مون کي جياريو پرين جي ڳالھه
ايڊووڪيٽ: محمد علي نوناري
مون کي چڱي ريت ياد نه آھي ته اھو ڪھڙو سال ھو پر گھڻي ڀاڱي 02/2001 جو سال ٿو لڳي، جڏھن مان سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ گھڻو سرگرم ھوندو ھئس اسان ڪافي دوست ھياسين جنھن جي پاڻ ۾ سٺي (under standing) ھوندي ھئي، جن ۾ اسان جو دوست سائين احمدخان چانڊيو وڌ کان وڌ سرگرم ۽ رابطي ۾ رھندڙ دوست ھيو، ٻئي نمبر تي قربان پنھور ھئو، جيڪو ٽن سالن ۾ تعلقي جو صدر ۽ سائين احمد خان جنرل سيڪريٽري ھئو، ٻنھي دوستن جي محنت سان اسان جي سنگت (پارٽي) ۾ ھڪ اھڙي جوڙي جي انٽري (داخلا) ٿي جنھن جوڙي اسان نوجوانن خاص ڪري ميھڙ شھر جي نوجوانن کي وڏي ھمت ۽ حوصلو ڏنو ڇو ته ٻنھي دوستن ۾ حد کان وڌيڪ ھم آھنگي ۽ خيالن جي ھڪ جھڙائي ھئي، ۽ وڏي ڳالھ ته پاڻ ۾ سھپ به ھوندي ھئي، اھي دوست جيڪي جوڙي جي صورت ۾ اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيا سي ھئا، سائين روشن ٻگھيو صاحب ۽ سائين علي شير ڳورڙ صاحب ٻئي دوست جيئن ئي اسان جي سنگت ۾ شامل ٿيا، تيئن ئي ڄڻ سنگت ۾ نئون ساھ ۽ روح اچي ويو ھجي، اسان سڄو سڄو ڏينھن پارٽي ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندا ھئاسين، اڳيئي اسان دوستن يعني سائين احمدخان ۽ منظور مھيسر جي گڏيل ھم صلاح ۽ ھم خيال ٽيم ھئي.
پر مٿين ٻن دوستن جي اچڻ ڪري اسان تمام گھڻا خوش ٿياسين ۽ اسان جو سياسي سرگرميون ايتريون ته وڌي ويون جو اسان کي پنھنجا ذاتي ڪم ڪار يا گھر جا مسئلا گھڻي ڀاڱي وسريل ھئا، روشن صاحب ۽ سائين علي شير جي مزاحيه طبيعت اسان جا سمورا ٿڪ لاھي ڇڏيندي ھئي، ھنن ٻنھي دوستن جي جوڙي سان گڏ جيڪا ٽئين پياري ۽ معصوم گفٽ اسان کي ملي سا ھئي، سائين علي شير جي ننڍڙي معصوم مرڪ واري پياري پٽ شايان جي گِفٽ، جيڪو گھڻي ڀاڱي سائين علي شير سان گڏ منھنجي ميڊيڪل اسٽور تي ايندو ھو، جنھن جون پياريون ادائون ۽ معصوم شرارتون ۽ شرارتي جملا مون کي اڄ به ياد آھن، 17 ۽ 18 سالن جي گذري وڃڻ کان پوءِ سندس پيءُ سان ڪيل چرچا اڄ به دل تي آھن.
ٻنھي پيءُ ۽ پٽ جي ذھني ھم آھنگي ايڏو ته متاثر ڪندي ھئي جو دل ئي دل ۾ تمنا ٿيندي ھئي، ته ڪاش اسان جي به پنھنجي والدين سان ايتري محبت يا ھم آھنگي ھجي يا مستقبل ۾ جڏھن اسان والدين بڻجون ته اسان به پنھنجي پٽن ۽ ٻارن سان ائين کل ڀوڳ ۽ مزاح ڪيون. جيئن سائين علي شير پنھنجي موڀي پٽ شايان سان پيو ڪري شايان جي اھڙين شرارتن جي ڪري مان کيس پاڻ سان گڏ ويھاري ڪچھري ڪندو ھئس، ۽ جڏھن ھو اڪيلو مون وٽ دوائن جي پرچي کڻي دوائون وٺڻ ايندو ھو، تڏھن سندس مزيدار ڳالھيون ٻڌي مون کان به وسري ويندو ھو، جيڪو ٻارڙو دوائون وٺڻ آيو آھي تنھن سان ڪا مجبوري يا ايمرجنسي ٿي سگھي ٿي.
بس سندس مزاحيه انداز ۾ پياريون ۽ مٺڙيون ڳالھيون ٻڌڻ جو سلسلو ھوندو ھو ته اوچتو شايان جو آواز نماڻي عرض سان “چاچو ھاڻي مان ھلان دير پئي ٿئي” .
سو پيارو ۽ معصوم شايان ننڍڙوئي ھو ته سائين علي شير کي سندس ڳڻتي ورايو، چئي ته مان چاھيان ٿو ته منھنجو پٽ شايان به ڪامريڊ ٿئي، سو محمد علي ۽ سائين احمدخان منھنجي پٽ جي تربيت ڪن ۽ کيس سرگرم سياسي ۽ نظرياتي ڪامريڊ ٺاھي ڏيکارين، اسان کيس چوندا ھئاسين ته شايان اڃا ننڍڙو آھي، وڏو ٿئي بلڪل تربيت ڪبي، ۽ کيس سرگرم ڪرائبو، منھنجي وڪالت جي سند اچڻ ۽ منھنجي ڪراچي وڃڻ جي ڪري شايان جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪردار ادا نه ڪري سگھيس، سو پڇتاءُ ۽ افسوس ھميشہ رھندو پر جيڪا ڳالھ مون کي خوشي ۽ فخر ڏياري ٿي سا اھا ته اسان جو دوست ۽ استاد سائين احمدخان پنھنجي وعدي کي پاڻي ڏيندي شايان جي تمام سٺي تربيت ۽ ذھني اوسر ڪئي، آھستي آھستي شايان ڪتاب پڙھڻ لڳو شعرو شاعري ياد ڪرڻ لڳو جڏھن اسٽيج تي نمودار ٿيندو ھو ۽ اعتماد سان شاھ، اياز ۽ بخاري جا شعر جوش ۽ جذبي سان پڙھڻ لڳندو ھو، مون کي اھو وقت ياد اچڻ لڳندو ھو جڏھن سندس سرگرمين جا خواب ڏسندا ھئاسين ۽ تربيت جون ڳالھيون ڪندا ھئاسين، نه رڳو ايترو پر پنھنجي سرگرمين وارو وقت به ياد ايندو ھو، ڏينھن ڏينھن پويان ويا سال ٿيندا، مان ڪراچي جي ڪنڊ ۾ ويھي شايان جون خبرون اخبارن ۾ پڙھندو ھئس، ۽ سندس فوٽو سوشل ميڊيا تي ڏسندو ھئس، خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو ھئس ته سائين علي شير جيئن چاھيو پئي تيئن شايان ٿيو، نيٺ 14-05-2017 وارو ڏينھن ھن ڏينھن مدي خارج ريتن ۽ رسمن پٽاندر “اڀاڳو” يا بدنصيب ڏينھن چوندا آھن، پر مان شايان جي شھادت واري ڏينھن کي ڪڏھن به ڀلجي بدنصيب يا اڀاڳو ڏينھن نه چوندس ڇوته ھن ڏينھن تي شايان کي ھڪ عظيم موت نصيب ٿيو ڀلا جيڪو نوجوان پٽ پنھنجي پيءُ کي موت جي منھن مان ڪڍي پاڻ ھميشه ھميشه لاءِ امر ٿي وڃي، تنھن جي امر ٿيڻ واري ڏينھن کي پاڻ بدنصيب يا اڀاڳو ڏينھن ڪيئن چئون، اھڙو موت يا شھادت ڀاڳ وارن کي نصيب ٿئي.
شايان جو ھن دنيا مان رحلت ڪرڻ سوبه ايتري ننڍي يا مختصر عمر ۾ ضرور سائين علي شير ۽ اسان جي ڀاڄائي اندرئي اندر ۾ ............... ڇھندو ھوندو سندن ڏک جو نه ڪو اندازو ۽ ڪاٿو لڳائي سگھجي نه ڪي ڪو تدارڪ يا ازالو ٿي ٿو سگھي، پر ايترو ضرور آھي، جيئن شاعر چيو آھي.
گهري زخمون ڪو بهرني مين وقت تو لگتا هي.
شايان جي ابو امڙ پنھنجن ٻين گلن جھڙن ٻارڙن جا منھن پسي ضرور انھيءَ سور کي گھڙي کن لاءِ وساريندا ھوندا. ضرور کين بصير يا انيد جي اکين ۾ شايان جو نور ۽ عڪس نظر ايندو تڏھن ئي زال مڙس کي کن پل ئي سھي پنھنجي روح جي آنگن ۾ گل ٽڙندي محسوس ٿيندا ھوندا.
ھي سٽون جڏھن لکندي مان ماضي ۾ جھاتيون پائي گذري ويل وقت جو يادون سارڻ ويٺو آھيان.
شايان جون ڳالھيون سندس موت ۽ سائين علي شير جو ھن عمر ۾ پٽ دُکائتي موت جو درد محسوس پيو ڪريان ته ائين پيو لڳي ته ڄڻ آءُ پنھنجي ميڊيڪل اسٽور جي ڪنڊ ۾ ويٺو ھجان سامھون شايان ايندو ھجي، ڳچ ڳالھيون ڪرڻ لڳو ھجي، ۽ ڳالھيون ڳالھيون ڪندي ڪندي ٿورڙي خاموشي کان پوءِ چوندو ھجي ته “چڱو چاچو مون کي دير پئي ٿئي ھاڻي مان ھلان ٿو”