مغضوب عليهم ۽ ضالين جو گروهه : مولانا محمد انس راڄپر
اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ﴿۵﴾ صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۬ۙ۬ غَیۡرِ الۡمَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمْ
وَلَا الضَّآ لِّیۡنَ ٪﴿۷﴾
”(اي الله) اسان کي سڌو رستو ڏيکار. انهن جو جن تي تو انعام ڪيو آهي. انهن جو نه جن تي تو غضب نازل ڪيو آهي ۽ نه گمراهن جو.“
مفسرن لکيو آهي ته غضب ڪيلن مان يهودي ۽ گمراهن مان نصارا مراد آهن. الله تعالى يهودين لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي:
وَضُرِبَتْ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ وَالْمَسْکَنَۃُ ٭ وَبَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللہِ (سورة بقره: ٦١)
”مٿن ذلت ۽ مسڪيني مسلط ڪئي وئي آهي ۽ انهن الله جو عضب خريد ڪري ورتو آهي.“
هتي اسان ٻن ڳالهين تي بحث ڪنداسين: هڪ ته غضب ڪيل ۽ گمراهه صرف يهودي ۽ نصارا آهن. ٻيو ڪو يا اسان مسلمان غضب ڪيل ۽ گمراهه ٿي سگهون ٿا يا نه؟ ٻيو ته الله جي غضب جي نتيجي ۾ غضب ڪيل ماڻهو صرف قبر ۽ قيامت ۾ خراب ٿيندو يا ان جا ڪي ٻيا به اثر آهن؟
اسان کي جڏهن الله تعالى بار بار صورت فاتحه ۾ دعا سيکاري آهي ته، اسان کي غضب ڪيلن ۽ گمراهن جو رستو نه ڏيکار، تنهن مان به ظاهر آهي ته اسان مسلمان ڪنهن به وقت اهڙي رستي تي هلي سگهون ٿا، جيڪو غضب ڪيلن ۽ گمراهن جو آهي، ان ڪري اهڙي صورتحال کان بچڻ جي دعا هر وقت زبان تي جاري رکائي وئي آهي.
ان کان سواءِ قرآن ۾ ڪيترين جاين تي مسلمانن کي اهل ڪتاب وانگر نه ٿيڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي. جيئن الله تعالي فرمايو آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ اٰذَوْا مُوۡسٰی ؕ(الاحزاب-٦٩)
”اي ايمان وارؤ انهن وانگر نه ٿيو جن موسى کي ايذايو.“
ٻئي هنڌ آهي:
وَمِنَ الَّذِیۡنَ قَالُوۡۤا اِنَّا نَصٰرٰۤی (انهن وانگر نه ٿيو) جن چيو: اسان نصارا آهيون.
سردست مون کي اهي آيتون ملي سگهيون آهن، نه ته اهڙيون کوڙ آيتون آهن. جن مان ثابت ٿيو ته مسلمان به يهودين ۽ نصارن جهڙو ڪم ڪري انهن وانگر گمراهي جي رستي تي هلي سگهن ٿا.
باقي رهيو سوال ته غضب ڪيل ۽ گمراهه ڪيئن ٿيندا آهن. انهن کي ڪي سڱ ٿيندا آهن يا ڪي ٻيون انهن جون نشانيون ٿينديون آهن جن سان اهي سڃاپجي سگهندا آهن؟
الله جي غضب جي معنى آهي: ”الله جو پنهنجي بندن کي گناهن جي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪرڻ.“ گناهن جي سزا جو اسان وٽ تصور انفرادي به آهي ته قبر ۽ قيامت سان به اهو جوڙيو ويو آهي. يعني صرف قبر ۽ قيامت ۾ سزا ملندي. دنيا جي هن زندگيءَ ۾ سزا جو اسان پنهنجي دلين مان خوف ئي ڪڍي ڇڏيو آهي.
جڏهن ته غضب ڪيلن ۽ گمراهن مان مراد هڪ جماعت، امت ۽ قوم آهي. يعني هڪ امت جهڙوڪ يهودي ۽ نصارا غضب ڪيل ۽ گمراهه آهن. مسلمانن کي انهن وانگر نه ٿيڻ جو تاڪيد به امت جي حيثيت ۾ آهي. قرآن مجيد ۾ يهودين ۽ نصارن تي الله جي غضب جو اظهار قبر ۽ قيامت ۾ انهن کي عذاب ڪرڻ سان نه ڪيو ويو آهي. بلڪه هن دنيا ۾ انهن کي ذلت، خواري ۽ مسڪنت ملڻ جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. جيئن هن مضمون ۾ ذڪر ڪيل پهرين آيت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏ سورت اعراف ۾ جيڪو الله تعالى فرمايو آهي، سو ڏسو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَیَنَالُہُمْ غَضَبٌ مِّنۡ رَّبِّہِمْ وَ ذِلَّۃٌ فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا
(اعراف: 152)
”جن گابي کي (خدا ڪري) ورتو جلد انهن کي سندن رب طرفان غضب ۽ دنيا جي حياتي ۾ ذلت پهچندي.“
سورة بني اسرائيل ۾ الله تعالى انهن تي پنهنجي غضب جي هڪ صورت بُخت نصر هٿان انهن جي مغلوب ٿيڻ جي بيان فرمائي وئي آهي:
وَقَضَیۡنَاۤ اِلٰی بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ فِی الْکِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِی الۡاَرْضِ مَرَّتَیۡنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴﴾
(بني اسرائيل: 5 کان 8)
”ڪتاب ۾ بني اسرائيل بابت فيصلو ڪيو سين ته، اوهان زمين ۾ ٻه دفعا فساد ڪندؤ ۽ تمام وڏي سرڪشي ڪندؤ.
جڏهن ٻنهي ڀيرن مان پهريون (فساد) جو انجام ايندو ته اسان انهن تي پنهنجي سخت طاقت وارا ٻانها اٿارينداسين جيڪي شهرن ۾ گهڙي پوندا ۽ انجام پورو ٿيڻو آهي.
وري اوهان کي هڪ ڀيرو موٽائينداسين. مال ۽ اولاد جي اوهان کي مدد ڏينداسين ۽ اوهان کي گهڻي نفري وارو ڪنداسين.
جيڪڏهن چڱو ڪندؤ ته پنهنجي لاءِ چڱو ڪندؤ. برو ڪندؤ ته پنهنجي لاءِ. ۽ جڏهن پويون واعدو ايندو ته جيئن اوهان جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي، تڏهن اهي ائين مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙندا جئين پهرئين ڀيري گهڙيا هئا. ۽ جنهن تي غالب ٿيندا تنهن کي چڱيان اجاڙيندا.
ٿي سگهي اوهان جو رب اوهان تي رحم ڪري، پر جيڪڏهن اوهان موٽندو ته اسان به موٽنداسين.( يعني ٻيهر اوهان کي سزا ڏينداسين.“
ڇهه سال قبل مسيح ۾ بابل جي بادشاه بُخت نصر يهودين تي حملو ڪيو. کين ذليل ڪيائين. هزارين يهودين کي غلام بنايائين. هيڪل کي برباد ڪيائين. مٿين آيتن ۾ ”پهرئين انجام“ مان ان ڏانهن اشارو آهي. آيت ۾ ٻئي انجام مان مراد رومي آهن، جن بيت المقدس کي بلڪل تباه ڪري ڇڏيو. بني اسرائيلن کي ماري ڪُٽي سٽي فلسطين مان ڪڍي ڇڏيو. آخري آيت ۾ يهودين کي ڌمڪي آهي ته جيڪڏهن وري به نه سڌريؤ ته مسلمانن جي اوهان مٿان غلبي جي صورت ۾ اوهان تي ٻيهر ذلت، مسڪنت ۽ خواري مسلط ڪئي ويندي. مطلب ته غضب ڪيل قوم کي الله تعالى دنيا ۾ ان طرح ذليل ۽ خوار ٿو ڪري ته قومون مٿن حملي آور ٿين ٿيون، ذلت ۽ مسڪيني سندن مقدر ٿئي ٿي.
مسلمان جڏهن مشرڪن جي مقابلي ۾ ضعيف ۽ ڪمزور هئا ۽ پوءِ مضبوط ٿيا ۽ مشرڪن کي شڪست ڏنائون ته الله تعالى سندن ان حالت بابت فرمايو:
وَلَقَدْ نَصَرَكُمُ اللہُ بِبَدْرٍ وَّاَنۡتُمْ اَذِلَّۃٌ ۚ فَاتَّقُوا اللہَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوۡنَ ﴿۱۲۳﴾ (آل عمران-١٢٣)
”الله تعالى اوهان جي بدر ۾ مدد ڪئي حالانڪه اوهان ڪمزور ۽ ذليل هيو.“
مسلمانن جي غلبي واري حالت ۾ نه هئڻ واري زندگيءَ بابت چيو ويو ته اوهان ”اذلھ“ هيا، جڏنهن الله اوهان جي مدد ڪئي، اوهان غالب ٿيا، مان ۽ عزت حاصل ڪئي.
مديني جي منافقن جي سردار پنهنجي سرداريءَ جي گهمنڊ ۾ اچي مهاجر ۽ انصار صحابه ۾ هڪ فتنو کڙو ڪري، ان جو فائدو وٺي، چيو: ليخرجن الاعز منها الاذل ”مديني مان عزت وارا (شان شوڪت ۽ اقتدار جا مالڪ) ذلت وارن کي ڪڍي ڇڏيندا.“ الله تعالى فرمايو، منافق ڀليل آهن، ته ڪو عزت ۽ اقتدار اڃا به وٽن آهي. الله تعالي فرمايو:
وَ لِلہِ الْعِزَّۃُ وَ لِرَسُوۡلِہٖ وَ لِلْمُؤْمِنِیۡنَ وَ لٰکِنَّ الْمُنٰفِقِیۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ ٪﴿۸﴾ ( المنافقون-٨) .
”عزت ۽ غلبو الله، سندس رسول ۽ مؤمنن کي حاصل آهي. پر منافق نه ٿا ڄاڻن.“
پر جڏهن قومون لڇڻ ۾ نه رهنديون آهن، ته عزت، غلبو ۽ وقار به وڃائي ويهنديون آهن. انهن کي الله دنيا ۾ ئي قومي برباديءَ جي صورت ۾ عذاب ڪندو آهي، پوءِ اهي مسلمان ڇو نه هجن. جيئن هڪ هنڌ الله تعالى مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمايو آهي:
اِلَّا تَنۡفِرُوۡا یُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِیۡمًا ۬ۙ وَّ یَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَیۡرَكُمْ ؕ(التوبه-٣٩)
”جيڪڏهن جهاد نه ڪندؤ ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڪندو ۽ اوهان جي جڳهه تي ٻي قوم بدلائي آڻيندو.“
هيءُ مسلمانن کي تنبيہ ۽ ڌمڪي آهي. ڇا مسلمانن ۾ اڃا اهو وقت ڪونه آيو آهي! ته الله کين عذاب ڪري ۽ ٻين قومن کي مٿن غالب ڪري؟
يهودين تي الله تعالى ڪيئي دفعا ۽ خاص طور تي ٻه دفعا اهڙو عذاب ڪيو: هڪ بخت نصر بادشاه جي ذريعي ٻيو رومين جي ذريعي ۽ ان سان گڏ مسلمانن جي ذريعي به. ان طرح مڪي جي مشرڪن تي الله مسلمانن جي ذريعي عذاب ڪيو، جڏهن فرمايائين:
قَاتِلُوۡہُمْ یُعَذِّبْہُمُ اللہُ بِاَیۡدِیۡكُمْ (التوبه-١٤)
”انهن کي قتل ڪيو، الله کين اوهان جي هٿان عذاب ڪرڻ ٿو گهري.“
ڇا مسلمانن تي الله اهڙو عذاب نازل ڪونه ڪيو آهي؟ هڪ دفعو نه، ٻه دفعا نه، ڪئي دفعا مسلمان الله جي اهڙي عذاب کي سهي چڪا آهن. بغداد تي تاتارين جي حملي کان وٺي، عثماني خلافت جي تخت ۽ تاج جي تاراج ٿيڻ کان وٺي، ڪيترن ئي مسلمانن جي فرنگي غلاميءَ کان ويندي اڄ ڪلهه عالمي، آمريڪي سامراج ۽ انهن جي اتحادين هٿان مسلمان قومن جي روز روز تذليل، ڇا ان الاهي عذاب کان گهٽ آهي جيڪو الله يهودين ۽ نصارن تي ڪيو. صديون گذري چڪيون آهن جو مسلمان دنيا ۾ الله جي عذاب ۾ مبتلا آهن! ڪيترين ئي غالب قومن هٿان لتاڙجي چيڀاٽجي ذليل ۽ خوار ٿي چڪا آهن. پر پوءِ به امت کي خوش رکيو ٿو وڃي ته هيءَ ڀلي امت آهي جلدئي ڪونه ڪو ڪرشمو ٿيندو، ڪو ظاهر ٿيندو جيڪو سڄي ڪايا پلٽي ڇڏيندو. الله هن امت تي شڪليون بدلائڻ جو عذاب نه ڪندو، وغيره پر جيڪو عذاب اسان تي مسلط آهي، جيڪو ڀوڳي رهيا آهيون، تنهن جي سجاڳي ڪوبه ڏيڻ وارو ڪونهي. مسلمانن جي هيءَ ذلت ۾ ورتل امت ڪڏهن به غلبو حاصل نه ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ ته هيءَ عذاب ۾ مبتلا آهي. هيءَ ان مقام تي پهچي چڪي آهي، جتي يهودي ۽ نصارا پهچڻ کان پوءِ صرف عذاب جا ئي مستحق ٿيا هئا. شاه ولي الله دهلوي چواڻي قرآن ۾ يهودين ۽ نصارن کي مليل تنبيهن ۽ دڙڪن وارين آيتن ۾ جيڪڏهن مسلمانن جو نالو شامل ڪجي ته يهودين ۽ نصارن جي خرابين جو سمورو قرآن جو تجزيو مسلمانن تي پورو نظر ايندو.
اڄ اسان کي خوش فهمين مان نڪري اچڻ گهرجي. پنهنجي چاڪ گريبانن ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. مٿي ۾ پيل ڌوڙ ڇنڊي، اکيون پٽي، پاڻ سنڀالڻ گهرجي. پنهنجي سوچن، فڪر ۽ عمل جي نئين سر آبياري ڪرڻ گهرجي. پنهنجو جائزو وٺي پاڻ کي بدلائڻ گهرجي. مولانا سنڌي ان ئي حالت مان ڪڍڻ لاءِ فرمايو هو: ”بدلجو نه ته زمانو اوهان جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندو!“.