اجتماعي عدل : مولانا محمد طاسين رحه
اجتماعي عدل جي خاصيت هيءَ آهي ته اهو جنهن سماج ۾ قائم ٿيندو آهي، ان جي اندر هر فرد کي جٽادار امن ۽ اطمينان جي زندگي نصيب ٿيندي آهي، جنهن جي هر انسان جي دل ۾ پيدائشي ۽ غير اختياري طور تي طلب ۽ خواهش هوندي آهي. ان ريت ان سماج ۾ هر فرد جي انهن صلاحيتن کي اڀرڻ ۽ ڪارائتو بڻجڻ جو موقعو ملندو آهي، جيڪي ڪائنات کي مسخر ڪرڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ جي مقصد سان هر انسان جي اندر رکيون ويون آهن.
اجتماعي عدل جي ان خاصيت کي نظر ۾ رکندي سدائين ان جي ضرورت ۽ اهميت محسوس ڪئي وئي ۽ هر دين ۽ مذهب ۽ هر آئين ۽ قانون ان ڏانهن ڌيان ڏنو آهي. حڪومت جو ادارو اجتماعي عدل کي قائم ڪرڻ خاطر وجود ۾ آيو ۽ هر سماج پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان اجتماعي عدل قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اڄ پڻ هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ان جي ضرورت ۽ اهميت محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ ان لاءِ ڪوششن جو سلسلو جاري آهي.
جيستائين قرآن حڪيم جو تعلق آهي، اهو اجتماعي عدل کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ سماج ۾ ان جي قيام کي انتهائي ضروري قرار ڏئي ٿو، بلڪه هيئن چوڻ گهرجي ته اجتماعي عدل اهو مرڪزي مقصد آهي، جنهن کي قرآن حڪيم پنهنجي سموري تعليم ۾ اهم مقصد طور تي آڏو رکيو آهي ۽ ان جو ثبوت قرآن حڪيم جي هن آيت مان ملي ٿو جيڪا سورت الحديد ۾ هن ريت بيان ٿيل آهي:
”لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ“
(الحديد:٢٥)
”بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي پڌرن دليلن سان موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ تارازي (حڪمت ۽ دانائي) نازل ڪئي، ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي سڌا رهن.“
قرآن حڪيم جي هن آيت مان ظاهر ٿئي ٿو ته، الله تعاليٰ انساني رشد ۽ هدايت لاءِ جيترا رسول موڪليا ۽ جيترا ڪتاب نازل ڪيا، انهن جو مقصد ليقوم الناس بالقسط هيو. يعني هيءُ ته انساني سماج ۾ قسط (انصاف) ۽ اجتماعي عدل قائم ٿئي ۽ هڪ اهڙو عادلانه معاشرو وجود ۾ اچي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جا هر قسم جا حق پوريءَ طرح محفوظ هجن.
ٻين لفظن ۾ هن آيت جو مطلب هيءُ آهي ته، الله تعاليٰ رسالت جي وحي جو جيڪو سلسلو قائم فرمايو، ان مان هڪ وڏو مقصد هيءُ هيو ته انسانيت کي انهن عقيدن ۽ فڪرن ۽ انهن اصولن ۽ تصورن ۽ عملي طور طريقن کان آگاهه ڪيو وڃي، جن کي اختيار ڪرڻ سان هر انسان جا هر قسم جا حق صحيح طور تي محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ اجتماعي عدل ۽ انصاف وجود ۾ ايندو آهي. ۽ جيئن ته قرآن حڪيم ۽ رسالت محمديه وحيءَجي سلسلي جي آخري ڪڙي ۽ انتهائي طور تي ان جي مڪمل شڪل آهي، تنهن ڪري ان جو صاف مطلب اهو ٿيو ته قرآن ۽ اسلامي تعليمات جو پڻ هڪ مٿانهون ۽ مرڪزي مقصد هيءُ آهي ته، انساني سماج ۾ قسط (انصاف) ۽ اجتماعي عدل قائم ٿئي.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ اجتماعي عدل جي جيڪا اهميت آهي، ان جو اندازو ان مان پڻ ڀليءَ ڀت ٿي سگهي ٿو ته قرآن مجيد جي مختلف آيتن ۾ مختلف صيغن سان ٻاويهه جاين تي لفظ عدل ۽ ٽيويهن جاين تي قسط (انصاف) ۽ اقساط جو ذڪر آهي ۽ ان ۾ ترغيب ۽ تاڪيد آهي ته زندگيءَ جي هر معاملي ۽ هر حال ۾ عدل ۽ انصاف کي اختيار ڪرڻ ۽ ان تي هلڻ گهرجي. عدل ۽ قسط جو ضد ظلم آهي. قرآن حڪيم ۾ اهڙين آيتن جو ڳاڻاٽو ٻن سون کان وڌيڪ آهي، جن ۾ ظلم جي مذمت ۽ منع ڪيل آهي.
قرآن حڪيم ۾ اجتماعي عدل سان لاڳاپيل جيڪو هدايت جو نظام آهي، ان جي تعارف جي سلسلي ۾ هيءَ عرض ڪرڻ ضروري آهي ته ڪنهن سماج ۾ اجتماعي عدل تڏهن ئي عملي طور تي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻه شيون موجود هجن: هڪ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام جنهن مان فردن جا ذهن اجتماعي عدل لاءِ تيار ٿيندا آهن. يعني فردن جي اندر اجتماعي عدل جي ضرورت ۽ اهميت جو احساس ۽ ان جي افاديت جو شعور اڀري ۽ پوءِ لڳاتار زندهه ۽ سجاڳ رهندو هجي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اجتماعي عدل قائم ٿي ئي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان قائم ٿي به وڃي ته گهڻي دير تائين باقي ۽ برقرار نٿو رهي سگهي ۽ ٻي شيءِ حقن ۽ قانونن جو اهڙو ضابطو آهي، جيڪو انساني وحدت ۽ مساوات تي مشتمل ۽ انسان جي فطري گهرجن سان مڪمل هڪ جهڙائپ رکندو هجي، جنهن تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سماج جي سمورن فردن جا هر قسم جا حق مڪمل طور تي محفوظ ٿي ويندا آهن.
غور سان ڏسجي ته قرآني هدايت جي نظام ۾ هي شيون سهڻي نموني ۽ مڪمل طور تي موجود آهن، يعني قرآن ۾ ايماني عقيدن ۽ اسلامي عبادتن تي ٻڌل تعليم ۽ تربيت جو هڪ اهڙو نظام ملي ٿو، جنهن مان ذهنن ۾ عدل ۽ انصاف جو اهڙو عالمگير احساس ۽ جذبو اڀرندو آهي، جيڪو هڪ انسان کي بغير ڪنهن تخصيص ۽ فرق جي سمورن ٻين انسانن جا حق صحيح طور تي ادا ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت تي آماده ڪندو آهي ۽ عدل جو اهو احساس ۽ جذبو خاص طور تي الله رب العالمين، رحمان ۽ رحيم ۽ مالڪ يوم الدين جي اعتقاد ۽ يقين مان پيدا ٿيندو ۽ اسلامي عبادتن جي ذريعي سدائين زنده ۽ سجاڳ رهندو آهي.
ان سان گڏ قرآني هدايت واري نظام ۾ حقن ۽ قانونن جو هڪ مڪمل ضابطو پڻ موجود آهي، جيڪو انساني برابري ۽ مساوات تي ٻڌل ۽ انساني فطرت سان مڪمل مطابقت رکي ٿو ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سڀني فردن جا هر قسم جا حق صحيح طور تي محفوظ ٿي وڃن ٿا. اهي حق پڻ جيڪي هر انسان کي انسان جي حيثيت ۾ پيدائشي طور تي حاصل هوندا آهن، جن کي بنيادي ۽ فطري حق چيو ويندو آهي ۽ جيڪي اجتماعي عدل لاءِ بنياد ۽ پيڙهه جي حيثيت رکندا آهن ۽ اهي حق پڻ جيڪي فردن جي نسبت سان فردن کي حاصل هوندا آهن، جن کي نسبتي ۽ اضافي حق چيو ويندو آهي. جيئن پيءُ ماءُ ۽ اولاد جا حق، مڙس ۽ زال جا حق، مائٽن ۽ پاڙيسرين جا حق، استاد ۽ شاگرد جا حق، ڪم وٺندڙ ۽ ڪم ڪندڙ يعني مزدور جا حق، حاڪم ۽ رعيت جا حق.
جيتوڻيڪ اجتماعي عدل قائم ڪرڻ لاءِ ان قسم جي حقن جو تحفظ ضروري ۽ اهم آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ فردن جا بنيادي حق محفوظ نه هجن ته رڳو ان ٻئي قسم جي حقن جي حفاظت سان اجتماعي عدل قائم نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته بنيادي انساني حقن جو مقصد ۽ فلسفو هيءُ آهي ته هر فرد کي پنهنجي طبعي ڄمار تائين امن ۽ اطمينان سان زندهه رهڻ ۽ پنهنجن صلاحيتن کي ڪم آڻڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، تنهن ڪري بنيادي حقن جي تحفظ سان وڏي حد تائين امن ۽ اطمينان جي فضا پيدا ٿي ويندي آهي.
اسلام اجتماعي عدل جي سلسلي ۾ بنيادي انساني حقن جي حفاظت تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو، پر افسوس آهي ته اڄ ڪنهن به مسلمان ملڪ ۽ سماج ۾ نه رڳو هيءُ ته، عملي طور تي بنيادي انساني حقن کي مڪمل طور تي تحفظ حاصل ڪونهي، بلڪه نظري ۽ علمي طور تي پڻ بنيادي انساني حقن جو اهو تصور واضح نٿو ٿئي، جيڪو قرآن ۽ حديث ۾ پيش ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته مسلمان معاشرا ان پاسي ڌيان ڏين ۽ اجتماعي عدل جي سماجي ۽ معاشرتي پهلوءَ کي خاص طور تي سمجهن ۽ پوءِ ان کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ڪنهن به سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سڌارو نٿو ٿي سگهي ۽ نه اهي گوناگون سماجي، معاشي، سياسي ۽ اخلاقي برايون ۽ بدعنوانيون ختم ٿي سگهن ٿيون، جن جي خاتمي جي اسان سڀ خواهش رکون ٿا.
(سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو)