجرت جو صاحب آهي، اهڙو هر مؤمن ٻئي مؤمن جو ولي ۽ دوست آهي ۽ الله اهڙن سڀني مومنن جو ولي ۽ دوست آهي ۽ جيڪو اهڙو مومن ناهي، تنهن جي ولايت ۽ دوستيءَ سان نه مسلمانن جو ڪجهه وڃي، نه ئي الله انهن جو ولي ۽ مددگار ٿيندو. نه صرف ايترو پر جيئن الله مومنن کي جهليو آهي ته ڪافرن کي پنهنجو ولي ۽ دوست ڪري نه وٺن، تيئن پنهنجي صفن کان ٻاهر ڪنهن مٿاهين هستيءَ کي پنهنجو ولي ۽ دوست بنائڻ کان منع ڪئي آهي. مومنن لاءِ اهڙي ڪا مٿاهين هستي جنهن کي هو پنهنجو ولي ۽ دوست قبول ڪن، سا صرف الله جي هستي آهي. هڪ نه پر تمام گهڻيون اهڙيون آيتون قرآن ۾ موجود آهن، جن ۾ هيءُ مضمون بيان ٿيو آهي. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پنهنجو مددگار ۽ ولي بنائڻ کي ڪمزور سهارو ۽ تمام ڪمزور حفاظت قرار ڏيندي الله فرمائي ٿو:
مَثَلُ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا مِنۡ دُوۡنِ اللہِ اَوْلِیَآءَ کَمَثَلِ الْعَنۡکَبُوۡتِ ۖۚ اِتَّخَذَتْ بَیۡتًا ؕ وَ اِنَّ اَوْہَنَ الْبُیُوۡتِ لَبَیۡتُ الْعَنۡکَبُوۡتِ ۘ لَوْ کَانُوۡا یَعْلَمُوۡنَ (العنڪبوت: ٤١)
”الله کان سواءِ جن کي انهن پنهنجا اولياء (مددگار) بنايو آهي، تن جو مثال ائين آهي جيئن ڪوريئڙو هجي جنهن پنهنجي حفاظت لاءِ گهر ٺاهيو. حالانڪه جيڪڏهن ڄاڻن ته ڪوريئڙي جو گهر گهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمزور هوندو آهي.“
نبيﷺجن کي چيو ويو ته تون به چئو!
اِنَّ وَلِیَِّۧ اللہُ الَّذِیۡ نَزَّلَ الْکِتٰبَ ۫ۖ وَہُوَ یَتَوَلَّی الصّٰلِحِیۡنَ (الاعراف: ١٩٦)
”بيشڪ منهنجو ولي الله آهي جنهن ڪتاب نازل ڪيو ۽ اهو صالحن کي دوست ۽ ولي بنائيندو آهي“
ٻئي هنڌ کين الله فرمايو:
قُلْ اَغَیۡرَ اللہِ اَتَّخِذُ وَ لِیًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ وَ ہُوَ یُطْعِمُ وَ لَا یُطْعَمُ ؕ(الانعام: ١٤)
”چئو! ڇا الله کي ڇڏي ٻين کي آءٌ پنهنجو ولي بنايان؟ حالانڪه الله ۽ آسمان زمين پيدا ڪندڙ آهي، کارائڻ وارو آهي، کيس ڪير ڪونه ٿو کارائي.“
هن مان ثابت ٿيو ته ولايت يا ولي مومن جي صفت آهي، عهدو ناهي، هيءَ صفت اسلام جي معاشرتي ۽ معاشي نظام جو الڳ نه ٿي سگهندڙ جزو آهي. بلڪه هيئن چوڻ اڃا وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ڪنهن جڳهه تي جيڪڏهن اسلام جو عملي نظام قائم ٿيو ته انسانن ۾ لازمي نتيجي جي طور اها ولايت ۽ اخوت شروع زماني جي مهاجر ۽ انصار صحابه جي مواخات (ڀائپي) ۽ موالات (دوستي) وانگر هڪ خوبصورت ٻوٽي وانگر ڦٽي، نکري ۽ نروار ٿي بيهندي. مواخات ۽ موالات جي ان وصف جي نتيجي ۾ هر مومن حق جي ۽ هڪ ٻئي سان مرحمت ۽ ٻاجهه جي تلقين ڪندو رهندو. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعالي فرمايو آهي:
”ثُمَّ کَانَ مِنَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَ تَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَۃِ “
(پوءِ جن ايمان آندو آهي، سي حق ۽ مرحمت جي تلقين ڪندا رهن ٿا.) صحابه به موالات جي نتيجي ۾ رحماءُ بينهم جي وصف جا صاحب ٿيا، جن جي اهڙي هڪ ٻئي سان محبت ڀري معاشرت جي ثمر بار وڻ ۽ ٻوٽي کي هن مثال سان الله تعالي تورات، انجيل ۽ قرآن ۾ بيان فرمايو آهي:
کَزَرْعٍ اَخْرَجَ شَطْـَٔہٗ فَاٰزَرَہٗ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوٰی عَلٰی سُوۡقِہٖ یُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیۡظَ
بِہِمُ الْكُفَّارَ(الفتح: ۲۹)
”اهڙي پوک وانگر آهن، جنهن پنهنجا سلا ڪڍيا، پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهي ٿي، پوءِ پنهنجي ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي، تان ته ڪافرن جي جيءَ کي ساڙي.“