شايان ميھڙ جو شان
عابد ڪلھوڙو
شايان اتي پليو ۽ وڏو ٿيو، اھا ڪالوني يعني مدينه ڪالوني، جيڪا ميھڙ ۾ سڀني ڪالونين کان پوئتي پيل ڪالوني سمجھي ويندي ھئي، جنھن ڪالونيءَ ۾ گھڻائي اھڙن ماڻھن جي ھئي، جيڪي چور، ڦورو، چرسي، آفيمي، ڪوڪڙي، جواري ۽ ڪيترائي ڪرمنل ڪم ڪندڙ ماڻھو اتي گھڻائيءَ ۾ موجود ھئا. ايتري قدر جو شھر ميھڙ جا ماڻھو مدينه ڪالوني واري مين روڊ يعني ٿيٻا روڊ تي ڪيترائي چانھ جا ھوٽل ھئا. جن تي وڏيون T.V ۽ L.C.D لڳل ھيون، جتي واندا ماڻھو ۽ ڪرمنل قسم جي ماڻھن جا ھجوم ويٺل نظر ايندا ھئا. اھڙي ماحول ۾ شايان استاد بخاري جي شعر وانگر رھيو ته :-
گندگي ۾ زندگي گھاري، وڃڻ سولوئي نه آ،
گھار جي ويندي به اجاري وڃڻ سولي نه آ،
وير واري واءُ تي شايد نشان اڪري وڃي،
وات تي پربات، بيھاري وڃڻ سولي نه آ.
شايان ڪنول جي گل وانگر اسان کي ھميشه چمڪندو نظر آيو. ھي ان ماحول جي حصي ٿيڻ بدران ان ماحول کي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ تمام گھڻو ڪامياب به ٿي ويو. اڄ اھا مدينه ڪالوني بھترين ۽ صاف سٿرين ڪالونين مان ھڪ آھي ۽ ان جو ڪريڊيٽ سڄو شايان ڏانھن وڃي ٿو عزير جي چوڻ وانگر ته شايان جھڙا ماڻھو وقت کان تمام گھڻو اڳ پيدا ٿيندا آھن، استاد بخاري جي شعر وانگر ته:-
وقت نه ھڻ ھام، مون سان گڏ ھلڻ جي.
توجھڙا مون جام، پوئتي ڇڏيا پنڌ ۾.
وري ٻئي ھنڌ بخاري شايان جھڙن ماڻھن لاءِ ئي چوي ٿو ته:-
اسان جي ھر قدم تي ھڪ نئين دنيا جو نقشو آ،
اسين تخليق جي قوت جا اعلى شھڪار آھيون.
شايان به تخليقي ماڻھو ھيو. جنھن جي سوچ جو دائرو عام ماڻھو کان گھڻو مٿانھون ھيو، ھتي ماڻھوننڍين ننڍين ڳالھين تي پاڻ ۾ الجھيا پيا آھن، اتي شايان اجتمائي مسئلن تي سوچيندو ھو، ۽ انھن لاءِ ھميشه مصروف عمل رھيو، ڪڏھن به ماٺو نه ٿيو ڪڏھن به غافل ٿي ننڊ نه ڪيائين. ۽ ننڊ کي موت جو ٻيو نالو سڏيندو ھو. ھو جيستائين جيئرو ھو ته سماجي ۽ سياسي تنظيمن سان جڙيو رھيو. ۽ غريبن پورھيتن ماڻھن جي حقن جي حاصلات لاءِ وڙھندو رھيو، ھن جي شخصيت ۾ حيدربخش جتوئي جو روپ، جي ايم سيد جي دانش ۽ ذوالفقار ڀٽي جو دماغ ھڪ ئي وقت موجود ھئا. ھن دنيا جهان جي شاعري اديبن کي پڙھيو ھيو، پر پوءِ به ھي بلوچستان جي عظيم دماغ اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري کان گھڻو متاثر ھيو ھن جو زندگي گذارڻ جو ھڪ پنھنجو انداز ھيو، ھن پنھنجي ئي گھر ۾ ھڪ الڳ ڪمري ۾ ھڪ الڳ آکيرو ٺاھي ڇڏيو ھيو، جتي ھي ھميشه غلام قوم کي بھتر مستقبل ڏيڻ ۽ آزاديءَ جا پرعطا ڪرڻ لاءِ غور ۽ فڪر ۾ رھندو ھو، ھي ھميشه ڪنھن شاعر جون اھي سٽون چوندو ھيو ته :-
تون ڳالھ ڪرين ٿو زلفن جي.
مان اڻڀن اڻڀن وارن جي.
تون ڪوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي،
مان پيٽ بکايل ٻارن جي.
شايان ھڪ سنڌ جو سرمايو ھو، ھي انھن ماڻھن مان ھو، جيڪي آفيمي قومن کي دنيا جون محنتي ۽ جفاڪش قومن ۾ تبديل ڪندا آھن.
وڌيڪ مان شايان لاءِ لطيف سائين جو ھي شعر لکندس جيڪو پڻ شايان جھڙن ماڻھن تي ٺھڪي ٿو اچي.
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جھڪو ٿيو جوھر، جانب جي جمال سين.
شايان جي اکين ۾ مون سدائين اھڙا خمار ڏٺا ، جيڪي بند وسڪي جي بوتل کولڻ وارن جي اکين ۾ به نظر نه ايندا آھن، قدرت واري ھن ۾ ڪمال جون خوبيون رکيون ھيون، ھي سلڇڻو، سٻاجھو، مھمان نواز، سماج سڌارڪ ۽ بھادر ھيو، ھن جي روبيسٽ شخصيت، ڊگھو قد، ويڪري ڇاتي، ۽ خوبصورت منھن تي چاپائين ڄميل ڏاڙھي ائين محسوس ٿيندي ھئي جيئن اڪبر بگٽي جي جواني.
شايان جيڪو سائين علي شير ڳورڙ جو وڏو پٽ ھيو، ۽ باھوش، سچو پنھنجي ڳالھ تي بيھڻ وارو ھر دل عزيز دوست آھي، جنھن جو ھر گفتو منڊيءَ تي ٽڪ وانگر لڳندو آھي، سائين روشن ٻگھيو چوندو آھي ته چرچو سائين علي شير کي لڳي يا سائين ٻئي کي چرچو ھڻي، پر سائين ھر چرچي تي ائين کلندو آھي، جو ائين دوست کي منجھائيندو آھي، ۽ ھن جو پلڙو سدائين ڀاري رھندو آھي، ۽ ڪنھن محفل ۾ سائين علي شير ڪنھن مجبوري سبب موجود نه ھجي ته اھو دوست نه ھوندو جيڪو سائين علي شير جي پڇا نه ڪندو ھجي، ھر ماڻھو جي وات تي اھا ڳالھ ھوندي آھي ته ڇو سائين علي شير ڪونھي، ڪجھ ٽائيم کان پوءِ وري بي خودي مان ڪو ٻيو دوست چوندو ته سائين علي شير ڪونھي يار مزو ڪونھي، اھڙي پياري ماڻھوءَ کي ھن نوجوان پٽ جي اوچتي شھادت دلي طرح جھوري وڌو آھي، ھر ماڻھو پنھنجي دل تي ھٿ رکي ته خوشبوءِدار پٽ جو وڇوڙو ڪيئن ٿيندو آھي؟ چوندا آھن ته جت باھ ٻري سا جاءِ سڙي، سو سائين علي شير کي خدا صبر جي توفيق ڏيندو ۽ شايان کي جنت فردوس ۾ جڳھ عطا ڪندو.
باقي شايان جھڙا ماڻھو ته صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آھن، جيڪي پنھنجي لاءِ گھٽ پر قوم، ملڪ ۽ وطن لاءِ گھڻو ڪم ڪندا آھن.
جيئن عبدالواحد آريسر صاحب جي لفظن ۾ ته “اھڙن ماڻھن جي سوچ جو دائرو خدا جي زمين وانگر وسيع ۽ ويڪرو ھوندو آھي، ۽ ھنن جا ولولا آسمانن جي وُسَعتن ۾ اڏامڻ لاءِ تيا ھوندا آھن، ۽ حوصلا جسماني ۽ روحاني مصيبتن کان بي نياز ھوندا آھن، ۽ پنھنجي قوم سان بلڪه پوري انسان ذات سان وحدت الوجودي ڌاڳي ۾ پوئجي ويندا آھن، ماڻھن جو ڏک ھو پنھنجي ھانءَ ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي محسوس ڪندا آھن ۽ قوم جي ھر فرد جي خوشي کي ھو من مندر جي محبوبا جي مرڪ جھڙو دلڪش محسوس ڪندا آھن، قوم جي ماڻھن جا ڏک ھنن کي پنھنجا ڏک ۽ درد محسوس ٿيندا آھن، قوم جڏھن خوش ھوندي آھي ته ھنن جي چپن تي اھڙي عظيم مرڪ اچي ويندي آھي ڄڻ ته معصوم ٻار جي چپن تي ماءُ جي اڇي اجري ٿڃ ھار جي پئي هجي”
شايان ڄمندي ڄام ھيو، هن ننڍي عمر ۾ ئي سجاڳ ٻار تحريڪ کان پنھنجي سياسي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين سياسي سماجي تنظيمن سان سلھاڙيل رھيو، لطيف سائين به اھڙن ماڻھن لاءِ چيو آھي ته:-
جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي سڪندي کي سڄڻين.
(شاهه)
سنڌ کي ماڻڪ، نسيم کرل ۽ حسن درس جي وڇوڙي کان پوءِ شايان ڳورڙ جي وڇوڙي جو صدمو به برداشت ڪرڻو پيو، شايان جي وڇوڙي تي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايل ھجي، شيخ اياز جي لفظن سان پڄاڻي :-
آھه اجائي انت تي، پنھنجي ادا سائي،
ھرشي ھن سنسار ۾، آھي اَبناسي،
مٽيءَ سان ٿئي، موٽي ھر سياسي،
ورسو جنھن واسي، پنھنجي سرت سڳنڌ سان.
(اياز)