مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

دولت ۽ سرمائي بات قرآن جو قانون : احمد الدين شر

مال ملڪيت ۽ هر قسم جي خزانن بابت قرآن پاڪ هڪ چٽو ۽ تمام ئي اهم قانون بيان فرمايو آهي:
وَلِلہِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ﴿المنافقون: ٧﴾
”آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن.“
ٻي جڳهه تي فرمايو ويو:
لِلہِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ۝۰ۭ ﴿البقرة: ٢٨٤﴾
”آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجھ آهي سو سڀ الله جو آهي.“
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته سڄي ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ الله تعالى آهي ۽ زمين جي اندر لڪيل سڀني خزانن جو مالڪ به اهو ئي آهي. هن انسان کي زمين تي پنهنجو نائب ۽ خليفو ڪري موڪليو آهي. ان ڪري انسان ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو پنهنجا سڀئي وسيلا ۽ معاملا الله تعالى جي مرضيءَ موجب نبيري. ائين الله تعالى هڪ انسان کي جيڪو مال ملڪيت ڏئي ٿو سو خليفي جي حيثيت ۾ بطور امانت ڏئي ٿو. تنهن ڪري هو دنيا جي اندر پنهنجي قبضي ۾ آيل مال دولت کي انهن ئي قانون مطابق خرچ ڪري سگھي ٿو، جيڪي الله تعالى مقرر فرمايا آهن. جيئن فرمايو ويو:
وَاَنْفِقُوْا مِمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْہِ۝۰ۭ ﴿الحديد: ٧﴾
”۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو.“
مطلب ته الله تعالى جيڪو توهان کي مال ڏنو آهي ان جو حقيقي مالڪ الله تعالى جي ذات پاڪ آهي. انسان رڳو ان جو امين آهي. جتي خرچ ڪرڻ لاءِ هو حڪم ڪندو، کيس امين جي حيثيت ۾، سندس مرضي مطابق، اتي ئي خرچ ڪرڻو پوندو. انسان جنهن مال ملڪيت جو وارث آهي، سو هن کان اڳ ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ هو ۽ هڪ وقت اهڙو به ايندو جو انهيءَ جو وارث ڪو ٻيو اچي ٿيندو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته مال ملڪيت تي انسان جي ڪا به ذاتي حقداري نه آهي، پر اها رڳو الله تعالى طرفان ڏنل امانت آهي ۽ انهيءَ کي خرچ ڪرڻ بابت هن جي مٿان ڪي ذميواريون وڌيون ويون آهن ته هو ڪيئن انهيءَ کي خرچ ڪري. هاڻي جيڪڏهن ڪو انسان انهيءَ نائبيءَ جي فرض کي صحيح طرح نٿو نڀائي ته الله تعالى کي اهو اختيار آهي ته جڏهن گھري کائنس اهو منصب واپس وٺي. جيئن فرمايو ويو:
وَلِلہِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ ﴿الحديد: ۱۰﴾
”آسمانن ۽ زمين جي ميراث سڀ فقط الله جي آهي.“
اهو عام مشاهدو آهي ته مال ملڪيت انسان وٽ هميشه نٿي رهي. ڪڏهن ته سندس حياتيءَ ۾ ئي ٻين ڏانهن هلي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ائين نه به ٿئي ته مرڻ کان پوءِ ته پڪ سان ٻين جي ٿي وڃي ٿي. وري جڏهن سمورا انسان مري کپي ويندا ته پوءِ اها انسان ذات مان ڪنهن هڪ جي به نه رهندي.
مٿين آيت ۾ الله تعالى هر شيءِ کي پنهنجي ميراث ڄاڻايو آهي. ميراث ان ملڪيت کي چيو ويندو آهي، جيڪا اڳين مالڪ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٺيان جيئرن وارثن کي ملندي آهي، پوءِ ڀلي انهيءَ وراثت تي مري ويل مالڪ راضي هجي يا نه. هتي ميراث لفظ آڻڻ جي حڪمت هيءَ آهي ته انسان جي دل گھري يا نه، پر جنهن ملڪيت جو هن وقت هو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، سا سموري ئي هڪ ڏينهن الله تعالى جي ملڪيت ۾ اچي ويندي. مطلب اهو آهي ته انهيءَ ملڪيت جو مالڪ ته اصلئون الله تعالى جي ذات ئي آهي، پر هن مهرباني ڪري انسان کي عارضي طور نيابت جي طور تي مالڪ بڻايو، وري هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو سندس اها ظاهري نيابت به ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ وري به ان تي مالڪي هر طرح سان الله تعالى جي ئي رهجي ويندي.
قرآن ڪريم ۾ ڪيترين ئي جاين تي مال جي محبت کان منع ڪندي، معاشري جي ڪمزور انسانن ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. زڪوات، صدقي ۽ ميراث جي ورهاست جا قانون پيش ڪري، هڪ مستقل انتظام ڪيو ويو آهي ته جيئن دولت چند ماڻهن جي هٿن ۾ رڪجي نه وڃي پر ان جي گردش سڄي مسلم معاشري ۾ ٿيندي رهي. انهيءَ ڪري ارشاد ٿيو:

مَاۤ اَفَآءَ اللّٰهُ عَلٰى رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَ الْيَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِيْنِ وَ ابْنِ السَّبِيْلِ١ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَآءِ مِنْكُمْ١ؕ ﴿الحشر: ٧﴾
”ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ ۽ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيو ويو) ته اُھو (مال رڳو) اوھان مان دنيادارن جي وچ ۾ گردش نه ڪندو رھي.“
زمين تي موجود مال دولت ۽ خزانن جو حقيقي مالڪ رڳو الله تعالى جي ذات پاڪ آهي. تنهن ڪري کيس اهو حق حاصل آهي ته دولت جي ورهاست ۽ سرمائي جي گردش جو مستقل اصول به مقرر فرمائي. اهو ئي جهانن جو پالڻهار آهي، انهيءَ ڪري سندس ربوبيت ان ڳالهه جي گھرجائو آهي ته هو سڄي مخلوق کي روزي پهچائي ۽ انهن جي پورائي لاءِ جوڳو انتظام فرمائي. تنهن ڪري الله تعالى زمين جي اهڙن خزانن جو انتظام پاڻ وٽ ئي رکيو اهي، جيڪي انسان جون فطري ضرورتون آهن. هوا، پاڻي، اُسَ، سج جي گرمي، مينهن وغيره ان ۾ اچي وڃن ٿا. اهي اهڙيون ضرورتون آهن، جن جو هرڪو انسان محتاج آهي ۽ انهن کان سواءِ سندس زندگي جو قائم رهڻ خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙين شين جي ورهاست جو انتظام الله تعالى پاڻ وٽ رکيو ته جيئن هر قسم ۽ هر علائقي جا ماڻهو، پوءِ ڀلي اهي ڪمزور هجن يا طاقتور، پهچ وارا هجن توڙي بي پهچ، سڀئي هڪ جهڙو فائدو حاصل ڪري سگھن. اهڙين شين کي الله تعالى پنهنجي ڪامل حڪمت تحت انساني قبضي کان محفوظ ڪيو آهي ۽ ڪنهن جي همٿ نه آهي جو انهن شين تي قبضو ڪري سگھي.
ضرورت وارين شين جو ٻيو قسم زمين مان نڪرندڙ پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون آهن. اهِي شيون جيتوڻيڪ جھجھي مقدار ۾ نه آهن، پر ان هوندي به جبلن، غير آباد ٻيلن ۽ قدرتي چشمن کي عام ڀلائي لاءِ مخصوص ڪري، هڪ خاص قانون هيٺ انسانن کي زمين جي ڪجھه حصن تي، ان مان نفعي حاصل ڪرڻ جو جائز حق به ڏنو ويوآهي. پر ان ۾ به شرط هيءُ آهي ته ڪو به انسان خدائي قانونن جي لتاڙ ڪندي ٻين جي استحصال جو ذريعو هرگز نه بڻجي ۽ نه وري دولت جا انبار ڪٺا ڪري. پر جيڪڏهن ائين ڪندو ته پوءِ اولي الامر جو فرض آهي ته نفعي وٺڻ لاءِ جيڪو کيس عارضي حق ڏنو ويو آهي سو واپس وٺي ڇڏي.
زمين مان حاصل ٿيڻ واري دولت جو ٽيون قسم کاڻيون آهن. انهن مان حاصل ٿيندڙ شين ۾ سون ۽ چاندي اهڙيون شيون آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان پنهنجي پوري توانائي خرچ ڪري ٿو. اهي شيون جيتوڻيڪ انسان جون فطري ضرورتون نه آهن، پر الله تعالى انهن کي پنهنجي ڪامل حڪمت هيٺ انساني ضرورتن جي پورائي جو هڪ وسيلو ٺاهي ڇڏيو آهي. انهن کاڻين مان نڪرندڙ سڀ شيون رعيت ۽ عوام جي گڏيل ملڪيت آهن.
هن قسم جي دولت جيڪڏهن عدل ۽ انصاف سان ورهائي وڃي ته سڄي زمين تي جيڪر ڪو به انسان بکئي پيٽ يا لڱين اگھاڙو نه رهي. پر انسان جي اندر موجود مال جي محبت کيس ڪنجوسيءَ تي اڀاري ٿي ۽ هو گھري ٿو ته وٽس گھڻي کان گھڻي دولت گڏ ٿئي ۽ رڳو پاڻ ئي انهيءَ مان فائدو وٺندو رهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ سرمايه پرستي ۽ مال ميڙڻ جا نت نوان طريقا وجود ۾ اچي چڪا آهن ۽ دولت رڳو ڪن ڳڻپ جيترن ماڻهن جي هٿن ۾ ئي گردش ڪرڻ لڳي آهي.
انساني تاريخ جي هر دؤر ۽ هر زماني ۾ ٻه تهذيبون رهيون آهن. انهن مان هڪ اخلاقي، جڏهن ته ٻي نج مادي تهذيب آهي. اخلاقي تهذيب هميشه اسلام ئي رهي آهي. اسلام کي ڇڏي ڪري باقي ٻي هر تحريڪ مادي بنيادن تي رهي آهي.
مادي تهذيب موجب ماڻهو ڌن دولت ڪمائڻ جي معاملي ۾ آزاد آهي. جيئن وڻيس، جائز توڙي ناجائز طريقي سان، ڪمائي ۽ جتي وڻيس خرچ ڪري. ان لاءِ مٿس ڪا به روحاني يا اخلاقي پابندي ناهي. انهيءَ موجب انسان لاءِ ضروري آهي ته مال ڪمائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪوشش ڪري ۽ پنهنجي سڄي ڪوشش ان کي وڌائڻ تي خرچ ڪري. هن تهذيب ۾ مال ميڙڻ ئي زندگيءَ جو مقصد آهي.
ان جي مقابلي ۾ اسلام اندر زندگيءَ جو مقصد مال ميڙڻ نه آهي، پر اهو زندگيءَ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ذريعو آهي. انهيءَ ڪري ئي مال کي ”قياما للناس“ سڏيو ويو آهي يعني هيءُ معيشت جي ترقي جو سامان آهي جنهن ۾ توازن رکڻ لاءِ اولي الامر يا رياست ذميوار آهي.
اسلامي تهذيب ۾ مال کي محتاجن ۽ لاچارن ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان کي پاڻ وٽ گڏ ڪري رکڻ کان نه رڳومنع ڪئي وئي آهي پر اهڙي روش تي تنبهه پڻ ڪئي وئي آهي:
وَيْلٌ لِّكُلِّ ہُمَزَۃٍ لُّمَزَۃِۨ۝۱ۙ الَّذِيْ جَمَعَ مَالًا وَّعَدَّدَہٗ ۝۲ۙ ﴿الهمزة:۱-۲﴾
”(اُنھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ خرابي آھي. جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين“
ٻئي پاسي قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ فرض زڪوات کان سواءِ، ڪيترين ئي جاين تي، صدقي ۽ خيرات جي صورت ۾ خرچ ڪرڻ جو نه رڳو حڪم ڏنو ويو آهي، پر جي وڏي فضيلت پڻ ٻڌائي وئي آهي. فرمايوويو:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ۝۰ۥۭ ﴿آل‌عمران: ٩٢﴾
”توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي.“
انهيءَ آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان ايمان جي اعلى درجي تي تيستائين نٿو پهچي سگھي جيستائين هو پنهنجي دل مان مال دولت جي محبت کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي الله تعالى جي حب رکي، ان جي رضا لاءِ معاشري جي بي پهچ ۽ ضرورتمندن ۾ خرچ نه ڪري.
قرآن جتي اضافي مال کي مسڪين ۽ محتاجن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، اتي انسان جي بنيادي ضرورتن کي به نظر انداز نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو خرچ ڪرڻ جي معاملي ۾ به اهو ئي فرمايو ويو ته جيڪو ڪجھه توهان جي ذاتي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سو الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪريو:
وَيَسْــَٔـلُوْنَكَ مَاذَا يُنْفِقُوْنَ۝۰ۥۭ قُلِ الْعَفْوَ۝۰ۭ ﴿البقرة: ٢١٩﴾
”۽ توکان پڇن ٿا ته الله جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون؟. انهن کي چئو ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سوخرچ ڪيو.“
پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي بنيادي ضرورتن جي باوجود به الله تعالى جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪنهن لاچار ۽ ضرورتمند جي مددگاري ڪري ٿو ته الله اهڙن انسانن کي نفس جي شامت کان بچي ويل ٻڌائي ٿو:
وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِہِمْ وَلَوْ كَانَ بِہِمْ خَصَاصَۃٌ۝۰ۭۣ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِہٖ فَاُولٰۗىِٕكَ ہُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۝۹ۚ ﴿الحشر:٩﴾
”۽ (ٻـين کي) پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن، توڻيڪ کين ڪو احتياج به ھوندو آھي ۽ جن کي سندن نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن. “
هن سڄي بيان جو مقصد هيءُ آهي ته الله تعالى قرآن پاڪ ۾ ڪيترين ئي جاين تي مال خرچ ڪرڻ ۽ ان جي ورهاست جو طريقو ٻڌائيندي، زڪوات، صدقا، غنيمنت، فيءِ ۽ ميراث مستحق ماڻهن انصاف سان ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنو آهي. انهيءَ حڪم جو اصل مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته مال دولت کي انصاف ۽ انساني برابري جي بنياد تي سڀني ضرورت مندن تائين پهچايو وڃي ۽ ان ڳالهه جو خاتمو آندو وڃي ته مال دولت ۽ سڀئي معاشي فائدا رڳو اميرن ۽ پئسي وارن وٽ گڏ ٿيا پيا هجن ۽ معاشري جا ٻيا ماڻهو انهيءَ کان محروم رهن. سچ هيءُ آهي ته قرآن ڪريم دولت جي ورهاست ۽ سرمائي جي گردش جا اهڙا ته سهڻا اصول ٻڌايا آهن جنهن تائين وڏا وڏا اقتصادي ۽ معاشي ماهر اڃا توڻي پهچي ئي نه سگھيا آهن. اهي اصول قيامت تائين اچڻ وارن انسانن لاءِ امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي جا بنياد آهن جن تي انساني تهذيب ۽ تمدن جي مضبوط ۽ خوبصورت عمارت اڏي سگھجي ٿي.