شايان شير : نه وسرندڙ شخصيت
اظهر سولنگي
اهو آچر 14 مئي جو ڏهاڙو هيو ۽ شام جا 4 وڄي رهيا هئا منهنجين ننڊاکيل اکين، خماريل دماغ کي موبائل تي ميسيج لڳو جنهن مونکي مڪمل طور جاڳائي وڌو. منهنجي دوست فاروق سومرو پاران موڪليل ميسيج پڙهڻ سان مونکي يقين نه ٿي آيو، مون بار بار ميسيج کي پڙهيو ۽ سوچيم ته ڪٿي فاروق کان غلطي ته نه ٿي آ، وري چيم نه نه فاروق ڪڏهن به غلط ڳالهه مون تائين ڊليور نه ڪئي آهي. هن ميسيج مونکي گهڻي تڪليف ڏني ۽ پريشان ڪيو، ڀلا هن ميسيج سان ڪنهن کي تڪليف نه پهتي هوندي، مان يقين سان چوان ٿو ته هر ان دوست کي تڪليف ۽ گھرو ڏک پهتو هوندو، جيڪو هن جو دوست هيو، هر ان شهري کي ڏک پهتو هوندو جنهن جا هن سان تعلقات هيا، هر پاڙيسري محلي دار کي ضرور ڏک پهتو هوندو جنهن سان هن جي هيلو هاء هوندي هئي. ها انهن سڀني کان گهڻو دلي صدمو مونکي ان ميسيج ڏنو جنهن ۾ شايان شير جي موت جي خبر لکي مون ڏانهن موڪليو ويو.
ان وقت مونکي موت جو فلسفو بلڪل به نه ٿي سمجهه ۾ آيو ته هي موت جو ننڍو لفظ هڪ باهمت، بهادر ۽ همت نه هاريندڙ شخص کي هي موت ڪيئن شڪست ڏئي سگهيو هوندو...؟ مون جيئن پوء تيئن گهڻو غور ويچار ڪندو رهيس ۽ سوچيم ته ڇا اهو موت اسان کان، اسان جو هڪ بهادر نوجوان اڳواڻ اهو به شايان...! اسان وچان الڳ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو..؟ مون کي قطعي به يقين نه ٿي آيو ۽ نه ئي آهي ته ڪو شايان اسان کان جدا آهي. موت جو لفظ مونکي شايان جي ڪردار ۽ شخصيت کي مٽائڻ لاء ڪافي نه آهي. مونکي يقين نه ٿي آيو ته اسان کان شايان جهڙو بهادر، همت ڀريو نوجوان، ظلمت خلاف للڪاريندڙ آواز رکندڙ اڳواڻ ڇني ڌار ڪري اسان کان دور دور وٺي ويندو... ۽ ها مونکي ته ڇا پر جڏهن هي ڏک ڀريو نياپو پنهنجي ساٿي دوست عامر (جيڪو ان وقت به مون سان گڏ هيو جڏهن نياپو مليو هو ) سان رات جو دير دير تقريبن ڏهه وڳي شيئر ڪيو ته هو به غور فڪر ۾ ويهي رهيو ۽ چيائين ته ڇا واقعي ائين ٿي سگهي ٿو.. مون بغير وراڻئي جي چپ ڪري ويهي رهيس. ان وقت مون سوچيو هو ته سائين علي شير سان رابطو ڪري ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جو اظهار ڪيان پر مونکي ان وقت اهو سڀ ڪجهه رسمي اظهار پئي لڳو. جيڪو ڏک ونڊڻ جو سچو اظهار ۽ احساس دل ۾ آهي اهو فون ذريعي ڪٿي ٿو ونڊجي سگهي. منهنجي اهڙي خيال تي منهنجي دل به منهنجو ساٿ نه ڏنو ۽ ذهن ته پهرين ئي ان ڳالهه کي مڃڻ لا تيار نه هيو ته پوء اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان شايان جهڙي شخصيت جي مرتئي تي ان جي بابا سان فون تي تعزيت ڪيان.
هو اهو شايان هو جنهن کي خدا اهڙي ڏات ڏني هئي جو مونکي هن جي اسٽيج تي اچڻ وقت اياز ۽ بخاري جي شاعري جو اتساهه لڳندو هيو.
هن ۾ شايد ازل کان اڳواڻي ڪرڻ جي به خاصيت موجود هئي تڏهن ته هن سنڌي شاگرد اتحاد نالي هڪ اتحاد جوڙيو جنهن ۾ شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سياسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهتر پليٽ فارم آهي.
هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ فطري طور سماج کي نئين سر اڏڻ جي جستجو ۽ لگن شامل هئي تڏهن ته معصوميت واري ئي عمر ۾ هتي جي ڏکويل، ستايل عوام جي حقن جي حاصلات لاء يڪسان رفتار سان ڪوششن ۾ رهيو.
هو ننڍڙي عمر ۾ ئي بي چين رهيو ٿي ته سماج ۾ حقدارن کي حق ڪيئن ڏيارجي ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڀٽڪندڙن کي انصاف ڪيئن ڏيارجي، پوء هن ائين ڪرڻ لاء ميدان ۾ لهي پيو ۽ معاشري ۾ ظلم ۽ جبر جي خلاف للڪاريندو رهيو ۽ هن جو پويان ڇڏيل ويزين هميشه هن معاشري ۾ ظلم ۽ جبر ڦهلائيندڙن خلاف للڪاريندو رهندو. هن جو آواز ڏيهه جي ڏاڍن خلاف ڳالهائيندو رهندو ۽ پڇندو رهندو ته اي ظالمو..! سنڌ ۽ سنڌين مٿان ظلم آخر ڪيسين..؟ اهڙي مڙس مٿير جي آئون ڪيئن عذرخواهي ڪيان، مان علي شير ڳورڙ کي ڪيئن چوان ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو اسان جو شايان شير آهي اهو اسان سان گڏ رهندو. هن جو سياسي قد ڪاٺ، اخلاقي بلندي ۽ احساسن جون سمنڊ جيان ڇوليون هڻندڙ ڳالهيون ۽ يادون اسان سان گڏ رهنديون.
هن جو اسٽيج تي بيهي ڪڙڪيدار آواز جيڪو ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو ، اهو انداز گفتگو ۽ شاعري جي تلفظن جي ادائگي ڀلا ڪير وساري سگهندو..! اسين ڪيئن ٿا وساري سگهون اهو شايان شير جيڪو ظالمن جي ظلم خلاف نڪرندڙ ريلين ۾ اڳيان اڳيان هلندي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن خاطر بلند آواز ۾ ظالمن کي للڪاريندو هو.
هو اهو شايان شخص هو جنهن ۾ سمورا گڻ ۽ خاصيتون موجود هيون، بااخلاق، باڪردار، يقين جي پختگي رکندڙ شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن هو. هن جي اخلاق جي بلندين کي ڏسي ڪيئن ئي سچائين جا دعويدار رشڪ ڪندا هئا.
اي..! شايان جا ابا ۽ امان توهان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيو جو اوهان جو پٽ شايان آهي. ۽ ٻي طرف شايان جي وڇوڙي واقعي اوهان کي پيڙائن ۾ ڌڪي ڇڏيو هوندو پر اوهان غم زده ڪڏهن به نه ٿجو ته اوهان جو پٽ شايان شير اوهان کان جدا ٿيو آهي. هو توهان کان جدا نه ٿيو آ هو اوهان سان جڙيل آ، اها ڪيڏي نه فخر جهڙي ڳالهه آ جو شايان پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ هيڏو سارو وڏو جهان جوڙي ويو آهي، جنهن جهان ۾ ان شايان جا سڀ پنهنجا آهن ڪو به پرايو يا ڌاريو ڪونه آهي. اهو ان جي محبت ۽ پيار جو صلو آهي جنهن پنهنجي پويان اڻ ڳڻيا سندس سان پيار ۽ محبت ڪرڻ وارا ڇڏيا آهن. ان شايان شير تي فخر ڪرڻ گھرجي جيڪو پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ هڪ امر ڪردار بڻجي ويو آهي.
شايان جي امڙ ۽ بابل علي شير اوهان جي اها ڪيڏي ته قابليت ڀائنبي جو اوهان شايان جي بهترين تربيت ڏئي پالنا ڪئي، اها پالنا ۽ تربيت ڏني جنهن ۾ انا نه هئي، جنهن ۾ گھمنڊ ۽ وڏائي نه هئي. سادگي هن جو سينگار هئي. هن کي اوهان محبت، اخلاق ۽ پيار جا سبق پاڙهيا ۽ اوهان پاران ان ڏنل سبق کي هو به سماج ۾ وهائڻ جو ئي هميشه ڪم ڪندو رهيو.
اڄ شايان اسان سان جسماني طور گڏ ناهي پر هو اسان سان پنهنجي امر ڪردار ذريعي گڏ گڏ رهندو. هو اسان کي ياد رهندو پنهنجي دليري ۽ بهادري جي عيوض. جڏهن به پٽ جو پي سان بي انتها پيار ۽ محبت جو ذڪر ٿيندو ته يقين سان انهن کي شايان شير ياد ايندو. جڏهن اسان جي سماج ۾ پيءُ سان پٽُ جو معاملو ٿيندو ته يقين سان ان پٽُ کي شايان جو قصو ٻڌائي والدين ُ سان محبت ڪرڻ جو مثال شايان شير ڏنو ويندو.
شايان شير جي قرباني ڪا عام قرباني نه آهي ان قرباني عيوض هو هميشه جي لاء امر ٿي ويو آ.