مذهب

جيئن جيئن پرين پَسن

اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
Title Cover of book جيئن جيئن پرين پَسن

گهر ڀاتين سان پاڻ سڳورنﷺ جو رويو : مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو

پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي گهر ڀاتين تي انتهائي مهربان ۽ شفيق هوندا هئا. گهر ڀاتين سان شفقت ۽ پيار سان پيش ايندا رهندا هئا. پنهنجين گهروارين سان پيار ۽ اُلفت جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ انهن سان خوش طبعي ۽ مزاح پڻ ڪندا هئا ته جيئن پاڻ ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا سگهارا ٿين.
حضرت عائشه $ کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته پاڻ سڳورا ﷺ گهر ڀاتين سان ڪيئن هلندا هئا؟ تنهن تي اما عائشه $ فرمايو: پاڻ سڳورا ﷺ گهر ۾ عام انسانن جيان ئي رهندا هئا، پر پاڻ ﷺ ڏاڍا شفيق هئا ۽ اعليٰ اخلاق جا مالڪ هئا. فضول ڳالهيون نه پاڻ ڪندا هئا ۽ نه اهي ٻڌڻ پسند ڪندا هئا. برائيءَ جو بدلو برائيءَ سان نه ڏيندا هئا، پر خطائون درگذر ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن گهر ڀاتي ڪنهن ڳالهه کي پسند ڪندا هئا ۽ شرعي طور تي اها صحيح هوندي هئي ته پاڻ سڳورا ﷺ ان کي نه ٽاريندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ نه ڪڏهن ڪنهن خادم کي ماريو ۽ نه ئي ڪڏهن پنهنجي ڪنهن گهر واريءَ کي مار ڏني. گهر وارن سان خوش ٿي ۽ مرڪي ملندا هئا. صبح، شام گهروارين ڏانهن چڪر لڳائيندا هئا ۽ انهن کي پاڻ سلام ڪندا هئا. گهر جي سار سنڀال ۽ گهر ڀاتين جي ضرورتن جو لحاظ رکندا هئا. گهر آيل عورتن جا شرعي مسئلا ٻڌندا هئا ۽ نهايت ئي فهميده نموني ۽ سمجهاڻين سان کين ديني مسئلا سمجهائيندا هئا. پنهنجين گهر وارين کي پاڻ سان گڏ جنگين تي وٺي ويندا هئا ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ حج پڻ ادا ڪرايائون.
حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن غزوه حنين يا غزوه تبوڪ کان واپس آيا ته جاري ۾ کين هڪ رانديڪي تي نظر پئي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو: اي عائشه! هيءَ ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو: هي راند جي گڏي آهي. ان جي وچ تي گهوڙو هو، جنهن کي ٻه پر هئا، پاڻ سڳورن فرمايو: اڙي گهوڙي کي پر؟ مون عرض ڪيو: اي الله جا رسولﷺ ڇا اوهين نه ٻڌو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جي گهوڙي کي پر هئا، حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته ان تي پاڻ سڳورن ﷺ کي کل اچي وئي تان جو پاڻ سڳورن ﷺ جا ڏند مبارڪ ظاهر ٿيڻ لڳا.
(ابوداؤد 2/112)
جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ڪنهن سفر تي روانا ٿيندا هئا ته گهروارين جي دلجوئيءَ جي لاءِ گهروارين جا ڪڻا وجهندا هئا. پنهنجين گهروارين کي خوش رکڻ جي لاءِ انهن کي عشاءَ کان پوءِ قصا ۽ واقعا ٻڌائيندا هئا، اهي قصا ۽ واقعا نصيحت ۽ حڪمت تي مشتمل هوندا هئا.
گهروارين سان رلي ملي ويندا هئا ۽ گهر جي هر ڪم ۾ انهن جو هٿ ونڊائيندا هئا. حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورا ﷺ ڪپڙا سبي ويندا هئا. جتي ڳنڍي ويندا هئا ۽ گهر ۾ عام انسان جيڪي ڪم ڪندو آهي پاڻ سڳورا ﷺ اهي به اهي سمورا ڪم سرانجام ڏيندا هئا.
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته، پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي گهروارن جي لاءِ پاڻيءَ جا دلا ڀري ايندا هئا ۽ پنهنجي ٻڪريءَ جو کير پاڻ ڏهندا هئا. هي هيو پاڻ سڳورن ﷺ جي گهر ڀاتين سان رويو، ڪردار، اخلاق ۽ سيرت. جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ الله جا پيارا نبي هئا، امت جي اتباع واري حيثيت سان سندن سڀني گهروارين کي پاڻ سڳورن ﷺ جي هر حڪم جو اتباع ڪرڻو هو، پر پوءِ پاڻ سڳوراﷺ انهن جي دلجوئيءَ جي لاءِ انهن ۾ قرع اندازي ڪن ٿا، انهن سان کل ڀوڳ ۽ خوش طبعي ڪن ٿا ۽ انهن سان هر ڪم ۾ هٿ ونڊائين ٿا. جيڪڏهن اڄ جو معاشرو پاڻ سڳورن ﷺ جي ان سيرت تي هلي پوي ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سان، پٽن سان، نياڻين سان ۽ گهر وارين سان دوستاڻو رويو رکي هلي ته گهرن جي ماحول ۾ محبتن الفتن جا ڪيترا رنگ اڀري پون. ۽ هي گهرو معاشرو جنت جو ٽڪرو بڻجي سگهي ٿو.

رشتيدارن/ مائٽن سان پاڻ سڳورن جو رويو
اسلام مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن سان سهڻي سلوڪ جي حڪم ڪري ٿو، جنهن کي صله ءِ رحمي چيو وڃي ٿو. رحمت للعالمينﷺ جن جي اخلاقي تعليم ۾ جنهن شيء کي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي، اها آهي صلهءِ رحمي، مائٽن ۽ عام انسانن جي حقن جي پاسداري. قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي رشتيدارن، مٽن مائٽن ۽ عام انسانن جي حقن جي طرف توجه ڏياريو ويو آهي. ۽ اهو ڪنهن تي احسان نه بلڪ ان جو حق قرار ڏنو ويو آهي. مثال طور تي قرآن مجيد ۾ آهي:
(1) وَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ (الاسراء:26) ۽ پنهنجي مائٽ کي سندس حق ڏي.
(2) فَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ (الروم:38) پوءِ مائٽيءَ واري کي سندس حق ڏي.
(3) وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ ذَوِی الْقُرْبٰی (البقره:177) ۽ الله سان محبت ڪري رشتيدارن کي مال ڏيو.
(4) قُلْ مَاۤ اَنۡفَقْتُمۡ مِّنْ خَیۡرٍ فَلِلْوَالِدَیۡنِ وَالۡاَقْرَبِیۡنَ (البقره: 215) (کين) چئو ته جيڪو مال خرچ ڪريو سو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ آهي.
پاڻ سڳورا ﷺ جيتوڻيڪ پوري انسانيت لاءِ رحمت هئا، پر ان رحمت جي شروعات مٽن مائٽن کان ڪن ٿا.
دعوت اسلام جي وقت پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي پوري خاندان ۽ قبيلي کي گڏ ڪن ٿا. ۽ انهن کي هن انداز ۾ مخاطب ٿين ٿا: يا معشر قريش يا معشر بني عبد مناف! يا معشر بني قصي يا معشر عبد الڪعب. ان آواز تي مڪي جا قريش گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي اسلام جي دعوت ڏين ٿا. اسلام ۽ توحيد واري دعوت تي جيتوڻيڪ مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن پاڻ سڳورن ﷺ کي تڪليفون پهچايون، مسلمانن سان قطع تعلقات ڪيائون، کين شهر ڇڏڻ ۽ هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيائون پر پوءِ به پاڻ سڳورن ﷺ انهن کان انتقام نه ورتو ۽ انهن کي معاف ڪري ڇڏيائون.
پاڻ سڳوراﷺ هر موقعي تي پنهنجن جو لحاظ رکندا هئا ۽ انهن جي ديني تربيت ڪندا هئا. ۽ انهن کي نيڪيءَ جي ترغيب ڏيندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ جيڪڏهن ڪنهن مٽ مائٽ ۽ رشتيدار ۾ ڪا خرابي ڏسندا هئا ته خيرخواهيءَ جي بنياد تي نهايت ان کي اتي جو اتي درست ڪري ڇڏيندا هئا.
اڄ ڪلهه ڏٺو وڃي ته اسان جو هر مبلغ ۽ داعي پنهنجن ۾ تبليغ ڪرڻ کان لهرائيندو آهي. هو ٻاهر ته وڏو مبلغ ۽ داعي هوندو آهي ۽ پنهنجن گهر وارين ۽ عزيزن ۾ ڪنهن به قسم جي تبليغ نه ڪندو آهي. ان جو هڪ سبب هيءَ آهي ته اڄ جو داعي پنهنجي زبان سان ته اسلام ۽ حق جي دعوت ڏئي ٿو، پر هو پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ بهتري پيدا نه ٿو ڪري سگهي ۽ مثالي انسان نٿو بڻجي سگهي. ان ڪري هو ان لڄ ۽ شرم کان پنهنجن ۾ ڪا حق جي ڳالهه ڪري نٿو سگهي. ٻاهر جا ماڻهو هن جا واقف ۽ ان جي ڪرتوتن کان آگاه نٿا هجن، تنهن ڪري هو ٻاهر وڏي طمراق سان پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي سگهي ٿو. اهڙي قسم جي تبليغ پنهنجي هوس ۽ شوق جي پيروي ته ٿي سگهي ٿي، پر اسلام جي حقيقي تبليغ ٿي نٿي سگهي. ان بابت ئي ته چيو ويو آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفْعَلُوۡنَ ﴿۲﴾
کَبُرَ مَقْتًا عِنۡدَ اللہِ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا مَا لَا تَفْعَلُوۡنَ ﴿۳﴾ (صف:2-3)
”اي ايمان وارؤ! اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو، جا نٿا ڪريو، جيڪي اوهين (پاڻ عملاً) نٿا ڪريو سا ڳالهه چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي.“
اسلام جي حقيقي تبليغ اها ئي آهي جيڪا پنهنجي ڪردار جي ذريعي ڪئي وڃي، ۽ زبان کي پنهنجي عمل جي ذريعي سگهارو بڻائي استعمال ڪيو وڃي. اهڙي تبليغ جي شروعات پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ويجهن ماڻهن کان ٿيندي. عمل ۽ ڪردار کان وانجها بدڪردار ماڻهو اهڙي قسم جي تبليغ جو تصور به نٿا ڪري سگهن.
دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ به اسان کي پاڻ سڳورن ﷺ جي ”اسوه حسنه“ تي عمل ڪرڻو پوندو. پنهنجو ڪردار ۽ قبلو درست ڪرڻو پوندو، پوءِ ڏسو ته ڪيئن لشڪرن جا لشڪر اسلام ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيئن نه اسان جي دعوت ۽ تبليغ مؤثر ٿئي ٿي.