جدائي جو جام
علي اڪبر “عاقب”
ڇا زندگي ۾ ڪو خواب آھي يا بس اسان جي سوچ آھي.
14 مئي کان پوءِ مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ مان ڪو خواب پيو ڏسان ۽ اچانڪ منھنجي اک کلي ته مون سان ڪوئي ھٿ ڇڏايون پيو وڃي، ۽ پنھنجون اکيون بند پيو ڪري جيڪي مان سوچي به نٿو سگھان ته ائين اچانڪ بند ٿيون، اھي ھٿ پيو ڇڏائي جيڪي منھنجو سھارو ھيا، اھي چپ ھميشه لاءِ خاموش پيا ٿين جيڪي ھميشه مسڪرائيندا ھئا.
14 مئي مون کان منھنجو ساٿي، سھارو، ڏک، سک ۾ ھميشه گڏ بيھڻ وارو منھنجو شايان مون کان کسيو.
جڏھن کان ھوش سنڀاليو آھي ته مان ۽ شايان ھميشه گڏ ھوندا ھئاسين. ڏينھن ھجي يا رات، اُس ھجي يا ڇانوَ ٿڌ ھجي يا گرمي بس ائين چئجي اسان ھڪ ٻئي جي اھڙي عادت بڻجي ويا ھئاسين جيڪا اسان ڪڏھن به ڇڏي نه سگھون ھا، ڪم منھنجو ھجي يا شايان جو پر ويندا ھميشه گڏ ھئاسين.
ھاڻي جڏھن مان گھران نڪران ٿو ته اڪيلو ئي نڪرندو ھان ته متان شايان ٻاھر بيٺو ھجي ۽ مان ان جي جڳھ ٻئي ڪنھن کي ڪيئن ڏيان ھاڻي به ائين لڳندو آھي ته يا ڪو برو خواب آھي يا شايان شھر کان ٻاھر ويل آھي، جيڪو ڪيڏي مھل به اچي سگھي ٿو ھاڻي به جڏھن بابا علي شير ڏي ويندو ھان ته پڇندو ھان شايان ڪاٿي آ؟ اڃا تائين مان پاڻ کي سمجھائي ناھيان سگھيو ته شايان مون کان رسي ويو آ، ھن اھڙي ڪاوڙ ڪئي آ جو مون سان ڪڏھن نه ڳالھائيندو نه مون ڏي نماڻين اکين سان ڏسندو ۽ نه ئي ان گلاب جھڙن چپن سان مون کي سڏ ڪندو گھر وارن يا بابا وارن کي اسان ۾ ڪو ڪم ھوندو ھيو ته اسان ٻنھي مان ڪنھن ھڪ سان رابطو ڪندا ھيا ته اِھا پڪ ھوندي ھئن ته اسان ٻئي گڏ ھونداسين.
گڏ ھوندا ھياسين ته ھي شھر، ڳوٺ، رستا مون کي پنھنجا لڳندا ھئا ۽ ھاڻي مون کي سڀ اجنبي ٿا لڳن رستا به پڇن ٿا ته ڪاڏي ويو تنھنجو ساٿي شايان تون اڪيلو ڇو آھين.
ھاڻي به منھنجي گھر وارا، چاچا وارا، بابا علي شير سئوٽن ۽ (چاچي) شايان جي امڙ جو اکيون مون کان اھوئي پڇنديون آھن.
ڪاڏي ويو شايان توسان گڏ ھوندو اڄ تون گھر اڪيلو آيو آھين............ مان نظرون ھيٺ ڪري پاڻ کان پڇندو ھان ته ڪاڏي ويو شايان جنھن کان سواءِ مان ٻاھر نه ويندو ھيس ۽ نه ئي ان کان سواءِ گھر ايندو ھيس.. ڇا مون کان ڪا اھڙي غلطي ٿي آھي جو شايان مون سان ڪاوڙجي ويو آھي، اڄ قلم به منھنجي ھٿن جو ساٿ نٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته جنھن جو نالو سرائي شايان ڪري لکندو ھئين اڄ تون ان کي شھيد ٿو لکين پاڙي وارن، مٽن مائٽن، دوستن سان تمام گھڻو پيار ۽ چاھ رکندڙ انسان ھو.
ان سان گڏوگڏ ھڪ سٺو شاگرد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ به ھيو، ننڍي عمر ايڏا وڏا ڪم شايد ئي ڪنھن ڪيا ھوندا جو ھر ماڻھو جي دل ۾ ڇانيل آھي.
جيڪو چاھيون پيا اھو ٿيو ڪون جنھن جو تصور به نه ھيو اھو ڏينھن زندگي ڏيکاري ڇڏيو اھو قيامت کان گھٽ نه ھيو مون تي.
مان جن دوستن کي شايان جي شادي جا ڪارڊ ڏيڻ پيو چاھيان، مان خيرات جي ماني جا ڪارڊ پيو ڏيان.
اھڙو ڏينھن به ايندو مان سوچيو به نه ھيو.
جدائيءَ جو جام، ڏنائون ڏکيءَ کي،
منگل منھنجي مَنَ ۾ ، ٻاريو ھوت حمام،
ارکِ ٿيو آرامُ، ڪاڪُل پسي ڪانڌ جو،
(شاھ)
جڏھن به دوست پاڻ ۾ ويھندا آھيون ته ڪو ڪو دوست شايان جو نالو ضرور کڻندو آھي، ۽ ان کان پوءِ موت مار خاموشي ٿي ويندي آھي، ۽ ھاڻي اھو محفل جو مور ۽ راڻو اسان جي وچ ۾ ناھي رھيو ھميشه لاءِ موڪلائي ويو آھي.
شايان ھميشه چوندو ھيو ته خوشنصيب آھي اھو ماڻھو جنھن کي سڀ دوست آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪن.
امر آھي اھو ماڻھو جنھن کي ھن دنيا ڇڏڻ جي باوجود به ھزارين دلين ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ شايان به امر آھي، اڃا زنده آھي، اسان جي سوچ ۽ ذھن ۾.
اھڙا ماڻھو مرڻا ناھن،
ويس مٽائي ، ورڻا آھن.