علي شير ڳورڙ
مان نه ليکڪ نه اديب باقي ادب دوست ضرور آھيان، پر شايان جي شھادت لکڻ تي مجبور ڪيو.
وڃڻو ته مون کي ھيو، پر منھنجي ارڏي پٽ، موڀي پٽ شھيد شايان مون کي پتنگ بڻجي پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي مون کي بچائيندي شھادت جو جام پيتو ۽ وري ميھڙ تعلقي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ميھڙ شھر جي باشعور شھرين ۽ سنڌ جي ھر ضلعي مان ۽ ڪجھ بلوچستان مان قومپرست اڳواڻن سميت پھچي مون سان غم جي گھڙي ۾ گڏ رھيا. شھيد شايان جو دردناڪ واقعو ۽ منھنجو درد ھر ماڻھو پنھنجو درد سمجھيو، ۽ جنازه نماز ۾ تاريخي اجتماع ڏسي وڏي آٿت ملي، ان ڪري ئي مون کي جيئڻ جو گس ۽ حوصلو مليو.
شھيد شايان جو اصل نالو عبدالباسط ھو، جيڪو پھرين جنوري 1996ع صبح جو 11:00 بجه ڌاري ڳوٺ سوجھرو خان ڳورڙ ۾ ڄائو، جيڪو ڳوٺ اسان جي پڙ ڏاڏي سرائي سوجھرو خان ڳورڙ جي نالي سان آھي، شايان جي نالي رکڻ جي رسم ۾ پنھنجا ويجھا رشتيدار ۽ ويجھا دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ھئا. منھنجي مائٽن ۽ دوستن سان بھتر روين جي ڪري وڌي چڙھي خوشي ملھائي ھئي ۽ سڀ مون کي عزت جي نگاھ سان ڏسندا ھئا ۽ ڏسندا آھن، شھيد شايان ھوشيار ۽ سلڇڻو ھوندو ھو، جڏھن چار سال جي ڄمار جو ٿيو ته شايان کي ڪامريڊ قربان پنھور جي ننڍڙي جي طھر سنت جي رسم ۽ وليمي جي دعوت ۾ وٺي ويو ھيس، جتي وليمي کان اڳ يعني ڦنڊر واري رات جو “خان جو ڳوٺ” ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت سميت سڀ دوست گڏ ٿيا ھئاسين. ٻھراڙي جي ڳوٺ ۾ واش روم جي سھولت نه ھئڻ سبب ڪجھ دوست رات جو ٻاھر نڪري وياسين ھر ڪنھن پنھنجي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ اوسا پاسا ورتا، شھيد شايان به گڏ ھليو ھو، ھن به چيو ابو مان به اوسو پاسو وٺان؟ اسان چيس وڃي ويھ، جڏھن پاڻي کڻي ٿوري پنڌ تي ويٺو، مون سان گڏ شھيد وھاب کوسو ٽارچ سميت بيٺا ھئاسين شھيد وھاب چيو ته شايان سان مذاق ڪيون؟ ٽارچ ٻاري شايان ڏي منھن ڪيائين ھُو ٻار ھو جڳھ مٽائيندو ۽ کلندو ۽ چوندو رھيو ته چاچا ٽارچ بند ڪر، پريشان نه ٿيو، اڃا به ھُو انجواءِ ڪندو رھيو ۽ پوءِ واپس اوطاق تي آياسين، ماني جو سٺو بندوبست ٿيل ھو، ماني کاڌي، ان کان پوءِ سياسي ڪچھريون، تبصرا ڪرڻ لڳاسين توڙي جو شھيد شايان ننڍڙو ٻار ھو، تنھن ھوندي به اھي ڳالھيون، ڪچھريون غور سان ٻڌندو رھيو، ھن لاءِ سڀ دوست تعريف ڪرڻ لڳا ۽ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا ته ھي ننڍڙو سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، ھن ۾ ليڊر شپ جون سڀ صلاحيتون نظر اچن ٿيون، ان وقت ايڏا وڏا سياسي استاد ان جي تعريف پيا ڪن ته مان به دل ئي دل ۾ خوشي محسوس پيو ڪريان ته مان اھوئي ٿو چاھيان ته شايان سنڌ ڌرتي لاءِ پنھجو اھم ڪردار ادا ڪري.
پوءِ دوستن ھُن لاءِ ٻارن جي تنظيم ۾ ايڪٽو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي قومپرست سياست ۾ حصو وٺڻ سنڌ ڌرتي لاءِ پنھنجي حصي پتي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو سبب منھنجو ماما سائين الھرکيو خان ڳورڙ صاحب ھو. ڇو ته ان سان گھڻو وقت گڏ رھڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ھن به پنھنجي زندگي قومپرست سياست ۾ گذاري. جڏھن ڪڪڙ ۾ ھيڊ ماستر طور بدلي ٿيا ھئا ته ان وقت مون کي گڏ وٺي ويا. پنھنجي اسڪول گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھايائون ۽ مشھور شاعر سائين محسن ڪڪڙائي کان ٽيوشن وٺي ڏنائون، ان کان بعد ماما سائين جي بدلي راڌڻ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ ٿي. تڏھن به مون کي پاڻ سان گڏ راڌڻ وٺي ويا. اتي ڏھين ڪلاس ۾ جنھن جو ڪلاس ٽيچر سائين حبيب الله ٻٻر وٽ مان پڙهيس . ماما سائين جا مون تي تمام گھڻا اثر پيا جو مان به قومپرست سياست يعني جيئي سنڌ وارن سان ھمدرد دوست طور سياست جي شروعات ڪئي، پوءِ وري باضابطه طور تي شام جو مون وٽ شھيد سميع الله ڪلھوڙو، پاويل جوڻيجو، ڪامريڊ شھيد غفار سومرو، سائين عابد ڪلھوڙو، سائين سراج احمد پنھور، ڊاڪٽر ھدايت الله کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو وارا آيا. مان به گھٽي ۾ کٽون ڪڍرائي ورتيون، انھن سان ڪافي ڪچھريون ٿيون، ۽ چيائون ته توھان اسان سان ھمدرد دوست طور تي گھڻو گڏ ھليا آھيو، ھاڻي توھان جيئي سنڌ محاذ جا ميمبر ٿيو، جيڪا مون دعوت قبول ڪئي، تنظيمن جي طور طريقن وانگر مون کان درخواست لکرائي ورتي، ڪجھ ڏينھن کان پوءِ مون ڏي ضلع ڪاميٽي طرفان ميمبر طور ميمبرشپ جو ليٽر آيو، جيڪو اڄ تائين مون وٽ موجود آھي، ۽ شھيد سميع الله ڪلھوڙو جا ميٽنگن بابت خط اڄ به موجود آھن، انھن سان به سنڌ جي مسئلن تي جدوجھد جاري رکي، اصل ۾ سچ ھي آھي ته نظرياتي طور تي اسان جو سن جي سيد سان مضبوط رشتو ھو، پر پوءِ ڪجھ جيئي سنڌ جون سرگرميون گھٽجي ويون، اندروني طورتي ڄُنڊا پَٽَ شروع ٿي ويئي، جدوجھد ۾ ٿڌاڻ ٿي وئي، تنھن ٽائيم ۾ مان عوامي تحريڪ کي تيز ترين جدوجھد ڪندي ۽ اسٽڊي سرڪل ھلائي ڪارڪن جي تربيت ڪندي ڏسندو ھيس، انھن جي جدوجھد ۽ ڪم جي طريقيڪار کان متاثر ٿيس. ۽ اتي اسان جا دوست سائين احمدخان چانڊيو، منظور مھيسر، محمد علي نوناري وارا عوامي تحريڪ ۾ تمام گھڻو سرگرم ھئا. ڪجھ وقت انھن سان ھمدرد دوست طور ڪافي وقت جدجھد ۾ پئي ھلياسين انھن به اسان کي پنھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا مون ۽ روشن ٻگھيو قبول ڪئي، ان ۾ روشن ٻگھيو ميٽنگ ۾ وڃي عوامي تحريڪ جوائن ڪئي، پر مان اڻ اعلانيه طور پارٽي جوائن ڪئي، ڇوته مان جيئي سنڌ محاذ ۾ ھيس ان جي لاءِ مون حجاب ڪيو ھو، بقول احمدخان جي چوندو آھي، تون حجاب ٿو ڪرين، اسان عوامي تحريڪ ۾ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان کي نئين تعلقي باڊي ۾ چونڊيو ۽ باضابطه طور تي جدوجھد عوامي تحريڪ کان زور شور سان شروع ڪري ڏني.
جڏھن شايان پنج سال جي ڄمار جو ٿيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول المدينه ڪالوني ميھڙ ۾ داخل ٿيو، شايان کي ست سالن جي ڄمار ۾ پارٽي مدينه ڪالوني سجاڳ ٻارتحريڪ جو صدر چونڊيو ويو، مدينه ڪالونيون ۾ پنھنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، جڏھن پھرين ميٽنگ ۾ ڏھن پندرنھن ڏينھن ۾ ڪوٺائي ويئي ته ان ۾ ويھن ٻارن جي شرڪت ڪرائي سگھيو پوءِ رات جو مان تنقيد ڪندي چيومانس بابا تنظيم سازي ۾ واڌارو نظر نٿو اچي، مون کي چوڻ لڳو ابو ھتي مان ھڪڙو سجاڳ ٻار آھيان باقي ٻيا اڃان ننڊ ٻار آھن، انھن کي جاڳائڻ جي ضرورت آھي، تڪڙ نه ڪريو باقي ٻي ميٽنگ ۾ وڌيڪ شرڪت ڪرائيندس.
ائين ئي تنظيم ۾ سرگرم ٿي جدوجھد ڪندو منزلون طئي ڪندو ويو. عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ (SST) ۽ پوءِ عوامي تحريڪ ۾ اڳتي پنھنجون سڀ صلاحيتون استعمال ڪندي سنڌ ڌرتي جي حقن لاءِ وڙھندو رھيو ۽ پنھنجو پاڻ مڃرائيندو رھيو ۽ اڳتي پارٽي اندر به مقبوليت ۽ عزتون وٺندو ويو.
پوءِ ميھڙ شھر جا لوڪل اشوز (Local Issues) ھجن يا ايڪتا جو ريليون ھجن، سياسي سماجي پروگرام ھجن، ھر سياسي جدوجھد ۽ پروگرامن ۾ انائونسمينٽ (Annoucment) تقريرون ۽ اڳواڻي ڪندو رھيو.
جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون ادي زاھده شيخ، ادي مريم پليجو ۽ ادي نظير قريشي مرڪز کان پارٽي دوري تي آيون ھيون، شايان انھن سان تعلقي جو دورو ۽ عورتن سان ميٽنگون ڪرائي رات جو انھن کي پنھنجي گھر وٺي آيو ھو، انھن سان منور جتوئي پڻ گڏ ھيو ۽ گھر ۾ شايان پاڙي جون عورتون گڏ ڪري وڏي تنظيم سازي ڪرائي ھئي، رات جو اسان منور جتوئي سان اوطاق ۾ تنظيم جي مسئلن تي بحث مباحثو ۽ ڪچھريون ڪيون، تنھن ۾ به شايان سڄي رات ڪچھريون ڪيون ۽ ھر محاذ تي اڳيان اڳيان ھوندو ھو.
عوامي تحريڪ ۾ اسان شايان سميت گڏ ھلياسين پر انھن جا ضابطا سخت ٿيندا ويا . پوءِ پارٽي پاليسي سان اختلاف ھجڻ ۽ مختلف دوستن تي بي بنياد الزام تراشي سبب پارٽي کان علحدگي اختيار ڪندي پنھنجا فورم ۽ تنظيمون ٺاھي، سنڌ ڌرتي ۽ مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکي.
پوءِ ڪڏھن لوڪل اشوزتي پروگرام يا ليڪچر ڪرائيندا ھئاسين ڇو ته اسان کي سنڌ ڌرتي سان جيڪو وچن ڪيل ھو ته ويھڻو نه آھي، اسان ان وقت به ميھڙ شھر ۾ نمايان ھوندا ھئاسين ڪاڌرليکيا ويندا ھئاسين. انھي ھر جدوجھد ۾ شھيد شايان جي اڳواڻي جو ڪردار رھيو، ان ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي شينھن جي گجگوڙ ڪري ريلي کي گرمائي ڇڏيندو ھو، جڏھن ريلي گھنٽاگھر پھچي ويندي ھئي، جنھن جي اڳواڻي ڪندي انائونسمينٽ ۾ وڏي نعريبازي سبب رستي ويندڙ به موٽي جلوس ۾ شريڪ ٿيندا ھئا، اسٽيج جو بادشاھ ھوندو ھو، اسان سڀئي ۽ ريلي ۾ شامل ماڻھو چوندا ھئا. شايان شعر پڙھندو وڃي ۽ اسان ٻڌندا وڃون ڪي دوست ته فرمائشون ڪندا ھئا ته اڃان انقلابي شعر پڙھي ائين ئي سرگرميون جاري ھيون. ان جي فورمن عوامي فورمه ۽ ان ٽيم جا دوست احمدخان چانڊيو، غوث جتوئي، ڊاڪٽر غلام شبير جھتيال، شايان سميت روشن ٻگهيو، رياض چانڊيو، شامل ھئاسين، ۽ ان کان علاوه ادبي فورم جنھن ۾ سٺو ڪردار ادا ڪندڙ ماڻھن جن ۾ سائين حاجي عبدالڪريم ٻگھيو، ايڊووڪيٽ شاھ محمد سومرو ۽ ٻين سان ادبي رھاڻيون ڪيون. انھن سرگرمين ۾ جيڪي ذھين شاگرد انٽري ٽيسٽ پاس ڪندڙ جيڪي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ويندا ھئا انھن کي مڃتا ۽ ايندڙ نسل کي اتساھ ڏيڻ لاءِ وڏا وڏا شاندار آجياڻا ۽ وڏا پروگرام ڪياسون ۽ اسٽڊي سرڪل ۽ پروگرام مخلتف موضوعن تي جن ۾ وڏا وڏا دانشور، عبدالعزيز ٻرڙو، ڪامريڊ شبير سومرو، احمد مشتاق راڄپر، ممتاز کوکر کان ليڪچر ڪرايا ھيا. ان ۾ ھڪ دفعي احمد مشتاق راڄپر جو ليڪچر رکرايوسين، انھن ڏينھن ۾ احمد مشتاق به پارٽي کان ٿورو پاسيرو ٿي چڪو ھو. ان پروگرام ۾ غوث جتوئي، احمدخان چانڊيو، روشن ٻگھيو، منظور مھيسر، شايان سميت ليڪچر ۾ تڏھن به انائونسمينٽ شايان ڪئي ھئي، ليڪچر کان پوءِ رات جو احمد مشتاق راڄپر سان سياسي ڪچھريون ٿيون، بحث مباحثه پڻ ٿيا، اسان سنگت سان الڳ پارٽي ٺاھڻ جي ڳالھ رکي، احمد مشتاق کي چيوسين توھان سميت سڄي سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جو بنياد وجھندڙ دوست پاسيرا ويٺا آھن، سنڌ ۾ جيڪا موجوده صورتحال ۾ ٻيون تنظيمون سنڌ دوست ڌريون به ٿڌيون ٿي ويون آھن.
جيڪا سنڌ ۾ مايوسي واري صورتحال آھي، ۽ ان کي خدمت ڪرڻ لاءِ اسان کي سنڌ اندر نئين پارٽي ٺاھڻ گھرجي ھونئن به اسان مختلف فورمن تي سنڌ جي حقن لاءِ ڪيترو وڙھنداسين. احمدخان سميت سڄي سنگت کي بھتر ڳالھ لڳي جيڪا سڀني مڃي ورتي. ان ڏينھن کان پوءِ پڪو پھ ڪري سڄي سنڌ ۾ جيڪي ھڪڙا پارٽي سان اختلاف رکي ڪاوڙيل ڪجھ ويٺل ڪامريڊن سان رابطا تيز ڪري ڏنا. ان نتيجي ۾ عوامي جمھوري ڪائونسل جوڙي ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ نئين قومپرست پارٽي وجود ۾ آئي، جنھن ۾ آئين منشور ۽ ھر ڪارڪن کي ليڊر ھجڻ جا حق ڏيڻ جھڙا قانون ٺاھيا ويا، جيڪو اھو منھنجي خيال ۾ ڪريڊٽ غوث جتوئي، احمد مشتاق ۽ احمد خان ڏانھن وڃي ٿو. ۽ ميھڙ شھر مان شروعات ڪري سڄي سنڌ ۾ تيزي سان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکي ويئي، جڏھن عوامي جمھوري ڪائونسل ميچوئر ٿي پوءِ عوامي جمھوري پارٽي جي نالي سان پاڻ مڃرائي ورتو، ان ۾ شاگردن جي لاءِ شاگرد ونگ جوڙڻ ۾ شايان اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ شاگردن سان گڏجاڻيون ڪري سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن (SSO) جو بنياد رکيو پاڻ پھريون مرڪزي اڳواڻ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
ائين ئي عورتن جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ عوامي جمھوري پارٽي عورتن جي ذميواري ادي نظير قريشي تي رکي وئي. عوامي جمھوري پارٽي جي اھا پھرين عورت جنھن سنڌ ۾ دورا ڪري عورتن سان گڏجاڻيون ڪرڻ شروع ڪيون جڏھن دوري ۾ آئي ھئي ان کي به تعلقي جا دورا ڪرائي، شايان ادي نظير قريشي کي پنھنجي گھر رھائڻ ۽ ان جي ميزباني جو شرف حاصل ڪيو، ۽ شايان جڏھن انٽر سٺين مارڪن ۾ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺو ھو جيڪا پاس ڪري جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي ھيس پر ڪجھ سببن جي ڪري به وڃي نه سگھيو.
ھاڻي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ (M.A.English) سنڌ نيورسٽي ۾ ڪرڻ جو ارادو ھيس، ۽ پاڻ کي وڏو وڪيل ٿيڻ جو خواب ھيس جيڪو خواب اڌورورھجي ويو.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿين مات،
ھوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جِئا.