پيغمبر اسلام جي نبوت جا ٻه درجا : نوراحمد ميمڻ
نبوت جو ٻيو درجو هي هو ته پاڻ سڳورا ﷺ ملت ابراهيمي تي دنيا جي سڀني قومن کي هڪ فڪر تي جمع ڪندا. بين الاقوامي دعوت ڏيڻ وارو امام پنهنجو ڪم بين الاقوامي دعوت کان شروع نه ڪندو، بلڪ سڀ کان پهريائين پنهنجي قوم جي صالح عنصرن کي جمع ڪري قومي انقلاب برپا ڪندو ۽ پوءِ انهيءَ قومي انقلاب جا مرڪزي ماڻهون انقلاب کي ٻين قومن تائين رسائيندا. اهو ڪم درجي به درجي ٿيندو. پاڻ سڳورن ﷺ پهريائين انقلاب کي حجاز مقدس ۾ ڦهلايو ۽ پوءِ ان جماعت ساڳي پروگرام تي ان انقلاب کي عالمي وسعت ڏني.
حضرت موسيٰ جو مثال
حضرت نبي اڪرمﷺ جي شاندار بين الاقوامي ڪاميابي انهيءَ (قومي ۽ بين الاقوامي) طبعي ۽ فطري اصول جي پابندي ڪري هئي. ساڳيو اصول انهيءَ کان پهريون به اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. حضرت موسيٰ عليه السلام فرعون جي ٿاڦيل خدائي دعويٰ ۽ استحصالي غلاماڻي نظام جي خاتمي لاءِ انهيءَ تبديليءَ جو آغاز پنهنجي قوم کان ڪيو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي دعوت حنيفيءَ جو ذمو سونپيو (جيڪا بين الاقوامي دعوت آهي) ته ان مقصد لاءِ سڀ کان پهريائين حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ سندس ساٿي ڀاءُ حضرت هارون عليه السلام کي حڪم ڏنو ته اهي فرعون وٽ وڃي بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو رکن:
فَاۡتِیٰہُ فَقُوۡلَاۤ اِنَّا رَسُوۡلَا رَبِّکَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ وَ لَا تُعَذِّبْہُمْ ؕ قَدْ جِئْنٰکَ بِاٰیَۃٍ مِّنۡ رَّبِّکَ ؕ وَالسَّلٰمُ عَلٰی مَنِ اتَّبَعَ الْہُدٰی ﴿۴۷﴾ (طٰہٰ: ٤٧)
يعني ”ٻئي فرعون وٽ وڃو، کيس چؤ ته اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون. تنهن ڪري بني اسرائيل کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر، اسان تنهنجي پروردگار جي نشاني کڻي تو وٽ آيا آهيون. سلامتي هجي انهيءَ تي جيڪو سڌي واٽ وٺي.“
پوءِ خدا جا ٻئي پيغمبر فرعوٽ وٽ وڃن ٿا ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام گفتگوءَ جي نمائندگي ڪندي چوي ٿو:
حَقِیۡقٌ عَلٰۤی اَنۡ لَّاۤ اَقُوۡلَ عَلَی اللہِ اِلَّا الْحَقَّ ؕ قَدْ جِئْتُكُمۡ بِبَیِّنَۃٍ مِّنۡ رَّبِّكُمْ فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ( اعراف ١٠٥)
تحقيق مان تنهنجي رب جي طرفان روشن دليل کڻي اوهان ڏي آيو آهيان. پوءِ (منهجي ڳالهه مڃيو ۽) بني اسرائيل کي مون سان وڃڻ ڏيو (ته مان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اڳوڻي وطن ڪنعان ڏي وٺي وڃان.)
انقلاب جو هي اصول آهي ته پهريائين ان جي ڏنل فڪر تي هڪ جانثار قوم تيار ٿئي جيڪا پنهنجي قومي انقلاب کي مضبوط ڪري ۽ پوءِ وري فڪر کي دنيا جي ٻين قومن تائين پهچائي. جهڙي طرح حضرت موسيٰ عليه السلام بين الاقوامي دعوت جي پيغمبر هئڻ جي باوجود پهريائين پنهنجي قومي بني اسرائيل جي آزادي لاءِ فرعون کي واضح مطالبو ڪيو. بلڪل ساڳي طرح قرآن چيو آهي ته اي پيغمبر! اسان توکي ائين ئي رسول ڪري موڪليو آهي جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام کي فرعون ڏانهن رسول ڪري موڪليوسون. حضرت نبي اڪرم ﷺجن به پهريائين قريشن ۽ عربن ۾ بين الاقوامي فڪر کي قومي رنگ ذريعي ڦهلائڻ شروع ڪيو. انهن ظلمن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو هو انسانيت تي ڪري رهيا هئا ۽ انهن کي الله تعاليٰ جي معرفت جو اهو سبق ياد ڏياريو جيڪو هو وساري چڪا هئا.
قرآن چوي ٿو ته ”پوءِ جڏهن فرعون انهيءَ پيغمبر جو چيو نه مڃيو ته اسان انهيءَ کي دردناڪ عذاب ۾ وڪوڙي ڇڏيوسي.“ حقيقت هي آهي ته فرعون جي ملوڪيت بني اسرائيل ۽ سڀني مصرين جو استحصال ڪري رهي هئي. هن کين غلامي جي انتهائي ذلت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. کانئن ايتري محنت ۽ مشقت ورتي ويندي هئي جو کين ڏاندن ۽ گڏهن وانگر سڀني گهريلو ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. اهرام مصر جهڙين بلند عمارتن جي تعمير ۾ لکين مڻ پٿر جون ڇپون سڀ انهن غلام مصرين جي هٿن سان ڍويون، گهڙيون ۽ جُڙيون. اسوان ڊيم کان اهي ڇپون جڏهن ڍويون وينديون هيون ته ڳرين ڇپن کي 10-10 هزار ماڻهو رسا ٻڌي ڇڪيندا هئا ۽ انهن کي ڇڪڻ دوران سوين ماڻهو مري پوندا هئا. اهڙي ذلت جي زندگيءَ مان حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي پهريائين قومي آزادي ڏيارڻ جو آغاز ڪيو.
جڏهن حڪمران طبقو پنهنجي قوم کي ايئن ذليل ڪري ته پوءِ ان جي باقي زندهه رهڻ جو جواز ڇا آهي؟ جڏهن هو پنهنجي قوم کي ئي ماڻهو نٿا سمجهن ته پوءِ بني اسرائيل جي انهن وٽ ڇا قيمت ٿي سگهي پئي؟ اهو ئي سبب آهي آهي جو فرعون بني اسرائيل کي آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي آزادي جي پروگرام تي منظم ڪيو ۽ کين مصر مان ڪڍيو. پوءِ الله تعاليٰ به بني اسرائيل جي خاص مدد فرمائي ۽ سندن دشمنن کي انهن جي اکين آڏو برباد ڪيو.
ڇهين صدي عيسويءَ جا فرعون ڪسريٰ ۽ قيصر:
اهڙي طرح ڇهين صدي عيسويءَ جي فرعونن ايران جي ڪسريٰ ۽ روم جي قيصر لاءِ هڪ نبي اعظم ﷺ آيو، جنهن اول عربن کي هي دعوت ڏني ته هو سردارن ۽ سردارن جي ذريعي بتن ۽ طاغوت جي غلاميءَ جو انڪار ڪن ۽ وحدانيت واري دين تي آزاد انساني معاشرو وجود ۾ آڻين. جڏهن عرب ۾ اهي مقصد حاصل ڪيا ويا ته پوءِ بين الاقوامي طرح انوقت جن ٻن طاقتن قوتن ۽ طبقن کي غلام بڻائي انسانيت جو رت ست چوسي ورتو هو، انهن کي دعوت ڏني ته اهي اسلام جو عدل ۽ برابريءَ وارو قانون قرآن حڪيم قبول ڪري ان کي رواج ۾ آڻين. جيڪڏهن هو ان قانون کي رائج نه ڪندا ته اهي پنهنجي غلام بڻايل قومن ۽ انهن جي هارين تي جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن، ان جي نتيجن جا پاڻ ذميوار ٿيندا. ان فڪر تي پيغمبر ﷺ عرب جي مسلمانن کي منظم ڪيو، جن ٿوري وقت جي اندر ٻنهي وڏين انسانيت دشمن شهنشاهيتن کي نابود ڪري ڇڏيو ۽ اسلام کي هڪ غالب فڪر جي طور تي دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيو.