شخصيتون ۽ خاڪا

پتنگ جئن پيدا ٿيو

ڪتاب ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شهيد شايان ڳورڙ جي جدوجهد ۽ زندگيءَ تي لکيل مضمونن، تعزيتي تاثرات ۽ شاعراڻي ڀيٽا تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا سهيڙيندڙ احمد خان چانڊيو ۽ منظور مهيسر آهن. شايان پنھنجي نوخيز جواني جي مختصر مدت ۾ ذھني ۽ شعوري سگھ جو ثبوت ڏنو، اھڙي ڪارڪردگي ھر نوجوان ڏئي، سنڌ صدين کان صدين تائين سرسبز رھي. هو 21 سالن جي ڦوهه جواني ۾ حادثاتي طور وڇڙي ويو.
Title Cover of book پتنگ جئن پيدا ٿيو

مهاڳ

مهاڳ


بهادر شاهه ظفر ڪيڏو نه سچ چيو
عمر دراز مانگ کي لائي ٿهي چار دن
دو هجر ۾ ڪٽي اور دو انتظار ۾

شايان ڳورڙ کي قدرت، سياست، محبت، سماج ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙ ۽ زندگي گذارڻ لاءِ ٿورڙو وقت ڏنو هو، 21 سالن جي مختصر ڄمار.
شايان جي عمر به واقعي ڄڻ ته چار ڏينهن ئي هئي. 21 سالن جي مختصر ڄمار، پرائمري تعليم کان بي اي تائين پڙهائي، 7 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ (عوامي تحريڪ) سان وابستگي، ڦوهه جواني ۾ 5 سال لاڳيتو محبت جي شمع سندن من ۾ روشن رهي ۽ 21 سالن جي عمر ۾ 14 مئي 2017ع ۾ موت هٿان کنڀجڻ. شايان ڳورڙ جي 21 سالن جي زندگي مختصر زندگي ۽ سندس سياسي، سماجي زندگي ۽ سندس ڪردار کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شايان ڳورڙ ڄڻ ته بس هڪ مقصد لاءِ پيدا ٿيو هو.
7 سالن کان سياست جي شروعات ڪندڙ شايان ڳورڙ زندگي دوران 14 سالن تائين سياست جي مختصر سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ ايترو ڪم ڪري ڏيکاريائين جيڪو سندس نالي کي هڪ وڏي عرصي تائين زندهه رکندو.

سوانحي خاڪو:
شايان ڳورڙ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سوجهڙو ڳورڙ ۾ پهرين جنوري 1996ع تي اسان جي دوست ۽ ساٿي علي شير ڳورڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو عبدالباسط هو. شايان ڳورڙ پرائمري تعليم مدينه ڪالوني، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ون، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪئي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ پاس ڪيائين ۽ سندس جاگرافي شعبي ۾ داخلا ٿي. پر ڪجهه ذاتي سببن جي ڪري يونيورسٽي پڙهڻ نه ويو ۽ ايم اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگلش پاس ڪري وڪيل ٿيڻ جو ارادو ڪيو هئائين. ذاتي زندگيءَ ۾ به شايان هڪ محبتي نوجوان، همدرد انسان هو. هن زندگي ۾ شايد ئي ڪنهن سان ٻاڙو ٻوليو هجي. هڪ معصوم، هڪ خاموش، حساس، گهٽ ڳالهائو، ڪم سان ڪم رکڻ، وڏائي ۽ شوبازي کان پري رهندڙ، سلڇڻو ۽ سٻاجهڙو ۽ صدورو نوجوان هو. هو اسان جي سماج مان موڪلائي ويل قدرن کي پنهنجي والد علي شير ڳورڙ وانگر هر وقت قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ڪوشان رهندڙ مهمان نواز نوجوان هو. شهري مصروف زندگي ۾ به هر وقت مهمانن، دوستن جي ميڙ ۾ سندن آجيان ۽ خدمت لاءِ شايان اڳڀرو رهيو.
سياست:
شايان ڳورڙ هڪ باشعور ۽ حساس نوجوان هو. پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي شدت سان محسوس ڪندو هو. پنهنجي وطن واسين جي ڏکن سورن کي ختم ڪرڻ جا احساس کڻي هو سياست ۾ آيو. اها تِڙپ اهو احساس ۽ اهو روح جو آواز سندس آخري هڏڪي تائين جهڪو، ماٺو يا ختم نه ٿيو.
18 هين صدي جي فرانسيسي جڳ مشهور مصنف، ڊراما نگار، ناول نگار، فلسفي والٽيئر پاران لکڻ جي شروعات دوران سندس والد کان ڪنهن پڇيو اوهان کي ڪيترا پٽ آهن، والٽيئر جي والد جواب ڏنو ٻه (جڏهن ته کيس 3 پٽ هئا.) مخاطب ٿيندڙ شخص کيس چيو اوهان کي ته 3 پٽ آهن. والٽيئر جي والد جواب ڏنو 2 ئي سمجهو، ٽيون شاعري ڪرڻ لڳو آهي. منهنجي نظر ۾ اهو مري چڪو آهي. سنڌ ۾ به اڪثر سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ والدين جي به اهڙي راءِ هجي ٿي ۽ اهي اولاد جي سياسي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر ٿيڻ / هجڻ تي سخت اعتراض ڪن ٿا. پر شايان ڳورڙ کي سندس والد قومي ڪارڪن ۽ استاد علي شير ڳورڙ ئي (19 هين صدي جي مشهور فرانسيسي ناول نگار گستائو فلائبير (Gustave Flaubert) جي والد وانگر) پاڻ ٻاراڻي وهيءَ ۾ 7 سالن جي عمر ۾ سياست ڏانهن راغب ڪيو. جيتوڻيڪ علي شير ڳورڙ جو بنيادي تعلق سنڌ جي آجپي واري تحريڪ جيئي سنڌ محاذ سان هو. ۽ هو جيئي سنڌ محاذ جو شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد غفار سومرو، پاويل جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت الله کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو هو. پر هن روايتي سياسي انداز بجاءِ پنهنجي اولاد کي سياسي طور آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو. شايان ڳورڙ 7 سالن جي عمر ۾ عوامي تحريڪ جي ٻارن لاءِ قائم ڪيل سجاڳ ٻار تحريڪ مدينه ڪالوني يونٽ جو صدر ٿيو بعد ۾ عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. شايان ڳورڙ ننڍڙي عمر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن مرحومه زاهده شيخ، مريم پليجو ۽ نظير قريشيءَ کي نه رڳو ميهڙ تعلقي جا دورا ڪرايا پر ميهڙ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي عورتن کي گڏ ڪري تنظيم سازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ عوامي تحريڪ جي قيادت سان اختلافن بعد عوامي تحريڪ مان ڌار ٿي عوامي جمهوري پارٽي ۾ ابرار قاضي، حسين بخش ناريجو، ڀائو در محمد ٻرڙو، حريف چانڊيو، ميڊم نظير قريشي، وشنو مل ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيائين. پاڻ عوامي جمهوري پارٽي جي شاگرد ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو باني آرگنائيزر، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ خزانچي به رهيو.
سماج ۾ تبديلي ۽ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙ:
شايان ڳورڙ سماج ۾ تبديلي، سجاڳي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ نوجوان اڳواڻ هو. هن هڪ نئين دنيا اڏڻ جا خواب ڏٺا هئا. ان لاءِ هن سياست ۾ به پير پاتو. سياست به اها جنهن ۾ ماڻهن جي حقن جي ڳالهه هئي. سماج ۾ تبديلي ۽ ترقي جي ڳالهه هئي. سماج کي بدلائڻ واري سوچ هئي. اقتداري سياست نه هئي. هو ڪيترن ئي صلاحيتن وارو نوجوان هو. چاهي هان ته ڪنهن اقتداري پارٽي ۾ شامل ٿي، اقتداري ڌر جا نعرا هڻي ٻين وانگر ڪا سٺي، سڻڀي نوڪري حاصل ڪري پئي سگهيو ۽ ڪروڙ پتي نه ته لک پتي ٿي پئي سگهيو ان ۾ ذهين ۽ ضمير جو سودو ڪرڻو پئي ٿو. پر هن ائين نه ڪيو ۽ هو ان سياسي جماعت ۾ رهيو جنهن جو مشن اقتدار نه پر سماج ۾ تبديلي، نئون سماج اڏڻ، مذهبي رواداري، جمهوريت جو قيام ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات هئي. هن سماج ۾ اسٽيٽسڪو خلاف جاکوڙ ڪئي. ميهڙ واسين جا پاڻي، بجلي، گئس، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جا مسئلا هجن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هجي، ڌارين جي آبادڪاري خلاف جهدوجد هجي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف تحريڪ هجي، شايان ڳورڙ هميشه اڳرو رهيو. مقامي سطح کان ضلعي سطح ۽ سنڌ سطح تي مقامي توڙي سنڌ جي قومي مسئلن تي تحريڪ ۾ هن نمايان ڪردار ادا ڪيو. پاڻ تعليم جي تباهيءَ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي پيادل لانگ مارچ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. شايان جي اکين ۾ ديس ۽ ديس واسين جي خوشحاليءَ جا خواب هئا ۽ هو انهن خوبصورت خوابن جي ساڀيان لاءِ مسلسل جاکوڙ ۾ رهيو. شايان هڪ اهڙو بيچين روح هو جيڪو پنهنجي ذاتي يا انفرادي مسئلن بجاءِ اجتماعي مسئلن، سماج ۾ تبديلي ۽ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو. شايان ڳورڙ سياسي، سماجي، شهري، سول سوسائٽي فورمن تي جيڪا جدوجهد ڪئي اها مثالي آهي. هو اڄ جي دور ۾ اڪثر نوجوانن وانگر مايوس ٿي، بي راهه روي يا سماجي براين جو شڪار ٿيندڙ نوجوانن جي اڪثريت واري دور ۾ هڪ رول ماڊل نوجوان هو. جيڪو نه صرف پڙهيو، سياست ڪئي، سماجي ڀلائيءِ جا ڪم ڪيا، قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، تعليمي تباهيءَ خلاف تعليم بچايو سنڌ بچايو جي نعري هيٺ پيادل مارچ ڪيا. مطلب ته شايان ڳورڙ هڪ با مقصد زندگي گذاري.
ثقافت سان پيار:
شايان ڳورڙ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان بيحد پيار ڪندڙ نوجوان هو. روزانه ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سڏ تي 2009ع کان 2016ع تائين لاڳيتو 8 سال اجرڪ ٽوپي جي ڏهاڙي کان سنڌو درياهه جي ڏهاڙي، ايڪتا ڏهاڙن ۾ سدائين پرجوش ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ريلين، ميڙاڪن ۽ موٽر سائيڪلن ريلين جي اڳواڻي ڪندي پنهنجي ثقافت سان پيار ۽ ايڪتا جي اظهار لاءِ اڳڀرو رهيو. ميهڙ ۾ شايان جي قيادت ۾ ايڪتا ڏهاڙن تي ٿيل مختلف پروگرام ۽ ايڪتا ريليون ان جي اڄ به شاهدي ڏئي رهيون آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته 21 سالن جي مختصر زندگيءَ کي شايان ڳورڙ با مقصد نموني گذاريو. برک شاعر امداد حسيني جي هن شعر تي سڄي زندگي عمل ڪندو رهيو.
سنڌ جي سڏ تي سڏ جيڪو نه ڏي
ڪوڙهيو ٿي مري
شايان ڳورڙ ڪوڙهيو ٿي مرڻ بجاءِ سڄي حياتي سنڌ جي سڏ تي سڏ ڏيندو رهيو.
قربانيءَ تي انحصار:
مشهور ليکڪ ميڪسم گورڪي هڪ هنڌ لکيو آهي “گهريلو زندگي هڪ انقلابيءَ جي طاقت کي گهٽائي ڇڏيندي آهي. سدائين ائين ٿيندو آيو آهي. ٻار، بيوسي، ڳڀو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرڪ ڊوڙ ۾ اسان کي هميشه اڳتي وڌڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسين اهي آهيون جن کي تاريخ چونڊيو آهي ته پراڻي دنيا کي ختم ڪري، هڪ نئين دنيا ويهي اڏيون.” شايان به زندگيءَ ۾ هڪ نئين دنيا، نئين سماج اڏڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
مون کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ ڪڏهن ڪڏهن مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري وانگر چوندو هجي “آءُ اتي هليو ويندس، جتان موٽي ڪوبه ڪونه آيو آهي. پوءِ توهان مون کي سڏيندا، پر توهان جو سڏ، توهان جي ڪنن سان ٽڪرائجي، توهان کي ٿڪائي وجهندو، پر توهين مون کي نه ڳولي سگهندؤ!” ۽ ان سان به ائين ٿيو. هن جنهن هميشه “قربانيءَ” تي انحصار ڪيو. پيار جي قرباني، والد مٿان پنهنجي جان جي قرباني ڪري هليو ويو ۽ اسين کيس ڳوليندا ئي رهون ٿا.
سنڌ جي برک دانشور، ڏاهي حشو ڪيولراماڻي بابت ڪتاب “حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت” ۾ نامياري اديب مدد علي سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته حشو ڪيولراماڻي حياتيءَ دوران پنهنجي دوست علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو “منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي مزار جو هي ڪتبو ٿي سگهي ٿو هتي اهو ماڻهو رکيل آهي جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، انهن کان ڀڄي ويو، ان ڳالهه جي ڳولا لاءِ جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو!”
سچ ته شايان ڳورڙ به ائين ئي ڪيو، هو اڄ ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي سوجهرو ڳورڙ جي قبرستان جي ڪلراٺي زمين ۾ ستل آهي. سندس ماءُ ۽ والد پنهنجي جوان پٽ جي مٿي تي موڙ ٻڌڻ ۽ ڀينرن پنهنجي ڀاءُ جي هٿن تي ميندي ۽ دوستن سندس هميشه ساٿ جا خواب ڏٺا هئا پر هو انهن سڀني کان هٿ ڇڏائي ائين اوچتو موت هٿان کنڀجي ويو، جو اسان کيس ڳوليندا ئي رهون ٿا!!
شايان ڳورڙ لائبريري جو قيام:
سوويت يونين جي يوڪرين شاعرا “ انا اخمتوفا ” لکيو آهي:
حرفت سان چنڊ،
شاهي دروازي مان پٺيان لڪي ڏٺو،
ته ڪيئن مان شام جي وقت
پنهنجي موت کان
پنهنجي شهرت موٽائي ڏني،
هاڻي هو مون کي وساري ڇڏيندا.
منهنجا ڪتاب المارين ۾ پيا بوسيده ٿيندا.
۽ ڪائي گهٽي، يا گذر گاهه
انا اخمتوفا جي نالي سان نه سڏي ويندي!
اهو ڏک يوڪرين جي شاعره انا اخمتوفا جو ٿي سگهي ٿو پر شايان ڳورڙ جي وڇوڙي بعد سندس نالي پٺيان ميهڙ جي هاءِ اسڪول ٽو ۾ شايان ڳورڙ لائبريري جو بنياد سندس ياد هميشه تازي ڪندو رهندو ته اسان کيس وساريو ناهي سندس مثالي ڪردار، جدوجهد، ڪم ۽ قرباني جي هڪ ننڍڙي ئي سهي پر مڃتا ضرور ٿي آهي.
شايان ڳورڙ بابت ڪتاب:
گيتا ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي:
“جسم فاني آهي. جيڪو پيدا ٿيو ان جو مرتيو يقيني آهي. جيڪو مري ويو، ان جو جنم اٽل! ان ۾ دک جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڏک ۽ سک، نفعو ۽ نقصان، هار ۽ جيت کي هڪ سمجهي تون ويڙهه ڪر!”
اسان جي يار علي شير ڳورڙ جي جوان پٽ جي وڇوڙي جي درد کي سندس خاندان سان گڏ سندس ساٿين، دوستن احمد خان چانڊيو ۽ منظور مهيسر شدت سان محسوس ڪندي، حوصلي ۽ همت سان ان درد کي ڀوڳيندي ڀوڳيندي “هڪ دکدائڪ ياد” طور هميشه محفوظ رکڻ لاءِ سندس ياد ، سندس ڪم، سندس ڪردار، جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ سندس شخصيت کي تاريخ ۾ هميشه زندهه رکڻ لاءِ هي ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” سهيڙيو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران شهيد شايان ڳورڙ اڪيڊمي ميهڙ جي سهڪار سان ڇپرائي يادگار ۽ مثالي ڪم ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ناميارن اديبن، شاعرن، ليکڪن، سياسي، سماجي مطلب ته مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن سائين جوهر بروهي، علي شير ڳورڙ، علي نواز ٻٽ، پاويل جوڻيجو، سليم مگسي، امتياز عادل سومري، عمر تيوڻي، ڪرم حسين وساڻ، ڊاڪٽر سراج سيال، طاهر محزون، حبيب حضوري، شمس ابن ضيا، شفيق چنا، لياقت علي ڏيپر، سردار غلام دستگير ڳورڙ، روشن علي ٻگهيو، ايڊووڪيٽ ساجد علي ڳورڙ، غوث جتوئي، انجنيئر جاويد علي ڳورڙ، اعجاز علي ڳورڙ ۽ ٻين جا مضمون، تاثر، تقريرون، شاعري ۽ ٻيو مواد شامل آهي. جنهن بابت وڌيڪ ڪجهه لکندي پڙهندڙن جي وچ ۾ اجائي ديوار بڻجڻ نه ٿو گهران.
سچ ته هنن دوستن شايان ڳورڙ جي ڪردار، ڪم کي سوجهرو ڳورڙ ۽ ميهڙ جي مدينا ڪالوني جي سوڙهين گهٽين ۽ اماس راتين ۾ گم ٿيڻ ناهي ڏنو. هن ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” جي اشاعت سان صدين تائين شايان ڳورڙ جي سفر کي گم ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي مثالي ڪردار تاريخ ۾ گم ٿي ويل نظر اچن ٿا.
آزاد انور ڪانڌڙو
ميهڙ، سنڌ
03068577522
25 اپريل 2018ع