اسلام ۽ ٻين مذهبن جي حقيقي تعليم کي فراموش ڪرڻ جا نتيجا : مولانا عبداللطيف نانگراج
مذهب جي باري ۾ هڪ رويو ته اهوئي آهي ته ان جو بلڪل انڪار ڪري ڇڏجي (يعني مذهب انساني ذهن جي پيداوار آهي، ڪو خدائي قانون نه آهي.) جيئن يورپ وارن جي پروپئگنڊا آهي.
ٻيو رويو انهن مذهبي پوئلڳن جو آهي جيڪي مذهب جو عقيدو ته رکن ٿا، ان کي الله جي بي انتها نور جي روشني به قرار ڏين ٿا ۽ مذهب کي انسانذات جي طبعي تقاضا به تسليم ڪن ٿا، پر ان جي روح کي پوئتي ڪري ظاهر پرستيءَ ۾ محو ٿي وڃن ٿا. يعني ان جي حقيقي تعليمات کي نظرانداز ڪري ڇڏن ٿا.
حقيقت ۾ هيءَ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ٻنهي روين جو نتيجو هڪ ئي آهي. قرآن شريف چٽي طرح بيان ڪري ڇڏيو آهي ته مذهب جي اصل تعليمات جو انڪار يا ان کان لاپرواهي ڪرڻ جي ڪري انسان جي زندگيءَ تي تمام هاڃيڪار اثر ٿئي ٿو.
سورة نور جي آيت نمبر 39 ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”حق کان ڀٽڪيل ماڻهن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي، اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان ته جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي. تان ته اهو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ڏسي ٿو. سو خدا سندس عملن جو حساب پوري طرح ڪري انهن جو بدلو کيس ڏئي ٿو. ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.“
سورة نور جي آيت نمبر 40 ۾ آهي:
”ڀليل ماڻهو ڄڻ ته هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن. جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇائنجي ويون آهن. ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن. يعني اوندهه مٿان اوندهه جا تهه چڙهيل آهن. (ايتريقدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خودغرضي سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه.“
پهريون مثال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي مذهب جي حقيقي تعليم کي ڇڏي رڳو ان کي چند رسمن ۾ بند ڪري ڇڏن ٿا ۽ انهن جي پوڄا پاٽ ڪري ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا.
روح کي فنا ڪري رڳو چند عبادتن ۾ دين کي بند ڪرڻ ۽ ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ وارن ماڻهن لاءِ ڄڻ مذهب هڪ سراب وانگر آهي جو ظاهر ۾ ته اهي ان کي حقيقي مذهب سمجهندا آهن پر حقيقت ڪجهه به نه هوندي آهي ۽ اهو رويو عقيدي جي باوجود دين جو عملاً انڪار آهي. اڄ اسلام ۽ دنيا جي سمورن مذهبي پوئلڳن جو اهوئي حال آهي.
ٻيو مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي مذهب کي اهميت نٿا ڏين. مذهب کي هڪ فالتو ۽ بيڪار شيءِ سمجهن ٿا ۽ ان جو انڪار ٿا ڪن، اهو رويو مغربي مريدن ۽ ڪميونسٽن جو آهي. انهن جو مثال اهڙن ماڻهن وانگر آهي جيڪي اهڙي جڳهه ڦاٿل هجن جتي رڳو اونداهي ئي اونداهي هجي، جتي روشنيءَ جو نالو نشان ئي نه هجي.
اهي مغربي مريد سمجهن ٿا ته سائنسدانن ايٽم بم، هائڊروجن بم ٺاهڻ ۽ تيز اڏامندڙ هوائي جهاز ۽ چنڊ تائين پهچائيندڙ شٽل گاهون ٺاهي انهن انسانذات جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري ورتو آهي، حقيقت ۾ اها انهن جي ڀُل آهي. بيشڪ سائنس جي ترقيءَ پنهنجا ڇيهه ڪري ڇڏيا آهن پر انهن سائنسي سهولتن کي نسورو فائدي وارو بنائڻ لاءِ اهو ڏانءُ ۽ فڪر ڪٿي آهي جو انسانيت کي سک ۽ سلامتي حاصل ٿئي. ان اڻهوند جي ڪري انسانيت کي ٻن وڏين عالمگير جنگين سان گڏ مسلسل انسانن جو قتل ۽ استحصال پلئه پيو آهي. جيڪڏهن وحدت انسانيت جي رهنمائيءَ جو اهو ڏانءُ ۽ فڪر مذهب کان حاصل ڪيو وڃي ها ته هيڏي ساري سائنسي هوند انسانيت لاءِ وڏي فائديمند بنائي سگهجي ها.
الله تعاليٰ هن ڪائنات جي سيج کي بي شمار نشانين سان سجائي ڇڏيو آهي جنهن جي هڪ هڪ نقش مان حق تائين رسائي جي روشني حاصل ٿئي ٿي. بس رڳو مصنوعي پردن کي هٽائي دل جي اکين سان انهن جو مشاهدو ڪرڻو آهي. پر جيڪي هيڏن ڌوڏن هوندي به دل جا انڌا آهن انهن کي بائيولاجي، زولاجي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ مادي علم ته نظر اچن ٿا پر الله جي معرفت کان پري ڀٽڪيل آهن ۽ اکين جي روشني هوندي به حق کي نٿا سڃاڻن.
جيڪڏهن تاريخ جو صحيح تجزيو ڪيو وڃي ته وڏن وڏن تهذيبن جي مٽجڻ جو بنيادي سبب هيءُ معلوم ٿيندو ته اهي وحدت الوجود جي حق واري معرفت کان انڌيون هيون. هاڻي به يورپ جو ظاهري شان ۽ شوڪت ته وائڙو ۽ حيران ٿو ڪري ڇڏي، پر حقيقت ۾ يورپ تباهي ۽ بربادي ۾ جڪڙيل آهي. ٻن خطرناڪ عالمي جنگين کانپوءِ هر نئي سج نڪرڻ سان ننڍيون ننڍيون جنگيون ۽ اندروني فساد ظاهر ٿين ٿا ۽ هاڻي ٽين جنگ جو مانڊاڻ مچي چڪو آهي. اقبال لينن جي زبان سان مغرب جو صحيح نقشو چٽيو آهي.
یورپ میں بہت روشنی علم و ہنر ہے
حق یہ ہے کہ بے چشمہ حیوان ہے یہ ظلمات
مغرب هڪ طرف ترقيءَ جي ايڏي هوند ۾ آهي ته ٻئي طرف اطمينان ۽ سلامتي جي ايڏي اڻهوند ۾ ٻڏل آهي، پر هاڻي ان جي نقش قدم تي هلندي مشرقي قومون به مذهب کان پري ٿينديون پيون وڃن. جنهن ڪري مشرق جو معاشرو به وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن مصيبتن ۾ جڪڙبو.
ٻئي رويا هڪ ئي نتيجو پيدا ڪن ٿا. يعني تباهي ۽ بربادي، فتنو ۽ فساد. مذهب جي حقيقي تعليم (يعني الله جي معرفت، انسان دوستي، آزادي ۽ مساوات) ٻين لفظن ۾ شرڪ جي سمورن بتن کي ٽوڙي (جنهن ۾ سرمائيداري ۽ جاگيرداري به اچيو وڃن.) توحيد جي تصور تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن اها ڳالهه اسان سمجهي نه سگهياسين ته اسين روشني هوندي به انڌا آهيون، علم هوندي به جاهل آهيو، ۽ انقلابي پروگرام هوندي به اسين زوال ۽ تنزليءَ جو شڪار رهنداسين.