مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

سرمائي پرستيءَ بابت حديث ۽ فقهه جي راءِ : مولانا محمد انس راڄپر

مون پنهنجي گذريل مضمون ۾ سرمائي پرستي، گھڻي کان گھڻي سرمائي جي حصول جي ڪوشش، سرمائي طلبي وغيره جي حوالي سان چند گذارشون قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ عرض رکيون هيون.
قرآن شريف سرمائي طلبيءَ جي روش کي ”استغناء“ ۽ ”تڪاثر“ جي اصطلاحن سان تعبير ڪيو آهي. لفظ ”تڪاثر“ مفاعلة جي باب مان آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: ”هڪ ٻئي کان گھڻي دولت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ“. ان عمل جي سورة ”تڪاثر“ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
اڄ ڪلهه ”تڪاثر“ جي جڳهه تي ”مسابقت“ جو اصطلاح ڪتب اچي ٿو. مسابقت يا گوءِ پڄائڻ، سرمائيدارانه نظام جو بنياد ۽ ان جو روح آهي. مسابقت جيڪڏنهن سرمائيدارانه نظام مان نڪري وڃي ته اهو پاڻ ئي اچي پٽ تي ڪرندو. ان ڪري قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ مسابقت (هڪ ٻئي کان معاشي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ) جي عمل جي ”تڪاثر“ جي اصطلاح سان مذمت ڪئي آهي.
مسابقت جا انساني نفس جي اندر سرچشما آهن. حرص، حسد، غرور ۽ تڪبر، ماڻهوءَ ۾ مسابقت جي روش انهن سرچشمن مان ڦٽندي آهي. قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ آءٌ ان تي پوئين دفعي چند گذارشون عرض ڪري چڪو آهيان. منهنجي خواهش هئي ته حديث ۽ فقهه مان به ڪجھه ان بابت معلومات هٿ ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي. خوشقسمتيءَ سان اها مونکي هڪ هنڌ جائتي ٿيل هٿ چڙهي وئي، مون کي اها مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي رسالي ”حسن الفهم والتعقل في جمع الکسب والتوڪل“ ۾ ملي وئي، ان جو اختصار عرض ڪجي ٿو.
مخدوم عبدالواحد فقهه حنفي جي ماخذن: الملتقي، هاوي الفتاوي، سراجي ۽ تحفة الفقھ جي حوالن سان ڪمائڻ جا چار قسم ذڪر ڪيا آهن. (1) فرض (2) مستحب (3) مباح (4) حرام.

(1) فرض:
پنهنجي ذات ۽ اهل عيال جي ڪفايت ۽ قرض ادا ڪرڻ جيترو مقدار ڪمائڻ فرض آهي. جيڪو پنهنجي ذات ۽ اهل عيال لاءِ محنت ڪري ۽ پورهيو ڪري حلال رزق ڪمائڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري سو فرض جو تارڪ آهي. مخدوم صاحب ان تي وڌيڪ به بحث ڪيو آهي ۽ قرآن مان ”فضل“ جي طلب بابت جيڪي آيتون آهن، سي دليل طور پيش ڪري انهن تي اقوال مفسرين جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي.

(2) مستحب:
پنهنجي ضرورتن ۽ ڪفايت کان وڌيڪ، فقير ۽ محتاج جي مدد لاءِ ڪمائڻ مستحب آهي. لکي ٿو ته ادنيٰ ڪفايت کان وڌيڪ فقير ۽ محتاج جي مدد لاءِ ڪمائڻ نفلي عبادت کان افضل آهي.

(3) مباح ۽ جائز:
ضرورت جون شيون وڌيڪ بهتر طور حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمائڻ جائز آهي. مثال ڪفايت جيترو سٺو کاڌو، سٺو لباس ۽ سٺي رهائش لاءِ ڪمائڻ. اهو جائز آهي. ان جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي.

(4) حرام:
هڪ ٻئي کان پاڻ کي وڌيڪ فخر وارو، گھڻائي وارو ڏيکارڻ ۽ آڪڙ، تڪبر ۽ غرور لاءِ ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ حرام آهي. ڪمائڻ جو هيءُ قسم زرپرستي، سرمائي پرستي، تڪاثر ۽ مسابقت آهي. اهوئي قسم سرمائيداريءَ جو بنياد آهي جنهن کي قرآن جي هدايتن ۽ حنفي فقيهن حرام قرار ڏنو آهي.
مخدوم عبدالواحد ڪمائڻ جا مٿيان چار قسم بيان ڪري هيٺين حديثن کي حنفي مسلڪ جي انهيءَ تقسيم جي دليل طور ذڪر ڪيو آهي.
1_ ابو هريره رضي الله کان مروي آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جنهن حلال دنيا طلب ڪئي (هن مقصد لاءِ) ته پاڻ کي مسئلن کان بچائي ۽ پنهنجي اهل لاءِ ڀلو ڪري ۽ پاڙي واري تي مهربان ٿئي، سو جڏهن قيامت جي ڏينهن الله سان ملندو ته ان جو چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر ٻهڪندڙ هوندو. پر جنهن حلال دنيا گھڻي لاءِ، فخر لاءِ ۽ ڏيکاء لاءِ طلب ڪئي ته اهو قيامت جي ڏينهن جڏهن الله سان ملندو ته الله مٿس ڏمريل هوندو.“ (بيهقي_ ابو نعيم)
2_ ڪعب بن عجره رضي الله کان مروي آهي ته نبيﷺ جن هڪ ڏينهن اصحابن سڳورن سان ويٺل هئا. سندن نظر هڪ نوجوان تي پئي. جيڪو تازي کل وارو ۽ طاقتور هو، محنت ڪري رهيو هو. ماڻهن چيو: هن لاءِ بربادي هجي. ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن سندس کل الله جي رستي ۾ ڪم اچي ها!“ اهو ٻڌي رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ان کي نه چئو، اهو جيتوڻيڪ پنهنجي نفس لاءِ محنت ڪري رهيو آهي ته پاڻ کي مسئلن کان بچائي، پاڻ کي ماڻهن کان بي پرواهه ڪري ته اهو به الله جي رستي ۾ آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي والدين لاءِ محنت ٿو ڪري ته جيئن انهن کي پريشانين کان بچائي، ته اهو به الله جي رستي ۾ آهي. پر جيڪڏهن فخر، آڪڙ ۽ گھڻي خاطر ٿو محنت ڪري ته پوءِ اهو شيطان جي رستي ۾ آهي.“ (طبراني)
هنن ٻن حديثن ۽ فقهه حنفيءَ جي ڪمائڻ جي قسمن ۾ سرمائي پرستي زرطلبي، تڪاثر ۽ مسابقت جي خلاف قرآن جي مذمت ۽ ڌڪار جو پورو پورو عڪس چٽائيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو. حديثن ۾ فخر، آڪڙ ۽ گھڻي جي طلب جي لفظن سان ان روش جي مذمت ڪئي وئي آهي.
اسان جي بدقسمتي آهي ته قرآن جي ان قسم جي تعليم کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان کي جيڪا اهميت ڏيڻ گھرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اجتماعيت ۽ معاشرت جا جيئن بنياد رکڻ گھرجن، سي نه رکيا ويا آهن.
ڪاش اسان جا باصلاحيت ماڻهو، جيڪي پنهنجي علم، مهارت ۽ هنر جي ذريعي گھڻي کان گھڻي پيداوار ۽ سرمايو حاصل ڪري سگھن ٿا، سي پنهنجون اهڙيون صلاحيتون زرپرستيءَ بجاءِ معاشري ۾ غريب طبقن جي بهبود لاءِ استعمال ڪن ته هوند عبادت الاهيءَ جي عظيم عمل جي ثواب جا حامل ٿي پون.