شهيد شايان ڳورڙ نه وسرندڙ ڪردار
امتياز عادل سومرو
شايان ڳورڙ! ھڪ اھڙو نوجوان نالو جنھن کي ياد ڪرڻ سان ميھڙ شھر ۾ سماجي حوالي سان ڪجھ متحرڪ ۽ سرگرم نالا ياد اچي وڃن ٿا، شايان انھن ۾ پنھنجي نالي وانگر نمايان ۽ منفرد نظر ايندڙ نوجوان آھي، شايان ڳورڙ جنھن جو جنم ٿيو ته ھڪ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ مگر هو پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جذبي جون روشنيون ميھڙ شھر ۾ ورھائڻ آيو، شايان ڳورڙ جنھن جو جنم تاريخ پھرين جنوري 1996ع تي معروف تعليمي ماھر ۽ بھترين سماجي خدمتگار سائين الھرکيو ڳورڙ جي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ ٿيو، سندس والد ۽ گھرڀاتين گڏجي سڏجي سندس نالو باسط تجويز ڪيو، اھو باسط جڏھن نوجواني جي شھر ۾ داخل ٿيو ته شايان بنجي ويو، سندس والد جيڪو ھڪ علم دوست، ادب دوست ۽ خود سماجي ڪمن جي حوالي سان ميھڙ توڙي سوجھرو ڳورڙ ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، سائين علي شير ڳورڙ کي شايان جي جنم کان اھو يقين ھو ته شايان پنھنجي علمي صلاحيتن ۽ سماجي خدمتن ۾ ضرور منھنجو نالو روشن ڪندو شايان جڏھن ميھڙ ۾ علمي سرگرمين ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳتي نڪري آيو ته سندس والد علي شير ڳورڙ ۽ سندس چاچو ناليوارو تعليمي ماھر سائين حسين بخش ڳورڙ خوشين جي خزانن جا مالڪ بڻجي ويا، ميھڙ شھر جا نوجوان، پڪا، پوڙھا شايان جي تعريف جا ترانا ڳائڻ لڳا، شايان جي شان ۾ گيت ڳائڻ لڳا، شايان جي تعريف جا گل سائين علي شير ڳورڙ ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ جي ڳچي ۾ ھارن جي صورت ۾ وجھندا رھيا.
شايان دوستن جو دوست، يارن جو يار پنھنجي پرائي جي مدد ۽ ھمددري لاءِ ھر وقت تيار شايد ھن ڪٿي اھو ضرور پڙھي ورتو ھو ته اصل عبادت آھي الله جي مخلوق جي خدمت، سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ رھيو تڏھن به سجاڳ ، سيرت ۽ ساڃاھ مطابق سڀني کان اڳرو، مستقبل جي معمارن جي صلاحيتن کي روشن ڪرڻ لاءِ سرگرم رھڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ نين نين راھن تي گامزن ڪرڻ ۾ اھم ۽ ڪاراِئتا قدم کڻندو رھيو.
سنڌي شاگرد تحريڪ، عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن سنڌ جي رھبري وارو جھنڊو کڻڻ ۽ ٻيا اھڙا پليٽ فارم ملڻ سان شايان جون علمي، سياسي، سماجي صلاحيتون ويتر سگھاريون نروار ٿي پيون.
حقيقت اھا آھي ته شايان جھڙا سجاڳ ۽ ساڃاھ وند، علم جا علمبردار، محبتن جا مشتاق پيار جا پوڄاري الفت جا ديوانا ۽ چاھتن جا چاھيندڙ قومن ۾ شعور جا گل ورھائڻ وارا ڪردار اسان جھڙن ماڻھن جي معاشرن ۾ ڪڏھن ڪڏھن پيدا ٿيندا آھن، شايان جھڙن انسانن جي وجود سان اسان جا بگڙيل معاشرا محبتن جا مرڪز بڻجي سگھن ٿا، قومن جي اصلاح ۽ ترقي جا نوان گس متعين ٿي سگھن ٿا، افسوس جي صورت بڻجي ماڻھو تڏھن رھجي ويندا آھن. جڏھن سنڌ جا شايان پنھنجي مِشن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ھن دنيا مان رخصت ٿي ويندا آھن.
اسان ھاڻي وسنديون وساري ھلياسين،
جي ڀلجي به ڳوليو مزارن ۾ ڳوليو.
(اسحاق راھي)
۽ ائين ئي تاريخ 2017-05-14 آچر جي ندوري ڏينھن تي شايان پنھنجي والدين، دوستن ۽ ميھڙ واسين کي اکين ۾ اشڪن جا انبار ڏئي ان ڏيھه جي راھ وٺي ھليو جتان اڄ تائين وري ڪو واپس آيو ئي ناھي، منھنجي دلي دعا آھي ته رب پاڪ شايان کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي، ۽ سندس والدين، دوستن سڄڻن ۽ ھمدردن کي سندس وڇوڙي واري وڍ کي شايان جي مشن جي تڪميل واري جذبي ۽ سگھ ۾ تبديل ڪري، (آمين)
ڪچھريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
ضرورت وقت ڪي شاھينگ کڙڪائيندا دروازو،
اسان جون يادون ئي رھنديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
اسان جي پيار جي خوشبوءِ سان ويندا واسجي “راھي”،
سڀئي واھڻ، سڀئي وسنديون، مگر تون- مان نه ھونداسين.
(سائين اسحاق راھي)